پَنڌڻو
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
پنڌڻو/ گاڏيئڙو/ پنڌيئڙو يا پنڌ سکڻ جو گاڏڙو، هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا سال
کن جي ٻار کي پنڌ سيکارڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. هيءَ ’ڊِيڪڻِي‘ به سڏجي ٿي. هن
جي ڍانچي جي اوچائي ٻه فوٽ ۽ ويڪر ڏيڍ فوٽ کن ٿيندي آهي. هن ۾ ٽي ڪاٺيءَ جا ڦيٿڙا ٿيندا
آهن، ٻه پويان ۽ هڪ اڳيان. هن جي بيھڪ ايئن هوندي آهي ته ٻه فوٽ کن اڀو ڪاٺ جو ڍانچو،
ٻنهي پاسن کان ٻه ننڍڙا ڦيٿا ۽ اڳيان هڪ ڦٽي، ان جي اڳيان هڪ ڦيٿو لڳل، پوئين ڍانچي
جي ڀاڱي ۽ اڳيان ڦيٿي واري پٽيءَ کي قابو رکڻ لاءِ 45 ڪنڊ تي هڪ ڦَٽِي لڳل. جڏهن
هلائبس، ته اڀي ڍانچي واري پاسي کان ڪاٺي پڪڙي هلائبو ته هوريان هوريان هلندو. اها
وٿ اهڙي آهي، جو ننڍڙي ٻار کي بيھاري، ان جا ٻئي هٿ گاڏيئڙي جي مٿين ڪاٺي ۾ وجهبس،
ته ٻار جي نِويَل بيھڪ سبب، گاڏيئڙي کي اڳتي ڌڪو ايندو ۽ گاڏيئڙو هوريان هوريان ٿِڙَڻ
جي ڪندو ۽ ان سان ٻار پنھنجي ڀَوَ ۾ گاڏيئڙي مان هٿ نه ڪڍندو. ايئن گاڏيئڙو به
هلندو ۽ ٻار به پنھنجي بچاءَ ۾ پير اڳتي ويندو کڻندو.
ان گاڏيئڙي تي ٻار کي تڏهن هلائبو آهي، جڏهن ٻار بانبڙا پائڻ کان وڌي، کٽ
جي ٻانھينءَ تي بيھڻ ۽ ان تي سِرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو گاڏيئڙو به اهڙو آهي، جو
عام مسڪين ماڻهو وٺي يا ٺھرائي ڪونه سگهندو آهي. سرنديءَ وارا ته جنڊيءَ جو گهرائي
وٺندا آهن، باقي ڳوٺاڻا ماڻهو ته اتان جي مقامي ڊکڻ کان ئي ٺھرائي وٺندا آهن. عام ڊکڻ
ته چورسين پٽين مان کي گاڏيئڙو ٺاهيندو آهي، باقي جنڊيءَ تي ته هر ڪاٺيءَ جي انگ
کي گولائي ڏيندا آهن ۽ رنگ پڻ لڳائي وٺندا آهن. جنڊيءَ لٿل گاڏيئڙو ته ڏسڻ سان ئي
سھڻو ۽ من موهڻو لڳندو آهي.
هيءُ گاڏيئڙو، هر گهر جي گهرج رهيو آهي، ان لاءِ هن دور ۾ جيڪي به ماڻهو وڌي
وڏا ٿيا آهن، تن جي زندگيءَ ۾ اهو گاڏيئڙو ضرور گذريو هوندو. وٺي ته پيءُ ئي
ايندو، ليڪن هلائڻ جي سکيا ماءُ ڏيندي ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ جي سنڀال به پئي ڪندي. ڪن
ويچارن جي ڀاڳ ۾ اهو به نه رهيو هوندو، پر گهر ۾ ڏٺو ضرور هوندو. مون شايد پنھنجي
ننڍپڻ ۾ ڪم نه آندو هوندو، ليڪن گهر ۾ ٻين ننڍن ڀائرن يا ڀينرن لاءِ ڪم ايندي ڏٺو.
آهي اهو به مريضن لاءِ ڪم ايندڙ ’واڪنگ فريم‘ وانگر، ليڪن واڪنگ فريم کي کڻي
اڳتي رکي هلبو آهي، ليڪن هن کي ته رڳو لوڏو ڏيئي گڏ هلڻو هوندو آهي. هڪ ويڊيو ۾ ڪنھن
ڳوٺ جي معذور ڇوڪرِي ڏٺم، جيڪا ان سنڌي گاڏيئڙي جي سھاري چڱو پنڌ ڪري، اسڪول پڙهڻ
ويئي پئي. مون کي ڏسي اچرج ورتي ته هڪَ پرائمريءَ جي معذور ڇوڪري، پنڌ واري گاڏيئڙي
جي ٽيڪ سان، سولائيءَ سان پنڌ ڪري اسڪول ويئي ٿي. ان ڇوڪريءَ جي همٿ کي ته بيشڪ
سلام ڪجي ٿو، ليڪن ان گاڏيئڙي کان جيڪو هن ڪم ورتو، سو ڏاڍو وڻيو. اتي جيڪڏهن واڪنگ
فريم ڪم آڻي ها، ته شايد هلڻ ۾ ايڏي سولائي ڪونه ٿئيس ها. ان گاڏيئڙي جي ماپ، ٻاراڻي
گاڏيئڙي کان ٿوري سرس ڏسڻ ۾ آئي.
گاڏيئڙو تيار ڪرڻ ۾ الڳ ماپن جون ڪل ڇھه ڪاٺيون (ٽي ٻه- فوٽيون، ٻه پوڻا ٻه-
فوٽيون، هڪ سوا ٻه- فوٽي) ۽ ٽي ڦيٿڙا (ٽن
انچن جي قطر سان) ۽ ٽي ڪاٺ يا لوهه جون ڪِليون ڪم آنديون وينديون آهن. هڪ ٻه فوٽي ڪاٺيءَ
کي پاسن سان ٻه ٻه انچ گول چوڙ ڪڍي، ان کي ٻن گول نڪتل سلن وارن ڦيٿن ۾ ايئن وجهبو
جو چوڙ ۾ ڦيٿڙو سولائيءَ سان ڦري سگهي. ڦيٿڙا گول چوڙ ۾ وجهي، پاسن کان ڪاٺ جون ڪليون
وجهي ڇڏبيون ته جيئن، ڦيٿڙا پنھنجي گهرِ ۾ ڦرن، ٻاهر نه نڪرن. ان ٻه فوٽي ڪاٺيءَ
جي وچ تي هڪ سل ڪڍبو، جنھن جي اڳيان پوڻي ٻن فوٽن واري چوڙ نڪتل ٿلهي ڪاٺي وجهي،
جنھن جي اڳيان جهِرِي ڪڍي، ان جي وچ ۾ ساڳي ماپ جو ڦيٿڙو ڦاسائي، وچ ۾ ڪِليءَ سان
سوگهو ڪبو. اتي سمجهو ته گاڏيئڙي جو هيٺيون سانچو ٺھي ويو. هاڻي ٻن ڦيٿن واري ٻه
فوٽي ڪاٺيءَ جي مٿئين پاسي، پاسن کان ٽي ٽي انچ ڇڏي، اهڙا سَل ڪڍبا، جن ۾ ٻه فوٽيون
سنھيون اڀيون ڪاٺيون وجهبيون. اهي ڪاٺيون وجهي، انهن ئي ٻه- فوٽين ڪاٺين جي مٿان هٿئي
لاءِ سل نڪتل پوڻا ٻه- فوٽي ڪاٺي رکبي، ته اڀين ڪاٺين جون چوڙون، ان ۾ کپي
وينديون. هاڻي سمجهو ته گاڏيئڙو ڪجهه تيار ٿي ويو. صرف ان کي ٽيڪ لاءِ سوا ٻه فوٽي
ڪاٺي وجهڻي آهي. اها ٽيڪ واري ڪاٺيءَ جي چوڙُن مان هڪ ڇيڙو هٿيي واري ڪاٺيءَ جي وچ
تي سل ڪڍي وجهبو، ٻيو ڇيڙو اڳيان هڪ ڦيٿڙي واري ٿلهي ڪاٺيءَ جي وچ تي سل ڪڍي
وجهبو. اها ڪاٺي ٻين ڪاٺين کان ماپ ۾ ان لاءِ سرس رکندا آهن جو ان جي بيھڪ جو وايو
وڌيڪ بيھندو آهي. ايئن گاڏيئڙو تيار ڪيو ويندو آهي.
پنڌ واري گاڏيئڙي کي الڳ الڳ ڪاٺين مان ۽ الڳ الڳ نموني سان ٺاهيو ويندو
آهي، پر ماپون اهي ئي ٿينديون آهن. ڪي ڊکڻ ان جي هرهڪ ڪاٺيءَ کي جنڊيءَ تي لائيندا
آهن، ۽ جنڊيءَ تي رنگ به ڏيئي وٺندا آهن، جيڪو ڏسڻ وائسڻ ۾ سھڻو ته هوندو آهي، پر
گهڻي ڀاڱي نازڪ ۽ هلڪو بيھندو آهي. باقي عام ڊکڻ ته سادي نموني سان چورسين پٽين
مان ئي ٺاهيندو آهي. ايترو ضرور آهي ته جنڊيءَ واري گاڏيئڙي کان چورسين پٽين وارو
گاڏيئڙو وڌيڪ سگهارو ۽ وزنائتو ٿيندو آهي، ان لاءِ اهو هروڀرو اُٽلندو به ڪونه، جڏهن
ته هلڪي ڦلڪي گاڏڙي ۾ اُٽلڻ جو امڪان وڌيڪ رهندو آهي.
جنڊيءَ تي گهڻي ڀاڱي باهڻ جي ڪاٺي ڪم ايندي آهي، باهڻ هوندي ته کڻي سگهاري ڪاٺي،
پر هلڪي ٿيندي آهي. جنڊيءَ جو ڪم، خيرپور
جي لقمان ۽ ڪشمور ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان لاءِ ماڻهو انهن شھرن مان گهرائي وٺندا
آهن. جڏهن ته هالا جو شھر جنڊيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اهڙا گاڏيئڙا انهن ٽن علائقن ۾
ڏٺا ويا آهن. ممڪن آهي ته جنڊيءَ جو ڪم ڪنھن ٻئي هنڌ به ٿيندو هجي، پر جنڊيءَ ۾
اهي شھر مشھور آهن. ڪي ڪوڏيا ته وري انهن شھرن مان ويھي اهڙا جنڊيءَ لٿل گاڏيئڙا ٺھرائيندا
آهن، جو ڏسندي ئي ننڍڙي ٿيڻ لاءِ دل گهرندي.
باهڻ جي ڪاٺي ته ٿي هلڪي، ان جي ڀيٽ ۾ ٽالهي، ٻير يا ٻَٻُر جي ڪاٺي ڪجهه
وزني ٿيندي آهي، ان لاءِ ان مان ٺھيل گاڏيئڙو وڌيڪ سگهارو ۽ پائدار ٿئي ٿو. ان جي ڪاٺيءَ
واري چونڊ لاءِ ڪو الڳ سان بِلو ڪونه ڪيو ويندو آهي. بس بچيل سچيل ڪاٺيءَ مان ٺاهي
وٺبو آهي. عام ڳوٺن ۾ جنڊيءَ کان سواءِ ٺھندا آهن، جنھن تي ڪا خاص کپت ڪونه لڳندي
آهي، پر جيئن ته غريب ماڻهو زندگيءَ جا ڏينھن ئي ڏکيا جاليندو آهي، ان لاءِ اهڙن
گاڏيئڙن ٺھرائڻ جي به هوندِ ڪونه هوندي اٿن.
ٻارُ ته ان کان سواءِ به پنڌ سکي ويندو، پر جيئن ته ماءُ پيءُ لاءِ هر ٻار
دادلو ٿئي ٿو، ان لاءِ دل گهرندي اٿن ته ٻار کي گاڏيئڙو وٺي ڏجي، ته جيئن ٻار پنڌ
به سگهوئي سکي وٺي، ۽ راند روند ۾ به ريڌل هجي. باقي ته ماءُ جي نام تان گهورَ، جيڪا
ٻار کي پنھنجي جيءَ سان رکندي، ۽ آڱر پڪڙائي پئي پنڌ سيکاريندي. ٻار کي بيھاري، ٿوري
وٿيءَ سان ٻانھون کولي پئي سڏيندي ته ’هلي آ، هلي آ‘ يا ’پيرڙو، پنڌڙو- ننڍڙو گڏڙو‘
وغيره.
هاڻي ته زمانو زرت ٿي ويو آهي، ڇا جا گاڏيئڙا، ڇا جون ڳالهيون، بس ’واڪر‘ وٺي،
ٻار کي ويھاري ڇڏبو، پيو ٿيڙ کائيندو، ڪرندو ته به ان واڪر جي جهوليءَ ۾! پيو پيرن
جي زور تي هلندو، جڏهن هلڻ جھڙو ٿيندو ته واڪر ۾ ئي پيو هلندو. اسان به پنھنجن ٻارن
لاءِ اهي واڪر ڪم آندا، گاڏيئڙو ورتو به هئو، پر ڪم ڪونه آيو، ڪنھن کي ڏيئي ڇڏيوسين.
اسڪول ويندڙ لاچار ڇوڪريءَ کي ان جي ٽيڪ تي هلندي، احساس ٿيو ته اها غريب غربي لاءِ ڪيڏي نه ڪم واري وٿُ آهي، جنھن کي اسان بنھه وساري ڇڏيو آهي.
No comments:
Post a Comment