آب آب ڪندي مئين
تحرير: نجم حسن سيد
ترجمو: سيد محبوب
علي لڪياري لاھور
پهرين ڳالھ:
مُغلن ويلي گُجرات لَڳ، ڪنجاھ ۾
ڪي وڏا عالِم هُئا؛ مولوي غَنيمت. فارسي شاعر ھُئا. فارسي ڪِتاب لِکِيائون. نانءُ ڪَمايائون.
فارسي بَحَر ايڏو کُلي وَيُن جو، عام ڳالھ به فارسيءَ ۾ ڪَرڻ لڳا. مَجال آ جو ڪَڏهن
ڀُلجي به ڪو ديسي ٻول واتَئون ڪڍي ويهَن. ماڻهن سوُ وَس ڪَيا پر مولوي جَن نَه ٿِڙِڪيا.
هِڪ ڏينهن ڇا ٿيو، مولوي سڳورن پنهنجي مُنهِن ويٺي فارسي شعر پَڙهيا ته هِڪ ڏينڀوُ
گوڏ ۾ وَڃي گھِڙِيَن. ڏينڀوءَ ڏَنگيو ته مولوي جَن اوٽارجي وَيا. گوڏ تي ڌَڪُ هڻي دانهن
ڪَيائون؛ ”اڙي تُنهنجيءَ ماءُ کي.“ (جيڪي بُزرگ گارگَند کان پاسو ڪَندا هِن اُهي چَوَن
ٿا مولوي سڳورن ”هَئي ڙي اَمان“ چَيو هُو) مولوي جَن جو بِه چَيو، اُهو فارسي نَه هُئو.
سو شاگرد ڀَڄندا وَيا ۽ ڳوٺ وارن کي وَڃي ٻُڌايائون. چَي؛ مولويءَ جَن نيٺ ڳالهايو
آ اَڄُ۔
ٻِي ڳالھ:
مُغلن ويلي هڪ ڳوٺاڻو ڳَڀرو، شاهي
لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو. هِڪ ويڙھ ۾ ڦَٽجي پيو. اُڃ کان مَرڻهارڪو ٿي پَيو. پنهنجو ڳوٺ ويجهو
هُئس. گھوڙو ڀَڄائيندو اُتي پُڳو ۽ فارسيءَ ۾ اَچي پاڻي گھُريائين. چَئي؛ آب! آب!!
ماڻهن گَھڻئي ڌُڪا هَنيا. وري وري پُڇيو اَٿن؛ پُٽَ! ڇا گھُرجَئي. هُو رُڳو آب آب ڪندو
وَيو ۽ پُورو ٿي وَيو. پويَئون ڪنهن مولوي غَنيمت، ڳوٺاڻن کي ڏسيو؛ اَڙي آبُ پاڻيءَ
کي چَوندا هِن. جي توهان فارسي پَڙهيَل هُجو هان ته اَڄ توهان جو لَشڪري پُٽ، اُڃيو
نه مَري ها. هاڻي هڪ ته پُٽ وِڃايَوَ، ٻيو تيار ٿي وَڃو، بادشاھَ پُڇا ڪَرِڻي آهي تَه؛
منهنجي لشڪريءَ کي پاڻي ڇو نَه ڏِنَوَ. ڳالھ اِئين به پُوري ٿي سگھندي هُئي ته ڳوٺاڻن
جَهٽِ مولوي غَنيمت کان فارسي سِکي وَرتي. بادشاھ به کين کڻي معاف ڪَيو ۽ اَڳيئون ڳوٺ
جو ڪو ئي لَشڪري پُٽُ اُڃِيو به نَه مُئو. پر ڳالھ پُوري اِيئن ٿي تَه لَشڪريءَ جي
ماءُ کي جَڏَهن آب جي مَطلَب جو پَتو پيو ته هُن پِٽيو. چَئي؛
جي مان
ڄاڻان مَڱِين پاڻي، ڀَري تان پِيالا پِيارِيا،
آب آب
ڪَندي مُئين ٻَچِڙا، فارسِيُن گَھرَ ڳارِيا.
ڳالهيون/ چَوِڻيون، چَتَر هونديون
هِن. سَدا اَڌُوريون. پنهنجي اَندرَئون نِتُ پَيون پورَ ڏيکاريندِيون هِن. ۽ پورَ هُوندا
هِن پُڇائون.
