گهڙا منجي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
گهڙا منجي، تڏهن جي گهرج آهي، جڏهن کان گهڙي/ دلي/ مٽڪي/ گهاگهر واري مٽيءَ
جي ٿانوَ جو رواج هئو. هاڻي ته اها گهر گهر مان گم ٿي ويئي آهي، نه ته اهو گهر نه
هوندو، جتي گهڙا منجي نه رهي هجي. گهڙا منجي، اهڙيءَ وٿُ کي چئبو آهي، جنھن تي گهڙو
يا دلو بچاءَ سان رکي سگهجي. ان گهڙا منجيءَ ۾ هڪ کان وٺي ڇھن دلن جي رکڻ جي جاءِ
هوندي آهي. هن کي هيٺان چار ٽيڙيل ٽنگون ٿينديون آهن، مٿان دلن رکڻ جو چَونڪُ ۽
پاسي ۾ گلاس يا ڪُپي اونڌي رکڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪِلي لڳل هوندي آهي. اها پَٽ کان ٽي فوٽ
مٿي بيھندي آهي، ته جيئن ماڻهو سولائيءَ سان دلي/ گهڙي مان پاڻي اوتي سگهي. دلا يا
گهڙا ته ڪنڀر ٺاهيندو، پر اهي ڪٿي رکجن، ان لاءِ هيءَ وٿُ اڳواٽ ڊکڻ کان ٺھرائي ويندي آهي.
جتي گهڙا منجيءَ جو تڪڙو بلو نه ٿيندو هو ته گهرن ۾ زائفون، دلن رکڻ لاءِ
جاڙا يا ٿلهيون ٺاهينديون هئيون، ته جيئن دلن کي اس کان بچائجي. ان لاءِ ورانڊن يا
پڌر جي پاسي کان ڇپر ڇانوَ سان جارا ٺھندا هئا، جتي ڏينھن رات دلا پيا هوندا هئا.
هاڻي ته دلن جو رواج ئي نه رهيو.
ڊکڻ گهڙا منجيءَ جي ٽنگن لاءِ پھرين ساڍيون ٽي فوٽ واريون چورسيون ڪاٺين گهڙيندو،
جنھن تي گهڙا منجيءَ جو زور هوندو. ساڍيون ٽي فوٽ ڪاٺيون گهڙيندو، ليڪن اهي ڪاٺيون
سٺ ڊگريءَ جي ڪنڊ تي، ٽيڙيون بيھارڻ ڪري، اڌ فوٽ ان جي ٽيڙائپ ۾ ويندو، باقي پَٽ
کان ٽي فوٽ مٿي ڏسڻ ۾ ايندي. ان کان پوءِ ٻن دلن جي جاءِ لاءِ ٻه هڪڙيون، ٽي فوٽن
جون چورسيون ڪاٺين سان ٻانھِيُون گهڙيندو ۽ ان جي هر هڪ ڪاٺيءَ ۾ چار وڏڙا سَل
رکندو ۽ ٻه ننڍڙا سَل رکندو، وڏڙن سَلن ۾ هڪ فوٽ جي وٿي رکي، سوا فوٽ جون چُوڙ نڪتل
چورسيون ڪاٺيون وجهندو، ته جيئن پاسن کان گهڙن/ دلن رکڻ جو کانچو بيھي، جڏهن ته وچ
۾ ٻه سنھيون پٽيون وٿيرڪيون وجهندو ته جيئن دلن رکڻ کان پوءِ وچ ۾ ايتري وٿي بيھي
جو گهڙن جو پاسو پاڻ ۾ نه ملي. آخر ۾ ٻانھِيءَ جي ڇيڙي کان گلاس/ ڪُپي ٽنگڻ لاءِ اڌ
فوٽ کن ڪِلي هڻندو. ڪي ڊکڻ گهڙا منجيءَ جون ٽنگون گولائيءَ مائل به رکندا آهن ته
جيئن ان جون ٽنگون بنھه ٽيڙيل هجن ته جيئن گهڙي مان پاڻي اوتڻ مھل گهڙا منجي نه
آئُٽي.
گهڙا منجيءَ جو ڏسيل مٿيون نمونو رڳو ٻن دِلن رکڻ واري جاءِ ڏسيل آهي، جڏهن
ته ان جا چار نمونا ڏٺا ويا آهن. هڪ: ٻه دلن واري گهڙا منجي، ٻِي: ٽن دلن واري گهڙا
منجي، ٽي: چئن دلن واري گهڙا منجي ۽ چوٿي: ڇھن دلن واري گهڙا منجي. جتي ٻن واري ٺھندي،
ان جي پاسن واري ماپ وڌائي ٽن واري به بيھاري ويندي آهي. جڏهن ته چئن دلن واري گهڙا
منجيءَ جي پاسي واري ماپ ساڳي ٻن دلن واري ٿيندي، جڏهن ته پاسن واري ماپ به ساڳي
رهندي، البت ان ۾ وٿي رکڻ رکڻ لاءِ اضافي پٽيون به هنيون وينديون آهن. ايئن کي ٽن کانچن کي ٻٽو ڪبو ته ڇھن
واري ٺھي بيھندي. هڪ گهڙي/ دِلي لاءِ ٽه- پائي گهڙي منجي به ٺھندي آهي، جنھن ۾ ٽي
چورسا پاوا ۽ پاسن ۾ ٽي پٽيون. ان ٽپائيءَ جا پاوا ايترا مٿي هوندا جو گهڙو يا دلو
ان ۾ ڦٻي بيھندو. ان کان سواءِ پاوَن کان سواءِ، ويٺوڙي منجيءَ جو رڳو چَونڪ ٺاهيو
ويندو آهي، جتي هڪ گهڙي يا دلي کي رکي سگهبو آهي.
ڳوٺن ۾ اڄ به گهرن يا اوطاقن ۾ اهڙيون گهڙا منجيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. ڪي سٻاجها
ماڻهو اهڙا به آهن، جن وٽ جديد فرجن جي سھولت هوندي به گهڙا منجين تي گهڙا يا دلا
ضرور رکيل هوندا. روزانو پيو انهن دلن جو خيال ڪبو، پاڻي پيو واپرائبو. صحت جي
خيال کان به دلي يا گهڙي جو پاڻي فلٽر ٿيندو آهي، ان جي لوڻياٺ ۾ هڪ ڪرائي رهندي
آهي، مناسب حد تائين پاڻي ٿڌو رهندو آهي. ان لاءِ ماڻهو گهڙا رکن ٿا ۽ گڏو گڏ گهڙا
منجي به ضرور هوندي.
اڳي هيٺ پٽ تي ڀريل گهڙا/ دلا به رکبا هئا، ليڪن ان ۾ ڪِوِليُن ۽ ٻين جيت جڻين
جي چڙهڻ جو امڪان گهڻو رهندو هئو، ان لاءِ گهڙا منجي ڪم آڻبي هئي. هيٺ دلا، پٽ تي
يا ڪنھن ٺھيل دِڪيءَ تي رکيل، گهڻي ڀاڱي درگاهن تي ڏسبا آهن. باقي جتي مالڪي
هوندي، اتي گهڙا منجيءَ ضرور ڪم آڻبي آهي. ڪافي سيبتا ماڻهو، گهڙن يا دلن کي ڪولين
کان محفوظ رکڻ لاءِ گهڙا منجيءَ جي چئن ٽنگن جي پيرن کي ڪنھن ننڍي اکرلِيءَ يا پاٽوڙي
۾ رکي، ان ۾ هيٺ پاڻي وجهي ڇڏيندا آهن ته جيئن ڪا ڪوِل يا جيت وغيره ان ۾ اچي، گهڙا
منجيءَ جي ٽَنگ تي چڙهي، دلن ڏانھن رخ نه ڪن! گهڻي ڀاڱي اهڙين پاڻيءَ سان ڀريل ننڍيون
اُکرليُون ڪوِلين لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻبي آهي ۽ ان ۾ تري تري مري وينديون آهن.
گهڙا منجي، هونئن ته گهڙن/ دلن لاءِ ئي رکبي آهي، پر گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ديڳڙا
يا ٿانوَن جو ڇڪو به رکبو هئو. ڪٿي ڪٿي ته وري هنڌ بسترا به ويڙهي رکجن ٿا، يعني
گهڙا منجيءَ کان صندل يا ميز جو ڪم به وٺبو هئو. هاڻي جو جايون پتيون پتيون ٿي، سوڙهيون
ٿي ويون ته گهڙا منجي رکجي ڪٿي؟ ان لاءِ هيءَ وٿُ به بيڪار ٿي ويئي.
پروليون:
• نار مٿان
جا نار ڏٺيسون، تنھن جي مٿان نَر، ڪامل کنيو ڪَرُ، ڪري عرض الله کي.
(نار: گهڙا منجي، نار: دِلِي، نَرُ: ڍَڪُ)
اصطلاح ۽ پھاڪا
• ٿڌو گهڙو
پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
(نرم مزاج جو ماڻهو هرهنڌ عزت لھندو.)
No comments:
Post a Comment