Monday, April 16, 2012

ڪجهه دلچسپ اصطلاح ۽ پھاڪا - غلام قادر سومرو


ڪجهه دلچسپ اصطلاح ۽ پھاڪا
غلام قادر سومرو
”ڍؤنگل“
تحقيق مان پتو پوي ٿو ته ”ڍؤنگل ڍارڻ“ يا ”ڍؤنگل هڻڻ“ جي معنى ”ويڪون ڪڍڻ يا عيب ويچارڻ، طعني زني ڪرڻ، چرچو يا چٿر ڪرڻ ڊاڙ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻڻ“ آهي.
”ڍؤنگل“ کي ڍاري وانگر اهڙيءَ طرح اڇلايو ويندو آهي جو ڪامياب تير وانگر پنھنجي نشاني تي پوريءَ طرح وڃي لڳندو آهي.
ڍؤنگل هڻندڙ يا ڍؤنگل ڍاريندڙ کي ”ڍؤنگلائي“ يا ”ڍؤنگلي“ چوندا آهن. ”ڍؤنگل“ اڇلائڻ اهڙو آهي جھڙو ککر ۾ کڙو هڻڻ. کڙو هڻي، ستل ڏينڀن کي جاڳائي، چيڙائي، مڇرائڻ مان ڌرين کي ڏنگ لڳڻ جا امڪان ئي ٿي سگهن ٿا.
”ڍؤنگل“ تائيندڙ، تپائيندڙ، ٽاهه ڏيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ لفظن جا اڍنگا اظھار آهن.


”ڍؤنگل“ ۾ هڪ قسم جو لفظي زهر ڀريل هوندو آهي، جو ڪچھريءَ کي ڏنگي وجهندو آهي. ڍؤنگل جي ڏنگ جو اثر اهڙو شديد هوندو آهي جھڙو ڏينڀن جي ڏنگن جو، جنھن جو ڏنگيل، ”ڍؤنگلائي“ کي، هڪ زهريلي بلا سمجهي ان تي جوابي وار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.
”ڍؤنگل“ جي زهر جو اثر اذيت بنجي هڪدم دل تي اثر ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ ذهن کي خراب ڪري ٿو. ڍؤنگل هڪ انتھائي اڻسھائيندڙ گفتو آهي جو حملي ٿيندڙ تي نشتر وارو ڪم ڏئي ٿو.
ڍؤنگل جو ڌڪ ڇاڙپ وانگر آهي، جو جنھن ڏي اڇلايو وڃي، تنھن کي ڪياڙيءَ ۾ وڃيو ٺڪاءُ ڪري. ڍؤنگل جو ڌڪ ”ڪياڙي ڪٽائي وهڻ“ جھڙو اوچتو لفظي ڌوڙيو آهي.
ڍؤنگل بيھوده بڪواس ۽ بي تڪي ٻولي کي چئجي جنھن جي بڪڻ سان ڪچھريءَ وارا ”ڍؤنگلائي“ کي، ٻوٿ ٻڌڻ لاءِ چوندا آهن؛ ”هاڻي ماٺ ڪري ويهه، يا ڍڪجي ويهه، ڍؤنگل نه ڍار!“
”ڍؤنگل“ پنھنجي پر ۾ ڍؤنگلائيءَ جي اهڙي اڻوڻندڙ راءِ آهي جنھن کي هو انتھائي شديد انداز ۾، بنا رک رکاءَ جي، ڪنھن جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ، ڦھڪائي ڏيندو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ ڳالهه مان وڌي ممڻ مچي پوي ٿو ۽ ان جي رد عمل ۾ ڍؤنگلائي لاءِ نفرت جي باهه ٻريو وڃي.
ڍيڪ ۽ ڍؤنگل جي ڏنگ جا چڪيل، ڍيڪر ۽ ڍؤنگلائي کي ”چڪر ڪتي“ سان ڀيٽ ڏيڻ کان به نه رهندا آهن.
”ڍؤنگل“ جو اگرو اثر، بي وقتي موري کائڻ جھڙو آهي، جنھن ۾ کٽي کاري اوڳرائي جي ڍونڍ جھڙي ڌپ کان، ٻڌندڙ نڪ بند ڪيو ڇڏي ۽ چڙ مان باهه بنجيو وڃي.
انسان جڏهن شدت جذبات کان مجبور هوندو آهي، تڏهن پنھنجي جذبات جو اظھار ڪرڻ چاهيندو آهي. ان کي جيڪڏهن اظھار راءِ جو ڪو نه موقعو ملندو آهي ته هو ان کي آشڪار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پنھنجي نقطه نظر کي ٻين تائين پھچائڻ لاءِ، ڪو ٻڌي چاهي نه ٻڌي، پنھنجي راءِ کي ٻين تي ڦھڪائي ڏيندو آهي. اهڙي ڇوهه مان نڪتل جذبن جي ناگزير اظھار کي ڍيڪ ۽ ڍؤنگل ۾ شامل سمجهڻ گهرجي.
ڍيڪ ۽ ڍؤنگل جو موازنو:
”ڍيڪ ۽ ڍونگل“ ٻنھي جو اسلوب يا انداز جارحانه (اڳرائي جھڙو) هوندو آهي. سنڌي زبان ۾ ڪيترا ئي اهڙا اصطلاح ۽ پھاڪا، چوڻيون، قول، گفتا ۽ ٻول موجود آهن، جن کي ”ڍيڪ ڏيڻ“ يا ”ڍؤنگل هڻڻ“ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
اصطلاح يا ورجيسون، پھاڪا يا چوڻيون صدين جي آزمودن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهن. بيباڪ ۽ اڇھري انداز ۾ آيل اصطلاح ۽ پھاڪا، ”ڍيڪ ۽ ڍؤنگل“ جي دائري ۾ شامل سمجهڻ گهرجن. اهي گفتگوءَ جي ادائگي ۾ شدت پيدا ڪن ٿا ۽ پنھنجي Context ۾ ”تير به هدف“ سمجهڻ گهرجي.
ڍيڪر ۽ ڍؤنگلائي جي پوزيشن الڳ ۽ معاشري جي ڌڪاريل فرد جھڙي هوندي آهي، جنھن کي ڏسڻ به پسند نه ڪيو ويندو آهي. ”ابا اجهو آئي مصيبت!!“
”ڍيڪر“ يا ”ڍؤنگلائي“ لاءِ عمر يا رنگ روپ يا علم  جي پابندي نه هوندي آهي. ڪو به ماڻهو خاص ڪري جڏهن ماحول ۽ حالت سان ٺاهه نه ڪري سگهندو آهي ته پاڻ وڻائڻ ۽ پنھنجي اهميت کي مڃرائڻ لاءِ اهڙيون اڻسيباڻيون ۽ اڻسيبتيون ڳالهيون ڪري ٻين کي ڪاوڙائي، معاملو مچائي وجهندو آهي.
”ڍيڪ ۽ ڍؤنگل“ اڻوڻندڙ هوندي به حقيقت جي رنگ سان رڱيل هوندا آهن ۽ انھن کي ”چريو چئي، سياڻو ويچاري“ وانگر هيئين سان هنڊائي منجهن موجود حقيقتن تائين پھچڻ گهرجي.
ڳالهه کڻي ڪيترو به سچي هجي پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز جيڪڏهن اڍنگو آهي ته اهو ڍيڪ ۽ ڍؤنگل جھڙو يقيناً اڻوڻندڙ ۽ ڌڪار جوڳو ٿي پوندو. مطلب هي ٿيو ته لفظن جي اڍنگي ۽ اڙٻنگ ادائگي کي، پوءِ اها ڪنھن گفتي، قول، اصطلاح، پھاڪي يا چوڻيءَ جي صورت ۾ ڇو نه هجي، ڍيڪ ۽ ڍؤنگل ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ڍيڪ ۽ ڍؤنگل کڻي ڪيترو به شديد ۽ اڻ ٽر ۽ اڻوڻندڙ ڇو نه هجن، پر اهي ڦاٽوڙي دهل وانگيان واڄٽ ڪڍائي، وڄندڙ ۽ ڪڙڪاٽ ڪڍائيندڙ، اهڙيون حقيقتون آهن جن جي بيباڪيءَ کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. البت انھن زهريلين حقيقتن کان بچڻ لاءِ سڀ ڪو ڪوشش ڪندو آهي پر باوجود جان ڇڏائڻ جي، جيترو ڦٿڪندو اوترو ڦاسندو ويندو آهي.
ڍيڪ ۽ ڍؤنگل جو ڏنگ؛ ”ڌڪ لڳو، مڙس مئو، وٺ ته ماني کائون“ وانگر زور اثر هوندو آهي.
اسان وٽ ڍؤنگلن ۽ ڍيڪن جو ڪو به باقاعده تحريري رڪارڊ موجود نه آهي پر اهي پھاڪا ۽ اصطلاح وغيره جيڪي ڇپجي چڪا آهن يا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به مروج ۽ مقبول آهن، تن مان ڳپل حصي ۾ ڪي اهڙا به آهن، جيڪي ڍيڪ ۽ ڍؤنگل طور اڪثر ڪم ايندا رهن ٿا.
مٿئين بحث مان ثابت ٿيو ته ڍيڪ ۽ ڍؤنگل، اڻوڻندڙ ۽ اڻ سھائيندڙ ٻولن جي باوجود حقيقت جا پيش خيما آهن، جن کان نفرت ڪرڻ جي بجاءِ انھن جي لفاظي ۽ لفظن جي بي محل ۽ بي موقعي ادائگي کي جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي انساني ڪاروبار ۾ سچ کي ڪھڙي نه بيباڪ ۽ بي ڊپي انداز ۾ پيش ڪن ٿا.

No comments:

Post a Comment