Thursday, November 8, 2012

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي - مٺل جسڪاڻي

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي

مٺل جسڪاڻي



چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ڪُوڙا ٿورو ئي آهن. هي به عمل جي رد عمل ۾ ئي ته جنم وٺن ٿا. ان ڪري انهن مان به پرائڻ گهرجي، سکڻ کپي. جيڪڏهن ڪو عام اياڻو ماڻهو هجي ته به ٺهيو، پر جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙهي سند به حاصل ڪري چڪو هجي، مٿان وري هزارين رپيه خرچ ڪري، ٻيا ڪتاب وٺي، پڙهي ۽ امتحان لاءِ تياري ڪري، ڪميشن جو ڪو اعلى امتحان ڏيڻ ويو هجي، اهو ته گهڻو وڌيڪ سرت ۽ ساڃهه وارو هئڻ گهرجي. ان کي ته ڪو هڪ اڌ به نه، بيشمار محاوار ذهن ۾ هجڻ گهرجن. هو ته هر پهلوءَ کان بخوبي واقف هجڻ گهرجي. فضيلت ڀريو هجڻ گهرجي. کيس وقت جي نزاڪت سمجهڻ جيتري تميز هجڻ کپي. هو صرف صبر واروئي نه، صابرين هئڻ گهرجي.


حيدرآباد جي گورنمينٽ نذرٿ گرلز ڪاليج ۾، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ دوران، ڄام شوري واسي نوجوان محمد صديق جويو کي ڪاپي جي شڪايت ڪرڻ تي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ (روزاني عبرت، آچر ۱۲ اپريل ۲۰۰۹ع) وارو فيصلو سورهن آنا صحيح، بلڪل مُنڊيءَ تي ٽڪ، انتهائي منصفاڻو آهي. ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪميشن جو امتحان ڏيڻ پهتو آهي، اهو گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيٽ ضرور هوندو. هڪ اهڙو گريجوئيٽ، جنهن امتحان جي تياري ڪندي ٻيا ٽي سال به سيڙايا، پر اهو ڪهڙي تياري ڪري سگهيو آهي!؟ افسوس. اڃا کيس اهو به سمجهه ۾ نه اچي سگهيو ته، هيءَ حاجي ۽ قاضي جو زمانو آهي. ٻئي جي خواهش جو احترام ڪرڻ جو وقت آهي. اڄڪلهه جي زماني ۾، جيڪو حاجي تي خوش ٿئي ان کي حاجي چئبو ته پاڻ قاضي ٿي وڃبو ۽ جيڪو قاضي ۾ خوش هجي ته، پاڻ حاجي ٿي وڃبو..... نه ته، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه کان اڳتي ٻيو ڪجهه ڪو نه هوندو.....

اهڙي ڪنهن به اميدوار کي، جنهن کي اڃا اها به خبر نه آهي ته ڪاڻي کي ڪاڻو نه پر راڻو چئبو آهي. ان کي اهڙو ئي انصاف ملڻ گهرجي، جهڙو محمد صديق جويي کي مليو آهي. جويو جيڪڏهن اڃا به نه سڌريو ۽ وڌيڪ انصاف جي طلب ڪندو ته، کيس جيڪي ڳالهيون عام زندگيءَ ۽ اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ سان به سمجهه ۾ نه اچي سگهيون آهن، اُهي هو ڀل شوق پورو ڪري، دانهون ڪري، ڪوڪون ڪري، انصاف لاءِ ٻاڏائي، سندس ڪير به ڪو نه ٻڌندو. اُهو ئي پلئه پوندس، جيڪو کيس ملي چڪو آهي.

محمد صديق جويو سميت ڪنهن به قسم جو امتحان ڏيندڙ هر اميدوار کي منهنجي صلاح آهي ته، هو پاڻ ۾ وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري.

هونئنءَ به پاڻ کي عقل ڪـُل نه سمجهڻ گهرجي. حقيقتون نه سمجهبيون ته در در جون ٺوڪرون کائڻيون پونديون..... اِهڙن ڀـورڙن ماڻهن کي ڪهڙو ڪهڙو مثال ڏئي سمجهائجي!؟ ساڳئي ڏينهن جي ساڳئي اخبار ۾ محترمه وينگس به شايد جويو جهڙن کي سمجهائڻ لاءِ ئي لکيو آهي ته ”... انصاف جي ڪرسي تي شخص بحال ٿي سگهندا پر انصاف بحال نه ٿي سگهندو.....“. وينگس صحيح ۽ سچ ئي ته لکيو آهي، سندس لکڻي جي تصحيح ۽ توسيع هر اخبار ۾ بلڪل واضح، عيان، پڌري پٽ پئي آهي. بس، صرف سمجهڻ جي ضرورت آهي.

هميشه جيان هينئر به اسڪولن ۾ عام رواجي امتحان ٿيا، نتيجا آيا. پنجين درجي جو امتحان ڏئي، نتيجو حاصل ڪيل هڪڙي ٻار، سندس والد کي نهايت ئي نرالي چٽائيءَ سان ٻڌايو ته، سندس ڪلاس ۾ پهريون نمبر اتي پڙهائيندڙ هڪ استاد جو پٽ آيو آهي ۽ کيس ٻيو نمبر مليو آهي!؟ ستين درجي ۾ پڙهندڙ هڪڙي نياڻي اسڪول جو هر ڪم مڪمل ڪري اچڻ جي نتيجي ۾ نه رڳو ڪلاس ۾ مانيٽر مقرر ڪئي وئي، پر اسڪول ۾ ڪورس پڙهائڻ، صورتخطي ڪرائڻ، حساب سيکارڻ ۽ حساب ڪرائڻ جو ڪم به ڪندي رهي. امتحان ٿيو، نتيجو آيو، نتيجو ٻڌائڻ وقت اوچتو نتيجو رُڪجي ويو! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن نوان نتيجا ٺاهي ٻڌايو ويو ته، اها ستين ڪلاس واري ڇوڪري بيمار ٿي گهر پهتي، کيس کائڻ پيئڻ وسري ويو. خبر پئي ته سندس ڪلاس ۾ پهريون نمبر هڪڙي ماسترياڻي، ٻيون نمبر ٻيءَ ۽ ٽيون نمبر ٽين ماسترياڻي جي ڌيءَ يا ويجهي عزيزياڻي حاصل ڪيو آهي!؟ سڄو سال لوڙيندڙ جا سڀ سپنا چور..... ڇو ته هوءَ اسڪول ۾ مقرر ڪنهن جي به ڌيءَ يا مائٽياڻي نه هئي......

هر سال ڇا ڇا نه ٿيندو آهي!؟ مون کي ذاتي طور خبر هجڻ جي حوالي سان ٻه چار سال اڳ جي ڳالهه آهي. اٺين جو امتحان ڏيڻ واري، ڪلاس ۾ سڀني کان هوشيار شاگرد جي پهرين پوزيشن وڃائڻ لاءِ، کيس هڪ اهڙي مضمون ۾ غير حاضر ڄاڻايو ويو، جنهن جو ڪو امتحان ڪو نه ٿيو هو، نه لکت ۾ نه زباني!؟

ان ڏينهن هيڊ ماستر کان معذرت سان معافي وٺندي هڪ استاد چيو هو ته سائين مون کي ڪهڙي خبر ته هيءُ به پنهنجو ئي آهي، خبر هجيم ها ته قطعي ڪلاس مان ٻاهر نه ڪڍان ها.......

هو، جيڪو سڀني مضمونن ۾ سڀني ڪلاس وارن کان وڌيڪ مارڪون کڻي ويو، پر صرف هڪ مضمون جي به زباني امتحان ۾، ان ڪري ناپاس ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته زباني امتحان جو ڪو ثبوت ڪو نه هوندو آهي. ان ڪري هن جنهن استاد کان هلندي ڪلاس ۾ ڪجهه پرائڻ لاءِ هڪڙو ٻه سوال پڇيو هو، ان مهربان، پيغمبري پيشو رکندڙ، مستقبل سنواريندڙ ’سائين‘، نمبر نوٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ زباني امتحان ۾ ناپاس ڪري کيس سمجهائي ڇڏيائين ته، گهڻي ويهين سَؤ ٿيندو آهي......

۽ هُن!؟ هڪڙي يونيورسٽيءَ ۾ سڄو سال پڙهڻ کان پوءِ، ها، هن هاڻي اها يونيورسٽي ڇڏي ٻيءَ يونيورسٽي ۾ وڃي داخلا ورتي آهي!؟ هو سمجهي ٿو ته اتي ڪي آسمان مان لهي آيل استاد هوندا!؟ ها. هن عملي زندگيءَ جو هڪڙو سڄو سال ان ڪري ئي ضايع ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو، ٻيءَ ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾، ساڻس ڪا به زيادتي ڪا نه ٿيندي!؟....

چٽائيءَ سان ياد نه آهي، جيڪڏهن آئون پنجين درجي ۾ پڙهندو هوندس ته، لڳ ڀڳ چاليهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي. منهنجو مامو ڪنهن سرڪاري اداري ۾ مزدور هو. اتان ڪي ڳالهيون ٻڌي، اچي، پهرين اسان کان ڪجهه سوال پڇيائين ۽ پوءِ انهن جا جواب ٻڌايا هئائين. ماما ٻڌايو، نوڪري لاءِ انٽرويو ۾ آيل هڪ اميدوار ان ڪري ناپاس ٿي پيو ڇو ته هو حيدرآباد کان ٽنڊوڄام بس ۾ آيو هو، ۽ انٽرويو وٺندڙ صاحب هن کان ريل جو ڀاڙو پڇيو هو! ماما افسوس جو اظهار ڪندي راءِ ڏني هئي، ويچارو ريل ۾ اچي ها ته پاس ٿي وڃي ها!؟

ڪميشن جي هڪڙي زباني امتحان بابت ٻڌو هئم. اميدوارن کان چڙهي آيل سيڙهي جي ڏاڪن جو تعداد پڇيو ويو هو!؟....... امتحان هميشه ٿيندا آهن. هر امتحان وٺندڙ جي آهي مرضي، هن کي جيڪو وڻي، سو پڇي!؟..... منهنجي خيال ۾، جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو. پر آئون سمجهان ٿو، اها ته محمد صديق جويو جي خوش نصيبي آهي، جو کيس ترت خبر پئجي وئي ته، هيءَ نوڪري سندس لاءِ نه هئي. جيڪڏهن هي واقع هوشيار آهي، لکت جو امتحان به پاس ڪري وڃي ها ته، ممڪن آهي زباني امتحان ۾ هن کان پڇيو وڃي ها ته، پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح ڪٿي ڄائو؟ جيڪڏهن صحيح جواب سمجهي جهرڪ چوي ها، پوءِ ته ناپاس ٿي وڃي ها. ان مرحلي ۾ ناپاس ٿيڻ سندس لاءِ وڌيڪ ڏک وارو هجي ها....

ڪير ڪنهن کي ڪهڙي صلاح ڏئي!؟ هر امتحان ڏيندڙ اميدوار کي پنهنجون اکيون کـُليل رکڻ گهرجن. هن کي هر وقت سالم دماغ رهڻ گهرجي. کيس هر نتيجو قبول ڪرڻ گهرجي. ساڻس انصاف ٿيندو. جيڪو لوچيندو سو لهندو، پر جيڪڏهن ڪو وڌيڪ انصاف جو خواهشمند آهي ته اخبارون پڙهي، خبرون ٻڌي،..... سڀ ڪجهه چٽو آهي........ شينهن جي وات ۾ ڌپ ڪانه ٿيندي آهي..... رئيس جي اُٺ کي هـُلي نه چئبو آهي......... ها. سچ ته ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي، منهنجا راڻا.

No comments:

Post a Comment