ڏاند گاڏي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي سڀيتا ۾ ’ڏاند گاڏي‘ ڏاڍي دل لڀائيندڙ وَٿُ آهي. هن کي ڳوٺاڻو ته ڪم ڪارڻ
چاهي ٿو، باقي شھري ماڻهو ڏسڻ جي حد تائين گهرندا آهن. اهڙيون وَٿُون هن وقت وڃن ٿيون
گم ٿينديون، ان لاءِ سنڌ جي اهم عجائب گهرن ۾ ڏيکاءَ لاءِ رکيل آهن. هن وَٿَ جا ڪاريگر به مشڪل سان، سنڌ جي ڪن
علائقن ۾ هوندا، ان لاءِ ته ان جي گهرج گهٽجي ويئي. ماڻهوءَ، شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾، پاڻ
کي کوهي وڌو آهي.
ڏاند خوشحاليءَ جو اهڃاڻ رهيو آهي، اسان جي روزي رزق جو ذريعو رهيو آهي، تڏهن
ته لطيف سائينءَ به چيو آهي:
جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنھنجو آسرو،
پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انهن کي.
هن وَٿَ کي سنڌ ۾ الڳ الڳ نالن سان سڃاتو ويندو آهي، جيئن: ڏاند گاڏي، ڍڳي
گاڏي، بيل گاڏي وغيره. ممڪن آهي ته ٻيا نالا به ورتا ويندا هجن. نواڙي شريف (تعلقي
سوڀي ديري) ۾، مون هڪ هرَ هاريءَ سومر جوکيي کان پڇيو ته ’ڀلا، ڏاند گاڏي ۽ ڍڳي گاڏيءَ
۾ فرق ڪھڙو آهي؟‘ هن جو ٻڌائڻ هيو: ”ڳائو مال، ٻين زناورن کان وڌيڪ مست ۽ ڏنگو
هوندو آهي. ڍڳي کي به وڏي مستي هوندي آهي، هر پاڃاريءَ ۾ وهندو، گاڏيءَ ۾ به ڍُڪندو،
ته به وَٺَ جو نه هوندو، پيو ناسُون ڦوڪيندو. ڄمار جي لحاظ کان پيو جهَرندو ۽ هيڻو
ٿيندو ويندو. ان لاءِ ان کي چاٻيءَ سان کَسي ڪبو آهي ته ماٺار ۾ رهي ۽ سگهو ٿئي.
کسي ٿيڻ بعد هو سگهو ٿيندو ويندو ۽ جهَرندو به ڪونه، ان ڪري ان کي ڏاند چوندا
آهيون. باقي ٻنهي جي معنى ساڳي آهي، رڳو اهو فرق اٿس، جنھن سبب ڍڳي يا ڏاند گاڏي
چوندا آهيون. توهان ’ڏَٻو ڏاند‘ ٻڌو هوندو، پر ڏٻو ڍڳو نه ٻڌو هوندو. ان لاءِ ته ڍڳي
کي مستي هوندي آهي، ڪم به ڪندو ته جيءُ لائي ڪندو، باقي ڏاند ته ڏسڻ ۾ سگهارو، پر
اها مستي نه هوندس.“
اها ڳالهه مون هڪ ٻئي بزرگ کان به پڇي، ان به ان جي پٺڀرائي ڪئي. هاڻي اهو
ايئن سمجهڻ گهرجي ته جڏهن نوجوان ڍڳو ٿئي ٿو ۽ گاڏيءَ ۾ ڍُڪائجي ٿو ته ان کي ڍڳي
گاڏي چئجي ٿو، جڏهن ڏاندن کي ان ۾ جوٽجي ته پوءِ اها ڏاند گاڏي ٿي. باقي ’بيل‘
هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪا جاگرافيائي لحاظ کان لڳ آهي، ان لاءِ اِهو لفظ به ساڳي
معنى ۾ سنڌيءَ ۾ به ڪم اچي ٿو.
ڏاند گاڏي، اسان جي سڀيتا جِي اهم سُڃاڻ آهي، جيڪا مھين جي دڙي مان رانديڪن
جي صورت ۾ به ملي آهي. مھين جي دڙي مان جيڪو جوڙي ۽ گاڏيءَ جو نمونو مليو آهي، اڄ
به ساڳيو، ان ڍنگ ۾ اتر ۾ ڪم اچي پيو. ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اها گاڏيءَ جي جڙاوت
۽ ڍڳن جي جوڙيءَ جو نمونو، مھين جي دڙي واري سڀيتا جو تسلسل آهي. باقي ان دور جي
ماڻهن جي اٿڻ ويھڻ جي سليقي ۽ هاڻي واري ماڻهوءَ جي سليقي جي ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي.
اتر جا ڍڳا ڀاڳناڙيءَ نسل جا سڏجن ٿا، ان ڪارڻ انهن جو قد هلڪو ٿئي ٿو، جڏهن ته لاڙ
يا ٿر جو ڍڳو قداور ۽ ڏسڻ ۾ ٿلهو ٿنڀرو ٿئي ٿو؛ اهو ئي سبب آهي جو اتر جي گاڏي، قد
۾ هلڪي ۽ هيٺ ٿئي ٿي، جڏهن ته لاڙ جو گاڏو اوچو ۽ وڏن ڦيٿن سان ٿئي ٿو.
ڏاند يا ڍڳو اسان جو بنيادي سھولتڪار رهيو آهي. سنڌ ديس کي آباد ۽ زرخيز رکڻ
۾ ڏاند جو اهم ڪردار رهيو آهي. زمين هموار ڪرڻي آهي، هر ڏيئي پوک ڪرڻي آهي، ڳاهه ڳاهڻو
آهي وغيره جھڙا ڪم ڏاند يا ڍڳي کان ئي ورتا ويا.
بار ڍوئڻ جو ته ڪوڏيو آهي، ڪڏهن نه ڪنڌ ڪڍائيندو. ڪنھن پاسي ٻارن ٻچن سان وڃڻو
آهي، ته ڏاند گاڏي تيار! ان لاءِ ڏاند يا ڍڳو گهر جو ڀاتي آهي، جنھن به مھل ڇڪيس،
هليو هلندو، جنھن مھل به گاڏيءَ ۾ ڍُڪائيس، هلي پوندو، مطلب ته مھل جو ساٿي آهي. اڳي
ته اڌ رات منجهه رات ڪونه ڏسبي هئي، گهرج آهر راتو رات ڏاند گاڏيءَ تي چڙهي، وڏو
سفر ڪپي، وڃي منزل تي پھچبو هئو. هاڻي ته سواريءَ جا تيز کان تيز ذريعا نڪري پيا
آهن. هڪ تاريخي اشارو به نظر مان گذريو ته ’۱۸۷۸ع ڌاري هڪ انگريز عملدار اينڊرسن،
سکر کان شڪارپور تائين، ڏاند گاڏيءَ جي سروس هلائي، جيڪا سکر کان رات نائين وڳي ڌاري
نڪرندي هئي ۽ صبح جو ستين وڳي شڪارپور پڄندي هئي، جنھن ۾ عورتن لاء پردي جو انتظام
پڻ هوندو هئو. ڏاند گاڏيءَ تي سواريءَ جو ڀاڙو پنج پيسا رکيو ويو هئو.‘ ڳچ ماڻهو
اهڙي سواري ڪندا هئا ۽ انهيءَ سک سھنجائي تي ڏاڍو خوش هئا. ڪي ته ان سواريءَ کي پڪنڪ
ڪوٺيندا هئا.
ٻڌائڻ جو مقصد ته ڏاند گاڏين جو سواريءَ نسبت پراڻو رواج رهيو آهي. هاڻي به
جن ماڻهن کي سواريءَ جون سھولتون ناهن ته اهي پنھنجي ڏاند گاڏيءَ تي ئي نڪري پوندا
آهن. جيڪڏهن الله نه ڪري ڪا بيماري بڙي ٿي پوي ته ڪافي ڳوٺاڻا ڍڳي گاڏيءَ تي پاڻ کڻائي،
اسپتالن تائين پھچندا آهن. چوندا آهن ته ’سوال ويچارو آهي‘، يعني اها پنھنجي سواري
اهڙي آهي، جو ’پنھنجيءَ ۾ هٿَ، پرائيءَ ۾ اکيون.‘
اڳي ته ڄڃون به ڏاند گاڏين تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وينديون هئيون. ڏاند يا ڍڳا
سينگاربا هئا، گاڏيون سجائبيون هيون، ڏاندن تي جهُلون وجهبيون هئيون. مٿان ڪا چادر
وغيره جي اوڍر ڏيئي ڇڏبي هئي، ڇا ته اهي منظر هئا! انهن منظرن لاءِ هاڻي ته دل سِڪي
ٿي. هينئر جيڪڏهن ڪو ڪوڏيو اهڙو رنگ پيدا ڪرڻ گهري ۽ ڏاند گاڏيون گڏ ڪري، اهو ڏاڍو
مشڪل ٿي پيو آهي. هاڻي ته سواريءَ يا ڪمن ڪارين جا جديد نمونا اچي ويا آهن، ڪار
هجي، سوزوڪي هجي، ٽريڪٽر ٽرالي هجي، چنگچي هجي، لوڊر هجي، موٽر سائيڪل هجي وغيره،
ليڪن ڍڳا اهڙا همراهه رهيا آهن، جو اهي سڀ ڪم ڪري، پنھنجو ڳاٽ اوچو ڪندا آهن. يعني
ڍڳا اهڙن مختلف ڪمن جا متبادل رهيا آهن. ان لاءِ هاڻي به شوقين انهن جي سنڀال ۾ تر
جيتري به ڪوتاهي نه ڪندا آهن ۽ انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيون ويٺا آهن. گهڻا شوقين ته
گوءِ لاءِ اڃا به ڏاندن يا ڍڳن کي اولاد جيان پاليندا آهن.
مون وٽ سواريءَ لاءِ ننڍپڻ جي هڪ ياد آهي، ته اسان جي پڦي جيجي الهه
بچائيءَ پير وهيل بادشاهه (محرابپور ۽ باغ بچراهه جي وچ) تي هڪ باس باسي هئي ته
’محبوب عليءَ کي نوڪري ملي ته پَڙ وجهي ويندَس ۽ حال سارو ديڳ لاهي، ورهائيندَس.‘
پوءِ وڏو وقت ٿيو، بابا سائينءَ کي نوڪري به ملي ويئي، ان ۾ ترقي به ٿي، ليڪن باس ڏيڻ
ڪونه ويئي. هڪ ڀيري اسان جي ناني زوار ڪريم بخش کي چيائين ته ’زوار، مون پير وهيل
تي باس باسي هئي، اها باس به پوري ٿي. هاڻي ڪو بِلو ڪر، ته اها حاضري ڀرجي. باس
آهي ڦاس.‘ پوءِ منھنجي ناني، پاڙي جي ماڇين مان هڪ دوست کي چيو ته ’پنھنجي ڏاند گاڏي
۽ ڇوڪرو ڏي، ته پير وهيل تان ٿي اچون.‘ مان ايترو ننڍو آهيان، جو پھريون درجو پڙهان پيو ۽ سواريءَ جي چاهه ۾
نوان ڪپڙا پاتم. خوشي خوشي پئي هيڏانھن هوڏانھن ڦريم، جيستائين ڍڳي گاڏي هلي. ان
کان اڳ اهڙي سواري ڪونه ڪئي هيم.
محرابپور ۾ گهر جي سامهون ڏاند گاڏي اچي بيٺي، ويھڻ لاءِ رلهي وڇايل هئي،
جيجي ان ۾ وڏو رَئو پائي، هڪ گوڏو ڀڃي ۽ ٻيو گوڏو اُڀو ڪري، ڏاند گاڏيءَ جي ٻانھينءَ
کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي. رئي جي پلاند سان هڪ اک ڍَڪي ڇڏي هيائين ۽ هڪ هٿ ان ۾ هيس، باقي
هڪ اک مان لقاءُ پئي ڏٺائين. نانو ۽ منھنجي وڏي ڀيڻ ڪلثوم به هئي. همراهه گاڏيءَ
جي مَنجڻِ تي ويھي، ساڄي پاسي پير لڙڪائي ويٺو، ڍڳي گاڏي هلي، شھر مان نڪتي، ريلوي
ڦاٽڪ به ٽپياسين، هاڻي رڳو ڪچو ۽ ڊُسڙ، گاڏي هلندي هلي، ڪجهه پنڌ کان پوءِ گس جي هڪ
هنڌ ڏاڍو پاڻي هئو، جيڪو ڪنھن ٻَنيءَ جي ٻاري مان وَهي آيو هئو. اتي همراهه گاڏي هڪ
ڀيرو روڪي، گس مان نڪرڻ جي چال وٺي، وري کڻي ڍڳن کي ’تَتَ تَتَ‘ ڪيائين. مون کي پاڻي
ڏسي، ڀَو ٿيڻ لڳو ته الائي ڪري پونداسين، الائي نڪري وينداسين؛ پر ڍڳن لاءِ ته اهو
ڪو اهنجو هئو ئي ڪونه! ان پاڻيءَ مان جو نڪتاسين ته نانو موالي (غلام حسين، موچي
چنو هيو، رَس وارن ڇولن جو نواب ڪاريگر هئو، ديڳيون وغيره به لاهي وٺندو هئو، ناني
زوار جو يار هيو، ان لاءِ اسان به هن کي نانو ڪوٺيندا هياسين) پنڌ ئي پنڌ، هٿ ۾ وڏو
کُرپُ (ديڳ رڌڻ جو ڪفگير/ ڪپگير) ڇوهو پئي ويو. ناني مواليءَ کي ئي چانورن جي ديڳ
لاهڻي هئي. ڏاند گاڏيءَ ۾ جِيجِي ويٺي هئي، ان ڪارڻ ناني مواليءَ هيڏي هوڏي لوڻا
ئي نه ٿي هنيا. هئي هئي، ان دور جي ماڻهن جِي ان ادا کي نِمي سَلام! سو ڏاند گاڏيءَ
تي زندگيءَ جي پھرِين سواري هئي، ننگر نياز ڪري وري ان تي ئي موٽياسين. يعني ان
دور ۾ يا ته پنڌ ڪبو هئو، يا وري ڍڳي گاڏيءَ جي سواري!
ان ڍڳي گاڏيءَ جي بيھڪ پنجابڪي هئي، جيڪا گهڻي قدر اسان جا آيل هندستاني ڀائر
اڃا به ڪم آڻيندا آهن. اَرَن سان گول ننڍا ڦيٿا، پاسن کان ٻانھيون، اڳيان ويھڻ جي
منجڻ. مون کي اندازو ناهي، ته ورهاڱي واري لَڏ پلاڻ کان اڳ، ڪھڙي بيھڪ جي ڍڳي گاڏي
ڪم آندي ويندي هئي؛ ليڪن جڏهن سانڀر سان ٿياسين ته اها ئي گاڏي عام ڏٺي. ان جا ڪاريگر
به گهڻي قدر پنجابي يا اسان جا هندستاني ڀائر!
سنڌ، سڀيتا ۾ ايتري ته وسيع آهي، جو ان جو اندازو لڳائڻ سولو ناهي. طبعي
لحاظ کان جيترا هن جا علائقا آهن، اوترائي ساڳين وٿُن جا نمونا! اتر جي پاسي جي ڍڳي
گاڏي الڳ، وچولي جي بيھڪ الڳ، لاڙ يا ٿر جي گاڏيءَ جو وري انداز ئي نرالو! اهي مَٽ
سَٽ نمونا ۽ ڍڳي گاڏيءَ جي ڀاڱن مان هرهڪ جا الڳ الڳ نالا، ۽ وري ساڳئي حصي جا ڌار
ڌار نالا، سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري آهي. هاڻي ڪو ڏاهو هجي، جيڪو سڀني علائقن جي جوڙجڪ
جاچي، هرهڪ علائقي جي گاڏين جي جزن جا نالا الڳ الڳ لکي. اهو ٻڌائي سگهي ته ڪھڙن
جزن جي نالن ۾ هڪجھڙائي آهي! ڪھڙا جزا ڪھڙي گاڏيءَ ۾ وڌيڪ ٿين ٿا وغيره. اهو ڪم
ايترو سَولو ناهي، جيترو چوَڻ ۾ سَولو آهي.
اتر جي گاڏيءَ جو انداز ئي اهو آهي، جيڪو مھين جي دڙي وارن رانديڪن مان
مليو آهي. ان گاڏيءَ کي ٽيڪڻي گاڏي به چوندا آهن، جو ان ۾ اڳيان اوٽڻو/ رُونٽڻو نه هوندو آهي، بلڪ ان جي ٽيڪ پاڃاريءَ کان ئي
ورتي ويندي آهي، يا وري جي پاڃاري نڪتل هوندي ته ان جو ڳنُ (پولهه) هيٺ زمين تي ئي
رکي ڇڏبو آهي. هيءَ گاڏي ايڏي اوچي مٿي نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جا ڦيٿا، ننڍا ٿيندا
آهن. جيئن ته اتر جا ڍڳا، قد بت ۾ هلڪا ۽ قد جا ننڍا ٿيندا آهن، ان سبب ان جي گاڏي
به هيٺتي هوندي آهي. هن نموني کي اٽڪل پنج يا ڇهه هزار سال گذري چڪا آهن. ان لاءِ
ان کي ٺاهڻ وارا به گهڻا ته مري کپي ويا، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا، جيڪي اهو هنر ڄاڻندا
هوندا. ان کان سواءِ ماڻهن جو اهو چَس به نه رهيو آهي. ان لاءِ لڳي ٿو ته ڪجهه ڏهاڪن
بعد بس اها وڃي، عجائب گهرن ۾ ئي بيھندي.
لاڙ واري گاڏي جا ڦيٿا ايترا ته وڏا ٿيندا آهن جو ان جي مٿين ٻانھين کان به
مٿي پيا ڦيرو ڏيندا آهن. اهو ان لاءِ ته لاڙ يا ٿر جا ڍڳا يا ڏاند قد بت ۾ ڊگها ۽
متارا ٿين ٿا. ان ڪارڻ ان جي بيھڪ به نرالي ٿئي ٿي.
اتر واري گاڏي، هوبھو ساڳي آهي، جيڪا مھين جي دڙي مان ملي آهي، ساڳيو ڦيٿو،
ساڳيا پاٽيا، ساڳيون ٿنڀيون ۽ ٿنڀريون وغيره. هن گاڏيءَ جا شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڃا
ڪي ڊکڻ ڪاريگر آهن، جيڪي ساڳيءَ ماپ سان اها مھين جي دڙي واري ڏاند گاڏي ٺاهي تيار ڪري وٺندا آهن. هيءَ
گاڏي گهڻي ڀاڱي ڏهن کان ٻارهن مڻ سولائيءَ سان بار کڻي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رسائي
سگهندي آهي.
هن گاڏيءَ جا گهڻا ڀاڱا ٻير جي ڪاٺيءَ مان جڙندا آهن. باقي ته ڀلي کان ڀلي
جو ڪو ڇيھه ئي ڪونهي. هن گاڏيءَ جا اهم انگ: ڳن، پاٽيا، تاڪيون، ڌُرو، ٿنڀرِي، ٿنڀِي،
ڪِلو، سَرائي، چاڪ وغيره آهن. هن نموني جي گاڏيءَ لاءِ پھرين ڳنُ تيار ڪيو ويندو
آهي. ڳن جي ڊيگهه گهڻي ڀاڱي ڏھن کان ٻارھن فوٽ رکندا آهن، جن کي گهٽ ۾ گهٽ ڇھن تھن
۾ جوڙيندا آهن ته جيئن ان ۾ لچڪ رهي. تھن رکڻ سان ڳن ۾ بار کڻڻ جي سگهه به رهندي ۽
لچڪ به رهندي. اهو ڳن جو نمونو ٻين گاڏين ۾ نه رکندا آهن. انهن تھن کي ملائڻ لاءِ ڍور
جي منڍيءَ جي چمڙي جو ٽيٽڪ (سڱن وارو گول چمڙو، ڪڙو ڪري چاڙهن) يا لوهي راڊ، يا
لوهي ڪليون ۽ پَٽرُ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن پاٽيا تاڪين سان سوگها ڪري وٺبا آهن، ته
ان جي هيٺان ڳن جو هڪ چپترو پاسو ميخن سان لڳايو ويندو آهي.
ڳن کان پوءِ هن جا پاٽيا ٺھندا آهن، پاٽيو گاڏيءَ جو مک حصو آهي. گاڏيءَ ۾ ڪل
ٻه پاٽيا وڌا ويندا آهن. هن جي ڪاٺي ٽالهيءَ جي رکندا آهن. ھر هڪ پاٽيي جي ماپ ڊيگهه
۾، گهڻي ڀاڱي، پنجن کان ڇهه فوٽ رکي ويندي آهي، ويڪر ۾ ڏيڍ فوٽ ۽ ٿولهه ۾ ٽي انچ
بيھاريندا آهن. پاٽيا ڳن واري پاسي کان يعني منڍي کان ملايا ويندا آهن، باقي فوٽ ڏيڍ
ڇڏي گولائي ڪري، وچ ۾ کانچو رکيو ويندو آهي، جنھن ۾ تاڪيون لڳايون وينديون آهن. پاٽيا،
اڳيان ڳن سان ۽ پويان وري ڌُري سان سوگها ڪيا ويندا آهن. ٻن پاٽين جي وچ ۾ پنجن
کان ڇھ عدد ھڪ فوٽ ڊگهيون ۽ ھڪ فوٽ ويڪريون تاڪيون وجهي گاڏيءَ جي ويڪر ٺھندي آھي.
اهي تاڪيون پاٽين جي جهريءَ ۾ وڌيون وينديون آهن.
پاٽين جي ويڪر بيھارڻ لاءِ هن جي هيٺان تاڪيون ڏيندا آهن، ته جيئن پاٽيا
سوگها ٿي بيھن. پاٽين ۾ جهري ڪڍي، جيڪي تاڪيون لڳايون وينديون آهن، تن کي تاڙيون
به سڏجي ٿو.
پاٽين کي سوگهي رکڻ لاءِ پويان هڪ ٻه فوٽي ويڪرو ۽ پنج فوٽ ڊگهو ڦَٽو، اُڀو
لڳايو ويندو آهي، جنھن کي ’ڌُرو‘ ٿو چئجي، جيڪو وس ڪري پين جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيندا
آهن. هن ۾ پاٽين جي ويڪر جيترا سَل ڪڍي، ان مان پاٽين جا هڪ فوٽ کن پڇڙ ٻاهر ڪڍيا
ويندا آهن ۽ ان جي پاڙ ۾ ڪاٺيءَ جي ڪلي لڳائي ويندي آهي، جنھن کي ڪُڪرِي/ چچڙِي
چيو ويندو آهي. ٻن پاٽين ۾ ٻه ڪُڪريون (ڪِليون) لڳايون وينديون آهن.
ڌُري کان پويان جيڪي فوٽ کن پاٽيا ٻاهر نڪتل هوندا آهن، ان کي ٿنڀري چئجي ٿو.
گاڏيءَ ۾ ٻه ٿنڀريون ٿينديون آهن، جن تي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو يا ٻار به ٽنگون لڙڪائي
ويھي رهندا آهن. دراصل ٿنڀريون، پاٽين جو پوئتي نڪتل ڀاڱو آهي، جيڪو ڌُري جي سَلن
مان گذري ٻاهر بيھي ٿو.
پاٽين ۽ سرائيءَ کي سوگهي رکڻ لاءِ مٿان پاسن کان اڀا ٻه ڪِلا هنيا ويندا
آهن، جنھن کي ’ٿَنڀِي‘ چئجي ٿو. اهي ٺوڪيل ٻه ٿنڀيُون چورسيون هونديون آهن. اهي ٿنڀيون،
سرائيءَ کان به پار ڪري ڪڍي، هيٺان توڻي مٿان ڪِلي وجهي ڇڏبي آهي، ته جيئن
سَرائيءَ ۾ به لچڪ پيدا نه ٿئي.
ٿنڀيءَ کان سواءِ پاسي ۾ جهل لاءِ، جتي گاهه جي ڀري يا پلال جون ڀريون رکي،
روڪ ڏيڻ لاءِ ڪم آڻجي، تنھن کي ڪِلو چئبو آهي. اهي ڪِلا هر پاسي کان گهرج آهر ٻن
کان ٽن تائين وڌا ويندا آهن ۽ وري ڪڍي به سگهبا آهن. اهي ڪِلا عام ٻٻر جي ڪاٺيءَ
مان به ڦڏا سڏا گهڙي وجهي وٺبا آهن.
سَرائي اها وٿُ آهي، جنھن ۾ ڦيٿا پون ۽ سڄي گاڏيءَ جو وزن مٿس هجي. سرائيءَ
جو وچ وارو پاسو گهڻي ڀاڱي چورسو رکبو آهي، باقي پاسن ۾ هڪ گول ته ٻيو چوڙ نڪتل
هوندي اٿس. گاڏيءَ ۾ ڦيٿي يا چاڪ جا ٽي ڀاڱا ٿيندا آهن. هڪ وچ وارو ڀاڱو، جنھن ۾
سَرائي پوندي آهي، جنھن کي پڻ ڌُرو چئجي ٿو. باقي ٻه پاسي وارا آرا ونگڙا، جيڪي اڌ
گول نموني بيھاريل هوندا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي انب جي ڪاٺيءَ مان ٺھندا آهن. اهي
پاسي وارا آرا، وچئين آري ۾ جهِري ڪڍي، چُوڙ نما وڌا ويندا آهن، ۽ انهن کي سوگهو
رکڻ لاءِ ڪاٺيءَ يا لوهه جون ڪليون لڳايون وينديون آهن. ڦيٿي جي مضبوطيءَ لاءِ چوڌاري
لوهو پَٽرُ به وڌو ويندو آهي. ڦيٿي جي قطر جي ڪل ماپ ٽي فوٽ ٿيندي. ڦيٿي جي سڄي
پاسي واري ڌُري ۾ گول سَلُ هوندو، جنھن ۾ سرائي سولائيءَ سان ڦري سگهي، ۽ کٻي پاسي
چُوڙ ٺوڪيل هوندي آهي. ساڄي پاسي واري ڦيٿي جو سَل گول ۽ کاٻي پاسي واري ڦيٿي جو
سل، چوڙ وارو هجڻ مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي
ته ساڄي پاسي وارو ڦيٿو ڦرندو آهي، ۽ کاٻي پاسي وارو ڦيٿو، سرائيءَ سوڌو ڦرندو
آهي. اها ڪاريگرن جي چال ان لاءِ رکيل آهي ته کٻي پاسي وارو ڏاند به سگهارو رکبو
آهي ۽ ڪڙمي به کاٻي پاسي واري ڏاند سان ڳالهائيندو آهي ۽ جڏهن گاڏي ڦيرائبي آهي ته
کٻي وارو ڦري ايندو.
هن گاڏيءَ ۾ ڳن جي اڳيان اوٽڻو نه ٿيندو آهي. اوٽڻو ڍڳي گاڏيءَ کي سڌي
بيھارڻ لاءِ پاڃاريءَ واري پاسي لڳايو ويندو آهي، جنھن تي ڳن وارو اڳيون ڀاڱو سڌو
بيھي سگهي. هيءَ گاڏي بيھارڻي هوندي آهي ته پاڃاريءَ کي پاسيرو ڪري ان تي بيھاري
ويندي آهي.
پاڃاري اها ساڳي ئي رهي ٿي، جيڪا پوري سنڌ ۾ ڪم آندي وڃي ٿي، جنھن ۾ ڪرهو/ ڪلهو،
لار/ تراٺ، ٿنڀري، ڏورڻا، جوٽو، ناڙو وغيره ساڳيا ئي هوندا آهن. ڄاڻايل ڍڳي گاڏيءَ
جو نمونو پنج هزار سال اڳ مھين جي دڙي مان هٿ آيل گاڏيءَ جھڙو آهي، جنھن کي ٽيڪڻِي
به چوندا آهن. ڏاند گاڏيءَ جو ٻيو نمونو لاڙ ۾ هوندو آهي، جيڪو اوچائيءَ توڻي ڊيگهه
۾ سوايو ٿئي ٿو. هن کي ڇڪڙو به ڪوٺيندا آهن.
ڏاند/ ڍڳي ۽ ان جي گاڏيءَ تي به اصطلاح ۽ پھاڪا عام جام ڪم ايندا آهن:
پرولي/ هيماري:
• تيرهن پير
جو تيترو، سير پئي ناٺو جائي،
راجا پڇي راڻي نان، هي ڪِھو جناور جائي.
(ڏاند گاڏي. تيرهن پيرن جو تِتِرُ، سير ڪندو پيو وڃي، راجا پڇي راڻيءَ کان
ته هيءُ ڪھڙو جانور ٿو وڃي؟ وضاحت: اٺ پير ڍڳن جا، ٻه پير ڪڙميءَ جا، ٻه ڦيٿا/ پير
گاڏيءَ جا، ۽ هڪ پير اوٽڻي جو، جيڪو هرينھه جي اڳئين پاسي ٽيڪ لاءِ وجهبو آهي، اهي
ڪل ٿيا تيرهن پير)
سگهڙن جا ٻول:
• ھڙھ ڏاند،
کٽر ڍڳي، اڻ پليو وياءُ،
گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، اھي پنج ئي مَ چاءِ.
(هڙهه = لِڪندڙ. هرن جي مند ۾ ڪم چور ڍڳو، ڏھائڻ وقت لتون ھڻندڙ ڳئون،
شاديءَ جي وقت نھڪار ڪندڙ ڪنوار، ترن جو گھاٽو فصل، ڪڻڪ جو ڇڊو فصل، فائدي ڏيڻ
بجاءِ نقصان ڏين)
• ڪوڙو ڍڳو سٻرو
ساڄو، گهوڙو پڻ گَـھهَ گِير،
رَنَ ڪميڻي مور نه مڙي، توڙي لڳنس تير،
ماڻهن منجهه مڄو مڙس، مِرن منجهه خنزير،
اهي پنج ئي بي پير.
(ڪوڙو ڍڳو، سڄيءَ نه وهي. گهگير گهوڙو، بدچال عورت، ڀڙوو مڙس ۽ سوئر، انھن
پنجن سان پڄڻ جي بات ناهي)
• جُوٺا
پرين، کوٽو ٻڙڌ، کٽر گانءِ،
ڇڊا گيھون، گهاٽا تر، پنج ئي نه ٿيا.
(محبوب ھجي ته سچو ھجي، ڏاند ھجي ته وھُو ھجي، ڳئون ھجي ته مھريات ھجي، ڪڻڪ
ھجي ته گهاٽي ھجي، تر ھجن ته ڇڊا ھجن، سي چڱا ٿيندا، نه ته سڀ بيڪار)
• ڏٻرو ڏاند،
پوک جو پاند، ٻئي وِڻواند.
(اڀرو ڍڳو ۽ پڇڙيءَ تي پوک، ٻئي ڪنھن ڪم جا ناهن)
• کوٽو ڏاند،
کٽر ڳئون، کٽل پٽيل،
ھٿ- چٽيو واڻيو، گهر- چٽي نار،
انين پنجن ئي منھن ٻار.
(ڏاند، ڪم چور ھجي ته ڪاسائيءَ جي حوالي ٿيڻ گهرجي. ڳئون ڌارجي کير لاءِ،
اھا کير نه ڏئي ته ڪنھن ڪم جي نه. پٽيل سان ياري رکجي سندس ڌن دولت سبب، سو کٽل
ھوندو ته پيو ڦٽيندو. گهر واري آڻجي ئي گهر کي ٺاھڻ لاءِ، سا اگر گهر کي چٽ ڪري ته
ان کان وڏو ڪھڙو نقصان آھي؟ دڪاندار يا واپاري ڪمائي، اوگھ سوگھ مان، ويتر جو پاڻ
به چسڪا وٺي ته دڪان کولڻ مان ڪھڙو فائدو)
• پڇ-مروڙيو ڍڳو،
دن اگهاڙي نار،
چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار،
واريءَ سندو پنڌڙو، پنج ئي گردن بار.
(جيڪو ڏاند پڇ مروڙڻ کان سواءِ ھر نه وھي، بي لڇڻي عورت، چتيون لڳل جتي، مٿي
تي ڳاٽي ٽوڙ وزن، واريءَ وارو پنڌ، اھي سڀ تڪليف ڏيندڙ ڪم آھن)
• نيچ ڪنڌو ٻڙڌيو،
اونچ ڪنڌي نار،
راه رڙڻو ڏاگو، کٽل زميندار،
هيڪل هٽ واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار.
(ڪنڌ جهڪائي ھلندڙ ڍڳو، پاڃاري ڳچيءَ ۾ وجهندي ئي ڪڍائي ويندو، جنھن سببان
نه ھر ھلندو، نه ڳاھ ڳاھيندو، نه نار وھندو ۽ نه ئي بيل گاڏي ڇڪيندو. ڳاٽ اوچو ڪري
ھلندڙ عورت، حياءَ کان ٻاھر نڪري ويندي، جنھن سببان کيس ڪير به پسند نه ڪندو. اٺ،
جيڪو بار لڏئي کان پوءِ واٽن تي راڙو راڙ لائي ڏيئي سو به بيڪار آھي. زميندار، آھي
پيسي سان. کٽل زميندار، ھاريءَ مار ڪندو. اڪيلو دڪاندار، گراھڪن کان پاڻ ڦرائي
ويھي رھندو)
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• گاھ گاڏيءَ
کان گهڻو ٿي وڃڻ. (ڳالهه وس کان وڏي هئڻ)
• گاڏي هڪڙي ڦيٿي
تي نه هلندي آهي. (ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي)
• زال ۽ مڙس،
ھڪ گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا.
(ساٿ ۽ سھڪار سان ئي زندگي سڦلي ٿيندي)
• ڪڏھن گاڏي ٻيڙيءَ
تي، ڪڏھن ٻيڙي گاڏيءَ تي.
(زندگيءَ جا وارا ڦيرا آھن)
• وهُو ڍڳي
تي مار به گهڻي.
(ڪم ڪندڙ کي سڀڪو پيو ڀڄائيندو، نڪمي کي ڪو چئي ئي نه)
• غريب ڍڳي تي ٻيڻو بار.
(نه ڪڇندڙ تي سڀڪو پيو ڪم جو بار رکندو)
• ھلڻ ۾ جھڙو
ڍڳو. (ڪم جو پھلوان)
• ڪاري ڏاند
جا مالڪ پھچي ويا اٿئي. (چور کي هوشيار ڪرڻ)
• لغڙ لاڙو
ھجن ته موالي نه مارائجن.
(لغڙ = گوءِ ۾ ڀڄندڙ ڏاند. لاڙو = لڙي ويندڙ يا لڪندڙ. اگر گوئر ڏاند، ڀڄڻ وقت ٻوڙن ۾ لڪي ويندڙ ھجي
ته مٿس شرط رکائي، موالين کي ھارائجي نه)
• زال ۽ ڏاند،
پاڙي مان وٺجن.
(سوچي سمجهي قدم کڻجي)
• کائڻ ڪاڻ ڏاند،
وھڻ ڪاڻ گابو. (ورجيس)
• وھو ڍڳي کي
لڪڻ ھڻبو ته ٿيڙ کائيندو.
(ڪم ڪندڙ کي ڇڙٻ نه ڏجي)
• ڍڳي جو ڍڳو،
نه ڏھڻ جو، نه ڪھڻ جو. (ڪنھن ڪم جو نه هئڻ)
• ڍڳي جي
پيرن ۾ برڪت.
(زمين جي کيڙڻ ۾ ڏاندن جو پير برڪت ڀريو آهي)
• ڪيول دين
تي آيو، ڏٻو ڏاند ڪهايو.
(همراهه مسلمان ٿي، ڏٻي ڏاند جي قرباني ڏني)
• وڻون نه وڻون،
گاڏيءَ ۾ اڳيان چڙھون. (ٽوڪ/ چٿر)
• اڪيلو ڍڳو،
ڪھڙي ڪم جو!
(ڏاند گاڏيءَ يا هر ۾، جوڙي ڏاندن جي وهندي آهي)
• ڪم جي وقت،
نه جوان کي ڪجھ ٿئي، نه ڏاند کي ڪجھ ٿئي.
(ڪم وقت ڪا لاچاري نه ٿئي)
• ڳوٺ جو دڳ ڏسي،
ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن.
(هر ساهواري جي ڇڪ پنھنجي آستان ڏانھن ٿيندي آهي)
• ٻُنڊي وجهڻ
کان اڳ، ڍڳي کان نه پڇبو آهي.
(ٻُنڊو وجهڻ = خصي ڪرڻ. ٻئي کي نقصان يا فائدو ڏيڻ لاءِ، کانئس اڳواٽ نه پڇبو
آهي)
• راڄ نه ڏجن
مڱيا، مڱيا نه ڏجن ڏاند.
(راڄ ۽ ڏاند، گهرڻ سان ڏئي نه ڇڏبا آهن)
• اڻ وهندا ڏاند
به ڪڏهن وهيا!
(ناتجربيڪار کان ڪو به ڪم نه نبرندو)
• پٽ اوير
سوير اٿڻ کان جواب ڏئي، ڍڳو جواب نه ڏئي. (چوڻي)
• ڇھه کڻي ڇَتو،
ڏهه کڻي ڏاند.
(لاڙ ۾، ڇَتي نالي بھادر مڙس ٿي گذريو آهي، جنھن جا وزن کڻڻ ۾ ڏاندن سان
مقابلا ٿيا)
• جُتي ڏسي،
پير سڙڻ لڳندا آهن،
ڏاند گاڏي ڏسي، سُڄي پوندا آهن.
(سکن ۾ سھنجائي سولي)
• جڏهن ٻارِ
کڄڻ تي آهي ته ڍڳو نه وڪڻجي.
(روزگار جا اوزار/ وسيلا نه وڪڻجن)
• ڀروسو نه ڪجي،
مڙس پانڊيءَ تي، ڏاند ڊانڊيءَ تي.
(ڊانڊِي = وڏن گول سڱن وارو)
• پاڃاري وجهڻ
کان اڳ، ڍڳي کان صلاح پڇبي آ ڇا!
(نوڪر کان ڪم وٺڻ بابت نه پڇبو)
• ڏاند کري، ته پاڃاري پوڻ کان ونءُ وڃي.
(ڪم ڪندڙ کرندو ته ڪم نه ڪندو)
• ٻڪريون
هَرَ ڪاهين ها ته ڍڳا ڪير نه رکي ها.
(هر هڪ جو ڪم ورهايل هوندو آهي. هرڪو پنھنجي وَتَ آهر ئي ڪم ڪري سگهي ٿو،
وت کان وڌيڪ نه ڪري سگهندو)
• بختاورن جا
ڍڳا به ويامن ته ڏاند به کير ڏين.
(ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو ته دال مان سيرو)
• بختاورن جا
ڍڳا به ويامن، ڪمبختن جون ڍڳيون به نه ويامن.
(نصيب جي بازي هوندي آهي. بخت وارن جا ڍڳا به ڍُڪا)
• ڏاند ڊڄي
پاڃاريءَ کان، ٻوڙي ۾ ٻه پاڃاريون.
(جنھن شيءِ کان ڀڄجي، سا سامهون)
• ڀاڳ وارن جا ڍڳا به ڍڪا، نڀاڳن جون ڍڪيون به ڦنڊيون.
(ڀاڳ وارن کي سڀڪجهه حاصل)
• ڏاند ته ڪاھي
ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون.
(اٽڪل سان پنھنجي جان ڇڏائڻ)
• وهن ڍڳا،
کائين گهوڙا.
(هڪڙا ڪمائين، ٻيا کائين. وھي جوڙو،
کائي گهوڙو)
• ڌنُ يا ته
جوڌين، يا ڳوڌين.
(جوڌا، سگهارا مڙس، محنتي ھاري. ڳوڌا = وھو ڍڳا. ڌن ڪمائي ۽ جمع ڪري سگهندو، يا مڙد ماڻهو، يا ڍڳو)
• لڪڻ لائو، ڏاند
پرائو.
(ڏاند به ھر يا گاڏيءَ ۾ تڏھن ٿو ڍُڪي، جڏھن کيس لڪڻ ٿو ڏيکارجي. لڪڻ ھٿان
ويو، ڄڻ ڏاند به پرائو ٿي ويو)
• ڀلي آيو
گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو.
(ڏاند روزيءَ جو وسيلو آهي. گانءِ ان لاءِ احترام لائق آهي جو ان جو ڄاول ڍڳو،
هر کيڙڻ، ڳاهه ڳاهڻ، بار ڍوئڻ وغيره جي ڪم ۾ اچي ٿو ۽ ائين ٻين کي پالڻ جو سبب
بنجي ٿو)
• ڍڳي کي
پنھنجا سڱ ڳورا ڪو نه لڳندا آهن.
(کائي کائي وڏو پيٽ ڪرڻ کي به پنھنجو جسم ڳورو نه لڳندو آهي)
• ٽاهڙ ڏاند،
اول ماري مالڪ، پوءِ پالهو ڪري پاڙو.
(ڊڄڻو/ گيدي، ٻين سان وڙهڻ کان اڳ، مٽن مائٽن سان وڙهندو آهي.)
• جهونا ڪپڙا،
ٻڍا ڍور،
تسڪا ناڻا، ليگيا چور.
(پراڻو ڪپڙو، ڪراڙو ڍڳو ۽ جنھن جي ملڪيت چور کڻي ويا، ٽيئي ٽوٽ ۾)
• ٿڪل ڍڳو، ڌڻي
سنڀاري.
(ڍڳو، جيڪو مالڪ لاءِ ھر ڪم ۾ مددگار ھوندو آھي، سو به ٿڪجڻ کان پوءِ، آزاد
ٿيڻ لاءِ، مالڪ ڏانھن واجهائيندو)
• ڪُٽِ وَهُوءَ (ڏاند) کي، ته ڪنبي جَڙُ (وهڙو).
(اشاري سان ٻئي کي تنبيھه ڪرڻ)
(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره انجنيئر عبدالوهاب سھتي پاران مليل آهن.)
No comments:
Post a Comment