Showing posts with label ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آ، مٺل جسڪاڻي، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts
Showing posts with label ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آ، مٺل جسڪاڻي، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts

Thursday, November 8, 2012

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي - مٺل جسڪاڻي

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي

مٺل جسڪاڻي



چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ڪُوڙا ٿورو ئي آهن. هي به عمل جي رد عمل ۾ ئي ته جنم وٺن ٿا. ان ڪري انهن مان به پرائڻ گهرجي، سکڻ کپي. جيڪڏهن ڪو عام اياڻو ماڻهو هجي ته به ٺهيو، پر جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙهي سند به حاصل ڪري چڪو هجي، مٿان وري هزارين رپيه خرچ ڪري، ٻيا ڪتاب وٺي، پڙهي ۽ امتحان لاءِ تياري ڪري، ڪميشن جو ڪو اعلى امتحان ڏيڻ ويو هجي، اهو ته گهڻو وڌيڪ سرت ۽ ساڃهه وارو هئڻ گهرجي. ان کي ته ڪو هڪ اڌ به نه، بيشمار محاوار ذهن ۾ هجڻ گهرجن. هو ته هر پهلوءَ کان بخوبي واقف هجڻ گهرجي. فضيلت ڀريو هجڻ گهرجي. کيس وقت جي نزاڪت سمجهڻ جيتري تميز هجڻ کپي. هو صرف صبر واروئي نه، صابرين هئڻ گهرجي.