Showing posts with label وتايو فقير - امر خورشيد شاھ، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts
Showing posts with label وتايو فقير - امر خورشيد شاھ، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts

Monday, September 10, 2012

وتايو فقير - امر خورشيد شاھ

وتايو فقير

امر خورشيد شاھ



سچ چوڻ به ڏکيو آهي ۽ سچ سهڻ به ڏکيو... سچ جن چيو تن جي تاريخ ۾ ئي ڌار فهرست لکجي وئي. جنهن کي وقت جي ڪا به تبديلي مٽائي نه سگهي. هونئن به سچ جي ڪڙاڻ برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. پر چوڻ وارا به شاهه جي هن سٽ وانگر ته ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار“ سڀ لاڳاپا لاهي سچ جون ڪاتيون تکيون ڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن لطيف سائين جي هيءَ سٽ ته ”چنڊ چوانءِ سچ جي مٺيان مور نه ڀانئين“ سو سچ تي ته ڪهڙو به آسمان جو چنڊ هجي، مٺيان ته اوس لڳنديس. پر سچ چوڻ وارن جي چڱي خاصي لسٽ ۾ شمار ٿيندڙ وتايو فقير به هو، جنهن سدائين سچ ٻوليو پر منفرد انداز سان... سندس قول ٻول ڪي سالڪ سمجهندا هئا، باقي اسان پارن لاءِ ويچارو وتوُ فقير چريو يا چرچائي هو. هونئن ته اسين ‘وقت ۽ بخت جا رنگ’ ڏسي، گهڻو خاموش رهندا آهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪردار ڏسي اها ڊگهي خاموشي ٽٽي به پوندي آهي ۽ اسين وتايا ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وتائي کان به اڳرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر پوءِ نڌڻڪائيءَ تي ترس کائي، ‘مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ’ واري اصول جا پوئلڳ ٿي، ‘چپن کي چونو هڻي’ پيا هلندا آهيون. ان لاءِ ته اسين وتايا ته ٿي سگهون ٿا پر فقير ڪڏهن به نه. ان ڪري ‘جنهن جو جهڙو وڙ، سو ڀلي پيو ورڇي، ورهائي’. خاموش ئي رهڻو پئي ٿو.