ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون
غلام مصطفي ناھيون
پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار
ھوندا آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ
لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ
جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل
آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف
چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي
ملي سگھيون آھن سي ھيٺئين ريت آھن:
