پھاڪن جي پيڙھ
ارشاد ڪاغذي
بلڪل صحيح آهي ته، آهي اسان جو يار، پر جوڙ
سڄي جڳ سان جڙيل اٿس. ٻار کان ٻڍي تائين ۽ ٻڍي کان لاش تائين، لِڇ سڀ سان لڳندي
ايندي اٿس.
همراھ جي جوڙجڪ به نرالي آهي. ٽنگون مولانا
آزاد جهڙيون، ڌڙ ضمير جعفري جهڙو ۽ ٻوٿ اڪبر الھ آباديءَ وانگر. جيڪڏهن منهن تي
ٻئي هٿ رکي ويهندو ته سراسر سردار پٽيل پيو لڳندو ۽ جيڪڏهن مٿي سان وال ڪپڙي جو
ٻڌندو ته اڪالي دل جي ڏک ڏيندو. ڳالهائيندو ته علامه چرڪين کي به شھ ڏيئي ڇڏيندو.
حقيقت اها آهي ته سندس اظهار جي آزادي يا
چئجي ڇڙواڳيءَ جو هڪڙو ئي سبب آهي. اُهو اِهو ته اصطلاح ۽ پهاڪا پڪا ڪري پيو پخ
هڻندو ۽ پنهنجي ڳالهين ۾ سڌي اڻ سڌيءَ طرح اهو جتائيندو ته پاڻ عالمن جو آفتاب ۽
جاهلن جو ماهتاب آهي. آهي به عالمن جو آفتاب.
ڇاڪاڻ جو مدرسي کان مسيت تائين، ملا جي ڊڪ
جيان پنهنجو تسلسل ننڍپڻ کان جواني تائين، برقرار رکندو آيو آهي. اها ڊڪ، رڳو ڊوڙ
تائين ئي محدود رهيس. نه دوايو ڏٺائين نه ڪريما به بخشاءِ برحال ما جو ڪو پنو
پڙهيائين ۽ نه وري ڪڏھن ڪو ڪنز قدوري سان پالو پيس.
هاڻي کوھ جي تري ۾ ويهي، اڀ جي ڪڇ ٿو ڪري
ٻڌائي. ان ڪڇ ماپ ۽ ونڊ ورڇ سبب اڳي استاد وڏو سڏبو هو، پر هاڻي چونس ٿا انجنيئر.
ڀلو ٿئي انگريزن جو جن اسان وٽ اچي اُٺ کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو ۽ نوان لفظ اسان کي
سيکاري ويا ته آخوندن کي پروفيسر چئو ۽ رازي يا مستري وڏي کي انجنيئر چئو. هاڻي
جيڪي ناليون صاف ڪرائين، تن کي چئبو جمعدار. جي انگريز چون ته ان کي به انجنيئر
چئو ته چئبو ضرور. جو انهن جي راڄ ۾ ٿا رهون، هن همراھ کي ته مان پاڻ گٽر مان گند
ڪڍائيندي ڏٺو.
ان اکين ڏٺي احوال لاءِ ساک کڻڻ لاءِ به
تيار آهيان. لنوايان رڳو ان کان ٿو ته چار پڙهيل هن سان گڏ هوندا آهن. جن جي ٽيڪ
تي هو ٽانءِ آهي نه ته مان به ڪيانس اهڙي جهڙيءَ جي هو لائق آهي. پوءِ ڀلي هزار
پهاڪا پڪا ڪري يا اصطلاح اٿلائي اچي.
وڏو ويل ته اهو آهي ته همراھ مسلمان آهي ۽
هر ڳالھ جي الاتوهار آدم کان ٿو ڪري. چوي ٿو ته اصطلاح به آدم جي وجود کان ٿا شروع
ٿين ته پهاڪن جي سڀيتا به ان ئي ڪئي آهي. ان تي ئي ڳت ڏيئي بيٺو آهي. ته آدم! آدم
!!
ڀائي! ڪهڙي مهل يا معاملي تي آدم حوا کي اصطلاح
ٻڌايا يا پهاڪا؟ ته هڪدم ورندي ڏيندي چوندو.
آدم حوا کي چيو هو ته؛ اهو سون ئي گهوريو،
جو ڪن ڇني. يا، ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي!.
مطلب ته واعظ وري اهڙو ڪندو جو حاضرين مجلس
چوندا ته؛ چڱو تون ئي برابر رڳو لب ڪشائي ۽ ڪن ڪشي ڇڏ.
اسان واري يار جون ٻيون عادتون ۽ اطوار به
اهڙا جو ڌڻي ٻاجھ ڪري. صبح جو سندس اک کلڻ سان افعال شروع. فارغ الحاجات ٿي وجهندو
وڻ ۾ هٿ. فٽ ڏيڊ جي ڏانڊي پٽي، لنگهائيندو وات ۾.
پوءِ خوب ان کي چٻي چٿي، ڏند ڏند تي
گسڪائيندس. اها اڇلي غسل خاني ۾ تڙ ڦليل ڪري اچي سينڌ سرمو ڪندو. پوءِ لڳندو ائين
ڄڻ ڪنهن ڇٺي جي ٻار کي تيل سرمو ڪري، دُڪو وڌو هجي. الله ڏينهن ڏيس، آهي پنهنجو
مثال پاڻ. اهڙو جهڙو گرامر موجب لکيل جملو يا بحر وزن تي لکيل پورو شعر. جو تقطيع
ڪجي ته نه ڪٿي کٽي نه وڌي. ثقيل به ڪٿي ڪو نه آهي. سندس جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن.
بس ڪلمي جو ثواب هجيس.
ارشاد احمد ڪاغذي
No comments:
Post a Comment