بروو سنڌي ۾ آيل اصطلاح
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا
پروفيسر مظھر علي
قريشي
راڳ، هڪ اهم فن آهي. هيءُ فن، سڀ ڪنهن جي وس کان پري آهي. هن فن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون راڳڻيون آهن. هن
کي هندستاني راڳڻيون سڏبو آهي. اهڙين راڳڻين مان ”بروو“ به هڪ اهم راڳڻي آهي. هن لفظ
جي لغتي معنى آهي؛ بيمار، گهايل، مريض، هڪ قسم جو پکي، هڪ وڻ جو نالو ۽ هڪ راڳڻي
جو نالو. رسالي ۾ هن جو نالو ”بروو سنڌي“ آهي. شاهه لطيف هن سُر کي نج سنڌي رنگ
ڏنو آهي. هن سر جا بيت توڙي وايون، مختلف رسالن ۾ گهٽ وڌ آيل آهن. هيءُ سر جيتوڻيڪ
ننڍن بيتن تي مشتمل سرن مان آهي، تڏهن به وڏي اهميت جو حامل آهي. هن سر ۾ الله سان
عشق رکڻ لاءِ انسان کي سکيا ڏيڻ سان گڏ، عاشق جي بيوسي به بيان ڪيل آهي. ان کان
علاوه خدا کان جدا ٿيڻ تي انساني روح جو روڄ راڙو به هن سر ۾ آندل آهي. هن سر ۾،
مجازي عشق جو گهڻو بيان ڪرڻ سان گڏ حقيقي محبوب جو بيان به ڪيل آهي. شاهه لطيف،
عاشق جي نياز ۽ نئڙت، معشوق جي ناز، انداز ۽ حسن کي تمام دلڪش نوعيت ۾ نروار ڪيو
آهي. هن سر ۾ عشق ۾ گهائڻ ۽ عاشق کي مارڻ واري ڪم کي ڪاسائڪي ڪار سان تشبيهه ڏني
وئي آهي.
