استري
سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
هيءَ
وَٿُ هونئن ته پوري دنيا ۾، ۽ خاص طور برصغير سنڌ ۽ هند جي گڏيل سڀيتا رهي آهي، پر
جيئن ته سنڌ ۾ به رهي، ان لاءِ ان تي به ٿوري نظر ڌرڻ گهرجي. استري هڪ ڌات جو ٺھيل
سنڊرُ آهي، جنھن سان ڌوتل ڪپڙن جي گهُنجن کي سڌو ۽ هموار ڪرڻ يا سَرَ ڪڍڻ لاءِ ڪم
آندو ويندو آهي. ان وَٿُ جو ڪم ساڳيو رهيو، پر وقت سان ۽ سھولتن آهر، وٿُن جو ڀير
مٽبو رهيو آهي.
سنڌ
جي آڳاٽي دور ۾ ڪپڙن جي گهنج مارڻ لاءِ گهر جو لسو وَٽو ڪم آندو ويندو هئو، پر وقت
سان ان ۾ سڌارو ايندو ويو. اڳي ماڻهو ڪپڙن کي هلڪي ڦوهار يا ڇنڊا هڻي، کٽ يا صندل
تي ڪپڙي کي سڌو ڪري، وَٽي جي هيٺاهين گولائيءَ سان مھٽيندا هئا ته ڪپڙي جا وڏا
گهنج مارجي ويندا هئا ۽ پوءِ ڏاڍي شان مانَ سان پائي وٺندا هئا. زائفون ان کڦڙتال
۾ ڪونه پونديون هئيون، اهي رڳو ڪپڙن کي تار تي يا ڪنھن هنڌ اهڙي نموني سڌو رکي سُڪائينديون
هئيون جو ان ۾ گهنج نه پوَن. باقي مرد ماڻهو،
ڪنھن خاص ڏڻ تي اهڙو ڪم ڪري وٺندا هئا. ان بعد ڌاتِ جي اهڙي استري ٺاهي وئي، جنھن
کي ٽانڊن تي رکي، هلڪو گرم ڪري، کڻي ڪپڙن تي گهمايو ته ڪپڙا سڌا ۽ هموار ٿيو وڃن.
مون
پنھنجي ننڍپڻ ۾ پُڦيءَ جي ڪاٺ واري پيٽيءَ ۾ اهڙي استري ڏٺي، جنھن کي نه دري نه
دروازو! ان وقت ڪوئلن/ ٽانڊن واري استري عام جام هئي، ان لاءِ مون جڏهن پُڦِيءَ وٽ
ڏٺي ته مون کي اچرج ورتو ته هيءَ وري ڪھڙي استري آهي! بس ڌات جو ٽڪرو، هيٺان لسي، ٽڪنڊي
نموني، پويان سڌي، پاسا گولائيءَ مائل، اڳيان چھنب، مٿان منجهان ئي استريءَ جو ڳَنُ
پيل. ماپ ۾ گهڻو ڪري، اڌ فوٽ ۽ ويڪر ۾ چار انچ هوندي. ياد ٿو پوي ته هئي شايد پتل
جي ٺھيل، جنھن ۾ ڪو جوڙ وغيره نه، نه وري ٽانڊن رکڻ جي سھولت؛ شايد ٽانڊن تي گرم ڪري
ڪپڙن کي استري ڪيو ويندو هوندو. اها استري هئي ته اسان جي پُڦڙ زوار نبي بخش جي،
جيڪو ڪپڙي لٽي جو وڏو ڪوڏيو هئو. ڪجهه سالن کان پوءِ اها استري اسان جي پڦيءَ ڀڳڙن
مٺ تي ڪنھن کي ڏيئي ڇڏي، ٿي سگهي ته ڪنھن مائٽ وٽ اها موجود هجي. اسان کي اهو
رانديڪو لڳندو هئو، ان لاءِ ان جي ڏيئي ڇڏڻ جو ارمان ڏاڍو ٿيو.
مون
پنھنجي گهر ۾ ڪوئلن/ ٽانڊن واري استري ڏٺي، جيڪا سڄي لوهه جي هئي. ساڳئي انداز جي
وڏي گهير ۾ وري ڌوٻيءَ جي دڪان تي ڏٺي، جنھن جو تَرو پتل جو هئو. بابي سائينءَ جا ڪپڙا
جيڪي استري ٿيندا هئا، سي پاڙي ۾ ئي هندستاني ڀائر ڪندا هئا. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ کُنڀ
به چاڙهيندا هئا. ڪوئلن واري استري ٻين استرين کان وزني رهيون. ڊيگهه ۾ منو فوٽ کن
۽ ويڪر ۾ اڌ فوٽ ۽ اوچائي ڳن سميت منو فوٽ ٿي ويندي. ڳن گهڻي ڀاڱي ڪاٺ جو جنڊيءَ لٿل،
باقي سڄي لوهه جي، البت ڪي شوقين پتل واري تَري جي وٺندا هئا، جيڪا لوهه واري تري
کان ڪنجهه مھانگي هئي. ان استريءَ جي ڀت ۾ ننڍڙا جارا ٺھيل هوندا هئا، جنھن مان ٽانڊن
جي ٻاڦ ٻاهر نڪرندي هئي ۽ ٽانڊا پيا ٻرندا هئا. مٿان کُلندڙ ڍڪ جنھن جي پٺ ۾ ڪنڍا
لڳل هوندا هئا، جنھن سان ان جو ڍڪ جڪڙيل هوندو هئو. ڍڪ ورائڻ مھل ان جي اڳئين پاسي
هڪڙي ڪِلي هوندي هئي، جنھن جي سوراخ ۾ هڪ مڙيل ڪنڍي هوندي هئي، جيڪا ڦيرائي ان ڪِليءَ
۾ ڦاسائبي هئي، ته ڍڪ سوگهو رهندو هئو. ان جي اندر ٽانڊا گرم ڪري، يا ڪوئلا وجهي،
ان تي ڪا چڻنگ ٻاربي هئي ته ڪوئلا دُکي پوندا هئا، ايئن استري گرم ٿيندي هئي. ڪن
استرين ۾ وري اڳيئون مٿان کان ئي دونھين يا ٻاڦ نڪرڻ لاءِ گول مڙيل ٻوٿ هوندو
هئو. اوٿپ ۾، گرم استريءَ سان سوٽي ڪپڙا
پھرين استري ڪبا هئا، جڏهن استري ٿوري جهڪي ٿيندي هئي ته ريشمي يا نائلون جا ڪپڙا
استري ٿيندا هئا. يعني گرم ۽ وچولي گرم وقت ان چال جو خيال رکيو ويندو هئو. گهڻو ڪم
ڪندڙ ڌوٻين وٽ اهڙيون ٻه استريون هونديون هئيون، هڪ گرم ڪندا هئا ته ٻي گرم ڪرڻ
لاءِ ڪوئلا دکائي ڇڏيندا هئا. ڪوئلو، ٻين شھرن مان به ايندو هئو، پر گهڻي ڀاڱي اوڙي
پاڙي مان وٺي وٺندا هئا. عام گهرن ۾ به باهه تي رڌ پچاءُ ڪري، پوءِ اهي ٽانڊا پاڻيءَ
جي ڇنڊن سان ٺاري ڇڏيندا هئا، جيڪي پوءِ ڌوٻي يا وري لوهر ڊٻن جي ماپ سان ڳنھندا
هئا. ان لاءِ سگهڙ زائفون ڪوئلن جا دٻا ڀري، وڪڻڻ لاءِ رکنديون هئيون.
استري
ٺاهڻ لاءِ به ڪاريگر ڌات کي باهه تي رجائيندو آهي، بعد ۾ استريءَ جي الڳ الڳ ڀاڱن
جا ڪارب ٺاهي، ان ۾ وجهي، ڪڍڻ بعد سراڻ وغيره تي لائي چمڪائي، کڻي ملائيندا آهن ۽
آخر ۾ مٿان ڪاٺيءَ جي ڳن کي پاسن جي لوهي پٽيُن سان استريءَ جي مٿئين ڍڪ ۾ هڻندا
آهن ته استري تيار! استريءَ جو تَرو ۽ مٿيون پُڙ وچ واري ڀاڱي کان وڌيڪ يعني ٻاهر
نڪتل رکيو ويندو آهي.
ڪپڙن
جي استري ڪرڻ ۾ به سگهڙائپ کپندي آهي، تڏهن ته ڪوڏيا ماڻهو ڪپڙن جي استري ڌوٻين
کان ڪرائيندا آهن. ڪپڙو ته کڻي گهر ۾ ڌوپندو آهي، پر استري ڌوٻي ڪري. ڪي سکر ماڻهو
وري ڌورائڻ ۽ استري ڪرائڻ وارو ڪم ڌوٻين کان ئي ڪرائيندا آهن. ڌوٻين کي ڪپڙي سنوارڻ
جو ڍنگ هوندو آهي. سوٽي ڪپڙي کي ڪَلف اهڙي ته انداز سان ڪندا، جو استري ڪرڻ بعد
پراڻي کان پراڻو ڪپڙو به پيو ترورا ڏيندو. ڪنھن چڱي ڪپڙي کي ڪو چُٽو لڳي ويندو ته ڌوٻي
ئي ان کي لاهيندو. گهر ۾ ڪپڙي جي چُٽي لاهڻ جو ڏانءُ نه هوندو آهي، البت گهر ۾ به ڪي
زائفون اهڙو ڍنگ ڪنھن ڌوٻڻ کان سکي سمجهي به وٺنديون آهن. مطلب ته جي استريءَ جو
مزو وٺڻو آهي ته ڪپڙو ڌوٻيءَ کان ڌورائجي، پوءِ جيڪا اهو استري ڪندو، ته وهه واهه ٿي
ويندي.
ڪپڙي
جي هرهڪ ڀاڱي جي استري به ڌوٻي ڄاڻندو آهي. ان لاءِ پھريائين ته ڪپڙن کي پاڻيءَ جا
ڇنڊا هڻي، ويڙهي کڻي رکندو ته جيئن ڪپڙا آلوکڙا ٿين. آلوکڙا ٿيڻ کان پوءِ اهو ڪپڙو
نرم ٿي پوندو، بس رڳو استري گهمائڻ جي دير آهي. آلوکڙي ڪپڙي کي استري ڪرڻ سان ڪپڙو
به چيو ڪندو. جيئن ان ۾ شوخائي رکبي، تيئن ئي رهندو. اڳي ته ڪپڙن ۾ ٽَڪ به رکرائبا
هئا، جئين قميص جي اڳيان بٽڻن واري پليٽ جي سِڌ ۾ هيٺ تائين، ٽَڪُ رکبو هئو، اهو ٽَڪ
جيئن ڌوٻي سڌو رکندو، تيئن گهر ۾ ڪو نه رکي سگهندو! وري قميص جي پويان تِيري هيٺان
پاسن کان ٻه ٽَڪ رکبا هئا، جيڪا قميص جي ڇيڙي تائين هوندا هئا، اهڙا ٽَڪ جيئن ڌوٻي
بيھاري، ٻئي جي جاءِ ناهي.
ڪوئلن
واري استريءَ کان پوءِ بجليءَ تي استري آئي، جيڪا گهڻي گرم ٿيڻ تي جلدي سڙي ويندي
هئي ۽ مسترين جا منھن ڏسندي هئي. ان ۾ هڪ پٽِيءَ نما ايليمينٽُ پوندو هئو، جيڪو گهڻي
دٻ سھي نه سگهندو هئو. مون ننڍپڻ ۾ پنھنجا ڪپڙا استري ڪيا. گهر ۾ هروڀرو استري ٿيل
ڪپڙن تي زور ڪونه هوندو هئو، پر خاص موقعن لاءِ استريءَ کي ڪم آڻي وٺبو هئو. بابا
سائينءَ جا ڪپڙا ڪڏهن ڪڏهن ڌوٻيءَ وٽان ڌورائبا هئا، نه ته گهر ۾ ڪا ڀيڻ ڪري وٺندي
هئي. بابا سائين گرميءَ ۾ ململ جو پھراڻ وڏي شوق سان پائيندو هئو، ان لاءِ مون ڏٺو
ته گهر ۾ بس پاڻيءَ ۾ ڇاڇوليو ۽ تارَ تي سڪائڻ رکي ڇڏيو، سڪڻ بعد ڇا جي استري، ڇا
جون ڳالهيون، ڇنڊڪو ڏيئي پائي ڇڏيندو هئو.
امڙ
کي مون استري ڪندي گهٽ ڏٺو، باقي ڪپڙا ڌوئڻ ۽ گهر جي صفائي ۽ رڌ پچاءُ سندس وندر
هوندي هئي. هونئن به گهر ۾ ميرا ڪپڙا گڏ ڪري رکڻ جو رواج گهٽ هئو، بس ڌوئو ۽ پايو.
اڳي ته ڪپڙن جا جوڙا ئي پورا سارا هوندا هئا، اڄڪلهه وانگر ڪونهي جو ڪٻٽ جو در کول
ته ڪپڙا اچي پيرن ۾ پوَن! اڳي ايئن ئي هيو ته هڪڙو جوڙو پائبو، ٻيو ڌوئي رکبو.
هاءِ
اسڪول ۾ پڙهڻ دوران، پنھنجا ڪپڙا پاڻ استري ڪندو هيم. استري ڪيئن ڪجي، ان لاءِ ڌوٻيءَ
جي چال کي ڏسندو هيم. مثال طور وڳو استري ڪرڻو آهي، پھرين ته سَلوار جا ڏر ملائي، ٻئي
پاسا الڳ الڳ استري ڪبا، پوءِ ان کي ورائي اندريون پاسو ٻاهر ڦيرائي، وري اهي پاسا
استري ڪبا. آخر ۾ ٻَچيءَ وارو ڀاڱو ورائي، سلوار کي سوڙهو ڪبو، ايئن ورائي کڻي ويڙهي،
چئن ڀاڱن ۾ ويڙهبو. قميص جي استريءَ لاءِ پھرين ڪالر کي پوئين پاسي کان سڌو رکي،
استري ڪبي، پوءِ اڳئين پاسي کان استري ڦيربي. ان بعد قميص واري تِيري کي ٻنهي
بازُن واري پاسي کان چپٽي هڻي سڌو ڪري، استري ڪبي. استري ايئن ڦرندي، جو تِيري جي
هيٺان الڳ سان هڪ ليڪ ٺھي بيھندي. ان کان پوءِ قميص جا بازو اهڙي نموني
بيھاربا جو بغلن وارو پاسو بلڪل هيٺان بيھي، ايئن ٻيو بازو به ڪبو ۽ هيٺيون
پاسو به ڪري وٺبو. ان سان قميص جا ڪف پاڻ ۾ ملندا. پوءِ قميص جو آڳو استري ڪبو ۽
آخر ۾ قميص جو پيڇو. ويڙهڻ مھل ڪالر کي ڀڃي، ورائي، اهڙي نموني رکبي جو ان جو مٿيون
بٽڻ ۽ ڪاجُ هڪٻئي سان ملندڙ رهي ۽ ڪالر جون ڪنڊون هيٺ برابر بيھن. استري پوري ٿيڻ
کان پوءِ ان کي ابتو رکي، ان جي پاسي جو چوٿون ڀاڱو ورائبو، ۽ ايئن ٻيو پاسو اوترو
ئي ورائبو. جڏهن قميص جا پاسا ويڙهجي ويندا ته ان جي ڊيگهه کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، هڪ
ڀاڱو ورائبو ۽ ٻيو ڀاڱو به ورائبو. جڏهن ٻيو ڀاڱو ورائبو ته اهو ڀاڱو اچي ڪالر جي
پوئين حصي سان ملندو. مطلب ته ايئن قميص ويڙهجي ويندي. ان کي وڌيڪ سنڀالڻ لاءِ
سلوار جي وريل پاسن جي وچ ۾ رکي ڇڏبي. اهو ڍنگ مون عام ڌوٻين کي ڏٺو آهي، جيڪو مان
به استري ڪري، ويڙهي رکندو هيس. جيئن ته بابي کان سواءِ ڪنھن کي استري ڪيل ڪپڙا
پاتل ڪونه ڏسندو هيم، ان لاءِ ان تي گهڻو زور ڪونه هوندو هئو، پر بجليءَ واري
استري هلائي ويندو هيم.
بجليءَ
واري استريءَ ۾ ايليمينٽ جي سڙڻ سبب، ان تي گهڻو ڪونه ڀاڙبو هئو. گهڻو پوءِ
پيناسونڪ نيشنل استري اچڻ شروع ٿي، جنھن لاءِ چيو ويندو هئو ته هيءَ چانديءَ جي
پوائنٽ سان آئي آهي، ان لاءِ هن ۾ سڙڻ يا خراب ٿيڻ جو اونو نه ٿو رهي. واقعي، هئو
به ايئن، سالن جا سال پئي هلي، بس صفائيءَ لاءِ يا تار مٽائڻ لاءِ مستريءَ وٽ
ويندي هئي. اها استري ايتري ته عام ٿي ويئي، جو ان جو نقل اچڻ شروع ٿي ويو. هاڻي
ته اها اصل پيناسونڪ استري ملي ئي ڪونه ٿي. ان کان پوءِ اهڙي استري به آئي، جنھن ۾
پاڻي وجهي ڇڏبو هئو، يعني ڪپڙي تي پاڻي هڻڻ جي گهرج ئي نه پئي پوي، اها گهرج استري
ئي پوري پئي ڪري؛ پر ان ۾ اها پائداري ڪونه هئي، ان لاءِ ان جو واهپو ايترو عام نه
ٿيو.
اڳي ته سادو سودو ڪپڙو پائبو هئو، استريءَ جي چڪر ۾ ئي ڪونه پئبو هئو، هاڻي ته استريءَ کان سواءِ ڪپڙو ئي ڪونه ٿو پائجي. غريب غربو به ڌوٻيءَ ڌوتل ڪپڙا پيو پائي. هاڻي ته هر ماڻهو استريءَ سواءِ ڪپڙا پائڻ عار ٿو ڀانئي. ڪو ماڻهو ٿورو پڙهيو، ڄڻ اڙيو، گهر کان ٻاهر نڪربو ته ٺاش پوش ۾، نه ته سنگت ساٿ ۾ نڪرڻ کان پيو لنوائبو. ڳوٺاڻو هاري ناري ماڻهو يا پراڻا ماڻهو، ڪپڙي لٽي جي ٺاهه ٺوهه واري چڪر ۾ ايترو ڦاٿل نه هوندو آهي. انهن کي جيڪي آيو، سو اگهيو.
No comments:
Post a Comment