Thursday, December 21, 2023

ويھَڪڙِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ويھَڪڙِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ويھڪڙِي/ گهوڙِي/ دَدو، ڪنڀر جي بيھاريل هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا ڇھن مھينن جي ٻار کي ويھڻ ۾ ٽيڪ ڏيندي آهي. هاڻي ته جديد دور آهي، ننڍڙن ٻارن جي ويھڻ يا هلڻ جي سکيا لاءِ عجيب و غريب ۽ اچرج ۾ وجهڻ جھڙيون وَٿُون نڪري پيون آهن، پر سلام آهي ان آرٽ جي ابتدا ڪندڙ کي جنھن گهرج آهر، ويھڪڙِيءَ جو نقش ٺاهي، اهڙي وٿُ جي ڪرافٽ کي وجود ۾ آندو.



هيءَ وٿُ اهڙي رهي آهي، جو غريب غربو به وٺي ڪري، پنھنجن ننڍڙن ابھم ٻارن کي ويھاري ڦُٽرو ڪندا آهن. هيءَ وٿُ هيٺان گول تري سان ۽ پاسي کان گول اوٽ اولو ته جيئن ٻار ويھي ڀلي پيو پاسا هڻي، پر پاسيرو ڪِري نه، ۽ اڳيان هڪ پائو لڳل، ان لاءِ ته ٻار منھن ڀر به نه ڪِري ۽ ڦٻي ويٺو رهي ۽ پائي جي مٿان ننڍڙو گول پيالو ٺھيل، جنھن ۾ ٻار لاءِ ڪا شيءِ وغيره رکي سگهجي. ٻار جي ٽيڪ ۽ سنڀال ۾ ويھڪڙيءَ جو اولو ۽ پائو نھايت اهم ليکيا ويندا آهن.

ڪنڀر پھرين مِٽيءَ کي گُڏَ ڏيندو، آلو ڪري ايتري ڳوهه ڪندو، جو مِٽي چيڙهائتي ٿئي. پھرين مِٽيءَ جو چڱو پيڙو، چڪ تي رکي، پورو گول تَرو بيھاريندو، جنھن جو قطر گهڻي ڀاڱي هڪ فوٽ يا سَوايو هوندو. ان کي ٿورو سڪڻ کان پوءِ پاسن کان مٽيءَ جو ٻَنوڙو ڏيندو. ٻنوڙو ٻن ڀاڱن ۾ ٺاهيندو، پھرين چار آڱر تائين بيھاريندو، جڏهن ٿورو سوڪھڙو کائيندو، ته وري چار آڱر مٿانئس ٻي مٽي رکي، ٻنوڙو ٺاهيندو. اهڙو ٻنوڙو اندازي موجب نَوَ انچ يعني منو فوٽ بيھندو. اهو ٻنوڙو چوڌاري ڦري ايندو، رڳو اڳيان اڌ فوٽ کن کليل رکندو، جنھن مان ٻار جون ڄنگهون ٻاهر نڪري بيھن. ٻار جي ڄنگهن واري کانچي جي بلڪل وچ تي هڪ گول پائي بيھارڻ لاءِ مِٽيءَ کي چَڪ تي الڳ سان لائيندو، جنھن جي مٿان ننڍڙو پيالو بيھاري، ٻنوڙي جي کليل ڀاڱي، جي بلڪل وچ تي تري ۾ اهڙو کوڙيندو، جو بلڪل اڀو ۽ سوگهو ٿي بيھي. ڪي ڪنڀر ان پائي جي اڳيان درسني/ آئينو به لڳائيندا آهن، ته جيئن ٻار پنھنجو منھن ڏسي، سرهو رهي. ايئن ڪنڀر جي هٿن سان چئن ڏاڪن ۾ ويھڪڙِي تيار ٿيندي، پوءِ سُڪائي آويءَ ۾ رکندس.

پوري ويھڪِڙِيءَ جي گولائيءَ جو قطر هڪ فوٽ جي ويجهو ٿيندو. سڪائي، آويءَ ۾ پچائي رکي ڇڏبو. ڪنڀر کي جتي به ڪو ڇھن مھينن جو ٻار سُجهَندو اتي ڏيئي ايندو ۽ مرادي وٺندو. جيڪڏهن ٻار، پُٽ جي صورت ۾ هوندو ته مراديءَ جي گهر به سَرس ڪبي، جيڪڏهن نياڻي هوندي ته پوءِ جيڪو مليو، بسم الله ڪري وٺبو. مُرادي وري ڇا، ڪو ڳڙ يا مستي مٺائيءَ جا ٻه ٽي سير، ڪا اَن جي ڌَڙِي (پنج سير)، ڪو ڦٽين جو اڌ مڻ، حال سارو پيسو ڏوڪڙ وغيره. اها مرادين وٺڻ جي ريت هاڻي ته نه رهي آهي، اها تڏهن جي ڳالهه ٿي ڪجي، جڏهن اهي پورهيت هڪٻئي لاءِ ڪمائيندا هئا.

مون پنھنجي لاءِ تي پڪ سان ڪونه ڏٺي، باقي ننڍن ڀينرن يا ڀائرن لاءِ اها ويھڪڙي ڏٺي. پاڙي مان ماسي راڄُل ڪنڀرياڻي ٺاهيندي هئي، امڙ کي ڏيئي ويندي هئي. محرابپور ايڏي وڏي نه هئي، ان ڪارڻ اوڙي پاڙي وارن سنڌي گهرن سان قرب محبت هئي. امڙ جون پڪيون سھيليون سڏبيون هيون، ماسي راڄُلِ سان به امڙ جي گهڻي سِڪ هوندي هئي. کيس چڪ تي ڪم ڪندي مون به ڏٺو. اها ويھڪڙِي ايڏي ته سھولتڪار ڀانئي ويندي آهي، جو ننڍڙي ٻار کي ويھاري، مايون بي اونيون ٿي، پيون گهر جو ڪم ڪار ڪنديون. جن گهرن ۾ ٻار کي سنڀالڻ لاءِ پڪيون پوڙهيون نه هونديون آهن، ته ويھڪڙي ٻار کي وندرايون ويٺي هوندي . ان ۾ ٻار تڏهن ويھاربو آهي، جڏهن ٻار اڃا چڱيءَ ريت ويھي نه سگهندو آهي. ان ويھڪڙيءَ واري وقت گذرڻ يا ان دوران ئي ٻار کي زمين تي لاهي ڇڏبو آهي ته جيئن ڀلي بانبڙا پائي ۽ مٽيءَ تي ليٿڙيون پائي. هاڻي به ڪافي ڳوٺن ۾ ويھڪڙيءَ ۾ ٻار ويھارڻ جو رواج آهي، نه ته گهڻي ڀاڱي اهي وَٿُون وڃن پيون گم ٿينديون. اندازو آهي ته ان ۾ ٻار کي ٻن کان چئن مھينن تائين ويھاريو ويندو آهي.

جيئن ته هيءَ مٽيءَ جي پڪل وٿُ آهي، ان ڪارڻ ٻار جي سُک لاءِ، منجهس رلڪو رکي، کيس ويھاريو ويندو آهي. هن ۾ ٻار لاءِ نه رڳو ويھڻ جي سھولت پر شيءِ شڪل کائڻ يا رانديڪي وغيره سان کيڏڻ لاءِ ويھڪڙيءَ اڳيان پيالو به هوندو آهي، پوءِ جيڪو آيو، سو ان ۾ رکي ڇڏبو. کائڻ لاءِ شيءِ يا کيڏڻ لاءِ ڪو جهنجهڻ، مطلب ته ان سان ٻار ريڌو پيو هوندو ۽ مائِي به سولائيءَ سان پئي گهر جو ڪم ڪار لاهيندي. هن ۾ ٻار کي ويھاري، سندس ڄنگهون سوليون ڪري ڇڏبيون، ايئن ته جيئن ويھڪڙيءَ جو پائو وچ ۾ اچي. ان سان ٻار ڄنگهون به پيو چوريندو ۽ اڳيان پائي کي به پيو پڪڙيندو. ٻار چرپر ڪندي، يا لھرا هڻندي ويھڪڙيءَ جي پاسن ۾ ته لڳندو پر ڪرندو يا اٽلندو ڪو نه! واهه ڪاريگر تنھنجي ڪاريگري!

مون به پھرئين ٻارَ ’مھراڻ‘ ڀيريءَ اها ويھڪڙي ورتي هئي، پر گهڻي ڪم نه آندي، بس پوءِ جديد قسم جو واڪر وٺي ڇڏيو، جنھن ۾ ٻار بانبڙن کان وڌيڪ پنڌ ڪرڻ ٿو سکي. ان واڪر جو اهو فائدو ٿيو ته منھنجو پھريون ٻار مھراڻ، سال پوري ٿيڻ واري ڏينھن ئي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو هئو. جڏهن ته ٻئي ٻار ’سرواڻ‘، ٽن سالن کان پوءِ پنڌ ڪيو، ان ۾ شايد ٻار جي وزن جو معاملو به هيو.

سنڌي سڀيتا ۾ اها ڪنڀارڪي ويھڪڙي اهڙي ته ڄاتل سڃاتل هئي جو ڊکڻن به ان جي ريس تي ڪاٺيءَ مان جنڊيءَ تي لائي، ويھڪڙيون ٺاهيون. نمونو ساڳيو، رڳو گولائيءَ بدران چورسي ٺاهيائون. ان جي اڳيان، ڄنگهن جي وچ وارو پائو به ساڳيو. البت هيٺان، اضافي ننڍڙا ڦيٿا، ته جيئن ڀلي گاڏڙي وانگر پيو هيڏي هوڏي ڦري. چورسي ويھڪڙِي اهڙي، جيئن ڪو ڪرسيءَ جو نمونو هجي. اهڙيون شيون ’هالا‘ شھر ۾ جام ٺھنديون آهن. ڪاٺيءَ وارر ته ظاهر آهي هڪ اميراڻو شوق آهي، باقي ڪنڀارڪي ويھڪڙي ته سڀني لاءِ هڪي تڪي.

گهڻي ڀاڱي ويھڪڙيءَ ۾ ٻار کي ٻه- چار مھينا ويھاريو ويندو آهي. ايتري ٿوري عرصي لاءِ نه ته جٽادار وٿُ ٺھندي آهي، ۽ نه وري عام ماڻهو ان جي گهرج ڀائيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عام ماڻهن جو هن وٿُ ڏانھن ڌيان گهٽ رهيو آهي. ڪافي ڳوٺن ۾ هاڻي به ٺھن ٿيون ۽ ڪم آنديون وڃن ٿيون. امڙين لاءِ ٻارن کي سنڀالي ويھارڻ جي ڀلي وٿُ آهي. اسان کي گهرجي ته اهڙين شين جي واهپي کي وڌايون، ته جيئن ڪنڀر جا فني هٿ سرها ٿين ۽ هيءَ وٿُ زندهه رهي، نه ته ڪجهه وقت کان پوءِ اها شيءِ ڳولهي ڪونه لڀندي.

No comments:

Post a Comment