Friday, December 29, 2023

ڪنڀارڪو هنر ۽ درٻيلو جا ڪنڀر- مبين چنا

ڪنڀارڪو هنر ۽ درٻيلو جا ڪنڀر

مبين چنا



ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا آهن، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن، ۸ هزار سال مهر ڳڙھ ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجھ جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو.



سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم ۽ ڪاشي جو ڪم رنگن جي ڪري ڪن علائقن ۾ گڏيل به ملي ٿو. سيوهڻ، هالا ۽ نصرپور ۾ مٽي جا ٿانو ٺهندا رهيا آهن، مٽي جي ٿانون تي ڪاشيگري جي چٽسالي جو ڪم به ٿيندو رهيو آهي. هوڏانهن وري ملتان واري علائقي ۾ سٺي مٽي هجڻ ڪري فينسي ٿانو ٺهندا رهيا آهن. ڪنڀار مٽيءَ جو ٿانو ٺاهيندو آهي ۽ عورت ان تي چٽسالي ڪندي آهي. گوگل جي ريسرچ موجب ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ فردن جي يادگيري ۽ ڌيان جي قوت تيز هوندي آهي جيئن ته ٿانو چڪ تي ٺاهڻ وقت نفاست سان آڱرين جو استمعال ٿئي ٿو ان ڪري ڪنڀارن ۾ هٿ جي احساسيت به مٽي مان ٿانو جوڙڻ سبب وڌيڪ هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪنڀار ٽٽل هڏ، گڏ محسوس ڪندو آهي ۽ ٺاهي سگهندو آهي. ماضيءَ ۾ ڪنڀارن پاران ٺاهيل ٿانون جو ڪاروبار ڪاروبار بارٽر سسٽم يا ”آهت“ وسيلي يعني ڪڻڪ، چانور يا ٻين کاڌي پيتي جي شين جي عيوض ٿيندو هو ۽ ڪنڀار پنهنجي ”آهتي“ کي سال جا سڀ ٿانو ڏيندو هو. جنهن ۾ مٽن، دلن کان وٺي رڌ پچاءُ لاءِ دانگي، ڪني ۽ کاڌو کائڻ لاءِ طباخ هوندو هو، جڏهن ته مهمانن جي ماني لاءِ ڍاڪون هوندا هئا. ڪنڀارڪي ڪم جي ايڏي ته وڏي اهميت هوندي هئي جو کيس استاد يا استو سڏيو ويندو هو. امير توڙي غريب شادي يا طهر جا ڏينهن به ڪنڀار کان پڇي رکندا هئا ته جيئن مقرر تاريخ تي ٿانو پهچن. ڀت پوت جي موقعن تي پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ، ڇل پليٽن جي جاءِ تي ڦيليون ڪنار ۽ ٻيا گھربل ٿانو ڏيندو هو. اهڙن موقعن تي ڪنڀار کي خصوصي اهميت ڏئي کٽ تي ويهاريو ويندو هو. کيس اناج ۽ ٻين شين ڏيڻ سان گڏ اجرڪ اوڍائي مينهن يا ڍڳي ڏني ويندي هئي.

سنڌ ۾ هن وقت هي وڏو سوال اٿاريو ويو آهي ته ڪنڀار هڪ قوم آهن، جڏهن ته اهي سماجيات جي ڪنهن به وصف موجب نه قوم آهن، نه قبيلو آهن پر هڪ ڌنڌو ڪرڻ سبب ۽ ڌنڌي سان لاڳاپيل مخصوص لفظ ڳالهائڻ سبب سنڌي قوم جي هڪ هنري ۽ ثقافتي ايڪائي آهن، جنهن کي ڪميونٽي به چئي سگهجي ٿو، ڪنڀار پاڻ به ڪا ذات ڪونهي پر ڊگهي عرصي تائين ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ سبب ذات سڏجي پئي. سنڌي ۾ (ڪنڀ + ڪار) جو مطلب مٽي جو ڪم ڪرڻ وارو آهي جيڪو ڪهڙي به ذات وارو ڪري سگهي ٿو، چاهي اهي ٽنڊي جان محمد جو سرائڪي هجي يا واڳڙڪي، سنڌي، ڪڇي يا ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، سندن ٻوليون ۽ رواج جدا آهن. هن وقت سنڌ ۾ هيٺيان ڪنڀارڪا ڇنا آهن: (۱) سنجهورو (۲) ڪاپايو (۳) مهراڻو (۴) ڍٽ (۵) واڳڙ ۽ (۶) ڪڇ.

اپر سنڌ ۾ شايد ٻيا ڪي ڇنا به هجن پر هر ڇني ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ جدا ذاتون ۽ نکون آهن جهڙوڪ؛ جوکيا، ڀٽي، ڌڪر، چنا، گلال، سمان، سومرا، پنهور، جويا، ذنگي، وغيره.

مطلب ته جن به ماڻهن ڪنڀارڪو ڪم ڪيو اهي ڪنڀار يا ڪنڀر سڏجڻ لڳا. ڪنڀارن جي پاڻ ۾ ٻاهر رشتيداري رکڻ بدران پاڻ ۾ ئي شاديون ڪيون، تنهنڪري اهي ڪنڀار ذات سڏجڻ لڳا، جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سياست ۾ قبائليت قائم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري سياستدانن جي معرفت ڪنڀارن کي به هڪ قوم/ ذات سڏيو پيو وڃي، جيڪو هڪ ڊگهو بحث آهي.

درٻيلو شهر به ڪنڀارڪي ڪم ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. هتي غلام محمد ڪنڀر، محمد فضل ڪنڀر، محمد خمسيو ڪنڀر، محمد صالح ڪنڀر، محمد دائود ڪنڀر، محمد پريل ڪنڀر، عبدالرشيد ڪنڀر، محمد موسي ڪنڀر پنهنجي وقت جا ڪنڀارڪي ڪم جا وڏا استاد رهيا آهن جن جي هٿن جي حرڪت تي مٽي رقص ڪندي هئي ۽ ڏسڻ وارا ڍنگ رهجي ويندا هئا ته هي سادڙا ماڻهو هٿن سان مٽي کي ڪئين کيڏائي رهيا آهن. ٿانون ٺاهڻ لاءِ چيڪي مٽي جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان مٽي کي تيار ڪرڻ لاءِ ڪنڀر کي ڪيتري محنت ڪرڻي پوندي آهي اها توهان ڪنهن نه ڪنهن ڪنڀر وٽ ضرور ڏٺي هوندي. دربيلي شهر ۾ چار آئيون هيون جنهن مان ٻه آئيون اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺيسين جنهن ۾ هڪڙي آئي منهنجي ماسڙ محمد دائود ڪنڀر جي هئي ۽ ٻئي محمد موسيٰ ڪنڀر واري آئي جيڪا هاءِ اسڪول واري طرف هئي، ان کان علاوه ٻه ٻيون به آئيون هيون جيڪي مون کان وڏي عمر وارن ضرور ڏٺيون هونديون، ان ۾ هڪڙي غلام محمد ڪنڀر ۽ فضل ڪنڀر واري آئي جتي هن وقت سڄڻ چنا جي امام بارگاھ قائم آهي ۽ ٻئي محمد پريل ڪنڀر واري آئي جيڪا فضل ڪنڀر واري آئي کان اوڀر طرف قبرستان سان لڳ سندن گهر ڀرسان هئي. هن وقت درٻيلو ۾ ڪنڀارڪو ڪم ختم ٿي چڪو آهي باقي سبب ابڙي ۽ ميتلن ڳوٺ وارا ڪنڀر اڃان ان ڪرت سان لڳا پيا آهن. استاد محمد رجب جي والده ھڏن جوڙڻ جي وڏي ماهر ڪاريگرياڻي هئي جنهن جي هٿ ۾ رب پاڪ وڏي شفا رکي هئي ۽ هن وقت ۾ سوڍرن جي ڳوٺ جو رهواسي اميد علي ڪنڀر ھڏن جوڙڻ ۽ ماليش جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو.

ڪيترائي ڪنڀر خاندان پنهنجي هي اباڻي ڪرت ڇڏي تعليم، ڪاروبار ۽ هنر طرف اچي ويو آهي ان ڪري هن وقت ڪنڀارڪو ڪم صرف ۱۰ سيڪڙو ماڻهو ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته جديد دور هنرمند ماڻهو کان نه صرف سندس هنر ڦريو آهي پر فطرت سان لڳاپيل هٿ جون شيون به کسي ورتيون آهن. ڪنڀارڪي ٿانون جي جاءِ تي جست، اسٽيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿانون مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جن جي ڪري ڪينسر، الرجي ۽ السر جھڙيون بيماريون ٿيڻ لڳيون آهن. هڪ تحقيق موجب مٽي جي ٿانون کي استمعال ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو، مٽي جي ٿاون ۾ الڪيون هونديون آهن جنهن ۾ پڪل شيءِ مان ايسيڊٽي ختم ٿي وڃي ٿي ان کان سواءِ مٽي جي ٿاون ۾ ميگنيز، آئرن ۽ ٻيا اينٽي آڪسيڊينٽ هوندا آهن، جيڪڏهن مٽ جي ٿانون جا فائدا ڏسي ان کي هڪ انڊسٽري جو درجو ڏنو وڃي. ان لاءِ پبلسٽي به ڪئي وڃي ته ڪر ماڻهو ان مٽي جي ٿانون جي استمعال سبب گھڻين ئي بيمارين کان بچي پون.

ڪنڀرن جي باري ۾ ڪجھ مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا

۰۱) ائين سڙڻ، جيئن ڪنڀر جي آويءَ ۾ مٽيءَ جو ٿانءُ سڙي. (تشبيھي ورجيس)

۰۲) مٽيءَ کي مجال آ، جو ڪنڀر کان ڪس رکي.

۰۳) پچي ٿياسون لال، ناھي ڪاڻ ڪنڀار جي.

۰۴) اکر سڀ سکر هي، ڪڇ ڪهڻي ڪا بيڻ،

اوئي ڪاجل ٺڪري، اوئي ڪاجل نيڻ. (ٿر، چوڻي)

(لفظ سڀ سهڻا آهن، پر ڪجھ چوڻ جو فرق آهي. جيڪو ڪجل (ٺڪريءَ) تي ڪم اچي ٿو [ڪنڀر مٽيءَ جي برتن تي ڪجل کي مس ٺاهي چٽ ڪڍندو آهي.] اهو ئي ڪجل سهڻين اکين جي حسن جو حصو به ٿئي ٿو.)

دوهي جي هي سٽ هن ريت به ملندي آهي؛ اهي ٻئي تاک سانڍي رکجو سڄڻو.

۰۵) جھُرندي، تڏھن ئي ته جُڙندي. (ٿر، پھاڪو)

ڄنگھ يا ٻانھن، جڏھن ڀڄندي آھي ته پوءِ اھا ئي جڙڻ لاءِ ڪنڀر وٽ وڃبو آھي، جنھن کي ھو جوڙڻ جي ڪندو آھي. باقي جيڪا ڄنگھ/ ٻانھن، جھريل ناھي، سا بجاءِ جڙڻ جي، ڪنڀر جو زور ڏيڻ سان ويتر ٽُٽي پوندي.

۰۶) ڪوزه ٺاهيندڙ، ڀڳل پيالي ۾ پاڻي پيئندو آهي. (فارسي، پھاڪو)

۰۷) هنرمند، نه وڪامندڙ شيءِ استعمال ۾ رکندو آهي.

 

(هن مضمون ۾ چوڻين ۽ پهاڪن لاءِ سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي رهنمائي ورتي آهي)

No comments:

Post a Comment