ڪنھن جو کلڻ
خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت
اسير امتياز
ھفتيوار طنز ۽ مزاح تي مشتمل ھن ڪالم سميت، منھنجو اڄوڪي عبرت ۾ ھي
ٽيون ڪالم شايع ٿيو آھي. مون کي اُميد آھي ته منھنجو ۽ عبرت جو رشتو جيڪو جڙيو
آھي، اھو پنھنجي منزل تائين ضرور رسندو. پڙھندڙن کي اھو ضرور ٻڌائيندو ھلان ته
منھنجو ھي مزاح تي مشتمل ڪالم ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان، ڪٿي نه ڪٿي اوھان کي ضرور
کلائيندو ھوندو ۽ توھان ڪنھن نه ڪنھن جملي، مُحاوري، پھاڪي يا ڪنھن چوڻي تي ضرور
کلي ڏيندا ھوندؤ.
جيڪڏھن منھنجو ھي سلسلو اوھان پڙھندڙن کي پسند پوي ٿو ته اھو پنھنجي
جاءِ تي اعزاز ضرور ھوندو. ان حوالي سان توھان پڙھندڙن جي به مھرباني جو منھنجون
ڳالھيون ٻڌو ٿا ۽ برداشت ڪيو ٿا. بلڪل ائين جيئن ڪنھن ٽرالي جي ڊالي تي لکيل ھوندو
آھي ته ”ڪراس ڪر يا برداش ڪر!“ ھي به ڄڻ اھڙي ئي ڪٿا آھي، جنھن ۾ مذاق جا موتي
۽ کل جا کٽمٺڙا به آھن. معاف ڪجو مان ڪو فانٽا ڪو نه ٿو ورھايان جو ايترا سيريس ٿي
وڃو. ٿورو حد ۾ رھو. جي نه ته ڪو نه ڪو پھاڪو يا لطيفو آيو ئي آيو. جيئن اڄڪلھه ھن
ويچاري پھاڪي کي جھر جھنگ رُلايو ويو آھي. ڪاش.. جي ھن ويچاري پھاڪي کي پير ھجن ھا
ته اسان توھان کان گھڻو اڳ ڀڄي گھڻو پري ھليو وڃي ھا. ھيل تائين ڀڳو ناھي سندس
مھرباني!
دوستو اڄوڪي ڪالم جي عنوان جي مناسبت سان، ھڪڙي ڳالھه اوھان سان اجھو
ھي شيئر ڪيان ٿو، جنھن کي غور سان ٻڌجو ۽ قبول به ڪجو. اڄڪلھه ھي پھاڪو ٻھراڙيءَ ۾
ڇا، شھرن ۾ به عام طور تي استمعال ٿئي پيو ٿو. خبر ناھي ته ھن جو تخليقڪار ڪير
ھوندو، جنھن اسان سڀني کي ٿورڙن لفظن جي موڙھي ۾ منجھائي ڇڏيو آھي.
اُھو ڪو اتفاق ھوندو جو ڪنھن ھڪ ماڻھو اُھو گفتو واتان ڪڍيو ھوندو.
پوءِ ھڪڙي ماڻھوءَ مان ٻئي ماڻھوءَ تائين، اُھو مثال پھتو ھوندو. پوءِ ٻئي مان
ٽئين ۽ ٽئين مان چوٿين تائين پھتو ھوندو. مطلب پوءِ الائي جي ڪيترن ماڻھن تائين،
اھو پيغام وڃي پھتو ھوندو. جيڪو ھاڻ ھر ڪو ٿوري گھڻي اڻبڻت واري ماحول کي ڏسندي ئي،
اھو پھاڪو ورجائيندي دير ئي ڪو نه ٿو ڪري.
جنھن کي به ڪو ماڻھو ذاتي طور تي نه ٿو وڻي يا ساڻس اختلاف ھوندا ته
اھو اسان جو داناءُ اھو چوندي دير ئي ڪونه ڪندو ته؛ ”ڪنھن جو کلڻ خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت.“ ماڻھوءَ جو کلڻ خواري آھي يا ناھي، اھا ھڪ الڳ ڪھاڻي آھي. پر
ماڻھوءَ جو روئڻ، راحت سڏجي ٿو، اھا به ڳالھه ڳاٽي کان چڙھيل ٿي نظر اچي. ڇو ته
روئڻ ته فقط روئڻ ئي ھوندو آھي. روئڻ ۾ پيڙا ھوندي آھي. ڪرب، تڪليف ۽ لڇڻ ھوندو
آھي. الائجي ڪيئن ۽ ڪٿان اھا راحت ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ کي نظر آئي جو کڻي رومال ۾
ويڙھي، اھا ڳالھه ڪيائين. پر ھاڻ ته ان پھاڪي جي ملڪان ملڪ مشھوري ٿي وئي آھي.
بلڪل ھن ئي پھاڪي جيان ته ”کنيو
کپي ڪا نه، ڳوليو لڀي ڪا نه“
مطلب ته؛ جيڪي شيون مشھور ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ترسيل آھن، اھي مشھور ٿين ئي ڪو نه
ٿيون. باقي جيڪي رد ڪرڻ جھڙيون شيون آھن، اھي ته وري مشھور ٿينديون پيون وڃن.
ائين جيئن ھي ھڪ سنڌي چوڻي آھي ته؛ ”مشھور به اھڙو مشھور جو ھاڻ ته پيو آسمان سان ڳالھيون ڪري.“ ھاڻ ڏيو منھن! آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ، ڪي
سوليون آھن. جو ماڻھو ويھي ھيڏي ساري وشال آسمان، جنھن ھن سموري ڪائنات جي اوگھڙ
کي ڍڪي رکيو آھي، تنھن سان ڳالھيون ڪري. يا اھو ھيڏو سارو اُڀ، سو ٿو ھاڻ ماڻھن
سان ڳالھائي! نه نه.... ائين ته ڪو نه ھوندو؛ ”کوڙو ئي ڪو نه
ٿو لڳي.“
ھاڻ وري ڏسو ڳالھه مان ڳالھوڙو ٿي ويو آھي. کوڙو به ڪيئن لڳندو؟ ڪھڙو
رياضي جو سبجيڪٽ آھي جو ڪٿان نه ڪٿان مڙئي ڳنڍ ٽوپ ڪريون. اھڙين ئي ڳالھين جي
ماحول وچان اھو پھاڪو جنميو ۽ ھاڻ ته ھر چڱي ڀلي کي اھو رومال ۾ ويڙھيل پھاڪو، ھر
ڪو وھائي ٿو ڪڍي. خبر ئي ڪانه ٿي پوي، الا الا...
اھو سڀ ڪجھه ته ماڻھو ويچارو پنھنجي مشھوري جي لاءِ ئي ڪري ٿو. پر
جاني مشھور ٿيڻ به ھاڻ مھانگو ٿي ويو آھي، ائين جيئن، سي. اين. جي،!.... اڳ ۾ ته
پيئٽرول مھانگو ھوندو ھُيو. ھاڻ ته سي، اين، جي، به مھانگي ٿيندي پئي وڃي. جي اگر
ڪورٽ سڳوري پنھنجي فيصلي مطابق ان جا اگھه گھٽائي ٿي ته وري مالڪ صاحبان ھفتي ۾
چار ڏينھن سي، اين، جي، بند ڪري رکندا آھن. جڏھن انھن کان پڇبو ته چوندا؛ ”ھتان جي خرابي ناھي. مٿان کان سي، اين، جي، شارٽ
آھي.“ اھو ائين چون ٿا، جيئن
اڪثر ڪاڇي جا ماڻھو ھر اُلجھيل مسئلي کي سمجھڻ کان پوءِ چوندا آھن ته؛ ”پاڻي ڌرون ميلا ئي.“ سو ادا ھي جيڪو به ڪائنات اندر مھانگائي، بدامني ۽ مارا ماري جو
جھان ھلي پيو، اھو به مٿان کان ئي ٿيندڙ آھي. اصل ”پاڻي ڌرون ئي ميلا ئي“ جي پھاڪي جيان. وڌيڪ پاڻ سڀ سالڪ آھيون. سڀ ڪجھه سمجھون ٿا. مان
ناچيز اوھان کي ڇا سمجھائيندس ۽ ڪيترو...!
۽ ھا... اھو سڀ ڪجھه اسان جو ماڻھو ئي ڪري ٿو. ٻي ڪا مخلوقات ڪانھي،
جيڪا ويٺي حرڪت ڪري. ھي جيڪا به حرڪت ٿئي پئي سا ھر ڪو پاڻ پيو ٿو ڪري. ٻيو ڪو ڀلا
اھڙي حرڪت ڪندو به ڇو؟ ھن پھاڪي جيان؛ ”ماڻھو پاڻ نه کري باقي، ٻيو ته سوچي به نٿو سگھي.“ سو ان ڪري به اھا دانھن ئي سمجھو، جيڪا اوھان
کي ڏيان پيو ته ان لاءِ ھي به چوان ته بھتر ٿيندو ته؛ ”اڇي ڏاڙھي، اٽو
خراب.“ اٽو ته پنھنجي ذات ۾ ڪڏھن به خراب ناھي. اھو اٽو
ئي ته آھي جيڪو انسان جي بُک کي ٻنجو ڏئي ٿو ۽ انسان پنھنجو پيٽ ڀري ٿو.
انَ جي اٽي سان، ماني پڇي ٿي ۽ اھا ڪوسي ڪوسي ماني... آھا آھا...
واھه جو وڻندي آھي. ھاڻ مان سمجھان ٿو ته توھان کي پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏيان ته نڙي
۾ لاھي، ڳيت ڏيو. ڇو جو مانيءَ جي ذڪر تي، اوھان جي وات ۾ به پاڻي اچي ويو ھوندو ۽
ھا جيڪڏھن ھي مانيءَ جو ذڪر ڪنھن يتيم ۽ بي پھچ مسڪين ماڻھوءَ جي ڪنھن ٻار تائين
پھتو ته نه ڄاڻ ساسيءَ جي ڇا ڪيفيت ٿي ويندي. جنھن ماني نه کاڌي ھجي جيڪو بکيو ھجي
ته ان لاءِ يا ان جي سامھون، اھا ڳالھه ڪرڻ ائين آھي جيئن ڪنھن مري ويل جوان پُٽ
جي ماءُ کي ان جي يادگيري ڏيارڻ.
ڏسو اھا به ڪيڏي عجيب ۽ حساس گھڙي ھوندي آھي، جيڏي مھل ڪا ماءُ
پنھنجي وڇڙي ويل کي ساري ڳوڙھا ڳاڙيندي ھوندي، الا الا الا..... شال ڪا به ماءُ
ائين پنھنجي اولاد جي جدائي نه ڏسي. اولاد، ماءُ کان سواءِ ته زنده رھندو به آھي پر ماءُ جيئري ھوندي
ئي پل پل موت جي منھن ۾ ھوندي آھي. اھا ته ھر روز موت سان جھيڙيندي آھي ۽ موت جي راھه تان گذر ڪندي آھي.
محسوس ڪريو جنھن جو گذر، موت جي راھه تان ٿيندو ھجي ته ان جي ڇا حالت ھوندي. ان
ڏُک ۽ ان پيڙاءَ کي، يارو ٿورڙو ئي سھي پر محسوس ڪري ڏسو ته توھان کي جدائي/ وڇوڙي
جي معني سمجھه ۾ اچي ويندي. وڌيڪ مان توھان کي نٿو سمجھائي سگھان. توھان پاڻ ئي
سمجھي وڃو ته وڌيڪ بھتر رھندو.
۽ ھا... کلڻ جون ڳالھين جو ڇيھه اچي روئڻ تي پھتو آھي. اھو ان ڪري جو
ھر ماڻھو، جتي کلي ٿو ته اتي اھو ماڻھو روئي به ٿو. سو کـلڻ ۽ روئڻ، ٻئي فطرتي
علامتون آھن. جيڪي انسان سان گڏ گڏ ھلنديون آھن. نه اڳتي وڌي وڃن ٿيون ۽ نه پوئتي
رھجي ٿيون وڃن. نه ئي وري ڪو انھن جي لاءِ اسپيٽ بريڪر به ٺھيل ھوندو آھي، جو ڪيڏي
مھل ڪٿي ڪٿي ان جي رفتار ۾ گھٽتائي اچي سگھي. اسپيٽ بريڪر به الائي جي ماڻھو ڇو
ٺھرائيندا آھن، جو تيز ھلندڙ سواري جي رفتار کي گھٽ ڪندي اسان جا ڊرائيور حضرات
اندر ئي اندر ۾ ڪاوڙ جو زھر اوڳاڇيندا آھن. ٿورڙو نوان ۽ منفرد اسپيٽ بريڪر ٺاھيو،
جيئن انھن گاڏين جي ڊرائيورن جي دلين ۾ احساس اچي. جيئن تازو اسان وٽ بورڊ لڳرائڻ
جو شوق عام ٿيو آھي. ڪٿي ڪنهن درزي جي دڪان جي مشھوري جو بورڊ تي ڪٿي وري ڪنھن
پينٽر جو، ته ڪٿي وري خبر ئي ڪا نه ٿي پوي الائجي ڇا نه ڇا جا بورڊ رات جي پيٽ ۾
لڳي ٿا وڃن. اھي بورڊ الائي جي گاڏين کي بيھارڻ جي لاءِ لڳايا وڃن ٿا، الائي جي
ڪنھن مشھوري جي ڪري. ڇو ته بورڊ ھميشه دڪان آڏو يا ڪنھن سامان جي وڪري ٿيڻ واري
گمنام جاءِ تي لڳايا ويندا آھن. خبر ناھي ته اسان وٽ الائي جي ڪھڙي ۽ ڇا جي لاءِ
ٿا اھي بورڊ استمعال ٿين؟ اھا ته ھڻندڙن کي به خبر ڪانھي.
پر خير، مان سمجھان ٿو اڳي ماڻھو اسپيٽ بريڪر تمام وڏا ٺاھي ڇڏيندا
ھئا ۽ ھاڻ ھي جديد ننڍڙا اسپيٽ بريڪر ئي آھن، جنھن کي ظاھري طور تي بورڊ ۽ ھونئن
اسپيٽ بريڪر ئي سڏبو آھي. جنھن تي ٻيو ڪجھه لکيل ھجي نه ھجي يا اھا ٻي لکائي سمجھه
۾ اچي يا نه، پر اھو ته ضرور سمجھه ۾ اچي ٿو ته؛ ”روڪ جي روڪين سگھين.“
تيز اسپيٽ سان ايندڙ انھن گاڏين کي، جتي وڏا وڏا اسپيٽ بريڪر به ڪو نه بيھاري
سگھيا، ھي ننڍڙا بورڊ ڇا بيھاريندا؟ سو ان ڪري اوھان اتان خيال سان گذرجو، جتي
اھڙو ڪو بورڊ لڳل ڏسو!
۽ ھاڻ مان خيال سان کسڪي ٿو وڃان. توھان به پنھنجو خيال رکجو. جيڪڏھن
توھان ان بورڊ جي لکائيءَ کي پڙھي ۽ ان اسپيٽ بريڪر کان پار ڪري، پنھنجي منزل
تائين پھچي ويا ته وري ايندڙ ھفتي ڳالھيون ڪبيون. باقي موڪلايون ڪونه ٿا، سدائين
گڏ. ساٿ سلامت، سنڌ سلامت.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ بتاريخ ۹ نومبر ۲۰۱۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment