وتايو فقير
امر خورشيد شاھ
سچ چوڻ به ڏکيو آهي ۽ سچ سهڻ به ڏکيو... سچ جن چيو تن جي تاريخ ۾ ئي ڌار فهرست لکجي
وئي. جنهن کي وقت جي ڪا به تبديلي مٽائي نه سگهي. هونئن به سچ جي ڪڙاڻ برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه
ناهي هوندي. پر چوڻ وارا به
شاهه جي هن سٽ وانگر ته ”سورهيه
مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار“
سڀ لاڳاپا لاهي سچ جون ڪاتيون تکيون ڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن لطيف سائين جي هيءَ
سٽ ته ”چنڊ چوانءِ سچ جي مٺيان
مور نه ڀانئين“ سو سچ تي ته ڪهڙو به
آسمان جو چنڊ هجي، مٺيان ته اوس لڳنديس. پر سچ چوڻ وارن جي چڱي خاصي لسٽ ۾ شمار
ٿيندڙ وتايو فقير به هو، جنهن سدائين سچ ٻوليو پر منفرد انداز سان... سندس قول ٻول
ڪي سالڪ سمجهندا هئا، باقي اسان پارن لاءِ ويچارو وتوُ فقير چريو يا چرچائي هو.
هونئن ته اسين ‘وقت ۽ بخت
جا رنگ’ ڏسي، گهڻو خاموش رهندا
آهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪردار ڏسي اها ڊگهي خاموشي ٽٽي به پوندي آهي ۽ اسين
وتايا ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وتائي کان به اڳرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر
پوءِ نڌڻڪائيءَ تي ترس کائي، ‘مٺي
به ماٺ ته مٺي به ماٺ’
واري اصول جا پوئلڳ ٿي، ‘چپن
کي چونو هڻي’ پيا هلندا آهيون. ان
لاءِ ته اسين وتايا ته ٿي سگهون ٿا پر فقير ڪڏهن به نه. ان ڪري ‘جنهن جو جهڙو وڙ، سو ڀلي پيو ورڇي، ورهائي’. خاموش ئي رهڻو پئي ٿو.
منهنجي خيال ۾، سچ ڳالهائڻ سڀ کان مشڪل ڪم آهي ۽ سچ سهڻ ان کان به
وڌيڪ مشڪل آهي. ان لاءِ رڳو وتايو نه پر فقير ٿيڻ ضروري آهي. جي رڳو وتايا ٿياسين
ته مارجي وينداسين. ان لاءِ جو اسان جي پٺيان گهر تڙ آهي، ٻار ٻچڙا آهن. جي سچ جو
ٺيڪو کڻي نڪتاسين ته سمجهه ‘جهڳو
ئي جهڻ’. هونئن ‘اکين وارا’ آهيون، سو آهيون وتائي واري ڳالهه، ‘چريا کريا پر سمجهون سڀ ڪجهه’. گلا خوري ۽
پاڻ پڏائڻ به، وڏو فن آهي.
بس جيڪو اهو فن ڄاڻي، تنهن تان سڀ ڪجهه معاف. اصل تارن ۾ چنڊ. پوءِ ڪير آهي جو ان
جي اعليٰ شان ۾، گستاخيءَ جي همت ڪري ۽ جيڪو اهو سڀ ڪجهه نٿو ڄاڻي، سو ‘نار جو ڍڳو’ آهي، جيڪو وهي به سڄو ڏينهن، پوءِ
به منجهس الاهي سارا عيب. سڄي زندگي اتي جو اتي. ڏوهه وري ويچاري قسمت جو. هاڻ ڪير سمجهائي اسان پارن کي ته قسمت جون
به ته ڪجهه گهرجون هونديون آهن. پر اسين اجايو وتائي ٿيڻ جا شوقين، ڪٿي ٿا انهن
گهرجن تي پورا لهون. جڏهن ته اسين ڄاڻون به ٿا ته اسين ڪجهه به ڪريون، وتايو ته ٿي
سگهون ٿا، فقير ڪڏهن به نه. ان ڪري اسان کي سچ چوڻ واريون خواهشون ختم ڪري ڇڏڻ
گهرجن. ڇو جو اسان کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي خواهش آهي. وتايو ته انهيءَ سڄي جهنجهٽ
کان آزاد هو. جڏهن ته اسان کي هر وقت، فيشن، ضرورت آهر لباس، پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني،
ٻچڙن جي مٿي تي ڇت جي ڇانوَ به... پوءِ به اسين چئون ٿا ته چونداسين سچ... ان ڪري
انهيءَ فڪر ۾ آهيون ته سچل سائين جيئن ”ڪڇان ته ڪافر“
واري قول تي عمل ڪريون يا ڪنهن شاعر جي هنن سٽن تي ته:
هرگز تجهي سجتا نهين سردار ڪا منصب،
ننگي ڀي ڪئي سر تيري دستار ڪي پيچهي.
ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ۾ ماسي بچلان پنجاهه سٺ سالن جي عورت اڃا تائين ياد
ايندي آهي، جنهن کي ايندو ڏسي ٻين عورتن جي چهري تي الاءِ ڇو گهنج پئجي ويندا هئا.
ڪو ساڻس سنئين منهن نه ڳالهائيندو هو ۽ هوءَ به پنهنجي منهن پئي وڦلندي هئي. سندس
چپن تي تڪيه ڪلام هوندو هو ته ”ڪڇون
ٿا ته مرون ٿا“ وڏو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن
ويجهڙائيءَ کان ويهي سندس ڳالهيون ٻڌيوسين ته سمجهه ۾ اچي ويون ته ماسي بچلان به
وتائي واري واٽ جي پانڌياڻي هئي ۽ انهن ئي پرڪارن جي ڪري پاڙي اوڙي وارن کيس
پاسيرو رکيو هو.
حڪومتون به ڪيترن ئي بحرانن جي سچاين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ھٿ پير ھڻن ٿيون. جڏھن ته سچ جا ٻول پڌرا ڪندڙ همراهه، ملڪ ۽ قوم خاطر، سچ اوڳاڇڻ ۾ ٽنڊي الهيار جي مٽيءَ واري وتائي کان گھڻا منفرد آھن. سچائيءَ جو ليبل پنهنجي نالن تي هڻائڻ جا شوقين اهي وتايا، ويڪائو به آھن ته ڊڄڻا به. جڏھن ته ٽنڊو الھيار وارو وتايو فقير، نه سيڪيورٽي جو مطالبو ڪندو هو ۽ نه وري ڪنهن ٽي وي پروگرام جو محتاج هو. جيڪي چوڻو هوندو هئس، سو بيباڪيءَ سان، هر هنڌ چئي ڏيندو هو. هن دؤر ۾، وتائي جي نه پر وتائي فقير جي ضرورت شدت سان محسوس ٿئي ٿي.
No comments:
Post a Comment