مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مَٿاڙِي/ مَٿاري/ مُنھن رکڻي/ مَٿي رکڻي/ مَٿي داڻِي/ ديڙو/
ديڙِي/ دِڪِي/ مُتُو/ مَرکڙِي/ مورکڙِي/ چُلهِه/ مارگهُه/ مُنارو/ مُنھن رکِي/ مَٿي
رکِي/ مورکو/ مورکي هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا سنڌي سڀيتا سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ ڪٿي
ساڳي شيءِ جا ٻه- ٽي نالا آهن، ته ڪٿي وري الڳ الڳ وٿُن جا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو
ته جنھن ڪارڻ سنڌي ماڻهو ڪم آڻيندو رهيو آهي، ته ان ڪارڻ ٻين سماجن جا ماڻهو به ڪم
آڻيندا هجن، پر ڪٿي ان جا اشارا ملن نه ٿا. جنھن کي مٿاڙي يا منھن رکِڻِي ڪوٺجي ٿو،
سا گهڻي قدر چيڪي مٽِيءَ ۽ ٻن عام ڪاٺين/ ڪانن سان ٺاهي ويندي آهي. هيءَ وَٿُ هڪ ڍِڍ
۽ ٻن سِڱن سان سڃاتي ويندي آهي. يعني هيٺان هڪ گولائيءَ سان، چُلهه وانگر مٽيءَ جو
ديڙو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ اڀيون ڪاٺيون/ ڪانا لڳايا ويندا آهن، جيڪا
نئين ڄاول يا اٺن مھينن جي ٻار تائين سمهارڻ ۽ ٻنڌڻ سان ٻڌي سڌو رکڻ جي ڪم آندي
ويندي آهي. جيئن ته هن جي ديڙي جي شڪل گولائيءَ مائل ٿيندي آهي، ان ڪري هن کي
’چُلهِه‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي مٿاڙي، جنھن کي چُلهه ٿا چون، سا ٺھندي به
چُلهه وانگر آهي، ليڪن ان ۾ مٿئين ڍڪَ لاءِ ڪاٺيون نه پونديون آهن. ان کي هيٺان سڌي
دِڪي ٺاهي، پويان ٿوري ٽيڪ رکي ويندي آهي ۽ اڳيان ٻه يا اڍائي انچن جا ٻه بونبا
رکيا ويندا آهن، ته جيئن اهي ڪنڌ ۽ ڳچيءَ جي پاسن کان اچن ۽ ٻار ڪنڌ موڙي نه سگهي.
ٻار جي ڪياڙي، ان سڌي دِڪيءَ تي، ڪو ڪپڙو وڇائي ۽ ڪنڌ کان ننڍڙي وهاڻي ڏيئي، رکي
ويندي آهي. ڪي وري ان مٿاڙيءَ کي چُلهه جي مارنگ وانگر به بيھاري، پاسن ۾ ٻه ٽيڙيَل
اڀيون ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا آهن، جنھنڪري هن کي مارگهُه يا مارنگُ به ڪوٺين. مٿاڙِيءَ
جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ: ان جي مٿان ڪو سنهي ململ جو رئو يا ڪپڙو وجهي ڇڏبو ته جيئن ٻار
مک يا مڇر کان ڍڪيو رهي، ٻيو: ٻار جي مٿي
جو چوٽُ ۽ لوٽِ اهڙي ويھي جو مٿو هڪ ڪَرو سھڻو لڳي ۽ لوڻا به نه مرن! ان لاءِ ٻار
کي سڌي سمهارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.
سنڌي سماج ۾ ٻار کي سمهارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويندا آهن،
جيڪي ٻين سماجن ۾ گهٽ ڏٺا ويا آهن. گهڻي ڀاڱي، گهر جي ڪا پڪي پوڙهي، يا دائي مائي،
ٻار کي سَرنھَن جي تيل سان آئيڍيندي. ٻار کي آئيڍي، دُڪو (مکڻ جي ڦُٽي) ڏيئي،
وهنجاري، سرمو وغيره پائي، ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ۽ پوءِ سمهاري ڇڏيندي. ڪا پڪي پوڙهي نه
هوندي ته لاچار، ماءُ ئي ان کي آئيڍي سمهاريندي. ٻار کي آئڍڻ به هڪ فن آهي، ڪو
ابتو سبتو زور اچي ويو ته ڌڻي ڏئي پناهه! آئڍڻ سان ٻارن جا ڪِيڪَٽ هوندا، جنھن کان
پوءِ ٻار ڳھرجي ويندو. جڏهن ٻار کي سمهاريو ويندو ته ان جو هنڌ، پيرن کان ٿورو مٿي،
۽ مَٿي کان ٿورو هيٺ رکيو ويندو آهي. ٽي هڪڙيون فوٽ کن ڊگهيون ۽ چار آڱر ويڪريون ڪپھه
جون وهاڻيون هونديون، جيڪي ٻه پاسن کان ۽ هڪ پيرن يا پنين هيٺان رکبي ته سمهندڙ ٻار
جو مٿو ٿورو هيٺ ٿي بيھي. پاسي ۾ وهاڻيون ان لاءِ ڏنيون وينديون آهن ته ٻار پاسو
ورائي نه سگهي. يعني ٻار جي لوٽِ کي سڌو رکڻ لاءِ سڌو سمهاريو ويندو. جيئن ته مٿي
جي لوٽِ سخت ٿيندي آهي، ان لاءِ مايُون وس ڪنديون آهن ته مٿي جي هيٺان اهڙي شيءِ ڏجي،
جيڪا مٿي جي لوٽ کي ويھاري. پوءِ ڪو گرم اوني ڪپڙو آيو، تڏي جو ٽڪر آيو، فراسيءَ
جو ٽڪر آيو، مطلب ته کَھُرِي شيءِ تي مٿو رکيو ويندو ته جيئن ٻار جي لوٽِ سِگهوئي
ويھي. ڪي مائرون وري، پيالي نما، ڍڪڻيءَ ۾ ڪپھه رکي، لوٽِ ويھارڻ لاءِ ڪم آڻينديون
آهن. لوٽِ جي ويھارڻ جو بِلو ته ٿي ويو، ليڪن مٿي جو هڪ حصو اڃا رهي ٿو، اهو آهي، ٻار
جي مٿي جو چوٽُ! چوٽ مان مراد نرڙ ۽ ڪياڙيءَ جو مٿيون بلڪل وچ، جتي مٿي جون ٻه ڪنڊون
ٿين. ان کي ويھارڻ لاءِ مٿاڙيءَ جو ڀَرُ ڏنو ويندو آهي، ته جيئن پاسي کان مٿاڙيءَ
جي روڪ سان مٿي جو چوٽُ برابر ويھي.
سمهارڻ مھل جيڪڏهن ٿوري به وائڙائپ ٿي ويئي، ته ٻار پيو
مٿي جا پاسا ورائيندو، جنھن سبب ٻار جو مٿو برابر نه بيھندو. اهڙي ٻار جو مٿو، منڍ
وارن ڏينھن ۾ ڦڏو به ٿي ويندو ۽ لوڻا (مٿي جا پاسا) به مري پوندا ۽ پوءِ سڀڪو پيو ڀوڳ
ڪندس، ته مٿو ايئن اٿئي ڄڻ دَٻي تي ڪا لت آئي هجي! هاهاها.
ٻين سماجن ۾ اهو ڪم آهي ئي ڪونه! اهي رهندو، ان ڳالهه تي
کلندا آهن ته ان ڪرڻ سان ٻار جي ذهن تي فرق ٿو پوي، يا ٻار ذهني ڪمزور ٿو ٿئي. ايتري
تائين جو ميڊيڪل ۾ به ان ڪم کي ڀلو ڪونه ٿي چئي؛ ليڪن سنڌي سماج ۾ اڄ به ايئن ڪيو ٿو
وڃي. جن جي لوٽِ بلڪل سڌي بيھي ويندي آهي، ته ان کي ’پاٽِ مٿو‘ يعني پويان سڌو مٿو
چيو ويندو آهي. جيڪڏهن پويان لوٽِ نڪري بيٺي، ته ان کي ’لوٽو مٿو‘ چيو ويندو آهي.
لوٽي مٿي لاءِ هڪ ڀوڳ به هوندو آهي ته ’لوٽي مٿي سبب، پري کان همراهه جي خبر ئي نه
ٿي پوي ته وڃي ٿو يا اچي ٿو‘.
ان مٿي ويھارڻ واري ڪم تي، جن سماجن جي مائرن جو ڌيان نه
ٿو وڃي، تن جي ٻارن جون مٿي واريون لوٽيون، گهڻي ڀاڱي، نڪتل ٿينديون آهن. اسان وٽ
سنڌ ۾ جيڪي پنجابي قوم جا ماڻهو اچي رهيا، تن جون گهڻي ڀاڱي مٿي جي لوٽِ ٿوري اڀريل
ڏسڻ ۾ آئي، ان ڪارڻ سماجي طور اها ’پنجابڪي لوٽِ‘ سڏجڻ لڳي ۽ سنڌ جو عام ماڻهو ان
کي چوڌري چوڻ لڳو. منھنجي مانائتي استاد غلام رسول ميمڻ درٻيلائيءَ جي لوٽِ نڪتل
هئي. هو ڊرائنگ ۽ جاميٽريءَ جو وڏو ڄاڻو هئو. مون ڊرائنگ ۾ جيڪي امتحان پاس ڪيا،
سي ان جي ئي مھربانيءَ سان، مان 1982ع ۾ ايڇ ايم خواجا هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر ٿيس،
سو به ان جي ڏنل ڏانءَ سان! ان استاد کي سڀ سڏيندا ئي ’غلام رسول چوڌري‘ هئا. هڪ
دفعي مون پنھنجي استاد کان ان بابت پڇڻ جي گستاخي ڪئي، هن الهه لوڪ ماڻهوءَ پنھنجي
مٿي جي لوٽِ تي هٿ رکي، وراڻيو ته ’ننڍي هوندي منھنجي مٿي جي لوٽِ نڪتل هئي، ان ڪارڻ
منھنجا استاد مون کي چوڌري ڪوٺيندا هئا. ان کان پوءِ اها منھنجي سڃاڻپ ٿي ويئي. هاڻي
سڀڪو مون کي غلام رسول چوڌريءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿو.‘ اهو چئي وٺي وڏا ٽھڪ ڏنائين.
يعني سنڌي سماج ۾ اها وِڏَ سمجهي ويندي آهي، ته فلاڻي جو
مٿو ويٺل ڪونهي، پوءِ ان لاءِ الڳ انداز جا ڀوڳ. ان ڪري سنڌي مائرون ويچاريون
راتيون جاڳي به ٻه ٽي مھينا ته ٻار جي سار سنڀال تي وڏو ڌيان ڏينديون آهن، ڄڻ ته
چِلو پيون ڪاٽِين. جڏهن ڄاول ٻار، وڏا ٿين ٿا، ته اهو ئي سمجهن ٿا ته اسان ڌُرئُون
ئي ايئن هياسين. سلام آهي، مائرن جي تَپسِيا کي، جيڪي ٻارن جا گُونھَن مُٽ ڌوئي،
کين اجرو رکن ٿيون.
ٻار جي مٿي ويھارڻ لاءِ ’مٿاڙِي‘ نھايت اهم آهي. عام طور
اها مٿاڙي، چيڪي مِٽيءَ جي ٺاهي ويندي آهي. پھرين مِٽيءَ ۾ ڇيڻو، لِڏِ يا بُھُه گَڏي،
مٽيءَ کي گُڏي ڳوهي، سِر جيتري مٽي کڻي، مٿئين پاسي ٿوري گولائيءَ مائل بيھاري،
چار آڱر ويڪرو ۽ چار آڱر اوچو ۽ ڊيگهه ۾ هڪ فوٽ يا گهٽ وڌ رکِي، هيٺئين پاسي
چُلهِه وانگر مٿي جو کانچو بيھاري، هڪ ديڙو ٺاهيو ويندو آهي ۽ پاسن کان هڪ هڪ فوٽ
يا سوايون ٻه صاف ڪاٺيون اڀيون هنيون وينديون آهن. ڪي ته ان ديڙي ۾ ٽي ڪاٺيون به
وجهندا آهن، ان سان اهو ٿيندو ته ڪپڙي وجهڻ سان جيڪا امڪاني جهول ٿئي ٿي، اها نه ٿيندي.
ڪي وري ان ديڙي ۾ صفا پاسن کان اڀيون ڪاٺيون ٽنبيندا آهن، ته ڪي وري ٿورو وچ وٺي،
گُليلِيءَ وانگر پاسيريون هڻندا آهن. پوءِ ان ديڙي کي ڏاڍو مٽيءَ جو ليئُه ڏيئي،
سُڪايو ويندو آهي. ان ديڙي جي وچ ۾ مٿي جي بيھڪ سان کانچو ڏيئي، ديڙي جو وچ
ماريندا آهن، ته جيئن مٿي سان ملي اچي. ڪي ٻار اهڙا به ڄمندا آهن، جن جو مٿو ننڍڙو
هوندو آهي ته ان صورت ۾ ان ديڙي جو وچ نه ماريندا آهن، بلڪ سڌو سِر وانگر به رکندا
آهن. اهي تياريون ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ئي ڪيون وينديون آهن. ڪا ايٿِري مائِي هوندي،
جيڪا ڄمڻ کان پوءِ پئي اهڙيون گهرج واريون وٿُون تيار ڪندي.
مَٿاڙي سُڪڻ کان پوءِ سنڀالي رکنديون، ٻار ڄمڻ سان ئي ان
جي گهرج پوندي. ٻار کي تيل وغيره هڻي، آئيڍي، وهنجاري، ٿڃ پياري، پوءِ ٻڌبو ٻنڌڻ
۾! ڪا پڪي پوڙهي يا ماءُ ئي کٽ تي پنھنجون سڌيون ٽنگون ڪري، گوڏن کان هيٺتي ٻنڌڻ
جو ڪپڙو رکي، مٿان ٻار جي پٺي رکندي ۽ ٻار جا پير پنھنجي پاسي ڪندي. ٻنڌڻ جو هڪڙو
ساڄو پلئُه اهڙي نموني ورائيندي، جو ٻار جو ڪلهو ۽ ڏورو ان ۾ اچي وڃي، پوءِ ان کي
کاٻي هٿ ۾ سوگهو جهليندي، وري کاٻو پلئه کڻندي ۽ ساڳئي نموني ورائي ايندي ۽ ساڄي هٿ
۾ سوگهو جهليندي؛ پوءِ ٻنهي پلوَن کي ٻار جي پِنيُن کان منڌيئڙي وانگر ورائي، اڳيان
آڻي، کڻي ڏيڍ ڳنڌ ڏيندي. ٻار جيڪو آئيڍ ۾ رُنو ڪيو، سو هاڻي ڄڻ آنند ۾ هوندو. بس
ان کي پنھنجي هنڌ ۾ سمهاريندي. سمهارڻ لاءِ به هنڌ جيڪو ٺھندو ته پاسي کان ٻه
سنهيون وهاڻيون ۽ پيرن کان هڪ وهاڻي ڏيئي، مٿان رکندس تھه ڪري، ويڙهيل وڏو رلڪو ته
جيئن هنڌ نرم رهي. مٿن کان رڳو تڏي جو ٽڪر، يا اوني ڪپڙي جو ٽڪر، يا اهڙو جيڪو
سندس لوٽِ ويھاري، پوءِ مٿي جي چوٽ ۽ پاسن کان ڪو ڪپڙو ورائي، ايئن رکندس جو ٻار
جا ڪَن ۽ چوٽُ ڍڪجي وڃي. اتي ٻار سُڪ ٿي ويو، ڇو جو ان کي آئيڍ ئي ڍڪر ڏيئي ڇڏيا.
پوءِ مٿن کان رکندس مٿاڙي/ مُنھن رکڻِي، اهڙي نموني جو ٻار جو مٿو ان سان ڀيچي
اچي. هاڻي مٿاڙيءَ جو هڪ ڪم ٿي ويو. باقي ٻيو ڪم اهو ته ٻار جي مٿان سنهو ململ جو ڪپڙو
يا ڪو رَئو ڏيئي ڇڏيندي، جنھن کي، ’مٿاڙي‘ مٿي جهلي بيھندي ۽ ڪپڙي جو هيٺيون پاسو،
ٻار جي هنڌ هيٺان ڏيئي ڇڏيندي ۽ آسا پاسا به اندر ورائي ڇڏيندي. ان سان ٻار جي
منھن تي ڪپڙو به نه لڳندو ۽ ساهه کڻڻ ۾ به سولو رهندو. ان کان سواءِ ٻارن ۾ ڊيڄاڙي
لاءِ ڪا لوهه جي وٿُ (ڇُرِي يا چاڪون) رکي ڇڏيندا ته جيئن ٻار کي ڊيڄڙو يا ڇرڪُ نه
اچي. ڪي ته وري مٿاڙِيءَ ۾ ئي ڪوڪو هڻي ڇڏيندا آهن. ٻار سڪون سان ستو پيو هوندو،
تيتر ماءُ ويچاري پئي اک ۾ رکندس، جيتر ننڊ ڪري اُٿي. ٻار سان سياري توڻي اونھاري
اها ئي ڪرت ڪئي ويندي آهي. جي سيءُ هوندو ته سيني تائين گرم ڪپڙو يا تھه ڪري ويڙهيل
رلهي ڏيئي ڇڏيندي، جي گرمي هوندي ته وڃڻو پئي هڻندس. ڪيڏي مھل مٿان وڌل ڪپڙي/ رئي
جو پلئه کڻي ڏسندس ته ٺيڪ ستو پيو آهي! پاڻ کان وڌيڪ ٻار جو ڌيان ڪندي. سبحان
الله، ڇا ته ماءُ جو رشتو سرجيو ويو آهي!
اها مٿاڙِي گهڻي قدر چيڪي مٽيءَ ۽ ٻٻر يا ڪنھن ٻي ڪاٺيءَ
يا ڪاني سان ٺاهي ويندي آهي، جنھن سان اهي ٻئي ڪم (چوٽُ ويھارڻ ۽ ڄاري هڻڻ) ٿي ٿا
وڃن. ڪي ماڻهو وري ڊکڻ جي ٺھيل ’مٿاڙي‘ به ڪم آڻيندا آهن. ان ۾ هڪڙو امڪان رهندو
آهي، ته متان ٻار لتون هڻي، ڪپڙي کي اڇلائي وٺي، ۽ ان سان مٿاڙي ابتي اچِي، ٻار جي
مٿان پوي. جڏهن ته مِٽيءَ واريءَ ۾ ايترو بار هوندو آهي، جو ٻار آسانيءَ سان ان کي
اٿلائي نه سگهندو.
مھراڻ اسان جو ٽيون نمبر ٻار آهي، ان کان اڳ وارا ٻار نه
بچيا. جڏهن مھراڻُ ڄائو، ته بس مڙيئي ڪم ٽپائڻ لاءِ خيرپور مان ڪاٺ جي مٿاڙي
گهرائيسين. ڪاٺ جي مٿاڙي هئي ته ڳوري، پر ٻار جي دڙيون هڻڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ڪري ٿي
پيئي. ان ويلي خيال ٿيو ته مِٽيءَ جي مٿاڙي سڀن کان ڀلي آهي. اها ڪاٺ جي مٿاڙي
مستطيل نما هئي، رڳو مٿي واري پاسي کان، مٿي لاءِ کانچو ٺھيل هئس. هئي ڪافي مضبوط
پر جيڪو مزو ۽ بي فڪري مِٽيءَ واري مٿاڙيءَ ۾ سو ڪاٺ واري ۾ نه هئو. ٻين ٻارن لاءِ
به پوءِ ساڳي ڪاٺ واري مٿاڙي ڪم آندي ويئي. جڏهن ٻار هلڻ چلڻ جھڙا ٿيا، ته اها مٿاڙِي
به ڪو اڌاري وٺي ويو، اڄ به ٿي موٽي!
اها مٿاڙي سڀني ٻارن لاءِ ڪم آندي ويئي، پر مھراڻ جي مٿي
۾ هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ويئي ته تارونءَ وٽ، نرڙ ۽ چوٽ جي وچ ۾ مٿي جا ڄڻ الڳ الڳ ڀاڱا
ٿي لڳا ۽ ڪياڙي ۽ چوٽ جي وچ ۾ وارن جي وٿيءَ سان ’پَڳَ وَرُ‘ چٽو ٿي بيھي رهيو. هاڻي
ڪڏهن ڪڏهن ٽِڪڻ ڪرائيندو آهي ته اهي ڀاڱا ۽ پڳ ورُ ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي.
اها مٿاڙِي ڌُرئون ته مِٽيءَ جي ٺھندي آئي آهي، پوءِ ٻين
شين مان به ٺھي ويندي آهي، جيئن، ڪاٺ مان، ٿلهي ڪنھن پاٺي مان، يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ
مان، پر ڪم اهوئي اٿس. پاٺي واري، ٻار جو چوٽُ ويھاري ڪونه سگهندي. هڪ مارواڙيءَ وٽ
پاٺي جي ٺھيل مٿاڙي ڏٺي ويئي. بس اهي رنگ آهن، اصل ڳالهه آهي، ڪا اهڙي وٿُ بيھارڻ
جنھن مان ڪونه ڪو ڪم وٺي سگهجي. ڪي ته وري ميٽ ۽ ڪاڳرن جي ميلاپ سان به ٺاهيندا
آهن ۽ وري ان کي بونبڙيون اهڙيون ته زنجير وانگر هڻنديون جو ويھي ڏسجي.
مٽيءَ جي مَٿاڙِي، ٺاهڻ ڪو وڏو فن ڪونهي، پر جيئن ته اڳي
سماج هڪٻئي لاءِ ڪمائيندو هئو، هڪٻئي سان جنسون مٽائيندو هئو، ان ويري ڪي ساٺ وري،
مٺيون مرادون ڀانيون وينديون هئيون. مٽيءَ جي مٿاڙي ڪا ڪنڀارڻ ٺاهي، ڪنھن گهر ۾
پيريٺي يا پھرين پٽ جي ڄمڻ تي، کڻي اينديون هئيون ۽ مٺيون مرادون وٺنديون هئيون.
ان مِٽِيءَ جي مٿاڙِيءَ کي ديڙو يا ديڙِي به ڪوٺن ٿا. ٻي
وري مورکو يا مورکي به سڏجي ٿي، جيڪا ننڍڙي ٻار مٿان ڄاريءَ جي ڍڪ وارو ڪم ڪندي
آهي. يعني ان جو ڪم رڳو ڍڪڻ آهي، مٿي جي چوٽ ويھارڻ ۾ ان جو ڪردار ڪونهي. ان جا به
نمونا ٿين ٿا، هڪ ۾، ٻه هڪ فوٽيون ڪاٺيون، ٻرانگهه وانگر رکي، ان مٿان هڪ اڍائي يا
ٽه فوٽي ڪاٺي، اهڙي نموني رکبي جنھن جو هڪ
ڇيڙو، ٻرانگهه نموني ڪاٺيءَ مٿان هجي، ۽ ٻيو سمهيل ٻار جي پيرن کان اچي بيھي. ان مٿان
سنهو ڪپڙو رکي ڇڏبو ته ٻار ڍڪجي ويندو. ٻئي ۾، گهڙامنجيءَ وانگر ٻه ٻه ڪاٺيون، ٽيڙيل
۽ مٿان مستطيل چَونڪ، جيڪو ٻار جي مٿان رکي، مٿان ڪپڙو ڏيئي ڇڏبو. ايئن به ٻار جو ڍڪ
ٺھي پوندو. مطلب ته ان جا گهڻئي نمونا آهن. مورکيءَ جو ٽيون نمونو وري رڳو هڪ لٺ
کي ٻار جي مٿان کٽ جي واڻ مان ٽپائي، زمين ۾ هڻبي، ۽ مٿي ايتري ڪبي، جو ڪو ڪپڙو
وغيره رکي ڇڏجي ته ٻار مَک توڻي مڇر کان بچيو رهي. بھرحال، اهي مٿاڙيءَ جا مڙيئي
نمونا آهن، جيڪي بيان ڪيا ويا. اڄ به ڳوٺن ۾ اها مٿاڙِي/ منھن رکڻي ڪم آندي وڃي ٿي.
دراصل، ان جا ٻه نمونا سامهون اچن ٿا، هڪ مٿاڙي/ منھن رکڻي، ٻيو: گهڙامنجيءَ جھڙي
رکي، مٿان ڍڪ بس انهن ۾ جيڪڏهن ڀلي مٿاڙي/
منھن رَکڻي آهي ته مِٽيءَ جي، جنھن کان ٻٽو ڪم ورتو ويندو آهي. ڪٿي ته وري انهن ٻنهي
شين ۾ فرق به نه ٿو رکيو وڃي، سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون! بھرحال، مَٿاڙِي/ منھن رکڻي ۽
مورکي ٻه الڳ الڳ وٿُون آهن. ان ۾ مٽِيءَ واري مٿاڙي سنڌي سڀيتا جي اهڙي وٿُ آهي،
جيڪا وقت سان پنھنجي سارَ ڪرائيندي آهي، نه ته ٿيو خير! اهڙيون وٿُون سنڌي سڀيتا
جو اهڙو ورثو آهي، جيڪي چپ چپات ۾ گم ٿينديون وڃن ٿيون ۽ اهڙو به وقت ايندو ته
اسان جو آئيندو، انهن کي سمجهڻ ۽ ان جي ڪم کان واقف ئي نه رهندو. ان لاءِ اهڙين
شين تي لکجي ۽ نئين پوش کي ٻڌائجي. هن وٿُ ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ لفظن تي پروليون ۽
پھاڪا، اصطلاح به آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سونھن آهن.
شاهه
جو بيت:
ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ،
ٻانِھيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ،
لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.
پروليون:
• هڪ ڍڍريءَ کي ٻه سِڱ (ڀڃڻي: مٿاڙِي)
• ٽه- ٽنگي ٻڪري، ننڍڙا ٻار ڍَڪي.
(ڀڃڻي: مٿاڙِي)
اصطلاح
۽ پھاڪا:
• ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ (ننڍي هوندي کان
ناتو هجڻ)
• لوڻا ٺپڻ (سزا ڏيڻ- دڙڪو ڏيڻ)
• لوڻَن مُئل (وائڙو ماڻهو- ڪوجهو
ماڻهو)
• تارونءَ ۾ ڳڙ، دل ۾ زهر. (ظاهر هڪڙو، اندر ۾ ٻيو)
Sir Assalam o Alaikum, I am from Sindhi and I am fond of your Sindhi website blogs. But I have a suggestion for you to please change the theme template of your website for readers like me to read the Sindhi fonts easily.
ReplyDelete