مُوڙو
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
سنڌي سڀيتا ۾ سچي سَر ۽ ڪُوڙي سَر جي ڪانن/ تِيلن مان جيڪا
ويھڪ لاءِ ڪرسي جوڙجي ٿي، ان کي ’مُوڙو‘ ٿو ڪوٺجي. هَئي هَئي موڙي تي ويھڻ جو شان
پنھنجو! مُوڙو سَنهن ڪانن مان به ٺھندو آهي، ته ٿلهن ڪانن مان به! سنهو ڪانو سچي
سَر جي ٻوڙي ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ٿلهي ڪاني کان سھڻو، سيپڪڙو ٿيندو آهي. هن جو قدرتي
رنگ بوسڪي يا پيلاڻ مائل ٿئي ٿو، جيڪو سڀني ماڻهوءَ جو وڻندڙ رهيو آهي. جڏهن سچي
سَر جي ڪاني مان موڙو يا ڪا ٻِي وَٿُ ٺاهجي ٿي، ته ان ۾ ٿلهي ڪاني جي ڀيٽ ۾، سچي
سَر جو ڪانو گهڻو ڪم اچي ٿو. ان ڪارڻ سنهي ڪاني وارو موڙو، ٿلهي ڪاني واري موڙي
کان وڌيڪ پورهيو گهري ٿو ۽ ان جي وڪري جو اگهه به ڪَرڙو ٿئي ٿو.
لفظ ’مُوڙو‘ ته گهڻن ئي معنائن ۾ ڪم اچي ٿو، پر هتي ’ڳُتيل،
ڳنڍيل، ويڙهيل، ميڙيل‘ معنى واري لفظ ڏانھن وڃڻو آهي. عام طور ’مُوڙِي‘ ڪن تيلين، ڏانڊيُن،
سڳن ۽ واڻ جي ٽڪرن، وغيره جي ميڙ واري مُچي کي به چيو ويندو آهي. ڌاڻن جي مُچي کي
مُوڙِي، پڇڙن واري ڌوم جي مُچي کي مُوڙِي، ڪڻڪ جي آڀونئن جي مچي کي مُوڙي، ڪڻڪ جي
تِيليُن جي مُچي کي مُوڙي، پڇڙن سُوڌي پٻڻ جي ٽڪين جي مچي کي مُوڙي، واڻ جي ٽڪري
جي ويڙهيل مُوڙِي، مطلب ته تيلين جي ٻڌل مُچي لاءِ ’مُوڙِي‘ ڪم آندو وڃي ٿو. ان
خيال کان ’مُوڙو‘ انهن تِيليُن کان ٿلهن تِيلَن واري ڳُتيل، ڳنڍيل يا ويڙهيل مُچي
کي ’مُوڙو‘ ٿو چئجي. لطيف سائينءَ ’مُوڙي ج مُوڙيُون‘ لفظ هَڙ يا بجڪيءَ لاءِ به ڪم
آندو آهي:
ڪَتي نه ڪُوڙِي، پائي ڏورِ اَرٽَ ۾،
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
---
ويٺو ڏِئي ڏاتارُ، ٻَڌيو ماڻِڪَ مُوڙِيُون،
ڪَمُ نه ڄاڻي ڪِين ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏُرتُ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکَري.
موڙو سچي سَر جي تيلن/ ڪانن مان هڪ گول گهيري سان، ٻٽن ڪانن
جي اڻت سان جڙندو آهي. هن ۾ جيڪي شيون ڪم آنديون وڃن ٿيون، تن ۾ سچي يا ڪُوڙي سَر
جو ڪانو/ تِيلو، ٻوڙي جا سَرَ، واڻ يا سوٽي ڏوري، ڪپڙي نما ريگزين، ٽائر يا ٽيوب
جو پراڻو ڦيٿو يا رٻڙ، ڪٽڻ واري آرِي، سُئو، موچڪي سُئي، گهرج آهر رنگين سڳا شامل
آهن. باقي ماڻهوءَ جي مھارت ڀريا هٿ ڪم ڪندا.
عام ماڻهو سمجهندو آهي ته جنھن مُوڙي ۾ ٿلهو ڪانو پوي ٿو
ته اهو ڪو سگهارو ۽ وڌيڪ هلندو؛ پر ايئن ناهي، اهو ٿلهو ڪانو سِگهو ئي ڪڙڪ ٿي
ويندو آهي ۽ ٽڙڪڻ ۾ به تڪڙ ڪندو. ان لاءِ ڄاڻو ماڻهو سنهي ڪاني يعني سچي سَر واري
مُوڙي کي چاهيندا آهن. سچي سَر جو ڪانو، موڙي جوڙڻ ۾ واڌارو ڪم ايندو ان لاءِ اهو
سگهارو ۽ جٽادار رهندو.
هونئن ته ڪانو گهڻن ئي قسمن جو ٿئي ٿو، جيئن: ڪانھن جو ڪانو،
ڪڙٻ جو ڪانو، ڪمند جو ڪانو وغيره، پر سچي سَر جو ڪانو انهن سڀني کان وڌيڪ سھڻو ۽
پائدار آهي، جنھن جي ٿولهه انچ جي چوٿين ڀاڱي جيتري هوندي آهي. ان جي مٿان هڪ بوسڪي
رنگ جو پڪو تھه هوندو آهي، جڏهن ته اندران نرم مادي جو پوپو ٿيندو اٿس. ان پوپي ۾
اها سگهه هوندي آهي ته پاڻ مان نه گرمي ٽپائي سگهندو ۽ نه وري ٿڌ! ٻاهريون تھه بلڪل
گرم به ٿيندو ته ٿڌو به ٿيندو. ان پوپي جي ڪري، ڇتين ۾ به ڪانن جون ڇپريون وجهندا
آهن، ته جيئن ڇت واري مٿين گرمي، اندر ڪمري ۾ نه اچي سگهي.
مُوڙي جي جوڙجڪ ڪنھن ڪئي، ڪٿان ڪئي ويئي، جھڙا سوال نه رڳو
ڏکيا آهن، بلڪ بي تُڪا به آهن. ان لاءِ ته ان جو پيرو کڻڻ نه رڳو ڏکيو، پر اجايو
وقت وڃائيندڙ آهن. بس ايترو چئي سگهبو ته اهي سڀيتا جون اهم وَٿُون آهن، جيڪي وڏي
وقت کان هلنديون پيون اچن. باقي سلام آهي، انهن هٿن کي جن ان جي منڍ ۾شڪل ڪڍي
هوندي ۽ ان کي ڪنھن روپ ۾ ٺاهيو هوندو. عام مُوڙي جي ڪُل ويڪر ويھه کان ٻاويھه انچ
۽ اوچائي ڇٽيھه انچن تائين رکي ويندي آهي. باقي ته ننڍڙا موڙا، بنا ٽيڪ جي موڙيون
وغيره گهڻئي نمونا آهن. موڙا ته هڪجھڙا ۽ هڪجيترا ئي ٺھندا آهن، البت انهن جي ٽيڪ
جا ٻه نمونا ٿين ٿا، هڪ لسي گولائيءَ تي ٽيڪ، ٻي، ٺونٺن رکڻ لاءِ اڌ فوٽ کن ٻانھين
رکي، پوءِ گولائي رکي ويندي آهي. موڙن ۾ اهي ٻه نمونا اهم آهن. باقي ان ۾ گلڪاريءَ
واري سگهڙائپ الڳ ڳالهه آهي.
مُوڙو جيئن ته ويھڻ ۾ نھايت سڪون ڀريو ۽ چڱي جاءِ
والاريندڙ آهي، ان لاءِ اميراڻين اوطاقن يا گهرن ۾ جام ڏسڻ ۾ ايندو. اڳي جڏهن ڪاٺ
جي ڪرسين جو ايڏو رواج نه هئو ته موڙا ڪم آندا ويندا هئا. ڪرسي ته ڪرسي آهي، پر
مُوڙي تي جيڪو ويھڻ جو مزو آهي، اهو ڪرسيءَ ۾ ناهي. موڙي تي جيئن ويھبو ته ماڻهو ڄڻ
کُپِي ويندو، نه ته چيلهه کي گهڻو زور ايندو، نه وري چيلهه کي ٽيڪ ۾ ڪا جهِمَ
ايندي. ان سان ويھڻ وارو ڄڻ چيلهه جي موڙڻ کان آجو رهندو، جڏهن ته ڪرسيءَ تي ويھڻ
سان چيلهه جي ٽيڪ لاءِ اضافي ويھاڻِيءَ جي گهرج رهي ٿي. ان سبب موڙي تي ويھڻ وارو
سڪون ڀائيندو آهي. ماڻهو سنهو هجي يا ٿلهو هجي، ويھڻ سان ئي آنند ملي ويندس. عام ڪرسيءَ
۾ ٿلهو ماڻهو ويھڻ لاءِ پھرين پاڻ کي سوڙهو ڪندو، ۽ وس ڪندو ته پھرين ڪرسيءَ جي ٻانھيُن
۾ هٿ وجهجن، پوءِ سنڀالي ويھندو؛ جڏهن ته موڙي تي ويھڻ لاءِ اهڙي گِھِل ۾ پوڻ جي
گهرج ئي نه پوندس؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ ويھڻ جا پاسا کُليل ۽ ويڪرا هوندا آهن.
ڪن اوطاقن ۾ پريي مڙس لاءِ ڪرسي هوندي، باقي خلق لاءِ
مُوڙا هوندا، اهو رڳو ايئن ڏيکارڻ لاءِ ته اوطاق جو وڏيرو ڪير آهي ۽ خدا جي خلق ڪھڙي
آهي! جڏهن ته مُوڙو ويھڻ لاءِ وڌيڪ سڪون ڀريو آهي. جيڪي ماڻهو مُوڙي تي ويھڻ جا
هيراڪ آهن، انهن کي ڪرسي نه وڻندي. ها باقي ٽيبل ۽ ڪرسيءَ تي ويھي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪرڻ
مناسب لڳندو آهي. ان جڳھه تي مُوڙو مزو نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته ڪرسيءَ تي ماڻهو پيو ڦرندو،
ڪنھن مھل چيلهه کي پوئتي ڪري، سڪون وٺندو ته ڪم مھل وري ڪم ڪرڻ وقت چيلهه کي اڳتي ڪري
وٺندو. ان جڳھه تي مُوڙو سڪون سان ويھڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مناسب ڄاتو ويو آهي.
مُوڙا اتي گهڻا ٺھندا آهن، جتي سچي يا ڪوڙي سَر جو ڪانو
جام هجي. سچو سَر اتي جام ٿيندو آهي، جتي درياه بادشاهه جا لنگهه رهيا هجن.
محرابپور ۽ ان جي آسپاس به اهو سچو سَر ٿيندو آهي، ليڪن مُوڙن ٺاهڻ وارا نه رهيا
آهن، البت ڇپريون وغيره ٺھنديون آهن. هن وقت خيرپور جو علائقو مُوڙن ٺھڻ لاءِ
مشھور آهي.
سچي سَر جو ڪانو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن چِٽَ جو چاليھو (بڊي
جو مھينو ۽ اَسُوءَ جا ڏهه ڏينھن) ختم ٿيندو آهي. ان ويري ڪاريگر ڏاٽا کڻي، وڃي ڪانا
لڻندا. لڻڻ کان پوءِ ڪانن جي چونڊ به ٿيندي، ايئن ناهي ته مُڏو سُڏو ڪانو رکبو ته ٺھندڙ
وَٿُ ۾ کوٽُ ٿي پوندو. ان لاءِ ڪانن جي چونڊ نھايت اهم آهي. ڪانا لڻڻ کان پوءِ
انهن جي ڇِلَ ڪبي، ته جيئن اجايا ڇِلڪا لھي وڃن ۽ ڪاني جون ڳُريون ۽ انهن جا ڳَنڍ
چٽا ٿي بيھن.
انهن ڪانن جي ڪٽائي ٻن ماپن سان ٿيندي آهي، هڪ اڳ جو اهو
ڀاڱو جتي موڙي جي اڳيان ويھڻ جي جاءِ ٺھي بيھي، ٻيو پُٺ جو اهو ڀاڱو جيڪو ويھڻ سان
ٽيڪ جو ڪم ڪري. اڳئين ڀاڱي لاءِ جيڪي ڪانا ڪٽيا ويندا آهن، تن جي ماپ گهڻي ڀاڱي
ويھن انچن کان سوائي رکي ويندي، ۽ پُٺ واري جي ماپ اٺٽيھن انچن (ٽن فوٽن ۽ ٻن) کان
سوائي رکي ويندي آهي. اهي ماپون سوايون ان لاءِ رکيون وينديون آهن ته ڪاني جي
پاسيري ٻڌ سبب ڪاني جي اوچائي مارجي ويندي ۽ اڳيان ڪانا ارڙهن انچن جي اوچائي ڏسيندا
۽ پٺ وارا ڪانا ڇٽيھه انچ (ٽي فوٽ) ڏسيندا. عام طور اهڙي ماپ گرانٺن تي ڪئي ويندي
آهي، جنھن جي اندازي سان ماپ نوَ انچ ٿئي ٿي. يعني موڙي جو اڳيون ڀاڱو اوچائيءَ ۾ ٻه
گرانٺون بيھندو ۽ پُٺ وارو پاسو چار گرانٺون ڏسيندو. اهو ڌيان رکي، اڳيان ۽ پويان
وارا ڪانا چار چار آڱر وڌيڪ ڪٽبا ته جيئن پاسيري ٻڌ کان پوءِ چار آڱر واري ماپ پاسيري
ٻَڌ ۾ هلي وڃي، باقي اوچائيءَ واري صافي ماپ ٻه گرانٺون (ارڙهن انچ) ۽ چار گرانٺون
(ڇٽيھه انچ) بيھن.
ڪانن جي ٻڌ، ٻِٽي ٿيندي، جيڪا هڪٻئي جي مٿان ابتي چڙهت ڏَسيندي.
يعني ڪانن جي ٻڌ آڙي ٽيڙي ٿيندي، جڏهن ڪانن جي ٻَڌ ٿي ويندي ۽ انهن جو جوڙ ملائبو
ته ويھڻ جو هنڌ گول چڪرو ٿي بيھندو، جنھن جي قطر جي ماپ ويھه انچ ٿي بيھندي ۽ ان
جي تَري جي ماپ به ساڳي ويھه انچ رهندي. ڪانن جي آڙي ٽيڙي ٻَڌ سبب، ويھڻ واري
گولائيءَ ۽ تَري واري گولائيءَ جو وچ ٿورو اندرتي گولائيءَ مائل ٿيندو. يعني جيڪڏهن
ويھڻ واري چڪري ۽ تَري واري گهيري جو قطر ويھه انچ هوندو ته ان جي وچ واري وَنگ جو
قطر ٻه انچ گهٽ يعني ارڙهن انچ بيھندو. جڏهن موڙو تيار ٿي ويندو ته موڙي جي ٽيڪ
واري گولائي ڪل پنج فوٽ بيھندي ۽ اڳيان ويھڻ واري اڌ گولائي پوڻا ٻه فوٽ کن
بيھندي.
پوري موڙي ۾ جڏهن ننڍن ۽ وڏن ڪانن جي ڳڻپ ڪبي ته سچي سَر
جا ننڍا ڪانا ستر آڙا ۽ ستر ٽيڙا، ڪل سَو چاليھه پوندا، جڏهن ته وڏا ڪانا به
اوترائي پوندا يعني ستر آڙا ۽ ستر ٽيڙا، ڪل سَو چاليھه! گهٽ وڌ به ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن
ڪوڙي سَر جو ٿلهو ڪانو وجهبو ته انهن جو تعداد وري گهٽ بيھندو. مقصد ته موڙي ٺاهڻ
وقت ان ڳالهه جو به ڌيان ڪيو ويندو آهي ته ويھڻ واري پاسي ۽ ٽيڪ واري اُڀي پاسي جو
گهير هڪجيترو بيھي؛ پر جيڪڏهن موڙي ۾ ٻانھيون ٺاهبيون ته پوءِ اڳئين ۽ پوئين ڀاڱي
جي ماپ هڪجيتري نه بلڪ پويون ڀاڱو ڪجهه سرس ٿيندو. هٿ جو ڪم آهي، ان لاءِ اڻت ڪرڻ
کان پوءِ جوڙ ملائڻ وقت، ٿوري گهٽ وڌائي به ٿي سگهي ٿي؛ پر ماپ پٽاندر اهو هڪ ڪاٿو
رکيو ويندو آهي.
جيئن ته مُوڙا ٻن قسمن جا ٺھندا آهن، هڪ لسو ۽ ٻيو ٻانھيُن
وارو، ان سبب ڪانن جي تعداد ۾ فرق ٿي ويندو آهي. مُوڙي جي ٻانھيُن بيھارڻ وقت گهڻي
ڀاڱي وڏن ڪانن جي ڪٽائي ڪئي ويندي آهي. انهن ٻانھين جي اوچائي چئن کان ڇھه انچ ۽
ويڪر به ڇھن انچن تائين رکي ويندي آهي.
هن جي جڙاوت جي منڍ ۾ ٻه ننڍي ماپ جا (ٻن گرانٺن وارا) ڪانا
کڻي، ٻنهي کي ملائي، ان جي وچ ۾ ڏوريءَ جا ٻه وڪڙ ڏيئي ايئن ڳنڍ ڏبي، جو ان جو هڪ ڇيڙو
اتي ئي رهي ۽ ٻيو ڇيڙو ڍيري ۾ هجي. ٻنهي کي ٻڌڻ کان پوءِ انهن کي منڌيئڙي (X) وانگر ايئن
ڦيرائجي جو ان جو مٿئين ۽ هيٺئين پاسي جي ڪنڊ ۱۲۰ ڊگري ٿي بيھي ۽ پاسي واري جي ۶۰ ڊگري
ٿي بيھي. هاڻي هڪ هڪ ڪانو ملائبو وڃبو ۽ ڏوريءَ کي انهن منجهان ڦيرائي ڇِڪ ڏبي
هلبي. ڍيري واري ڏورِي، ساڄي هٿ ۾ جهلبي ۽ منڌيئڙي جي مٿين ڪانن جي ڇيڙن کي کاٻي
پير هيٺ رکبو ۽ هيٺئين ڪاني کي پير جي مٿان رکبو، ان لاءِ ته ان سان ٻيو ڪانو
ملائي، سولائيءَ سان ٻنهي مان ڏوري ٽُپائي، وڪڙ ڏيئي سگهجي. پوءِ هڪ ڪانو هيٺئين
سان ۽ ٻيو ڪانو مٿئين سان ملائي، هيٺئين ڪاني جي اندران ورائي، ڇڪي، کڻي مٿئين ڪاني
مان ورائي، ڏوريءَ کي ڇڪ ڏبي هلبي ته منڌيئڙي جي رخ سان هڪ گهاٽو ڄار بيھندو
ويندو. ايئن هڪ هيٺئين سان ۽ هڪ مٿئين سان ڪانو ملائي، ڏوريءَ جو وَٽُ ڏبو هلبو ته
ڪانو ڪاني سان ٻڌبو رهندو. ايئن اوٿپ ۾ هيٺان ۽ مٿان ننڍي ماپ جا ٽيھه ٽيھه کن ڪانا
وجهي، ان سان گڏ ساڳي نموني وڏي ڪاني کي گڏائبو هلبو. جڏهن هيٺان ۽ مٿان وڏا ڪانا،
ستر ستر کن ٻڌجي ويا ته وري ساڳين ننڍن ڪانن کي اوترو ئي يعني مٿان ۽ هيٺان ٽيھه ٽيھه
ملائبا. هاڻي نظر ڪبي ته اها ڪانن جي ترتيب سان ٻڌ، هڪ ونگ ڏسڻ ۾ ايندي. ڪانن جو
اندازو سنهي ۽ ٿلهي ڪاني تي هوندو آهي. جڏهن موڙي جي ماپ هڪجيتري بيھارڻي آهي، ته
پوءِ ڪانن جي ڳڻپ گهٽ وڌ ٿي سگهندي آهي. مطلب ته پاسن کان برابر ڪانن جي ماپ بيھي
۽ موڙي جي پٺ وڏي بيھي، ان لاءِ آخر ۾ سڄي ٻڌ جي ماپ ستن کان اٺ گرانٺن تائين
بيھاريندا آهن. گهڻي ڀاڱي ستن گرانٺن تائين رکندا آهن. جڏهن اهو ڄارُ کڻي ان جو وچ
پاڻ ۾ ملائيندا آهن، ته هڪ گرانٺ ته ان جي ملائڻ ۾ هلي ويندي. ڄڻ ته موڙي جي گهير
جي ڪل ماپ ڇھه گرانٺون وڃي بيھندي. اڳيان ويھڻ واري ڀاڱي جي گولائي ٽيڪ واري
گولائيءَ کان گهٽ هوندي. جيڪڏهن اڳين گولائي ٽن گرانٺن کان ڪَسي هوندي ته ٽيڪ واري
گولائي ٽن گرانٺن کان سوائي هوندي.
جڏهن اهو ڪانن ۽ ڏورين جي ڪَڙي ڪڙيءَ سان ملائڻ واري ٻَڌ
ٿي ويندي ته ان جا پاسا کڻي پاڻ ۾ ملائي ساڳي ڏور سان ٻڌبي ته گول ٿي بيھندي. ان
کي وڌيڪ ماپ سان گول رکڻ لاءِ گول ڦيري سان واڌاري ڏور ڦيري وڌيڪ ڇڪ ڏبي ته ڪانا سڀ
پاڻ ۾ ڇڪجي بيھندا ۽ ڪانا منڌيئڙي نما هڪٻئي جي هيٺان مٿان ڏسڻ ۾ ايندا. جڏهن
سمجهبو ته هاڻي گولائيءَ ۾ سڌو ٿي بيٺو آهي، ته پوءِ تري جي گولائيءَ کي هڪ ڪَرو
رکڻ لاءِ هيٺان ٺَپَ ڪري کڻي هيٺ رکبس، ۽ مٿان پاسي جا واڌارا يا اڻ گهربل ڪانا ڪٽي،
سڌائي ۽ گولائي بيھاري، مٿين ڪنارين سان به ڏورين جي ٻن ٻن ڪانن ۾ ڦاسَ ڪري ٻَڌ ڪبي
هلبي. ايئن ئي تري جي ڪانن سان ڪم ڪبو. جيئن ته ڪانا منڌيئڙي نما بيٺل هوندا ته وَٽيون
سگهيون ڪرڻ لاءِ بس ڏوريون رڳو ڦاسائي، وڪڙ ڏبو هلبو ته ڏورين جا وڪڙ ڦٻندا هلندا.
ڪانن کي وڌيڪ سگهو ڪرڻ لاءِ وچ واري زنجير نما ٻڌ کان سواءِ ان جي هيٺان ۽ مٿان به
واڌاري ڏوريءَ جي ٻڌ سان زنجير بيھاربي. پڇاڙيءَ ۾ سڄي وٽ کي پڻ ڏوريءَ جي ور وڪڙن
سان ٻڌ ڪبي آهي، پوءِ سَرن کي پاڻيءَ جي ڇنڊي سان نرم ڪري، موڙي جي وَٽ سان رکي،
سُئي سان، ڏورين جا گول ڦيرا ڏيئي، ڇڪبو هلبو، جيڪي موڙي جي وٽين جي ٻَڌ مان
ورائبا هلبا ته موڙن جي وَٽِ سان گولا ٺھندا ويندا. هاڻي جڏهن موڙي جي وٽِ سان
گولا به ٺھي ويا ته ان سَرن جي گولن کي ٻن ڍنگن سان ڍڪيندا آهن، هڪ: ڏورين سان وڪڙ
ڏيئي، ان کي پورو ڍڪبو آهي يا وري الڳ سان ريگزين جون پٽيون رکي، ان جي سِلائي ڪئي
ويندي آهي. عام مُوڙو لسو ٺاهيو ويندو آهي، جڏهن فرمائش تي ان ۾ ٻانھيون به رکيون
وينديون آهن. آخر ۾ ويھڻ واري هنڌ جو مُڃ جي واڻ سان واڻائي ٿيندي آهي، هاڻي ان
بدران سوٽي ڏورين سان واڻائي ڪئي ويندي آهي.
آخر ۾ تري کي گاٺ کان بچائڻ لاءِ ٽائر يا ٽيوب جو ڪَڙو چاڙهي سبيو ويندو
آهي.
مون کي مُوڙن جو وڏو ڪوڏ ۽ چاهه رهيو آهي. ان لاءِ جڏهن
جنوري 1986 ۾ انگريزي ماستري ملي ته پھرِين پگهارَ مان چار مُوڙا ۽ هڪ ميز ٺھرايم.
ٺاهيندڙ ڪوٽڙي محمد ڪبير جي ڀرسان ڳوٺ عثمان شاهه جو هڪ پترائي شيخ جادل فقير، مُوڙن
ٺاهڻ جو ماهر هئو. هن اهي گهربل وَٿُون ٺاهي ڏنيون ۽ ويھڻ واري چڪري ۾ مُڃَ جو واڻ
ڪم آندائين. شايد ڪانن جي ٻڌ ۾ به مُڃَ جي نوڙي ڪم آندي هيائين. ٻه سال گذرڻ بعد
ان جي وٽيُن سان جيڪا ريگزين (ڪپڙي نما پلاسٽڪي پتر) هئي، سا ڳري ويئي. انهن ڏينھن
۾ گهر ۾ رکيل ڪتابن تي جلد ٻڌڻ جو به شوق هيم، ان لاءِ ٻن والن جي هڪ ريگزين چادر
ورتم. ڪتابن جي جلد بندي به ڪندو رهيم ۽ ريگزين جون پٽيون ڪٽي، موڙن جي وٽيُن سان
پاڻ ئي موچڪو ڳنڍَ ڪيم. چئني موڙن ۽ ميز جي وٽيُن سان ريگزين لڳڻ کان پوءِ ڄڻ نوان
ٿي ويا. ڏهن سالن تائين ته خاشا هليا، پوءِ سوڙهي گهر سبب، هيڏانھن هوڏانھن ڪري ڇڏيا.
البت، ان جي ميز ننڍي ڀاءُ جي گهر ۾ رهي، جيڪا تازو ئي گهر جي مرمت ۾ چَٽُ ٿي
ويئي. وري جڏهن گورنمينٽ پرائمري اسڪول محرابپور جي ڀرسان، ۲۰۱۶ع ۾ گاڏي بيھارڻ
لاءِ ڇَپري سان اوطاق ٺھرايم ته اتان جي لاءِ خيرپور مان نوان مُوڙا ٺھرايم. ڪاريگر
کي پارت ڪيم ته ڪانو سچي سَر جو هڻجان. موڙا ڀلا هئا، پر عثمان شاهه جي ڳوٺ واري ڪاريگر
جھڙا نه هئا. مُڃَ جي واڻ بدران سوٽي ڏوري ڪم آندائين. اهي موڙا به چار سال ته سٺا
هليا، نيٺ ان جي مرمت ڪرڻي پئي. گهڻن خفن هوندي به ان جي مرمت ڪيم ۽ نئين ريگزين
به هنيم، ان کان پوءِ ڄڻ نوان ٿي ويا. ويجهر ۾ ’وڏي مينھن‘ بعد، جڏهن ان جاءِ کي
نئين سِري سان کڻايم، ته ڪم ڪار ۾ اهي موڙا جهُري پيا ۽ ڪي ته پنھنجو جيءُ وڃائي
ويٺا، پر پوءِ به هڪ اڌ موجود آهي. هاڻي وري نئين سِري سان ٺھرائبا، ان لاءِ ته
مُوڙي تي ويھڻ جو چسُ پنھنجو آهي. موڙي تي ويھڻ سان ڄڻ چيلهه کي ٽاڪورَ ٿِي ٿِي وڃي!
سچي سَر واري مُوڙي جو هڪ گڻ اهو به هوندو آهي ته ان کي ڪو جيت يا اڏوهي ته بلڪل
نه ٿي لڳي ۽ نه وري مينھُن يا اس ان کي گهڻو هاڃو ٿي رسائي.
موڙن ٺاهڻ جو ڪم گهڻي ڀاڱي سنڌ هند جي ننڍي کنڊ جي انهن
علائقن ۾ ٿئي ٿو جتي درياهي وهڪرا هجن يا رهيا هجن. جتان به درياهه جا لنگهه رهيا
آهن، اتي واريءَ ۽ لَٽ جا پٽ رهن ٿا ۽ پوءِ چِٽَ جي چاليھي بعد، جڏهن سچو سَر نسري
تيار ٿئي ٿو، انهن علائقن ۾ ان جا ڪانا لڻجن ٿا ۽ پوءِ ان مان ڪافي وَٿون ٺھن ٿيون،
جنھن ۾ ڇت ۽ اَنَ جي پَلين لاءِ ڇِپريُون،
موڙا، ٽيڪ کان سواءِ ويھڻ لاءِ ننڍڙا موڙا، چورسيون ۽ گول ٽيبلون، چسي
وارين شين جي ٿالهه رکڻ لاءِ سنھڙو ۽ ڊگهو موڙو، کليل ڪٻٽ وغيره شامل آهن. هاڻي ته
مُوڙن وارا هٿ اهڙا ته سُگهڙ ٿي ويا آهن، جو جيڪا به وَٿُ ٺاهن ته ٺاهي سگهن ٿا.
ننڍي هوندي، گهر ۾ ته موڙا ڪونه ڏٺا، البت ٻن گهورارُو
ماڻهن کي ڪڇ تي سنهڙو موڙو ڏٺو، جيڪو گهڻي ڀاڱي ٽي فوٽ (چار گرانٺون) اُڀو ۽ ويڪر
۾ هڪ فوٽ کن ٿيندو، وچُ وڌ ۾ وڌ نوَ انچ (هڪ گرانٺ) ٿيندس. هڪ: ارباب ملاح هالاڻيءَ
واري کي ڏٺم، جيڪو مائو ۽ ڳاڙهو حلوي جو ٿالهه مٿي تي کڻي ايندو هئو ۽ ڪڇ ۾ سنهو
موڙو هوندو هئس؛ ٻيو: غلام حسين چنو، عرف نانو موالي جيڪو ڳريل ڇولن جو ٿالهه مٿي
تي کڻندو هئو ۽ کيس ڪڇ ۾ اهو موڙو هوندو هئو. ارباب ملاح محرابپور جي چاڪين واري
انگاس کان شاهي بازار جي وچ تي اچي بيھندو هئو ۽ اسان کانئس مائي ۽ حلوي وٺڻ جي
اوسيئڙي ۾ اچي بيھندا هئاسين. چار آني جو مائو ۽ حلوو ايترو ملندو هئو، جو کائڻ
کان پوءِ هڪ ويلو ماني به نه کائي سگهبي هئي. نه ته ڏهن پيسن جو به وٺبو هئو. سندس
نشاستي مان ٺھيل ڳاڙهو حلوو، جڏهن ٿورو پاروٿو ٿيندو هئو ته ان تي ٿورا گهنج ۽ مٿان
ڇلر اچي ويندو هئو، اهو وري تازي کان به وڌيڪ چَسي وارو هوندو هئو. نانو موالي به
رسيس وقت سنڌي پرائمري اسڪول جي ٻاهران اچي بيھندو هئو، پوءِ ڪو پنج پيسن جو وٺيس،
ته ڪو آنڪ (ڇھه پيسن) جو وٺيس، هلي هلي چار آني (پنجويھه پيسن) تائين وٺبو هئو. ڇولن
سان گڏ وري جيڪا ڪونڊي ۾ چٽڻي هوندي هيس، اسان به عمر آندي آهي، پر اهڙي چٽڻي ڪنھن
جي نه ڏٺي نه ٻڌي. ڇا ته ان جي ڇولن جو سواد بيھندو هئو! اڄ تائين اهڙو سواد ڪٿان
به ملي نه سگهيو آهي. ٻڌائين ٿا ته ان جو هڪ شاگرد موري ۾ آهي، جيڪو بلڪل اهڙا ئي ڇولا
بيھاريندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهڙو وري موقعو نه مليو آهي. مان ته ان جا ڇولا ٻن
ڀيرن ۾ وٺندو هيس، ان لاءِ ته الڳ الڳ ڀيرن ۾ وٺبو ته وڌيڪ به ملندا ۽ سواد جو
ساءُ به الڳ الڳ ملندو. اها ڳالهه نانو موالي به سمجهندو هئو ۽ کلندي کلندي، ڀوڳ
به هڻي وٺندو هئو. محرابپور ايتري به ڪونه وڌي هئي، ان لاءِ ماڻهن جو قرب ۽ سڃاڻ
گهڻي هئي. بس ويا مور مَري!
اسان جي سڀيتا ۾ ڪَڇَ ماپ جي ڏِس ۾ ڪانو اهم رهيو آهي. هڪ
ته ڪنھن مري ويل ماڻهوءَ جي بُٺي کوٽڻ لاءِ، ڪاني سان ڪَڇَ ڪئي ويندي آهي. حالانڪ
جيڪڏهن ماپ ڪرڻي آهي ته ماپ جون نئين کان نيون وَٿُون اچي ويون آهن، پر اسان سنڌي
ماڻهو، راهه رسم طور، ڪاني سان ئي ڪَڇيندا ڪندا آهيون. سج جي اڀرڻ يا لھڻ واري
ويلَ به ڪاني جي ڪَڇَ سان لاڳو ڪئي ويندي آهي، جيئن چوندا آهن ته ’سج ڪانو کن مٿي
چڙهي آيو آهي يا ڪانو کن پاڇو ٿيو آهي‘ وغيره.
ڪنھن دور ۾ زرعي زمين جي ماپ ۾ به ڪاني جي ڪڇَ ڳني ويندي
هئي. اهڙي پراڻي جدول هن ريت به هئي: چار آڱر (هڪ مُٺ)، ٽي مُٺيون (هڪ گرانٺ)، ٻه
گرانٺون (هڪ نَرِي/ ٻٽو هٿ)، پنج نَريون (هڪ ڳنڍو يا ڪانو)، ويھه ڳنڍا يا ڪانا (هڪ
ويسو)، ويھه ويسا (هڪ جريب)، ٻه جريب (هڪ ايڪڙ). مقصد ته ڪانو به ڪَڇڻ جو هڪ ايڪو
هئو. تارازي/ ساهميءَ جي ڳَني، جنھن ۾ پُڙ لڙڪائجن ۽ وچ واري نَڪي ۾ هَٿيو هجي،
تنھن کي به ’ڪانو‘ چيو ويندو هئو. هاڻي ته خير سان اها تارازي به پنھنجو وقت ڏيئي
ويئي.
سنڌي سڀيتا ۾ لکڻ لاءِ به ڪاني کان ڪم ورتو ويندو رهيو
آهي. اڄ به ڪافي پرائمري اسڪولن ۾ استاد ڪانھِن واري ڪاني جي قلم سان پٽيءَ تي سبق
ڏين ٿا. هونئن به لفظ ’قلم‘ ڪٽڻ جي معنى ۾ آهي، يعني ڪاني جو ڪٽيل ۽ گهڙيل. توڻي
جو هاڻي جديد دور ٿي ويو، پَٽيءَ تي قلم سان اِنڊا (آلي پٽيءَ تي اکرن جا نشان) ڀرڻ
کان پوءِ، سليٽ ۽ چاڪ کان چڙهي، ڪاپي ۽ پينسل تي آياسين ۽ ڪاپي کان چڙهي، ٽيبليٽ ڊوائس
تي اچي وياسين، پر تنھن هوندي به اڃا تائين ڪاني جي قلم سان پٽيءَ تي سبق ڏنو وڃي ٿو
۽ سليٽ تي چاڪ سان لکيو وڃي ٿو. اهو ان لاءِ ته سليٽ تي لکڻ سان ٻارن جا اکر سڌرن ٿا
۽ لفظن جي صورتخطي ياد رهي ٿي. ٽيبليٽ ڊوائس لکڻ جي فن کان پاسيرو ٿي رکي. شاهه
لطيف قلم جي ڪاني کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
تَران لَئه طَعني، مَٿي وَهَه واڪا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾، درياهَ دِيواني،
قَلَمَ جي ڪاني، آڻي اولِيسِ اولَ ۾.
---
نه ڪانِيءَ نَه ڪانھَه، نَڪو ڏوهُه قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ ٻِئي جِي رَسي نه ٻانھَه،
ڪَنھن کي ڏِيان دانھَه، جِئَن قَضا قَلَمُ وَهائِيو.
ڪاني جي اهميت تي مير عبدالحسين سانگيءَ جي غزل جو هڪ
بند آهي:
فصل جي خواهش ۾ وسري اصل ويو،
سنگ چونڊيندي نه ڪانا ياد پيا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪاني کي ڪم
آندو آهي، ان کان سواءِ ان سان ڪافي اصطلاح ۽ پھاڪا پڻ موجود آهن:
اصطلاح
۽ پھاڪا:
• ساڳيو ٻوڙو، ساڳيو ڪانو هجڻ.
(ساڳيا افعال هجڻ- جنس ۾ ڪو فرق نه هجڻ)
• گاهه جو ڪانو، جبل جو بار نه
کڻي سگهندو.
(ڪمزور ۽ لاچار جي وِتَ کان مٿي ڪم نه وٺڻ گهرجي)
• ڪانو آهي خزانو.
(زندگيءَ ۾ ڪاني جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو ۽ سک جون وٿون ٺھن
ٿيون)
• جتي ٻُوڙو، اتي ڪانو.
(هڪٻئي سان لازم ملزوم هجڻ ڏانھن اشارو)
• ڪوڏر ۽ ڪانِي، آهي سِر سڀ ڪنھين.
(هر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي)
• سُڪو ڪانو ڀڄي ڀُري، پر مُڙي ڪين.
(سڃو ۽ هوڏي ماڻهو، پنھنجي هوڏَ تان لھندو نه)
• ڀاڱا، ڀائيوارن لھڻا، توڻي
هجن اڏ جا ڪانا.
(هر حصيدار کي حصو ڏيڻ گهرجي، توڻي جو اهو بيڪار هجي يا
گهرجائو هجي يا نه هجي)
• اڳي به اَن هئو، پوءِ به ٿيو
اَنُ، ڪانو ۽ پنُ، ويو وچئون نڪري.
(جنھن جو بنيادي ڪم رهيو، ان جي اهميت نه رهي)
(هن ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا انجنيئر عبدالوهاب پاران شامل ڪيا ويا آهن.)
No comments:
Post a Comment