سرميداڻي - آنڙو
سنڌي سڀيتا جا اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سرمو ته سڀڪو پائي،
پر اک اک جو ڦير! هيءُ پھاڪو تڏهن جي پيداوار آهي، جڏهن کان سرمي پائڻ جو گهڻو
رواج هئو. جڏهن حڪمت جو زور ٽٽو ۽ ميڊيڪل سائنس پنھنجو ڌاڪ ڄمايو، ته سرمي کي اکين
لاءِ هاڃيڪار ڄاڻايو ويو. حالانڪ اکين جون بيماريون اڳي به هئيون، هاڻي به ساڳيون
آهن، رڳو علاج ۽ اپاءَ نرالا ٿين ٿا.
اڳي ماڻهو سرمي پائڻ
کان سواءِ ٻاهر نه نڪرندو هئو. وڏڙيون چونديون هئيون ته اکيون ٻُسيون ٿيون لڳن،
سرمو پائيو. سرمي جو ايڏو رواج هوندو هئو،
جو اسان جي هر هٽَ تي اهو وکر ملندو هئو. پسارڪو هَٽُ هجي، ريزڪي هَٽُ هجي، سودي
سامان وارو هجي، منيارڪو هجي، مطلب ته سرمو گهر گهر جي گهرج هوندي هئي، ان لاءِ هر
قسم جي هٽَ تان سرمو ۽ ڊَڀُ (اکين ۾وجهڻ وارو ٻورو) ملي ويندو هئو.
اسان جي گهر ۾ ته
سرمي پيھڻ جي ڪاري رنگ جي پٿريلي روهِي/ ٻيڙِي به هوندي هئي، جنھن ۾ ٻه ٽي ڏينھن
لاڳيتو سرمو پيھبو هئو. منھنجي پُڦي جيجي الهه بچائي (جنھن بابا سائينءَ کي پاليو)
ته ان ڪرت سان لڳي پئي هوندي هئي. سرمي جي ڊَڙِي، اڳڙيءَ ۾ ٻڌي، ٻه- ٽي ڏينھن، ڪوري
ٺڪر جي پاڻيءَ واري پيالي ۾ پسائي رکندي، پوءِ روهيءَ ۾ ٻه- ٽي ڏينھن لاڳيتو پئي
پيھندي. پھرين سرمي کي هوريان هوريان ڪٽي، پيھندي به ته گڏو گڏ پاڻيءَ جو ڇنڊو به
وجهندي ويندي. يعني سرمي جي پِيسَ سان پاڻيءَ جو ڇنڊو لازمي پوندو. بنھه سنهو پيھڻ
کان پوءِ پيٺل سرمو سرميداڻيءَ ۾ سنڀالي رکندي، سرائي چمڪائي رکندي، پوءِ صبح اٿندي
ئي اکين کي پاڻي هڻي سرمو پائيندي. اکيون سدائين سُرميل هونديون هيس. پتل جون اڌ
فوٽيُون سَرايون به ٻه هونديون هيس، هڪ سنهي ٻي ٿلهي، گهڻي ڀاڱي سنهي ڪم آڻيندي
هئي. سرائي به ايئن چمڪندي هئي، جيئن سون چمڪي.
پيٺل سرمو، جنھن سَنڊرَ
۾ وجهبو آهي، ان کي سُرميدانِي/ سُرميداڻِي چئجي ٿو. لاڙ پاسي سامونڊي پَٽيءَ ۾
سرمي کي ’آڃڻ‘ به ڪوٺيندا آهن ۽ ان جي سَنڊر کي ’آڃڻو‘ چوندا آهن. اتر سنڌ ۾ ان کي
ئي ’آنڙو‘ ڪوٺين ٿا. اهو ’ڃ‘ سان ’ن‘ ۽ ’ڻ‘
سان ’ڙ‘ جي بدل سنڌي ٻوليءَ جي لھجاتي بدل آهي. انهن وٿُن تي اسان جي ٻوليءَ ۾
پروليون ۽ پھاڪا اصطلاح به جام آهن. يعني اها ايتري ته زندگيءَ جي ويجهو رهي آهي،
جو ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ ۾ به ان جو اهم ڪردار آهي.
سرميداڻيءَ جي بيھڪ
ايئن ٿيندي آهي جو ان جو وچ يا پيٽُ گول ٿيندو آهي ۽ ڳچي سنهڙي گهُگهِيءَ وانگر، مٿان
ڪَنو ٺھيل، هيٺان بيھارڻ لاءِ ڏانوَر
وانگر چار ٽنگون ۽ مٿان گهُگهِيءَ وانگر منھُن، جنھن مان سرمو وجهي رکجي ۽ وَٽَ
سان ٻُجي ڏيئي ڇڏجي. گهڻيون ٻُجيون اهڙيون به ٺاهيون وينديون آهن، جنھن جي هيٺان
سَرائي هجي، جيڪا ان مان گهمائي، کڻي اکين ۾ وجهجي. وري ٻُجي اهڙي به جو مٿان
پِپِر جي پَن جيان ڄاريءَ جي گهڙائِي، جو آسانيءَ سان هٿ وجهي، گول ڦيرا ڏيئي،
سرميداڻيءَ ۾ سوگهي ڪري ڇڏجي ۽ گهرج وقت ڦيرا ڏيئي، کڻي ڪڍجي.
سرميداڻي گهڻي ڀاڱي ڌات
مان ٺاهيندا آهن، يعني پتل ٿيو، ٽامو ٿيو، لوهه يا رُڪُ ٿيو، مطلب ته ٺھندو ڌات
مان! ڪن ڪوڏين وٽ ته چانديءَ جي به رهي، ممڪن آهي ته ڪن وٽ سون جي به رهي هجي؛ پر
پتل جي عام جام! گهڻي ڀاڱي اها وٿُ ٻن حصن ۾ ٺاهيندا آهن، ڌات پَساري، کڻي ڪارب ۾
وجهندا، ان مان ڪڍي، کڻي ملائيندا ته سرميداڻي تيار! ڪي ڪاريگر آنڙو يا گولڙو ٺاهڻ
وقت هڪ ئي ڪارب ۾ وجهي، پوءِ کڻي مٿان گرمٽ سان ڦيرا ڏيئي، سُھائيندڙ پيٽُ ٺاهيندا.
سرميداڻيءَ کي ڪارب مان ڪڍڻ بعد، ڪاٺ وانگر، اضافي ڪاٺ سان ملائي، جنڊيءَ تي به
لائيندا ته جيئن گول ۽ لسي بيھي.
سرميداڻيءَ جا ماپن
يا ڀير آهر ٻه نمونا ٿيندا آهن، جنھن جو پيٽ ٿورو ويڪرو ۽ چار ٽنگون هوندس، ته
سرميداڻي، پر جيڪڏهن ماپ ۾ ننڍِي وَٿُ آهي ۽ رکڻ لاءِ هيٺان گول گهيرو هوندو ته ان
کي ’آنڙو/ گولڙو‘ چيو ويندو آهي. سرميداڻيءَ کي ٻاهران ايترو اجرو نه رکندا آهن،
جيترو ان جي سَرائيءَ کي! سرميداڻيءَ يا آنڙي جي اوچائي ٻن انچن کان ڇھه انچ ۽ ويڪر
هڪ انچ کان اڍائي انچن تائين ٿيندي آهي.
سرميداڻيءَ واريون
سَرائيون، گهڻي ڀاڱي ٻجيءَ لاءِ ئي ڪم آنديون وينديون آهن، باقي اکين ۾ سرائي ڦيرڻ
لاءِ الڳ سان دل گهري سَرائِي ڪم آندي ويندي آهي، جنھن جا ٻئي پاسا ڪارگر هجن.
انهن سَرائين ۾ به، ٻه نمونا اهم آهن، هڪ سنهي سَرائي، ٻي ٿلهي سَرائي. سنهي
سَرائي ته گهڻي ڪم آندي ويندي آهي، پر جيڪا ٿلهي سَرائي ٿئي ٿي، سا نئين ڄاول ٻار
لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. اهو ان لاءِ ته ٿلهي سَرائيءَ جي ڪم آڻڻ سان ٻار جون
اکيون وڏيون ۽ سھڻيون ٿي بيھنديون. جتي ٻار کي تيل سان آئڍ ڏيئي، وهنجاري سھنجاري
سمهارڻ لاءِ تيار ڪبو، ان وقت ان ٿلهي سَرائيءَ سان ٻار جي اکين ۾ سرمو پائبو.
ايتري قدر جو انهن جي ڀِرن اچڻ تائين، سرمي سان ڀرون به ڀربا. وري مزي جي ڳالهه ته
سونھن ۽ بد نظريءَ کان به ان ٿلهي سرائيءَ جا، ڳٽن تي، کاڏيءَ تي ۽ نرڙ تي تلڪ به
نڪرندا. ڳٽن ۽ کاڏيءَ ۾ چُگهه ته سونھن لاءِ ڪڍيا ويندا آهن ته جيئن ٻار مُرڪي ته
ان جي ڳٽي جو چُگهه/ گهُٻ نروار ٿئي. باقي نرڙ وارو سرمي جو نشان، بد نظريءَ لاءِ
لڳايو ويندو آهي.
سرمو، رت وهڻ کي روڪڻ
يا هلڪي ڦٽ ۾ وڌو ويندو آهي. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ پنھنجي ئي ڪنھن بزرگ مائٽ
مون کي ڌڪو ڏنو هئو ته مُنھن وڃي ڀت سان لڳو ۽ وات جي مھارن مان رت وهڻ لڳو. گهر
آيم، بابا کي دانھن ڏنم، بابا بلڪل چُپ رهيو، رڳو مون کي ڀرسان ليٽائي، مھارن ۾ سرمو
هنيائين ته رت بيھي ويو. ٻن ڏينھن کان پوءِ اهو ڦٽ به ڇٽي ويو. سو سرمو اهڙن ڪمن ۾
به ڪم آندو ويندو آهي.
سرائي به گهڻي ڀاڱي ڌات
يعني پتل جي ڪم آندي ويندي آهي، پر نم جي ڪاٺيءَ جي به ڪم آندي وڃي ٿي.
سرميداڻيءَ جي منھن
کي بند رکڻ واري ٻُجيءَ ۾ جيڪا سرائي لڳل هوندي آهي، ان جو رڳو هڪ پاسو ٿئي ٿو، ان
لاءِ ڌاري سَرائي ڪم آندي ويندي آهي، جو ان جا ٻه ڇيڙا هوندا آهن. سرميداڻيءَ مان ٻئي
ڇيڙا ٻوڙبا، هڪ پاسو هڪ اک ۾ ته ٻيو پاسو ٻي اک ۾! گهڻو ڪري ماڻهو ان انداز سان
سرمو پائيندا آهن ته پھرين سَرائيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙبو، پوءِ صاف اڳڙيءَ سان
اگهبو، بعد ۾ سرميداڻيءَ ۾ ڦيرائي، اکين ۾ وجهبو. وري ٻيھر به ايئن ئي ڪبو. ماڻهو
ته ايترا هيراڪ رهيا آهن، جو سفر ڪرڻ لاءِ جتي ٻيو ضروري سامان کڻبو، اتي سرمي جو
بِلو ضرور ڪبو.
سرمو پائڻ لاءِ به
مشق ضروري آهي، نئون ماڻهو سرمو پائيندو ته پيو دليون هڻندو- لھرائيندو ته متان
اکين جي تاري ۾ سَرائي چڀي نه وڃي! مون به ننڍپڻ ۾ سرمي پائڻ جي ڊڄي ڊڄي مشق ڪئي
هئي، ان بعد ڪجهه ڏهاڙا پائيندو رهيم، پر پوءِ امڙ مون کي سرمي پائڻ کان جهلي ڇڏيو
جو اک جي تُنرَن ۽ پاسن کان ’انبَ‘ (اک جي پاسي سَرائيءَ جي چھنب سان ٺھندڙ ڪارا
نشان) ٺھي بيھندا هئا. وري شاديءَ وارن ڏهاڙن ۾ پاتو هيم، پر ساڳيا لاٽون ساڳيا
چُگهه. نيٺ سرمي کان موڪلاڻي ڪيم.
گهڻا شوقين ته سرمي
جي ڊَڙِيءَ کي اڳڙيءَ ۾ وجهي يا ان کان سواءِ، نم جي رَسيَل وڻ جي چَتي لاهي، ان ۾
پُوري مٿان ساڳي چَتي ڪوڪن سان هڻي ڇڏيندا آهن، چاليھن ڏينھن کان پوءِ ان کي ڪڍي،
پيھي ڪم آڻيندا آهن. اهو سرمو پائڻ سان پھرين ته اکين کي ٿورو ڪُرائيندو، اکين مان
ڳوڙها ڪڍندو، پوءِ ٺَري پوندو. ڪم آڻيندڙن جو چوڻ هوندو آهي ته ان سان اکين جو
ميرُ وغيره نڪري ٿو وڃي ۽ اکين کي آنند ملي ٿو وڃي. ڪي حڪيم سرمي پيھڻ سان ئي سمنڊ
ڦيڻ جي ذرڙي ملائي پيھندا، اهو ان لاءِ ته ڪنھن جي اکين ۾ ڌُنڌ يا رائو هجي ته اهو
دور ٿي وڃي.
لطيف سائينءَ لفظ
’سرمو ۽ ڪجل‘ به ڪافي ڀيرا ڪم آندو آهي، جيئن:
سُرُمُو
سُفيدِيءَ جو، جڏهن پاتو جَن،
تَڏهن ڏِٺِي
تَن، اَڇائِي عالَمَ جِي.
---
سُرُمو
سَياهِيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،
ڪانِي ڪارائِيءَ
جِي، پُرسُ ٿِي مَ پاءِ،
اَکِينِ
۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لالَڻ جي.
--
لَڪِ
سَنِهين، نَڪ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنا نيڻَ،
سامُونڊِري
مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَهه لَنگهائِيَا.
لاڙي لھجي ۾ سُرمي
کي ’سوئيرو‘ به ڪوٺيو ويندو آهي، ان لاءِ لطيف سائينءَ به سوئيرو ڪم آندو آهي،
جيئن:
جان
تَنُ ڪِئوءِ نَه تِيئَن، سُوئِيريائِين سَنهڙو،
پِرِين
پائِيندا ڪِيئَن، توکي اکَڙِيُنِ ۾.
ان بيت جي مراد آهي
ته پنھنجي تَن کي تسيا ڏيئي، ظاهري وجود کي پيھي سرمي جھڙو سنهو ڪر، جي ايئن نه ڪري
سگهئين ته پوءِ پرين توکي اکڙين ۾ ڪونه پائيندا ۽ جيءَ ۾ جايون نه ڏيندا. يعني سنڌي
سڀيتا ۾ ظاهري سونھن لاءِ سرمو اهڙو ته اهم ليکيو ويو آهي، جو ڪلاسيڪل شاعرن به ان
کي تشبيھه يا استعاري طور ڪم آندو.
جتي سينگار ۾ ٻين
هٿرادو ٺاهه ٺوهه جي شين يا وکرن جو ذڪر ملي ٿو، اتي سرمي کي مٿانھين درجي تي رکيو
ويندو آهي. اسان جي ڪافي سگهڙ شاعرن، خاص طور ’سينگار‘ جي صنف ۾جتي مجازي سورهن
سينگارن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي ’سرمي‘ کي ڏاڍو ساراهيو آهي. جتي محبوب جي اکڙين جي ڳالهه
ٿيندي، اتي سرمي ڀرين اکڙين تي پيا آهون ڀريندا.
ٻڌيون ڳالهيون ته
سُرمي پائڻ جو رواج، مصر جي راڻين ۽ ماڻهن، ٽي هزار سال قبل مسيح کان به اڳ وڌو،
بعد ۾ ٻين خطن جي ماڻهن سرمو پائڻ شروع ڪيو. هندستان ۾ ته سرمي کان سواءِ ڪجل ٺاهڻ
جو به رواج پيو، يعني سرمو ۽ ڪجل اکين جي سونھن کي وڌائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.
ڪجل، سرمو، سرميداڻي
۽ سَرائي اهڙيون وٿُون آهن جو ڏاج ڏيوڻ ۾ به هي وٿُون نه ڏنيون ويون ته ڄڻ ڪجهه ئي
نه ڏنو ويو. خاص طور ڏاج ۾ اهي شيون ساري سنڀاري نياڻين کي يا پٽن کي سامان ۾ ڏنيون
وينديون آهن. اڳي ته ڄاول ٻار لاءِ الڳ سان سرميداڻي يا آنڙو وٺبو هئو ته جيئن اهو
آنڙو صرف ٻار لاءِ ئي ڪم آڻجي. هاڻي جيئن ته ميڊيڪل سائنس، سرمي کي بھتر نه ٿي
سمجهي، ان ڪارڻ سرمي پائڻ جو رواج گهڻي ڀاڱي گهٽجي ويو آهي.
شاعرن جتي پرينءَ جي
اکڙين جي ڳالهه ڪئي آهي، اتي سرمي کي ضرور ياد ڪيو آهي، مولوي احمد ملاح جا ٻه شعر
خيال خاطر رکجن ٿا:
اَڄ به
سُرمون پائي سُھڻا، سِينڌ سِينگارڻ لڳا،
مُحب
مُرڪاڻي مِٺيءَ سان، مُلڪ مِڙ مارڻ لڳا.
ويو
لھي اُن ڏِينھن کان، ’احمد‘ عُمر جو آسرو،
سَچ،
جَڏهن سُرمون وِجهي، سُھڻا! سِينگاريا نيڻ تو.
پرولي:
• ٽِپڻ
۾ ٽُنگُ، چيلهه ۾ چار ٽنگون.
• چار پير زمين تي، هڪڙي اک آسمان ۾.
• چَو ڄنگهي چوغان ۾، آڻي لاٿائون، نر هئس پيٽ
۾، مٿان مادي وڌائون.
• چار پير چوغان ۾، ڦِري ٿي ميدان ۾، پُٽ اٿس
پيٽ ۾، ڌيءَ بيٺي گهُري.
• چار ٽنگون چيلهه ۾، مَٿي ۾ کُھِي، اهڙي سکر
جوءِ، سڀڪنھن جي گهر هئي.
• ڌڙ سِينگي، ڪَڙ پاتِري، ڪُڪڙ ڪنڌي نارِ،
نارِي نر ڦينڪيو تو سَموندران پيلي پار.
(ڌر سڱن وارو، پيٽ
ويڪرو، ڪُڪڙ جھڙي ڳچي، زالَ مڙس کي اڇليو ته وڃي سمنڊ کان پار پيو.)
• چوٿائيءَ ۾ چار ڪڻ، ڌم ڏيئي پيسا، ٻارهن
مھنا چُوڻ ڪري، اڃا نه کُٽا.
(چوٿائيءَ ۾ چار داڻا
زور سان پيٺا، ٻارهن مھينا چُوڻ ڪيم، پر اڃا نه کُٽا.)
سگهڙن
جا ٻول
• اکر سڀ سکر هي، ڪڇ ڪھڻي ڪا بيڻ،
اوئي ڪاجل ٺڪري،
اوئي ڪاجل نيڻ.
(لفظ سڀ سھڻا آهن،
پر ڪجهه چوڻ جو فرق آهي. جيڪو ڪجل (ٺڪريءَ) تي ڪم اچي ٿو (ڪنڀر مٽيءَ جي برتن تي ڪجل
کي مس ٺاهي چٽ ڪڍندو آهي) اهو ئي ڪجل سھڻين اکين جي حسن جو حصو به ٿئي ٿو.)
• ڪرڙيو (سانڊو) ڪانٽي چڙھيو، اوڏر اونڌو
واءُ،
اڄ اٻ مانجهاندو گهٽيو،
تون رنڙي ڪجل پاءِ. (ٿر جا ٻول)
• ڪاڻي اک ڪجل پائي،
ٻچي ڏاڙھي ھٿ ھڻي ٺاھي،
بيني نڪ نٿ پائي،
ٺوٺ گر، ماٺو ڍور،
پنج ئي گهگهن گهور.
(ڪاڻي اک ۾ ڪجل پائڻ،
ٻچيءَ ڏاڙھيءَ ڦڻي ڏيڻ، ننڍي نڪ تي وڏي نٿ پائڻ، ڏڏ استاد، ڍرو ڍور، پنج ئي اجايا
۽ اڻ وڻندڙ آھن)
اصطلاح
۽ پھاڪا
• ڪنھن کي سرمو پائڻ (ٺڳڻ- بيوقوف بڻائڻ)
• سُرمو ڪرڻ (ناس ڪرڻ- ڇيھون ڇيھون ڪرڻ)
• سُرمو وجهڻ (گمراهه ڪرڻ- چالاڪي ڪرڻ)
• سرائي، سرميداڻيءَ ۾ ڏسڻ (اکين سان زنا ڪندي
ڏسڻ)
• سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦيرُ.
(هرڪنھن جي ڪم ڪرڻ
جو ڍنگ نرالو هوندو آهي)
• جي اکين ۾ آڃڻ هئا، ته بوترڪيون ڪيھان ڀويون.
(جڏهن اکين ۾آڃڻ/
سرما پاتل هئا ته پوءِ بوترڪيون/ آنڙيون ڇو ٿيون! هڪٻئي کي سوکڙين پاکڙين ڏيڻ
باوجود، تعلقات نه ٽٽڻ گهرجن)
• تون مان سرمو پايون ته عاشقي، ملان پائي ته
سنت!
(ساڳين معاملن کي
مختلف معيارن سان ڏسڻ، ڀلي ڳالهه ناهي)
• انڌي
جي اک ۾، سرمو پائڻ مان ڪھڙو فائدو؟
(سرمو، جوت/ ديد
واري اک کي فائدو ڏيندو، انڌي کي ڪھڙو فائدو. هدايت وٺندڙن ۽ عمل ڪندڙن لاءِ آهي،
جنھن کي شعور ئي ناهي، ان لاءِ ڪھڙو فائدو)
• ڇا ڪاڻِي، ڇا ڪَجلُ.
(پنھنجي حيثيت کان وڏو
ڪم نه ڪجي)
• اکيون سي، جي آڃڻ بنا سونھن.
(اکيون اھي سھڻيون،
جيڪي سرمي جون محتاج نه هجن)
• حاجت ناهي حسينن کي، سرمي ۽ سينگار جي.
(سھڻا ماڻهو، سينگار
کان سواءِ ئي ٺھندا آهن)
• اک ته ڪجل، نه ته کُجل.
(سرمي کان سواءِ، سھڻي
اک به ٻُسي لڳندي آهي)
• لَئين لڏڻ ڇڏيو، اڄ لڏن ٿا لاڻا،
سڄن سرمو ڇڏيو، اڄ
پائين ٿا ڪاڻا.
(چڱن ماڻهن جو قدر
نه ٿو ٿئي، برن ماڻھن جا نخرا وڌي ويا آهن)
• کجين مان کرمو چورائيندڙ: چور،
اکين مان سرمو
چورائيندڙ: چورن مٿان مور.
(چڱن ڀلن کي ٺڳيندڙ
جو مثال، چورن مٿان مور وارو آهي)
(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن جي اضافي ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي)
No comments:
Post a Comment