Thursday, December 21, 2023

سُلفو - ڇَڄھري - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سُلفو - ڇَڄھري

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سودي سلف کي سلھٽ سان رکڻ لاءِ، ڀت ۾ جيڪو ڪاٺ جو تختو هنيو ويندو هئو، ان کي ’سلفو‘، ’ڇَڄھري‘، ’ڇاڄو‘ يا ’ڇَپٽي/ پَڇٽِي‘، ’پڇنڊِي‘ يا ڪٿي وري ’ٽَنگڙي‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. هن وَٿُ کي عربي ٻوليءَ جي نسبت، ’رَفع‘ (مٿانھين) به چئجي ٿو، جنھن جو سنڌي اچار ’رَڦُ‘ آهي. سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ اهو ’رَڦُ‘ لفظ به ٻُڌو ويو آهي. آهي ته ’سُلفو‘ به عربي لفظ ’سُلف‘ (سودو يا سامان) مان ورتل، ليڪن ان کي سنڌي بڻائڻ لاءِ آخري ’او‘ جو آواز شامل ڪيو ويو آهي. اتر سنڌ ۾ ’دِيوالگِير‘ يعني ’ديوار گير‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. هن جا ٿلهي ليکي ڇھه انگ ٿيندا آهن: ’هڪ وڏو ڦٽو، ٽي پاسن کان لڳندڙ ڪنگرين واريون پٽيون، ٻه گهوڙِيءَ جو پٽيون‘ اهي ملائي ٿيون ڇھه پٽيون، جنھنڪري هن کي ’ڇَپٽي‘ ڪوٺين.  ڪي وري ان کي ’ڪانَسِ‘ به ڪوٺين، حالانڪ ڪانَسِ ڇت وٽ ننڍڙي ٻنڙي کي به چئبو آهي، يا ڪٻٽن جي پاسي کان اوٽ لاءِ ڏنل پٽين کي به چئبو آهي. بھرحال، سنڌ جا جيترا طبعي ڀاڱا، تيترا لفظ، اها سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري آهي. دور مٽجڻ سان نيون وَٿُون اچن ٿيون ته پراڻين جي گهرج نه ٿي رهي. تنھن هوندي به ڪافي ڳوٺن ۾ اهڙيون وٿُون، ساڳي صورت ۾ ملن ٿيون.



ويجهر ۾ جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي هڪ شوڪيس ۾ هڪ ڳوٺاڻي گهر جو منظر  ڏٺم ته مون کي سلفو نظر آيو، جنھن تي پڻ پراڻي دور جون شيون پڻ رکيل هئيون. يڪدم ذهن ۾ پنھنجو ننڍپڻ تري آيو ۽ ياد پئي آيم ته اسان جي رڌڻي ۾ ٻه هڪڙا ڪاٺ جا سُلفا لڳل هئا، جن تي سودي سامان جا دٻا ۽ ڪجهه ٻيون شيون پيون هونديون هئيون، جيڪي ننڍڙن ٻارن جي پھچ کان مٿي ۽ ڪتي ٻلي جي نُوسِڻ کان به بچيل. پوءِ جڏهن ڪو آئل رنگ ايندو هو ته ان سلفي کي به ڏبو هئو ته نئون ٿي پوندو هئو. رڌڻو مستطيل ماپ ۾ هئو، ننڍي پاسي کان ننڍو سُلفو ۽ وڏي پاسي جي اڌ جيترو وڏو سُلفو. ننڍو سلفو گهڻو ڪري، پنج فوٽ ڊگهو ۽ هڪ فوٽ کن ويڪرو هوندو هئو، جڏهن ته وڏو سُلفو ست فوٽ کن ڊگهو ۽ هڪ فوٽ ويڪر ۾ هئو. سُلفي جي وَٽِ سان اوٽَ لاءِ ڪُنگريُن (ڏاندائيُن) واريون پٽيون لڳل، هيٺان ٽيڪون لڳل، جو ڪيترو به سودي سُلف جو بارُ رکجي ته جهِڪي نه، پويان ڀت تي لڳل پٽين ۾ کُتل، مطلب ته اهڙو سھڻو جو هر هر دل چئي ته سامان کڻجي ۽ وري ٺاهي رکجي.

سُلفو ته ڪاٺ جو ٺھندو آهي، ان کان اڳ ضرور سيڌي سامان رکڻ لاءِ مٽيءَ جو ٺاهيو ويو هوندو؛ ڇاڪاڻ ته ڪافي ڳوٺن ۾ مٽيءَ جا ٺھيل سُلفا به ڏٺا، جن کي ڇَڄھري/ ڪَرَ ڪوٺيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ ڇا ڪندا آهن ته ڪمري يا رڌڻي جي ڪچي ڀت تي سڌي ليڪ ڪڍي، ان ۾ هڪ جيتريون ڏيڍ فوٽ کن سڌيون ڪاٺيون ايئن ٽنبيون وينديون، جو ان جو اڌ فوٽ کن ڀت ۾ هليو وڃي، باقي فوٽ کن ٻاهرتي نڪتل هجي. ان تي ئي وري تاڃيءَ وانگر سڌيون ڪاٺيون رکي، ان کي سوتلي يا ڪنھن نوڙيءَ سان ٻڌي ڇَتو جوڙي وٺبو، پوءِ هيٺان ڪو سڌو ڦٽو يا پاٺو ٽيڪ ڏيئي، مٿان بُھائين ڳوهيل مِٽي رکبي وڃبي تان جو سڄي تي مٽي لڳي وڃي. ڪجهه ڏينھن سُڪڻ بعد اڳيان وٽِ سان، ٻه انچ کن مِٽيءَ جو اولو  بيھاري، ان تي ڪنگريون بيھارڻ لاءِ چپٽِي هڻبي وڃبي، اهو به سُڪي ويندو ته چيڪي مٽي ۽ ڇيڻو يا لڏِ ملائي، ليپو ڏبو. سڪڻ بعد گهر جا ٿانوَ يا ٽين ٽپڙ رکي ڇڏبا. وري جڏهن مٽِيءَ جو رواج گهٽيو ته ساڳئي نموني ڊکڻ کان ڪاٺيءَ جو سُلفو ٺھرايو ويو.

سُلفو جيڪڏهن ڊکڻ ڀلو هوندو ته اهڙو بيھاري ڏيندو جو مجال آهي جو ڪٿان ڦِري يا ٽيڙُ کائي. هن جي ٺاهڻ ۾ ڪا وڏي ڪاريگري ڪونه هوندي آهي، پر ڪاٺيءَ جي چونڊ سنڀالي ڪئي ويندي آهي ته ڪاٺي سُڪل هجي ۽ جيڪڏهن جوڙُ ملائڻو هجي ته وات نه پَٽي. گهڻي ڀاڱي پنجن کان ڇھه فوٽ سلفو بيھاريندا آهن. ان لاءِ کيس سڌو ڦَٽو هٿ ڪرڻو پوندو. جيڪو پنج يا ڇھه ڊگهو، هڪ فوٽ کن ويڪرو ۽ ٿولهه ۾ سوا انچ هجي. جيڪڏهن فوٽ ويڪرو آسانيءَ سان نه ملي سگهيو ته اڌ فوٽ جا ٻه ڦٽا يا وري ايترا جو ملائڻ سان فوٽ ويڪرو بيھي سگهي. ان کان اڳ ٻه گهوڙيون ٺاهيندو، جيڪي ڪِلين سان ڀت ۾ لڳي سگهن. گهوڙي ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ڏيڍ فوٽ ڊگهي ۽ ٻه انچ ويڪري چورسي ڦَٽي گهربل هوندي آهي. اها هرهڪ گهوڙي وڏن ڦٽن جي پاسن کان منو فوٽ ڇڏي، کانچو ٺاهي، اهڙي نموني ويھاريندا جو ڦٽو سڌو ڏسڻ ۾ اچي ۽ گهوڙيءَ واري پَٽي اڀي ڏسڻ ۾ اچي. اها پَٽي اڌ فوٽ کن مٿي، ۽ فوٽ کن هيٺ نڪتل هوندي. جڏهن اهي گهوڙيءَ واريون پٽيون، پنج يا ڇھه فوٽي ڦَٽي ۾ ڦٻندي، ته هيٺ نڪتل پٽيءَ جي حصي ۽ وڏي ڦٽي جي وچ ۾ آڙي ڪنڊائتي ٽيڪ لاءِ پٽي وجهبي، جنھن جا ڇيڙا اهڙا ڪنڊائتا ڪٽيل هوندا جو اهي وڏي ڦٽي ۽ گهوڙيءَ واري پٽيءَ ۾ ڪنڊائتا ويھي وڃن. ڪي وري ان وڏي ڦٽي جي هيٺان ڌاري پَٽي به وجهندا آهن، جيڪا گهوڙيءَ سان ئي ڳنڍيل هوندي آهي. يعني گهوڙِي اهڙي ٺھندي جنھن جو وچ ٽڪنڊو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ڀت ۾ لڳندڙ ڇيڙا وڏا ڏسڻ ۾ ايندا. گهوڙين ۾ هيٺان مٿان ٽنگ نڪتل هوندا، جن ۾ ڪِليون هڻي، ڀت سان سوگهو ڪبو. هاڻي سمجهو ته سُلفو تيار ٿي ويو، رڳو ڦٽي جي اڳيان اولي لاءِ ڪنگرين واري ڦٽي لڳي. وڏي ڦٽي جي وٽ سان اولي ڏيڻ لاءِ ٻه انچ ويڪري پٽي، اهڙي گهڙيندا جو ان جي هڪ پاسي کان ٽڪنڊيون ڪنگريون نڪري بيھن. اهڙيون پٽيون جوڙي، وڏي ڦٽي جي پاسي کان هڻندا ويندا، جتي وڃي ان جا ٽئي پاسا بند ٿين. باقي پويون پاسو جتي گهوڙيون ڦٻايون ويون، سي ته ڀت ۾ ئي لڳنديون، ان لاءِ ان جو پاسو ڪنگرين کان آجو رکبو. اهو ته هئو پنج ڇھه فُٽو، ڦَٽو جنھن ۾ ٻه گهوڙيون هنيون ويون. باقي جيڪڏهن فوٽ ڏيڍ جو ننڍڙو سُلفو ٺھندو ته پوءِ ان ۾ رڳي هڪڙي گهوڙي هڻبي.

ننڍڙو ڪاٺ جو سُلفو گهڻي ڀاڱي قرآن شريف رکڻ لاءِ ٺھرايو ويندو آهي. هڪ گهوڙيءَ وارو سُلفو ايڏو سگهو نه هوندو آهي، هلي هلي ان ۾ لچڪ پيدا ٿي ويندي آهي؛ ان لاءِ ٻئي ڪنھن وزن رکڻ بدران ان ۾ رڳو قرآن شريف يا ڪو مذهبي ڪتاب گيتا، ويد، رامائڻ يا گرنٿ صاحب رکي ڇڏبو آهي. ڪي ته وري اهڙو ننڍڙو سُلفو ٻن گهوڙين سان به ٺھرائيندا آهن.

اسان وٽ گهر جي وڏن ڪمرن ۾ اهي ننڍڙا سُلفا به هئا، جن تي قرآن شريف رکيو هوندو هئو. مون کي ياد آهي ته ان ۾ ٿوري لچڪ ٿي ويئي هئي، جنھن سبب سمجهان ٿو ته هڪ گهوڙِيءَ وارو سُلفو ايڏو سگهو نه ٿو رهي. باقي جيڪي رنڌڻي ۾ لڳل هئا، سي ڏاڍا سگها هئا، وڏو بار پيو هوندو هين، ته به انهن ۾ لچڪ نه آئي. جڏهن اهو رڌڻو ڊاٺوسين ته ڀتين مان ڏکيا ڪڍي سگهياسين. ان بعد جڏهن ٻيو رڌڻو تيار ٿيو، ته ان ۾ سُلفي بجاءِ سيمينٽ، بجريءَ ۽ لوهي سيخن سان سلپون ٺاهي، اڳين سُلفن مان جان ڇڏائيسين. هاڻي ٿو احساس ٿئي ته سُلفو ڪيڏو نه ڪارائتو هئو، جتي گهرج پوي، هن هنڌ کان ڪڍي کڻي ٻي جڳھه تي هڻو، ته به اهڙو جو اهڙو!

سودي سُلف لاءِ ڪاٺ جي اها وَٿُ عام هئي، جيئن جيئن وقت ورندو ويو ته اهي وَٿُون به موڪلائي ويون. ان باوجود ڳوٺن ۾ اهڙا اڃا سوڌو مِٽيءَ جا سُلفا يا ڇپٽيون ٺاهيون وينديون آهن. هڪ مِٽيءَ جي ڇَپٽي اهڙي به نظر مان گذري جيڪا هڪ پائي تي طبقن ۾ بيھاريل هئي، ساڳئي نموني ڪنگريون وڌل ۽ سامان سَڙي جي رکڻ جي سھولت. چوڻ جو مقصد ته اهڙين وَٿُن جي گهرج پوي ٿي، پر اسان ماڻهن پنھنجين اصل وَٿُن کي ڇڏي، ساڳيو ڪم ٻين وَٿن مان وٺون ٿا.

بھرحال هنن وَٿُن کي وسارجي نه، ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ياد ضرور رکجي، ڇو ته ان جي گهرج ختم نه ٿي آهي، بلڪ ان جا نمونا مٽجي ويا آهن. هاڻي ته جديد نموني سان فنشنگ ٿيل ڦٽا ننڍا يا وڏا ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ان کي پڪين ڀتين ۾ هڻڻ لاءِ جديد قسم جون لوهي ٽيڪون ٺاهي لڳايون وڃن ٿيون. ڪٿي ته وري ڪاٺ جي بدران شيشي جا سُلفا به اهڙا ته سھڻا ٺاهجن ٿا، جو ويھي ڏسجي. ٽي وي وغيره لاءِ به چرندڙ پرندڙ اسٽينڊ ٺاهي، مٿان ڪو شيشو يا ڪاٺ جو ڦٽو رکي ڇڏن ٿا. بھرحال، وٿُ جو ڪم ساڳيو آهي، رڳو انداز مٽيل آهن. ڪافي جديد گهرن ۾ اهڙا جديد انداز سان سُلفا لڳل هوندا آهن، جن تي سونھن خاطر شوپيس وغيره رکيا ويندا آهن. وَٿُ ساڳي آهي، رڳو انداز جديد اٿس.

No comments:

Post a Comment