Showing posts with label شاهه، سُر، سورٺ، محاورن، استعمال، احمد، خان، ڪيريو،. Show all posts
Showing posts with label شاهه، سُر، سورٺ، محاورن، استعمال، احمد، خان، ڪيريو،. Show all posts

Friday, April 27, 2012

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال - احمد خان ڪيريو

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال
احمد خان ڪيريو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي دنيا جي انهن عظيم شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن جو ڪلام هر لحاظ کان معياري ۽ مڪمل مڃيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هر بيت، مڪمل ۽ حڪمت سان ڀريل نظر اچي ٿو. تنهن کانسواءِ، سندس ڪلام جي هڪ اها به خصوصيت آهي ته ان کي جيترو گهڻو پڙهبو، اوترو وڌيڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ پيو معلوم ٿيندو.
لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون سٺايون ۽ سهڻايون آهن، جن تي نظر وجهڻ کانپوءِ اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ واقعي سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ پارکو هو ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪجهه لطيف ڏنو آهي، اهو ٻئي ڪنھن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ موجوده سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج به ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي  ڪري ئي آهي.