لاٽُون – ڏور
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
لاٽُون، لاٽونئڙو/ لاٽُوڻِي (اسم تصغير) لاٽمو يا چَڪرِي/ ڦرِڪِي هڪ گول ڦيرائڻ
وارو اهڙو رانديڪو آهي، جنھن سان هر ماڻهوءَ جون يادون سلهاڙيل هونديون. ننڍي
هوندي هر ماڻهوءَ لاٽونءَ سان راند ڪئي هوندي. ان لاءِ هيءَ ڏاڍي وڻندڙ وٿُ رهي
آهي. پرائمريءَ جي درسي ڪتاب ۾ الطاف عباسيءَ جو هڪ نظم پڙهيو ويندو آهي:
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرايُون
دَوسِتَ گهَڙِي کَنُ دِلِ وِندِرايُون.
مُنهِنجو لاٽُون سُھڻو سُھڻو
رَنگا رَنگِي ۽ مَنَ مُھڻو
ڪارِيگَر ڪِيئَن آهي ٺاهِيو
واهَه جو رَنگَ سان رَنگُ مِلايو
آءُ تَه هِنَ سان رُوحُ رِيجَهايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون.
آيُس پَٽَ جِي ڏَورِ وٽائي
ڳاڙِها ڦندڻَ اُنَ ۾ لائي
ويڙِهي زَورَ سان پَٽَ تي هَڻَندُسِ
نِوِڙِي جهَٽِ پَٽِ هَٿَ تي کَڻَندُسِ
ڪَڍَندو هَٿَ تي هُو ڪِتِڪايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون.
هَٿَ تي کَڻَندُسِ هيٺِ نَه لَھَندو
ڦِرَندو ڦِرَندو ساندَهِه رَهَندو
ٿَڪِجِي پَونَدو، گوهِيُون هَڻَندو
پوءِ گهَڙِي کَنُ ساهُه بِه کَڻندو
بِيھَڻَ جُون وارِيندو وايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون.
تُون بِه کَڻِي اَچُ لاٽُون ڏَورِ
پَوءِ پُڄايُون ڪَنھن جو زَورُ
لاٽُون آهي سُھڻو مُنھنجو
ناهي هِنَ کان بَھتَرِ تُنھنجو
ڇونَه ڀَلا پوءِ شَرِطَ پُڄايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون.
لاٽون، ڪاٺ جي هڪ مخروطي (هيٺان ويٺل، مٿان چنھنبياري پر گول) شڪل سان ڀيٽ
رکي ٿي، پر ان جي بيھڪ ابتي بيھندي؛ ڇاڪاڻ ته لاٽونءَ جي چنھنب هيٺان کان ٻڌبي
آهي. هيءَ وٿُ بلڪل گول ٺھندي، مٿان مٿو ٺھندس، مٿي جي وچ تي بونبڙي نما ٽوپي
بيھاربس، هيٺان چنھنب لاءِ ٻِنڊَ رکبس، جنھن ۾ ڪوڪي جي چنھنب پوندي. جڏهن لاٽون
تيار ٿيندو، ته ڏور ويڙهي، جو کڻي اڇل ڏبس ته ڦرندو ڦرندو، وڃي پٽ تي پوندو ۽ پيو ڦرندو،
جيترو ساهه هوندس.
هيءَ وٿُ، ڊکڻ جنڊيءَ تي ٺاهيندو آهي. هن جي اوچائي ٽن انچن تائين، جڏهن ته
ويڪر ٻه انچن تائين رکي ويندي آهي. وڏڙو ٺھندو ته لاٽون، جي ننڍڙو ٺھندو ته لاٽونئڙو!
وري به ڳالهه ٺھي اچڻ جي آهي، ايئن ڪونه ڪبو ته ڊيگهه ۽ ويڪر برابر رکجي! جيڪڏهن ڊيگهه
ٻه انچ رکبي ته ويڪر ڏيڍ يا سوا انچ رکبَس.
هيءَ وٿُ، جيئن ته ننڍڙي آهي، ان لاءِ هن جي ڪاٺ جو گٽڪو، جنڊيءَ جي چڪن ۾
سڌو سنئون ڪونه بيھي سگهندو. ڊکڻ ڇا ڪندو آهي ته ٻه فوٽ يا سرس چورسي ڪاٺي کڻندو،
ان کي جنڊيءَ ۾ ڦاسائي، رنبيءَ سان ڇلي گول ڪندو ويندو، ۽ ان ۾ پنج- ڇهه لاٽون رٿي
ويندو. لاٽونءَ جو مٿو گول بيھاريندو ۽ پيٽُ، مٿان کان هيٺ سنهو گهڙيندو وڃي، هڪ
سوت جي ماپ تائين هيٺين گهَرِ بيھاريندو. مٿي بيھارڻ کان پوءِ ان ۾ سنھا سنھا چَھڪ/
کُپ به ڏيندو ويندو، ته جيئن ويڙهجندڙ ڏور، ڦٻندي ويڙهجي، تِرڪي نه! ان هڪ ڪاٺيءَ
مان ايئن وڌيڪ لاٽون ٺاهي ويندو. جڏهن پوري ڪاٺيءَ تي نظر وجهبي، ته پنج ڇهه لاٽون
هڪٻئي سان ڳنڍيل نظر ايندا. هر هڪ جو مٿو، ٻئي جي چنھنبياري پاسي سان مليل هوندو.
ان بعد ڪارائيءَ سان چھنبيارو ۽ مٿي وارو پاسو الڳ ڪندو ويندو ۽ سونھڻ سان ان کي
لسائي ڏيئي، ويندو گڏ ڪندو. ان بعد انچ يا ڏيڍ جو، هڪ سوت واري ڪوڪي جون ٽوپيون ڪٽي،
ان کي لاٽونءَ جي چنھبياري پاسي کان سڌو اندر ٺوڪيندو ۽ ڪوڪي کي روات سان به ٿورو
لسو ڪندو. ايئن لاٽون تيار ٿيندوآهي.
لاٽون ڪھڙي به ڪاٺ جو ٺاهي سگهجي ٿو، سو به اهڙو جيڪو جنڊيءَ ۾ آسانيءَ سان
ڦري سگهي، جنھن تي سولائيءَ سان رنبِي وهي سگهي، ۽ رنگ اچي سگهي. ڪاٺيءَ جي چونڊ ڊکڻ
جو ڪم آهي، وڻيس ته باهڻ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهي، وڻيس ته ٻٻر يا ٻير مان ٺاهي، ٽالهيءَ
جي ڪاٺيءَ جي لاٽونءَ کي ته قدرتي چمڪ هوندي آهي، ان لاءِ ان کي ته رنگ جي به گهرج
نه هوندي آهي.
ڪي ڊکڻ ته ان کي جنڊيءَ ۾ ئي رنگ ڏيندا ويندا آهن ته جيئن رنگارنگي ۽ من مھڻو
ڏسڻ ۾ اچي. رنگ به هٿ واريءَ جنڊي تي سٺي نموني اچي سگهندا آهن. موٽر واري جنڊي
جيئن ته ڪافي تڪڙي هلندي آهي، ان لاءِ ان ۾ رنگ ٺيڪ نه اچي سگهندا. رنگ به ڪي ڪاريگر
ته ٻٽا يا وڌيڪ ڀيرا ڏيندا آهن. پھرين ته ڪچو تھه لڳائڻ لاءِ رنگ لڳندو، بعد ۾
گهربل رنگ لڳندو. اهڙا لاٽون رنگ ۾ وڌيڪ پائدار ۽ چمڪندڙ رهندا آهن. لاٽونءَ جو
ملهه به پورهيي تي آهي، جيترو پورهيو ٿيندو، ملهه به اوترو ڪٿبو. پر ٿيندو ايئن
آهي، ته ٺاهيندڙ ايترو نه ڪمائيندو آهي، جيترو وڪڻندڙ!
لاٽون ڳنھندڙ ڇوڪرو، رڳو لاٽونءَ کي ڇا ڪندو، جيستائين ڏور نه وٺندو،
تيستائين لاٽونءَ کي ڦيرائي نه سگهندو. ان لاءِ ٻه ميٽر کن سوٽي ڏور وٺبي. ريشمي ڏور
ڪنھن به ڪم جي ناهي، لاٽونءَ کي ويڙهڻ سان ئي پئي تِرڪندي. سوٽِي ڏور به ايتري ٿلهي
هجي، جو ان جي ٿولهه هڪ سوت تائين هجي. سنھي ڏور ۾ ويڙها گهڻا ايندا ۽ لاٽون به اڇل
پري گهرندو. ان لاءِ ايتري ٿلهي ڏور هجي جو وڌ ۾ وڌ ڏيڍ ميٽر پري لاٽون اڇلائي ڦيرائي
سگهجي. ڏور جا پاسا به وٽُ ڏيئي ڳنڍ ڏبي آهي، ته جيئن ان جو وٽُ کُلي نه وڃي. ڏور
۽ لاٽونءَ جا اهي ماپا ڄڻ ته تڪيل توريل ۽ هڪٻئي سان ٺھي اچڻ وارا هوندا آهن.
جڏهن لاٽون ڦيرائبو آهي ته ڏور جي هڪ ڇيڙي کي لاٽونءَ جي ٽوپيءَ جي پاسي ۾
رکي، مٿان سبتو ڦيرو ڏيئي، سڌو چھنب تائين آڻي، چھنب کان ساڳيا سبتا (جنڊ جي ابتڙ)
ڦيرا ڏبا وڃبا، تان جو لاٽون جي پوري پيٽ تي ڏور ويڙهجي وڃي ۽ مٿيون مٿو کليل
رهندو. ان بعد ٻئي ڇيڙي کي چيچَ (ننڍي آڱر) ۾ ڇڪي ويڙهي، ۽ لاٽونءَ کي آڱوٺي ۽ ٻن
آڱرين ۾ ڦاسائي، کڻي جو هيٺ اُڇل ڏبي ته لاٽون ڏور مان نڪري وڃي پٽَ تي پوندو ۽
چھنب تي بيھي ڦيرا ڏيندو ويندو. اڇلڻ لاءِ به لاٽون کي ساڄي هٿ کي مٿي کڻي، مٿان
کان هيٺ اڇل ڏيئي، لاٽونءَ کي پٽ تي ڪيرائبو. ڪيرائڻ سان ئي، هٿ کي زور سان پوئتي
جهٽڪو ڏبو ته جيئن لاٽونءَ جي ڦرڻ ۾ به تکائي رهي. ڪي لاٽون گهٽ ڦيرا ڏيندا يا ڪي وري وڌيڪ ڦيرا ڏيندا،
اهو سڀڪجهه اڇلائڻ جي سگهه تي آهي، ته اڇلائڻ وارو ان لاٽونءَ کي ڪيترو زِمَ سان
هيٺ اڇل ڏيئي ٿو. منٽ کان ڏيڍ منٽ سبتو ڦري سگهي ٿو، ان بعد جڏهن ان جو زور گهٽبو
ته پوءِ گوهيون ڏيندو ۽ گوهيون ڏيندي ڏيندي، وڃي ساڻو ٿي ڪري پوندو. ڪي کاٻڙيل وري
ان کي ابتو ويڙهيندا ۽ لاٽون به ابتا (جنڊ وانگر) ڦيرا ڏيندا.
لاٽونءَ جي چھنب به وڏي اهميت واري وٿُ آهي. ڪي ته ڪوڏيا ان چھنب کي لوهه
بجاءِ ٽامي يا جست جي گهڙائيندا آهن. لاٽونءُ جي چھنب نرم ڌات جي ان لاءِ پسند ڪئي
ويندي آهي ته جيئن ان کي ڪنھن در جي وٿيءَ وغيره ۾ ڦاسائي، اهڙو هلڪو موڙ ڏجي جو
لاٽون ڦيرائڻ ۾ صفا نرم ٿي ڦري. گهڻي ڦيرائڻ سان چھنب هيڏي هوڏي ڦري ويندي آهي. ان
لاءِ لاٽونءَ جي چھنب کي تارَ ۾ رکڻ لاءِ به هنر کپندو آهي. اهو لاٽونءَ جي نرم ٿي
ڦرڻ کي ’مک لاٽون‘ ڪوٺبو آهي. اهو پتو تڏهن پوندو آهي، جڏهن ڦرندڙ لاٽونءَ کي ٻه آڱريون
ڏيئي، ڏسڻي آڱر سان ان کي تريءَ ڏانھن هلڪو اشارو ڏبو آهي ته تري تي اچي، پيو ڦرندو.
جڏهن تريءَ تي ڦرندي ۽ ٽِڪَ هڻي بيھي ته چئبو ته لاٽون ’مک‘ آهي. يعني ان سان ايئن
لڳندو ڄڻ هٿ جي تِرِيءَ تي لاٽون نه پر مک ويٺي آهي. ٻي صورت ۾ ان کي ’کَڙ کَڙ لاٽون‘
چئبو.
ڪي وري لاٽونءَ کي ڦيرائڻ لاءِ اهڙي چال رکندا آهن ته جيئن لاٽون پَٽ تي ڪرڻ
بدران، سڌو هٿ جي تريءَ تي اچي وڃي. اهو هنر وري گهڻي مشق کان پوءِ ايندو آهي. ان
کي ’يَڪ ترِي‘ ڪوٺيندا آهن. ان جي اهم چال اها هوندي آهي ته لاٽون کي پورن ويڙهن
بدران اڌ پيٽ تائين ويڙها ڏبا آهن ۽ اڇلڻ مھل به جيتري اڳتي اڇل ڏبي، اوتري تڪڙي
پوئتي اڇل ڏبي، ان سان لاٽون ڦيرا کائيندو، ڏور سان ئي پوئتي هليو ايندو، ۽ اڇلائيندڙ
تڪڙو کيس تِريءَ تي سنڀالي وٺندو. اهو انداز به نھايت دل لڀائيندڙ هوندو آهي.
جڏهن ڪي دوست لاٽون ٽڪرائڻ جي چٽاڀيٽي ڪندا آهن، تنھن جا ٽي ڍنگ ٿيندا آهن، هڪ: لاٽُن جِي پٽَ تي ساهي پڄائڻ، ٻيو: ڏور تي ساهي پڄائڻ،
ٽيو: لاٽون چُٽڻ. ساهي پڄائڻ ۾ ٻه دوست پاڻ ۾ لاٽون جهلي، هڪ ئي ويري پَٽ تي اڇلائيندا
۽ پوءِ ڏسندا ته ڪنھن جو لاٽون وڌيڪ ڦيرا کائي ٿو. جنھن جو لاٽون ڦري ڦري، ٿڪجي اڳ
۾ ڪري پيو، اهو هارائي ويو. ان صورت ۾ ڇا ٿيندو ته کٽيل ٻارُ، پنھنجي لاٽونءَ
سان ڪريل لاٽونءَ کي پڪڙي، هٿ سان چھنبن
جا ڌڪ هڻندو. ڌڪ ايترا هڻندو جيترا هڪٻئي ۾ ٽَليَل هوندا. کٽيل ٻار، وس ڪندو ته اهڙا
ڌَڪ هڻجن، جو ٻئي جو لاٽون ڏري پوي، نه ته به ڇلر ضرور لھنس. ٻيو وري، ڏور تي لاٽون
ڦيرائڻ جي ساهي پڄائيندا. ڇا ڪندا ته هڪ ئي وقت لاٽون پَٽ تي اڇلي، ان کي ڏور جي
وَٽَ سان کڻندا، ته لاٽونءَ جي چھنب ڏور جي وٽَ تي پئي ڦرندي، هاڻي جنھن جو لاٽون
اڳي بس ڪري، پوءِ ان لا ٽونءَ جو خير ناهي. ٽيو: لاٽون چُٽڻ لاءِ ننڍڙو پاڳو ڪڍي،
ان ۾ لاٽون رکبو، ٻيو وري ويڙهي سيڙهي لاٽون کي اهڙي نموني اڇلائيندو جو لاٽونءَ
کي چُھنب سان ڌڪ به لڳي ۽ پاڳي کان ٻاهر نڪري، ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ تِريءَ تي کڻي،
ان کي ٻئي لاٽونءَ جي مٿان اهڙو اڇلائيندو ته چھنب سان جيڪڏهن ڏَري نه، ته به
چُگهه ضرور ٿينس. اهڙي نموني نرالي انداز ۾ پئي راند ٿيندي.
لاٽونءَ جي گهڙاوت ته ٿي مخروطي نموني، يعني اوچائيءَ يا ڊيگهه ۾ وڌيڪ ۽ ويڪر
۾ گهٽ، پر ان کان سواءِ ڦيرڻ واري ٻي وٿُ به ٺھندي آهي، جنھن کي ’چڪرِي/ ڦِرڪِي‘ ٿو
چئجي؛ ان جي بيھڪ وري ويڪر ۾ وڌيڪ ۽ اوچائيءَ ۾ گهٽ! چڪريءَ جي اوچائي سوا انچ کان
ڏيڍ يا ٻه انچ ٿيندي، ته وري ويڪر اڍائي انچن کان ٽي انچ بيھندي. جڏهن ڦرندي ته ان
جي شڪل بلڪل ٽڪنڊي وانگر يا اڃا به چھنب واري ڪنڊ گهٽ!
چڪرِي به لاٽونءَ وانگر ئي ڦرندي، ليڪن ان جو مٿاڇرو سڌو ۽ بنا ڪنھن ٽوپيءَ
جي، صرف چھنب واري پاسي ٿوري ٻِنڊ هوندي ته جيئن ڪوڪي جي چھنب لڳي سگهي ۽ ڏور
پنھنجو ويڙهو وٺي سگهي. لاٽونءَ جي ته ٽوپي هوندي آهي، جنھن ۾ ڏور جي ڇيڙي سان وٽُ
ڏيئي، ڏور ويڙهبي. جڏهن ته چڪريءَ کي ٽوپي نه ٿيندي، مٿان بلڪل سڌي يا کڻي هلڪي
اوچائيءَ سان گولائي هوندي. ان ۾ ڏور کي رڳو چڪريءَ جي پاسي کان رکي، چھنب تائين آڻي،
ويڙها ڏبا وڃبا. جڏهن ويڙهجي ويئي، ته ان کي اڇلڻ جو ڏانءُ وري پاسيرو هوندو آهي.
يعني ڏور جو ٻيو ڇيڙو لاٽونءَ وانگر چيچ ۾ ڦاسائي، آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر ۾ جهلي، کڻي
پاسيري اُڇل ڏبي ته وڃي پٽ تي ڪِري ڦرندي. چڪريءَ جو ڦيرو، لاٽونءَ جي ڦيري کان وڌيڪ
ٿيندو آهي.
مون به ننڍپڻ ۾ لاٽون ڦيرايا، هڪ لاٽون ته ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جو ٺھيل، ڏاڍو
سھڻو ۽ سنھڙو هوندو هئو، جيڪو پوءِ گم ٿي ويو، پتو ئي نه پيو. پاڙي ۾ پراڻي شاهي
بازار هوندي هئي، جنھن ۾ حاجي نبن ملاح جو وڏو هٽُ هوندو هئو. سيڌو سامان ۽ واڻ واڏڻ
وغيره به رکندو هئو. ان جي دڪان تي لاٽون ۽ ڏور به ملندي هئي. چئين آني جو لاٽون
ته آنڪ (ڇھن پيسن) جي ڏور! خرچي ته مس آنڪ، يا پنج پيسا ملندي هئي، پوءِ ڏوڪڙ گڏ ڪري
لاٽون ورتو هيم. هوريان هوريان مھنگائي ٿيندي ويئي ۽ لاٽون وڃي، رپيي تي پھتو. ڳالهه
ڪرڻ جو مقصد ته اهو لاٽون به ڏکيو وٺي سگهبو هئو. وري جڏهن راند ۾ ٻين لاٽن جا
چُگهه لڳندا هئا ته ڄڻ هنيانءَ تي ڌڪ لڳندا هئا. اهي مک لاٽون به ڪياسين، يڪ تريون
به کنيونسين، ڏورن تي به لاٽون ڦيراياسين، مطلب ته لاٽون دل گهريو رانديڪو هئو. گهڻو
پري نه وڃبو هئو، بس گهر اڳيان گهٽيءَ ۾ ئي کيڏبو هئو.
اسان جو گهر گڏيل ته هئو، ليڪن ان جا ٻه ڀاڱا هوندا هئا، هڪ ڀاڱي ۾ اسان ۽ ٻئي
ڀاڱي ۾ چاچا جمن رهندو هئو. ان جي وڏي ڪمري ۾ پاسن کان ٻه ننڍيون ڪوٺيون هونديون
هئيون. انهن مان هڪ ڪوٺي وڏو عرصو بند هئي. هڪ ڀيري اسان جي چاچيءَ سچُلِ، اها ڪوٺي
کولي ته ان مان ڪافي وٿُون ۽ رانديڪا نڪتا، جن ۾ رنگ برنگي لاٽون ۽ چڪريُون به
هئيون. منھنجو اندر ته ڏاڍو هرکي پيو، پر گهري نه سگهيم، ليڪن ان مان هڪ رنگين چڪري،
مون کي ڏنائين، باقي شايد پنھنجن ڏوهٽن کي ڏياري موڪليائين. وڏي عرصي کان پوءِ پتو
پيو ته اهي رانديڪا وغيره سندس پٽ، منظور جا هئا، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي ڌڻيءَ کي پرتو ۽
چاچي وارن اهي رانديڪا سنڀالي، ڪوٺيءَ کي ئي بند ڪري ڇڏيو هئا.
هيءُ آهي ته رانديڪو، پر اسان جي سڀيتا ۾ اهڙو ته ڄاتل سڃاتل آهي، جو
اصطلاح ۽ پھاڪا به ان تي جڙيل آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سونھن ليکجن ٿا:
پرولي/ دستياڳ:
• ڦِرِي ڦرِي
ڦيريُون پائي، فقير به ناهي،
چھنب اٿس وات ۾، پکي به ناهي،
رسو ٻڌل چيلهه سان، چور به ناهي-
ٻڌايو ته ڇاهي؟ (ڀڃڻي: لاٽون ۽ ڏور)
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• لاٽو چُگها
بڻجڻ (تڪرار ڪرڻ- معاملو مچائڻ)
• چڪرِي کائڻ
(چٽاڀيٽي ڪرڻ- ويڙهه ڪرڻ)
• ڦِرڪي ڦرڻ
(ذهن ۾ ڪا شرارت سُجهڻ- ڪاوڙ ۾ ڀرجڻ)
• لاٽوري ڏيڻ
(ڪجهه چوري ڪري وڃڻ)
• ساڳيا لاٽون،
ساڳيا چُگهه.
(ڪو سڌارو نه اچڻ- هدايت باوجود ساڳيا افعال هجڻ)
• رشتا ڪچن ڌاڳن
جي ڏور وانگر هوندا آهن.
(رشتن ۾ ڦيٽ پوڻ نه ڏجي ۽ هڪٻئي جي برداشت ڪجي)
• ڏور ڏاتار
جي هٿ وس آهي.
(زندگي موت رب تعالى جي وس آهي)
No comments:
Post a Comment