پھاڪا ۽
اصطلاح
لالا ڌڻي بخش
پٺاڻ
اها ڳالهه الم نشرح آهي ته اسان
جو ادب پڪو ۽ پائيدار آهي. جيتوڻيڪ اسان جي سنڌ سونھاري ٻوليءَ جي حوالي
سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون آهن، ته به سنڌي ٻولي پنھنجو وجود قائم رکيو ٿي اچي
۽ انشاءَ الله هن دنيا ختم ٿيڻ تائين اسان جي زبان (ٻولي) زنده رهندي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته زماني جي بدلجڻ سبب,
اسان جو ادب به لٽ ۾ لٽجي ويو آهي ۽ ادبي زنجيرن جون ڪڙيون غائب ٿي ويون آهن. پر جس آهي اسان جي ادبي غواصن کي، جن علم جي
سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي، ڪي موچارا موتي ميڙي، ٻوليءَ جي مالها ۾ پوتا آهن.
دنيا جي ڪا به زبان، پھاڪن کان خالي نه آهي. نه وري ڪو دور ئي پھاڪن کان خالي رهيو آھي. خبر نه
آهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪھڙن ماڻهن جي تجربي جو عطر آهن. بهرحال
جيڪي ڪجهه ڏنو اٿن سو وقت ۽ ماحول جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو.
سنڌي زبان ۾ جھڙيءَ ريت لفظن ۽
محاورن جو وسيع خزانو آهي، اهڙيءَ ريت ان جي دامن ۾ پھاڪن جا موتي به ڀريا پيا
آهن. پھاڪن، چوڻين ۽ سگهڙن جي ٻولن ۾ سنڌ جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ سماجي جوڙجڪ جي تصوير
ڇڪيل آهي. جيتوڻيڪ مختصر آهن، مگر چوڻ وقت، مطلب ڏاڍو واضح اٿن.
جڳ مشهور اديب، پهاڪن جي باري ۾
هيٺينءَ طرح راءِ ڏين ٿا.
ڊزرائيل چوي ٿو: ”پهاڪن ۾
زندگيءَ جي هر رنگ جي جهلڪ موجود آهي. منجهن هلڪي ۽ ڀرپور طنز جي چاشني رهي ٿي
...... جيتوڻيڪ هنن جو استعمال گهٽ ٿي چڪو آهي، تڏهن به منجهن عقل ۽ سوچ ويچار جو
اڻ-کٽ خزانو پوشيده رهي ٿو.“
اي ايس جي جيڪر، هيئن ٿو چئي:
”ڪنهن به قوم جي عادتن، طريقن ۽ خيالن جي عڪاسي، جنهن نموني پهاڪا ڪري سگهن ٿا، سا
ٻئي ڪنهن نموني ٿي نه ٿي سگهي.“
وري شري گووند هنديءَ ۾ هيٺيون
سور آلاپيو آهي: ”ڪهاوتين بهاشا ڪا مرم هين. جس ني بهاشا ڪا مرم نهين سمجها، اس ني
ڪڇ نهين سمجها.“
پهاڪن جو بنياد، ڏند ڪٿائن،
مذهبي قصن، تاريخي وقعن ۽ عام قصن ڪهاڻين ۽ نقل نظيرن تي ٻڌل آهي. پهاڪا ۽ اصطلاح،
ساهت جي سونهن ۽ سينگار آهن. پهاڪن ۽ اصطلاحن کان سواءِ، ٻولي ٻُسي ۽ ٻُٽي ٿيندي
آهي.
پهاڪو، سنسڪرت جي لفظ پٿڪو مان
نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي؛ سنئون دڳ يعني سياڻپ جو رستو. اصطلاح، فرھنگ آصفيه جي
مصنف مطابق؛ صلح مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي؛ پوري قوم ڪن لفظن جي مواد تي
متفق هجي. مثال؛ ڪڙيو، جنهن جي معنى آهي ڳوٺ، پر هينئر واهه جي معنى ۾ استعمال ٿئي
ٿو. ڇو ته انهيءَ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
آڙي ڪاپ جو اصل لفظ ايڊيڊي ڪامپ
آهي، يعني: محافظ، جيڪو گورنرن يا بادشاهن يا وائسرائن جي حفاظت لاءِ هوندو آهي. پر اسان جي سنڌ ۾ انهيءَ تي اففاق آهي ته جيڪو تتريءَ هيٺان آنا ڪڍي، سو شوقين
مزاج. ٻيو مثال کڙپيل؛ کڙهه کي چئبو آهي. وڏو ڍينگهر، جيڪو ٻهراڙيءَ ۾ در تي ڏبو
آهي. مطلب (جت چڙهي سچائيءَ تي ته کڙهه تي کير پياري) بھادر. پر اسان متفق آهيون
ته جهونو، آزمودگار جو مانا کائي مٿي چڙهيو هجي.
پهاڪي کي عربيءَ ۾ ضرب المثل چون
ٿا ته وري هنديءَ ۾ ڪهاوت. پهاڪو ضرور ڪنھن ڳالهه تان ورتل هوندو آهي. جنهن جو
مثل، معنى، مثال، هندي لفظ ڪهاوت به ساڳي معنى رکي ٿو.
پهاڪن جو ٺيڪ استعمال، ٻوليءَ
کي مهڪايو ڇڏي. خيال جي ادائگي، جيڪا ٻن سٽن ۾ ٿئي، سا پهاڪن جي استعمال سان گهٽ
لفظن ۾ ۽ اثرائتي نموني ڪري سگهجي ٿي. اهي پهاڪا ۽ اصطلاح، ڪنهن خاص خطي جي
پيداوار نه آهن. ليڪن وقت جي نزاڪت کان مجبور ٿي چوندڙ، بي اختيار ٿي چئي ڏين ٿا. هو ڪنهن جو به رک رکاءُ، لِڪُ لِڪَاءُ نٿا ڪن. پڌري پٽ چئي ڏين ٿا. پوءِ ڀل ته ڪنھن
کي مٺيان لڳي. ڪن سينڊ ۾ مارئي ڳائي آهي، ته ڪن وري ڀير تي ڏونڪو هنيو آهي. بهرحال
جو ڪجهه ڏنو اٿن، سو وقت جي ماحول جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو. صوفيءَ جي خيال
موجب؛ ”پهاڪي جو اثر، تلوار کان به تکو آهي.“
انسان، هر ڳالهه جو مشاهدو ۽
تجربو ڪندو رهي ٿو. جڏهن ڪنهن ڳالهه جي خاص نتيجي تي پهچي ۽ ان کي مختصر لفظن ۾
بيان ڪيو وڃي، ته پهاڪي جي صورت اختيار ڪري ٿو. مثال طور: هاري زمين کي گهڻو هر
ڏئي ٿو، ته چڱو فصل حاصل ڪري ٿو. انهيءَ مشاهدي جي بناءَ تي هي پهاڪو مشهور ٿيو ته؛
”جيترو هر، اوترو ڦر“، ٻيو ”استاد جي مار، ٻار جي سنوار“، ”ننڍو ٻار، مُڇ جو وار،
جيڏانهن ورائينس، تيڏانهن وري.“
اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌي زبان ۾
ڪيترا ئي پهاڪا ۽ اصطلاح آهن، جن مان ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
۱ - مذهبي:
۱-۱ لکيو منجهه نراڙ، قلم
ڪياڙيءَ نه وهي.
۱-۲ جو قلم لکيو، سو ڀوڳ ڙي.
۱-۳ امانت، ڌرتيءَ به نه ڊوهي
آهي.
۱-۴ واڳ ڌڻيءَ جي وس، آءٌ ڪا پاڻ
وهيڻي.
۲ - تاريخي:
۲-۱ ڪَنَ جي ڳالهين، مير بجار
مارايو.
۲-۲ هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
۲-۳ مرويسون، سنڌ نه ڏيسون.
۲-۴ دودو ڌوڙ، چنيسر چائي.
۲-۵ عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو ٿر
ته نه ٿيلهيندو.
۲-۶ ميراڻو ڪارخانو.
۲-۷ پارسي، گهوڙي چاڙهسي.
۳ - ٻين ٻولين جا ترجما ٿيل پھاڪا
۳-۱ هندي: ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
سنڌي: هڪ ڪم، ٻه ڪاڄ.
۳-۲ پارسي: دو برادر، سوم حساب.
سنڌي: ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
۳-۳ پارسي: يڪ تندرستي؛ هزار نعمت.
سنڌي: هڪ تندرستي؛ هزار نعمت.
۳-۴ سنسڪرت: يٿا راجا، تٿا پرجا.
سنڌي: جھڙو راجا، تھڙي پرجا.
۳-۵ عربي: التعجيل، فعل الشيطان.
سنڌي: تڪڙ ڪم، شيطان جو.
اهڙيءَ طرح انگريزيءَ جا پهاڪا
به ترجما ڪري سنڌيءَ ۾ رکيا ويا آهن. يا شايد سنڌي پهاڪن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو
ويو آهي. مثال:
۳-۶ انگريزي: ”Grapes are Sour“
سنڌي: گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
۳-۷ انگريزي: ”Mountain in Labour“
سنڌي: ٽڪريءَ کي ٿيا سور ڄائو ڪوئو.
پھاڪن مان نه رڳو وقت جي تاريخ
جو پتو پوي ٿو، پر ملڪ ۾ ماڻهن جي عادتن ۽ طريقن، رفتار ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال
۽ زوال، حرفت ۽ بدعت جو به جيئن جو تيئن پتو پوي ٿو. انهن جي ذريعي ئي هڪ اناڙيءَ
جي دل تي اهڙا انوکا اصول نقش پذير ڪري سگهجن ٿا. جي جيڪر ڪروڙين ڪتابن ٻڌائڻ سان
به نه ڪري سگهجن. اهي تقرير توڙي تحرير جا اُهي تيز اوزار آهن، جن سان مطلب جي
ڳنڍين کي آسانيءَ سان ڪپي/ کولي سگهجي ٿو.
جڏهن به موقعي مهل تي ڳالهايا
وڃن ٿا. عربي پهاڪي موجب ”طعام ۾ لوڻ“ پورو ثبوت ڏين ٿا.
پھاڪن کي سهيڙي ۽ سموهڻ جو
پهريون سهرو، راءِ بھادر ڪوڙي مل چندن جي سِرَ تي آهي، جنھن آواز اخلاق عرف سنڌي
پھاڪا نالي ڪتاب لکي پڌرو ڪيو.
بعد ۾ ديوان ڪيولرام جو ”گلشڪر“
نالي ڪتاب ڇپجي نروار ٿيو. ٽيون پھاڪن جي حڪمت نالي ڪتاب، عالمن جي سج، مرحوم مرزا
قليچ بيگ پڌرو ڪيو. چوٿون ڪتاب، جنهن ۾ سڀني کان سوائي ۽ سرس محنت ڪيل آهي، سو آهي
ڪاڪي ڀيرومل جو، پھاڪن جي پيڙھ.
اهي سمورا ڪتاب، سواءِ گلشڪر
جي، جيتوڻيڪ اڻ لڀ نه آهن، پر تڏهن به ملڻ سؤلا نه آهن. مٿين چئني ڪتابن ۾، پھاڪن
جي اصليت ڏنل آهي. ڇو ته اصليت ڏيڻ ائين آهي، جيئن سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ
لنگهائڻ. هن ڏس ۾ اسان جي سنڌي ادب جي سڄاڻ سائين عبدالڪريم سنديلو صاحب پنھنجي
انمول ڪتاب پهاڪن جي پاڙ ۾ جيڪا محنت ۽ ڪوشش ڪئي آهي، سا تعريف جوڳي آهي. پاڻ هن
ڪتاب ۾ موضوع کي سُٺي نموني نڀايو اٿائون.
(مخزن ”سارنگ“،
سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۱۹۹۹-۲۰۰۱ع تان ٿورن سان کنيل.)
No comments:
Post a Comment