سُر ڪلياڻ ۾
آيل اصطلاح
نور افروز خواجه
ٻولي انسانن جي وچ ۾ اظھار جو هڪ اهم وسيلو
آهي، جنھن کي انسان پنھنجي مرضيءَ مطابق جوڙيو. ٻوليءَ ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين، پر
ان جي جوڙجڪ خاصي مونجهاري واري آهي. انھن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو
ماڻهو به ڪيترا ئي لفظ ٺاهي ٿو[1].
ٻولي اها ئي شيءِ آهي، جيڪا انسانن کي انھيءَ لائق بنائي ٿي ته هو پاڻ جھڙن ٻين
انسانن سان خيالن جي ڏي-وٺ ڪري سگهن. ٻين جي اڳيان پنھنجي نفس جا رايا کولي،
خواهشن ۽ اميدن، خوفن ۽ خطرن جو اظھار ڪري سگھن. انھيءَ کان سواءِ، انسان خود پاڻ
کي سڃاڻي نٿو سگهي ۽ انھيءَ وسيلي هو پنھنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو.
”سوين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لعل.“
پوءِ اهو غواصن جو ئي ڪم آهي، جيڪي ان بحرِ
بي ڪنار ۾ غوطا هڻي سپون سوجهي ڪڍن. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌي ٻولي به موتين جي کاڻ
آهي، جنھن مان ادب جا جوهري، ماڻڪن، موتين ۽ ڪڪرن، پٿرن کي نکيري انھن مان امل
ماڻڪ جدا ڪري ڄاڻن.
شاهه جي رسالي جو مواد به اهڙن امل ماڻڪن جي
کاڻ آهي، جنھن سڄي کي ڪلي طرح شمار ڪرڻ ته اسان جي پھچ کان پري آهي. پر هتي انھيءَ
کاڻ جي فقط هڪڙي حصي ۾ جهاتي پائي ٿا ڏسون ته هتي ڪھڙا جرڪندڙ جواهر موجود آهن،
جنھن لاءِ رڳو رسالي جي شروعات (سر ڪلياڻ) تي روشني وجهون ٿا. جنھن ۾ هونءَ ته
ڪئين اسرار الاهي پوشيده آهن، پر هتي جن موتين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي آهن هن
سـُرَ جا اصطلاح.
جيئن ٻوليءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته عوامي
پيداوار آهي، اها نه عالمن جي پيداوار آهي ۽ نه استادن جي. عالم ۽ استاد، ٻوليءَ
کي شاهڪار بنائين ٿا ۽ ان کي سينگاري ٺاهي خوبصورت گل بڻائين ٿا. ٻوليءَ جون اهم
ترين مکڙيون انھيءَ ٽاريءَ تي پيد اٿين ٿيون، جيڪا پنھنجو پاڻ اڀري ۽ وڌي آهي ۽ ان
جون پاڙون زمين ۾ آهن. اها ڪنھن به هڪ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اها ئي زمين آهي
جنھن مان ٻولي پنھنجي تازگي ۽ غذا وٺندي آهي.
ٻوليءَ جا اصطلاح به ڪنھن ماڻھوءَ ڪو
هاسيڪار يا ارادو ڪري ڪو نه ويهي جوڙيا آهن ۽ نه ته ڪنھن اهڙيءَ فيڪٽريءَ يا
ضربخاني منجهان ڇاپجي نڪتا آهن. جھڙيءَ طرح هيرو ڪوئلن جي کاڻ جي تر ۾ سرجندو آهي
۽ اتي هزارين ڊگرين کان به وڌيڪ گرمائش ۽ لکين مڻن کان وڌيڪ وزن هيٺ دٻجي ۽ ڪروڙين
سال انھيءَ بٺيءَ ۾ پچڻ بعد هيرو بڻجي نڪرندو آهي ۽ انھيءَ ڪوئلي جا خام جز سڙي
ڳري، ڇنڊجي ڇڻجي وڃڻ کان پوءِ فقط ان جو بنيادي ۽ مرڪزي روح، هيري جي شڪل ۾ وڃي
رهندو آهي.
اهڙيءَ طرح اسان جا اصطلاح به ڪيترين ئي
پيڙهين جي استعمال هيٺ اچي ۽ لکين ماڻھن جي زبان تي تراشجي زبان زد عام ۽ ضرب
المثل بڻجي وڃن ٿا. انھيءَ کان اڳ جو اسين هن هيٺ سر ڪلياڻ جا ڪي اصطلاحات ويهي
ڳڻايون، عالمي سطح تي مڃيل هڪ وصف هوبهو انگريزي ۾ پيش ڪجي ٿي:
A form of expression peculiar to one people or
language, an expression, whose understood meaning is not expressed by the exact
meanings of the individual words, as to get along with the language peculiar to
a people, a variety or form of a language. A Dialect the individual terminology
or manner of expression or the like.[2]
هاڻي شاهه جي رسالي جي سر
ڪلياڻ مان چونڊ اصطلاح پيش ڪجن ٿا.
۱ - اول الله عليم، اعلى عالم
جو ڌڻي،
قادر پنھنجي قدرت سين،
قائم آهه قديم،
والي، واحد، وحدهٗ، رازق،
رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي
حمد حڪيم،
۲ - جوڙي جوڙ جھان جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، محمد
مُڪائين،
ڪلمو تھ ڪريم تي، چٽو
چايائين،
انا مولاک و انت محبوبي،
اِي اُتائين،
۳ - وحده لا شريڪ لہٗ، جڏهن
چيو جن،
تن مڃيو محمد ڪارڻي،
هيجان ساڻ هنين،
۴ - وحده لاشريڪ لہٗ، ٻڌءِ نه
ٻوڙا،
ڪه ته ڪنين نه سئا، جي
گهٽ اندر گهوڙا،
کٽين جي هارائين: هنڌ
تنھنجو هيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ ڀري
جام جنت جو.
۶ - وحده لا شريڪ لہٗ، ايءُ
هيڪڙائي حق،
۷ - وحده جي وڍيا، الا الله
اڌ ڪئا،
محمد رسول چئي، مسلمان
ٿيا،
تيلان ڌڻيءَ ڌئا، جيلان
ويا وحدت گڏجي.
۸ - وحده جي وڍيا، الاالله سين اورين،
هينئون حقيقت گڏيو، طريقت
تورين،
معرفت جي ماٺ سين،
ڏيساندر ڏورين،
ڪلهنئون ڪورين، عاشق
عبداللطيف چئي.
پاڻئي خلقي خوب، پاڻئي
طالب تن جو.
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه
ٿيا.
۱۱ - ڪوڙين ڪايائون تنھنون،
لکن لک هزار،
جيءُ سڀڪنھن جيءَ سين،
درسن ڌار و ڌار،
۱۲ - انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄا
لئي کانئيين،
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون
پياريين پيڄ،
۱۳ - سوري آه سينگار، اڳهين
عاشقن جو،
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن
جو.
پاهون ڪين پسن، سائو هان
سامهان.
جم ورچي ڇڏيين؛ سڪڻ جي
پچار،
پرت نه پسين پار، نينهن
جئائين نڱيو.
۱۶ - جي تون سڪڻ سکيو، ته
ڪاتيءَ پئي مَ ڪنجهه،
هيءُ تنين جو ڏيهه، ڪاتي
جنين هٿ ۾.
اَڏيءَ سر ڌري، مان
ڪهنهون سپرين.
ڪاٽ نه پوين قبول ۾، مڇڻ
پايين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا نه
ڏسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ
وهي.
۲۰ - جي اٿئي سڌ سرڪ جي، ته
ونءِ ڪلاڙڪي هٽ،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو
ماٽي وٽ،
۲۱ - ناڻي ناهه ڪڪوه، ڪين ملهه
مهانگو منڌ،
هيءُ تنين جو هنڌ، مٽن
پاس مرن جي.
لڳين لنئون لطيف چئي، فنا
ڪيا فراق،
پيتي جنهن پاسي ٿئي،
منجهان رڳن روح،
۲۴ - سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين
جا ديڳ ۾،
۲۵ - ساٿر صحت سپرين، آهي نه
آزار،
خنجر تنهن خوب هڻي، جنهن
سين ٿئي يار،
صاحب رب ستار، سوجهي رڳون
ساهه جون.
و تعز من تشاءُ و تذل من
تشاءُ.
دارون هن درد جو، ڏيڍو
ڏسيائون،
آخر و العصر جو، اينهين
اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي
سلام کي.
۲۸ - پريان سندي پار جي، مڙئي
مٺائي،
سي ئي ماءِ مهن، سي ئي
راحت روح جي.
۳۰ - ڪهن ۽ ڪوٺين، ايءَ سندي
سڄڻين،
۳۱ - ٿيندو تن طبيب، دارون
منھنجي درد جو،
مددي ڪتاب:
۱ - علامه آءِ.آءِ. قاضي،
”شاهه جو رسالو“.
۲ - غلام محمد شھواڻي، ”شاهه
جو رسالو“.
No comments:
Post a Comment