Monday, August 17, 2026

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان.

(سرو، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کدڙي کي جسماني طور، ٻانھن توڙي ڄنگھن ۾، عورت توڙي مرد کان سگھ، وڌيڪ ھوندي آ. جڏھن نچڻ بيھندو آ ته نه ٻانھن ۾ ٿڪبو آ ۽ نه وري جنگھن ۾. طبلائيءَ جون کنڀڙون پيون سور ڪنديون. ھڪڙو طبلائي مٽجي، ٻيو طبلائي پيو طبلو وڄائيندو. ڪٽجي ڪٽجي، طبلو ڇڄي پوندو، پر نئون کدڙو مجال آ جو ٿڪجي. ڇو جو نئون نچڻ جو جيڪو شونق اٿس، سو کيس ٿڪجڻ نه ڏيندو آ.

Thursday, August 6, 2026

لاک وڪامي سون برابر - يوسف جميل

 

لاک وڪامي سون برابر

(سنڌ، چوڻي)

يوسف جميل



لاک مان مراد لک (Lac) آهي، جيڪو هڪ قدرتي رال (Resin) آهي. اها هڪ ننڍڙي جيت (Lac insect) وڻن جي ٽارين تي پيدا ڪري ٿي. هن مان شيون جهڙوڪ شيلاک (Shellac)، وارنش، رنگ ۽ سينگار جون ڪجهه شيون تيار ڪيون وينديون آهن.

Friday, July 17, 2026

شيخ اياز جي پهرين چئن شعري مجموعن ۾ موجود اصطلاحن جو اڀياس -عبدالغفور چانڊيو (مصور حسين)

شيخ اياز جي پهرين چئن شعري مجموعن ۾ موجود اصطلاحن جو اڀياس

عبدالغفور چانڊيو (مصور حسين)



سنڌي شاعريءَ جو جھان انتھائي وسيع آھي. جيئن ڪائنات ۾ سوين ھزارين ننڍا وڏا گرهه آھن، سج ۽ چنڊ آھي، تيئن سنڌي شاعريءَ جي ڪائنات ۾ پڻ ھزارين ننڍا وڏا شاعر آھن، جن مان ھر ھڪ کي ستارن وانگر پنھنجي پنھنجي سڃاڻپ حاصل آھي. انھن مان ڪنھن کي وھائو تاري جو لقب مليل آھي، ته ڪي وري ٽيڙو ۽ نکٽ جيان آھن. شاھ لطيف کي شاعريءَ جي ان افق تي سج واري حيثيت حاصل آھي، جڏھن ته شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي آسمان جو چنڊ چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ٻنھي پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌي ماڻھن جي زندگيءَ جي ھر ھڪ رخ جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي وسعت ۽ جاوداني بخشي آھي. نه صرف ايترو، پر ٻنھي عظيم شاعرن پنھنجي شعرن وسيلي سنڌي ماڻھن جي رھنمائي ڪئي آھي. بقول محمد ابراهيم جويي؛ ”تاريخي طور تي لطيف ۽ اياز ٻنھي کي سنڌي قوم جي رھبري ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو ھو ۽ اھو ھنن زبردست طريقي سان ادا به ڪيو.“ (۱)

Thursday, July 16, 2026

ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي رومانوي شاعري - ڀارومل امراڻي

ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي رومانوي شاعري

(لوڪ ادب.)

ڀارومل امراڻي



ٿر جي چارڻن جي رومانوي شاعري به ڏاڍي دل لڀائيندڙ پئي رهي آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي. ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني عشق جو امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ محل کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو به آهي.

Wednesday, July 1, 2026

جندڙي آ جيئن ڪو جنڊ الا؛ ڪو سک ڏري، ڪو ڏک ڏري.

جندڙي آ جيئن ڪو جنڊ الا؛

ڪو سک ڏري، ڪو ڏک ڏري.

منصور عباسي



ھڪڙا اھي جن کي ڪو ٿاٻو آيو ڪو ڌڪو آيو، ڪنھن دڙڪو ڏنو وٺي دانھن ڪندا، ملڪ مٿي تي کڻندا. ڪو مطلب پورو نه ٿيو ڪا ھاج نه سري، روئندا رڙندا. يڪدم چار اچي آٿت ڏيندن. ڪنھن پاڻي گلاس ڏنو، ڪنھن چانھ چڪي پياري، ڪنھن دم دلاسو ڏنو؛ سامت ۾ اچي ويندا.

Friday, June 26, 2026

ازبڪيون بڪڻ

ازبڪيون بڪڻ

(ورجيس)

منظور ڪوھيار



مارچ ۱۹۹۱ع جي ڳالھ آهي، رمضان جو مهينو به پئي هليو. مان هالينڊ جي شهر روٽرڊم جي بينٿزر اسٽريٽ جي ڊي ناڪ-۱۰۹ جي بلڊنگ ۾ رهندو هيس. منهنجي بلڊنگ جي سامهون اليڪٽرانڪ جو ’ڪريڪٽ‘ نالي وڏو دوڪان هيو. ان کان پرڀرو ٻه ٽي گھٽيون ڇڏي ترڪن جي ڊراءِ فروٽ جا دوڪان هيا. هڪ ڏينهن انسٽيوٽ آف هائوسنگ اسٽيڊيز ۾ پڙهائي پوري ڪري شام جو موٽيم، ته روزي ڇوڙڻ لاءِ کارڪون وٺڻ جو خيال آيو، ته مان چار ننڍا پاڪيٽ کارڪن جا ورتا، دوڪان جي دخل تي هڪ سهڻي من موهڻي، پر پروقار ڇوڪري اسڪارف هنيون ويٺي هئي. چئن پاڪيٽن جي قيمت ويھ گلڊر ٿي، ته مون جڏهن هن کي ويھ گلڊر ڏنا، ته هن ته مشڪندي چيو، ”رحمت!“

Sunday, May 31, 2026

ڪسي ڪانڊي شيءِ پنھنجن کي کڻائجي. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪسي ڪانڊي شيءِ پنھنجن کي کڻائجي. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



لوھر، سٺي ٺاھيل شيءِ پئسن تي کپائيندو آھي ۽ ڪسي شيءِ جھڙوڪ ٽڦڻي، چمٽو، ھٿوڙي، گهر جي ڪم لاءِ رکندو آ.

ڪنڀر، سٺا ٺھيل ۽ پڪل ٿانءَ، ناڻي عيوض کپائيندو آھي، ٻُٽو دلو ۽ ڀڳل ٿڦڻي گهر جي ڪم ڪاج لاءِ رکندو آھي.

ڊکڻ، جوڙيل چڱي شيءِ پئسن جي بدلي کپائي ڇڏيندو آھي، ڪسي ڪانڊي شيءِ گهر ۾ استعمال ڪندو آھي.

Sunday, April 12, 2026

وھي کاتي جا اصطلاح - روحل

وھي کاتي جا اصطلاح

وھي کاتي بابت دڪاندارن ۽ واپارين جي استعمال ايندڙ ليکي چوکي ۽ ڪاروباري اصطلاحن جو ٿيسارس (Thesaurus) الف-ب وار ۽ موضوعي ترتيب سان

ترتيب ۽ تحقيق : روحل



وهي-کاتو جنهن ۾ 'وهي' جي معنيٰ ڪتاب ۽ 'کاتو' جي معنيٰ حساب آهي، هڪ ٻٽي داخلا وارو روايتي ڏيهي ڏيتي ليتي يا اڪائونٽنگ جو نظام آهي، جيڪو صدين کان ڏکڻ ايشيا جا واپاري، هٽار ۽ ننڍن ڪاروبارن جا مالڪ استعمال ڪندا اچن ٿا.

بنيادي اصول ۽ بناوت

ڏيتي ليتيءَ وارو طريقو: هر مالي وهنوار کي ٻن کاتن ۾ لکيو ويندو آهي ته جيئن حسابي برابري (اثاثا = اوڌر+ سيڙپ) برقرار رهي.

جَمَعُ ۽ نام (نائين): کاتي ۾ ٿيندڙ داخلا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي؛ جَمَعُ (رقم جي وصولي يا آڳت وارو پاسو) جيڪو کاٻي پاسي هوندو آهي، ۽ نام يا نائين پاسو (اوڌر يا ڏيڻي وارو حصو) جيڪو ساڄي پاسي هوندو آهي.

تھ ڪيل پنا: هنن وهين جا وڏا ۽ بنا ليڪن وارا صفحا ڪالمَن بدران عمودي طور اٺن حصن (شالُن) ۾ تھ ڪيا ويندا آهن. حساب جو ڪُل جوڙ (Total) بلڪل اتي لکيو ويندو آهي جتي لکت ختم ٿئي، نه ڪي ڪنهن مخصوص لڪير تي.

Tuesday, March 31, 2026

لفظن جُون اڳياڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان ٻولَ - ياسر قاضي

لفظن جُون اڳياڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان ٻولَ

ياسر قاضي


گذريل هفتي واري ڪالم ۾ اسان لفظن جِي جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪن لفظن ۾ ڪي پڇاڙيُون (Suffixes) ڳنڍي ڪجهه لفظ ٺاهيا هياسي. اڄوڪي ڪالم ۾ اسان سنڌيءَ جي ڪجهه لفظن ۾ ڪي اڳياڙيُون (Prefixes) ڳنڍي، ڪي لفظ ٺاهينداسين ۽ اهو سمجهنداسين ته ضرورت آهر اهڙا لفظَ جوڙي سگهجن ٿا.

Tuesday, March 24, 2026

لفظن جُون پڇاڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان لفظَ - ياسر قاضي

لفظن جُون پڇاڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان لفظَ

تحرير: ياسر قاضي


لفظن جِي جوڙجڪ ۾ اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين (Suffixes) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. لفظن جي اڳياڙيءَ کي اردوءَ ۾ ’سابقه‘ (اڳيان ايندڙ) ۽ پڇاڙيءَ کي ’لاحقه‘ (بعد ۾ ايندڙ) چيو ويندو آهي. اها اڳياڙي يا پڇاڙي پاڻ هڪ ٻول (لفظ) هوندو آهي، پر اهو ٻئي اسم، صفت يا فعل سان ملي هڪ ڌار لفظ جوڙيندو آهي. ان طرح سان هر ٻوليءَ جي لغت يا ڪوش ۾ اڻ ڳڻيا اھڙا لفظ موجود هوندا آهن، جيڪي ان ئي ٻوليءَ يا سندس ڪنھن ڀيڻ ٻوليءَ (جنھن جا لفظ منجهس موجود هوندا آهن) جي ٻين مختلف لفظن سان ملي، بيشمار نوان لفظ جوڙيندا آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا ٻولَ اسان به روز ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ استعمال ڪندا آهيون. اھي اڳياڙيُون ۽ پڇاڙيون ذاتين، عھدن، تعليمي لياقتن ۽ لقبن ۾ به هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي نالن سان لڳي انھن کي نئين سُڃاڻ ڏينديون آهن. جيئن ’ڊاڪٽر‘، ’انجنيئر‘، ’پروفيسر‘، ’ايڊووڪيٽ‘، ’بئريسٽر‘، ’ڪامريڊ‘، ’رئيس‘، ’خواجه‘، ’مرزا‘، ’مخدوم‘، ’آخوند‘ وغيره سڀ نالن جُون اڳياڙيُون آهن. پر اڄ اسان عام اسمن، صفتن ۽ فعلن سان لڳندڙ ڪجهه پڇاڙين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي مختلف ٻولن سان ملي نوان لفظن جوڙين ٿيون.

Thursday, February 19, 2026

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو.

(لوڪ ڪھاڻي، چوڻي)

.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لومڙيءَ ۽ ٻليءَ پاڻ ويٺي ڪچھري ڪئي. لومڙيءَ ڊاڙ ھڻندي ٻڌايس؛ ”مان ڏاڍي ڦرتيلي آھيان. دشمن کان بچڻ جون، سوين ترڪيبون ڄاڻان. مون کي دشمن ھرگز پڪڙي نه سگھندو.“

ٻليءَ ميمڻي ميسڻي ٿي وراڻيس؛ ”مان ته فقط ھڪ ئي ڏانءُ آ.“

اوچتو، ڪتن جو ڊنب نروار ٿيو ۽ اچي مٿن ڪڙڪيو.