Friday, April 20, 2012

بروو سنڌي ۾ آيل اصطلاح ۽ پهاڪا - پروفيسر مظھر علي قريشي

بروو سنڌي ۾ آيل اصطلاح

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا
پروفيسر مظھر علي قريشي
راڳ، هڪ اهم فن آهي. هيءُ فن، سڀ ڪنهن جي وس کان پري آهي. هن فن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون راڳڻيون آهن. هن کي هندستاني راڳڻيون سڏبو آهي. اهڙين راڳڻين مان ”بروو“ به هڪ اهم راڳڻي آهي. هن لفظ جي لغتي معنى آهي؛ بيمار، گهايل، مريض، هڪ قسم جو پکي، هڪ وڻ جو نالو ۽ هڪ راڳڻي جو نالو. رسالي ۾ هن جو نالو ”بروو سنڌي“ آهي. شاهه لطيف هن سُر کي نج سنڌي رنگ ڏنو آهي. هن سر جا بيت توڙي وايون، مختلف رسالن ۾ گهٽ وڌ آيل آهن. هيءُ سر جيتوڻيڪ ننڍن بيتن تي مشتمل سرن مان آهي، تڏهن به وڏي اهميت جو حامل آهي. هن سر ۾ الله سان عشق رکڻ لاءِ انسان کي سکيا ڏيڻ سان گڏ، عاشق جي بيوسي به بيان ڪيل آهي. ان کان علاوه خدا کان جدا ٿيڻ تي انساني روح جو روڄ راڙو به هن سر ۾ آندل آهي. هن سر ۾، مجازي عشق جو گهڻو بيان ڪرڻ سان گڏ حقيقي محبوب جو بيان به ڪيل آهي. شاهه لطيف، عاشق جي نياز ۽ نئڙت، معشوق جي ناز، انداز ۽ حسن کي تمام دلڪش نوعيت ۾ نروار ڪيو آهي. هن سر ۾ عشق ۾ گهائڻ ۽ عاشق کي مارڻ واري ڪم کي ڪاسائڪي ڪار سان تشبيهه ڏني وئي آهي.


مٿين ڳالهين کان سواءِ، هن سر ۾ ظاهر ڏکين رستن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي آخر ۾ روحاني راحت ۽ ترقيءَ جو باعث بڻجن ٿا. هن ۾ شرڪ ڪرڻ کان پري رهڻ ۽ صرف خدا جو ئي تابعدار ٿي رهڻ تي زور ڏنو ويو آهي. دنيا کي ڦوٽي مثل بي بقا سمجهيو ويو آهي. جنهن تي موهت ٿيڻ ۽ هميشه واري هستيءَ کان مهن موڙڻ بيوقوفي آهي.
هن سر ۾ هڪ عجيب نقطو بيان ڪيل آهي ته، جڏهن انساني جسم ۾ الاهي نور جو جزو (روح) آهي، تڏهن، انسان، ٻين سڀني کي به پيارو آهي پر، ان لافاني جزي جي پرواز ڪرڻ بعد اهو ئي انسان ڪنهن به عزيز کي نٿو وڻي، ان کي پنھنجن لتن سان لٽي ۽ لتاڙي ٿو. تنهنڪري دنيا سان وابستگي ۽ دل بستگي کان پري رهي، هميشه واري هستي سان هڪ ٿي، لازوال زندگي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. بهرحال سر ”بروو سنڌي“ ۾ عشق جو احوال آيل آهي. سموري سر جي ٻولي تمام سوادي آهي. هن ۾ مختلف تجنيسن کان علاوه لفظي تڪ بندي به پنھنجو مَٽ پاڻ آهي. ان کان سواءِ ٻين سُرن جيان هن سُر ۾ ڪيترا ئي اصطلاح به ڪم آندل آهن، جيڪي سر جي مضمون مطابق سنڌي ٻولي لاءِ بي بها خزانو پڻ آهن، جنهن مان ڪن موتين کي هتي ڪٺي ڪيو ويو آهي.
1.       آلا ڦٽ چڪڻ: ٻيهر محبت/ عشق پئدا ٿيڻ.
2.       اٺ گنگا تي هلڻ:  نفس کي مارڻ/ اندر کي اُجارڻ.
3.       ادب نه ڪرڻ: خيال/ لحاظ نه ڪرڻ.
4.       اچڻ نه لهڻ: ديدار نه ڪرائڻ، پنهنجو نه ڪرڻ/ ناراض هجڻ (اچڻ جي اجازت نه ملڻ).
5.       اکڙين سين ڪهڻ: موهت/ عاشق/ مستان ڪرڻ.
6.       اکين انڌيون لائڻ: پريشان ٿيڻ، عجب ۾ پوڻ، بيهوش ٿيڻ.
7.       اکيون نه اوڳائڻ: غافل ٿيڻ/ سستي/ موڳائي ڏيکارڻ.
8.       اکين اڃ نه لهڻ: سڪ ختم نه ٿيڻ.
9.       اڱڻ اُجرا ٿيڻ: (گهر روشن ٿيڻ) اندر ۾ روحانيت اچڻ، روحاني روشني ٿيڻ.
10.   الڙ نه ٿيڻ: نادان/ اڻواقف، ڪچو نه ٿيڻ، بي سمجهه نه بڻجڻ.
11.   الڙ هجڻ: اڻ واقف/ بي سمجهه/ ڪچو هجڻ.
12.   انگ انگڻ: زخم ڏيڻ/ زخم ٿيڻ.
13.   انگڙا وڍڻ: تڪليفون ڏيڻ/ موهت ڪرڻ.
14.   ادائي مَ اجهڻ: بي فائدو نه گهمڻ/ نه ڳولڻ.
15.   اوطاقون ڪري رهڻ: گهر ڪرڻ/ هر وقت ياد رهڻ.
16.   اندر آهيرا ڪرڻ: سڪون ملڻ/ گهر ڪرڻ/ گهڻي سڪ هجڻ.
17.   آڳهه هجڻ: مددگار/ ڀرجهلو هجڻ، تڪيو/ سونهون هجڻ.
18.   بوندون بس نه ڪرڻ: ڳوڙهن جو ختم نه ٿيڻ/ نه بيهڻ.
19.   بسم الله چوڻ: کيڪارڻ/ ڀليڪار/ آڌر ڀاءُ ڪرڻ/ عزت ڏيڻ.
20.   ٻانهن ٻيلي ٿيڻ: مددگار ٿيڻ.
21.   ٻيلي ٿيڻ: نوڪر/ خدمتگار ٿيڻ.
22.   ٻانهن ڏنڀڻ: علاج ڪرڻ/ پنهنجو غلام بنائڻ.
23.   توه تسي ڪرڻ: (راضي ٿي مهرباني ڪرڻ) نوازش/ ڀلائي/ بخشش ڪرڻ.
24.   ڀر ڀنجوءَ ويهڻ: قبر ويجهو ٿيڻ، مرڻ کي پهچڻ.
25.   پاڻ سڏڻ: راضي ٿيڻ/ مهرباني ڪرڻ.
26.   پاڻ ڪڍي وڃڻ: جدائي ڪرڻ/ جند ڇڏائڻ/ پري ٿي وڃڻ.
27.   پاڻ ۾ پرت وٽڻ: محبت جون ڳالهيون ڪرڻ/ حال اورڻ/ محبت ورهائڻ (پاڻ ۾).
28.   پاڙو پري ڪرڻ: لحاظ نه رکڻ/ جدا ڪرڻ.
29.   پاڙو ڌار ڪرڻ: پاڙو پري ڪرڻ/ جدا رهڻ.
30.   پار لنگهڻ: ڪاميابي/ مقصد حاصل ڪرڻ/ منزل ماڻڻ.
31.   پريان ڏي لڳڻ: محبوب سان هڪ ٿيڻ/ پرينءَ سان جڪڙجڻ.
32.   پر ۾ پوڄائون ڪرڻ: لڪي عبادت ڪرڻ/ پنهنجي منهن ڳجهه ۾ ياد ڪرڻ.
33.   پراڻ پَرَ-وَسِ ٿيڻ: ساهه پرائي وس ٿيڻ/ دل ۾ دل هجڻ.
34.   پنبڻيون پيرين ڌرڻ: گهڻي عزت ڏيڻ/ گهڻو آڌر ڀاءُ ڪرڻ/ وڏي محبت ظاهر ڪرڻ/ قربان ٿيڻ.
35.   پوءِ نه پڇڻ: سار نه لهڻ/ سنڀال نه ڪرڻ.
36.   پورو هجڻ: ڊول/ سڱن جو پيچ هجڻ.
37.   پوريو ڏيڻ: بند ڪرڻ.
38.   ڄاڃي ماڃي موٽڻ: (سپني جو واپس اچڻ) عام ماڻهن جو واپس ٿيڻ.
39.   جوڙ جڙڻ: ڀاڳ ورڻ/ بخت ٿيڻ.
40.   چاڪ چورڻ: سور جاڳائڻ/ زخم اٿلائڻ/ محبت جاڳائڻ.
41.   چاڪ چوري ڏسڻ: موهت ڪرڻ/ سُتا سور جاڳائڻ.
42.   چت چورڻ: موهت ڪرڻ.
43.   چت چڙهڻ: ياد پوڻ/ دل تي اچڻ.
44.   جيءُ جڙڻ: سوگهو ڪرڻ/ محبت ڏيڻ، ڳنڍڻ/ قابو ڪرڻ.
45.   چڪڻ مان چاڙهڻ: مشڪلات مان ڪڍڻ/ مصيبت/ آزمائش مان ڪامياب ڪرڻ.
46.   ڇپر ڇاتي ساڻ هجڻ/ لڳڻ: گهڻو غم/ درد هجڻ/ سهڻ.
47.   حرف نه ڪڇڻ: نه ڳالهائڻ/ خاموش رهڻ.
48.   ڇن ڇڏڻ: هڪ ساعت پري نه رهڻ.
49.   خواب ۾ نوش ڪرڻ: پلڪ لاءِ ديدار ڪرائڻ.
50.   در دوس جا کلڻ: مهربان ٿيڻ، ديدار ڪرائڻ.
51.   دل سين وراڪو هجڻ: محبت جو پيچ هجڻ، گهڻي محبت/ گڏ/ مليل هجڻ.
52.   دور دل جا سڻائڻ: ڏک/ غم ٻڌائڻ.
53.   ڌڻيان ڌار هجڻ: پرينءَ کان پري هجڻ/ اڪيلو هجڻ/ خدا کان پري رهڻ.
54.   ڏاڍيين ڏونگرين چڙهڻ: ڏکن ۾ رهڻ/ تڪليفن ۾ پوڻ/ مشڪلات ۾ پوڻ.
55.   ڏيج ڏيڻ: انعام/ دان/ بخششون ڏيڻ/ راضي ٿيڻ.
56.   ڍلايون ڪرڻ: ڪوتاهيون ڪرڻ.
57.   ڍلايون ڍڪڻ: عيب/ ڪوتاهيون ڍڪڻ/ پردو رکڻ.
58.   ڍلايون هجڻ: بڇڙايون هجڻ.
59.   راهه ڏسڻ: انتظار/ اوسيئڙي ۾ رهڻ.
60.   راهه رند چمڻ: گهڻي محبت ڏيکارڻ/ سڪ ظاهر ڪرڻ.
61.   رتيءَ رت نه سنجرڻ: ساهه نه هجڻ/ ساڄو نه ٿيڻ.
62.   روح ريلو ڏيڻ: دل جو گهرڻ/ دل جي ڪشش هجڻ.
63.   ساڃاءَ ٿيڻ: سڃاڻپ/ واقفيت/ ادب ٿيڻ/ ملاقات ٿيڻ.
64.   سانگ سڌارڻ: پرديس/ سفر تي وڃڻ/ جدائي ڪرڻ.
65.   سانگهيڙا ڪرڻ: گهر/ سوراخ ڪرڻ، ٿئڻ/ زخم ڏيڻ.
66.   سامهون سور هجڻ: درد/ ڏک هجڻ.
67.   سپاهي هجڻ: محافظ/ جان نثار/ نوڪر هجڻ.
68.   سِر هجڻ: نصيب ۾ هجڻ (مٿي تي هجڻ).
69.   سرهائي لائڻ: خوشي ڏيڻ.
70.   سلهاڙي ڇڏڻ: قابو ڪرڻ/ ٻڌڻ (پاڻ سان لائڻ).
71.   سنئون نهارڻ: مهرباني ڪرڻ (سڌو ڏسڻ، ٻئي ڏي نه ڏسڻ).
72.   سوٽيءَ پر هجڻ: عذاب/ سور/ تڪليف ڏيڻ.
73.   سوڙهي ڀون هجڻ: تمام تڪليف/ سوڙهي زمين/ پل صراط هجڻ.
74.   سڪ ساءِ هجڻ: عشق جو سوز هجڻ/ محبت جو مچ هجڻ.
75.   طاقيون ڏيڻ: بند ڪرڻ/ ديدار نه ڪرائڻ/ مهرباني نه ڪرڻ.
76.   طمع پوڻ: تمنا/ اميد هجڻ/ ضرورت پوڻ.
77.   في الحال فدا ڪرڻ: (يڪدم قربان ڪرڻ) محبت ظاهر ڪرڻ.
78.   قال قيل نه هجڻ: گفتگو/ ڳالهائڻ نه هجڻ/ بحث مباحثو نه هجڻ/ دل سان مڃڻ.
79.   قرينو حاصل ٿيڻ: محبت/ قرب ملڻ/ پيار/ ڀلائي ملڻ.
80.   قزاقي ڪرڻ: (ڌاڙو، ڦرمار ڪرڻ)، ظلم/ ڏاڍ ڏيکارڻ ڪرڻ.
81.   قول ڪرڻ: اقرار/ وعدو ڪرڻ.
82.   ڪاسائڪي ڪار سکڻ: قاتل/ بي رحم/ سنگدل بڻجڻ.
83.   ڪچي تند ۾ ٻڌڻ: محبت/ عشق ۾ قابو ڪرڻ.
84.   ڪڏهين نه سنڀرجڻ: (هرگز ياد نه پوڻ) محبت نه ڏيکارڻ/ پيار نه هجڻ.
85.   ڪرنگل ڇڏڻ: بوتو رهڻ/ بت جو بچڻ.
86.   ڪڙو ڪڙي منجهه لپيٽڻ: ملائي ڇڏڻ/ سوگهو ڪرڻ/ قابو ڪرڻ.
87.   ڪنجڪ وٺڻ: سهارو/ آڌار وٺڻ/ نوڪر ٿيڻ/ خدمت ڪرڻ.
88.   ڪنڍيءَ پور هجڻ: ڳنڍيل/ مليل/ هڪ هجڻ.
89.   ڪنڌ ورائڻ: نه ڏسڻ/ منهن ڦيرائڻ.
90.   ڪوٺيو نيڻ: راضي ٿيڻ/ خوش هجڻ.
91.   ڪوڏر ۽ ڪاني هجڻ: موت هجڻ (موت جو سامان هجڻ).
92.   ڪوسا نه ٿيڻ: نه ڪاوڙجڻ.
93.   ڪهي هلڻ: موهت ڪرڻ/ عشق جي آڳ ۾ اڇلائڻ.
94.   کرن کي کيڪارڻ: بڇڙن سان محبت ڪرڻ/ پسند ڪرڻ.
95.   کوڙڻ: ڏسڻ/ مهرباني ڪرڻ (بيهارڻ)
96.   کوڙي نه کڻڻ: ڀلائي/ مهرباني نه ڪرڻ/ منهن موڙڻ.
97.   کلي گهائڻ: موهت/ مبتلا ڪرڻ.
98.   گڏ گوڏي وهڻ: ملڻ/ مهرباني ڪرڻ.
99.   گجهاندر ڳرهڻ: راز سلڻ/ ملاقات ڪرائڻ/ اندر جا احوال اورڻ.
100.            لامون کوڙڻ: اثر ڏيکارڻ/ آسرو ڏيڻ/ پناهه ڏيڻ/ گهر ڪرڻ.
101.            لائي وڃڻ: مستان/ موهت ڪرڻ/ عاشق بنائڻ.
102.            لانگ ورائڻ: روانو ٿيڻ/ تڪڙو وڃڻ.
103.            لاتيون ڪرڻ: عرض/ وينتي ڪرڻ.
104.            لسندي لاتيون ڪرڻ: درد ۾ دانهون/ عرض ڪرڻ.
105.            لکئي لامون کوڙڻ: انگ پورو ٿيڻ/ اثر ڏيکارڻ/ قسمت جو نتيجو ملڻ.
106.            لڳڻ: عشق/ محبت ٿيڻ.
107.            لوڙهه لٽڻ: پورڻ/ قبر ٺاهڻ.
108.            لٽي لوڙهه جوڙڻ: قبر ٺاهڻ/ محفوظ ڪرڻ.
109.            لوڪ لباس هجڻ: دولاب/ ظاهري نمونو هجڻ.
110.            لڪن مٿان نيڻ: ڏکن مان ڪڍڻ/ ڏکن ۾ وجهڻ.
111.            ماس ورهائي هلڻ: دل قابو ڪرڻ.
112.            مانجهي منجهائڻ: بھادرن کي حيرت ۾ وجهڻ/ سياڻن کي لاجواب ڪرڻ.
113.            ماس کائڻ: قاتل/ دشمن هجڻ/ چريو ٿيڻ.
114.            ماڻهوءَ-ماس کائڻ: دشمن هجڻ.
115.            مٽائي ماٺو ڪرڻ: گهٽ ڪرڻ/ ختم ڪرڻ.
116.            محڪم موڙ ڏيڻ: تڙڻ/ ڦيرو/ مهٽ ڏيڻ/ ايذاءُ ڏيڻ.
117.            موٽيو نه پڇڻ: جاچ نه لهڻ/ سنڀال نه ڪرڻ/ مهرباني نه ڪرڻ.
118.            ماڙي سين مارڻ: عذاب/ ايذاءَ ڏيڻ.
119.            مذڪور ڪرڻ: (ڳالهيون ڪرڻ) يادگيري/ احوال ڪرڻ/ ملڻ/ مهرباني ڪرڻ.
120.            ميڙو ڪرڻ: ملاقات ٿيڻ/ ملائڻ/ ملڻ.
121.            نام نهال ڪرڻ: خوش ڪرڻ/ سرخرو/ سرهو ڪرڻ.
122.            نائي نم ڪرڻ: آلا ڪرڻ/ پسائڻ/ گهڻو روئڻ.
123.            نجهرو اڏڻ: پناهه ڏيڻ/ پردو رکڻ.
124.            واٽهڙن وائي نه آڇڻ: عام کي نه ٻڌائڻ/ ظاهر نه ڪرڻ.
125.            وار وڇائڻ: قربان وڃن/ گهڻو خوش ٿيڻ/ محبت ڏيکارڻ.
126.            واس رهڻ: سٺين ڳالهين جو رهڻ/ بچڻ.
127.            واڳ وارڻ: ملائڻ/ مهرباني ڪري اچڻ.
128.            وائي وات نه ڪرڻ: تڪرار نه ڪرڻ.
129.            وراڪو هجڻ: محبت/ پيچ/ پناهه/ ڍڪ هجڻ.
130.            وس وصال کي ڪرڻ: حيلا ڪرڻ.
131.            ونيءَ ور ڏيڻ: مالڪيءَ وارو ڪرڻ/ ڍڪ/ پناهه ڏيڻ.
132.            وهم وڪوڙڻ: وسوسن ۾ پوڻ.
133.            واهه ڏسڻ: رستو ڏسڻ/ انتظار ڪرڻ.
134.            وير نه وسرڻ: دل تان نه لاهڻ.
135.            هٿ ٻڌڻ: آزي/ نئڙت ڪرڻ/ ادب ڪرڻ/ منٿ ڪرڻ.
136.            هٿ ڪرڻ: قبضي ۾ آڻڻ/ حاضر/ حاصل ڪرڻ/ ڳولڻ.
137.            هٿڙا ڏيڻ: مدد/ ٽيڪ ڏيڻ/ وچن ڏيڻ.
138.            هٿيڪو ڪرڻ: قابو ڪرڻ/ آس ٻڌڻ.
139.            هڪ دل هجڻ: سچو هجڻ/ صاف دل هجڻ.
140.            هونگ نه هون هجڻ: ڪجهه به نه هجڻ، اڪيلي قبر جو هجڻ.
141.            هڻڻ: فڪر ڪرڻ/ سمجهڻ.
142.            هيڏانهن هوڏانهن هجڻ: حاضر/ موجود/ هر شيءِ ۾ هجڻ.
143.            هيڏيون ڪرڻ: وڏا ظلم/ جٺيون ڪرڻ.
144.            هيڪڙو حرف پڇڻ: خد اجو پڇڻ/ سچو طالب هجڻ.
145.            سوکو هجڻ: فرحت/ سڪون ۾ هجڻ.
146.            پيچ وجهڻ: محبت ۾ سوگهو ڪرڻ/ محبت ڪرڻ/ قابو ڪرڻ.
147.            ڀرون ڀؤنر ڀالا هجڻ: تمام سهڻو/ موهت ڪندڙ هجڻ.
148.            وسئين ۾ وجهڻ: پار پهچائڻ/ منزل تي آڻڻ.
149.            کٽ ڏيڻ: مان/ عزت ڏيڻ/ جام/ پيالو ڏيڻ.
150.            نير وهائڻ: گهڻو روئڻ/ ڳوڙها ڳاڙڻ.
151.          ياڪي ٿيڻ: جدا/ ڪڪ/ ڦريل ٿيڻ/ ناراض هجڻ.
(ماھوار نئين زندگي اپريل ۱۹۹۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment