Thursday, December 21, 2023

ساهمي - تارازي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ساهمي - تارازي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ساهمي يا تارازي هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا تور جي لاءِ هر قسم جي هٽَ تي رکيل هوندي هئي، وقت سان ڪمپيوٽرائزڊ اوزار اچي ويا، ته ساهميءَ جي جڳھه تي تُراڙو/ بيلنس/ ڪانٽو اچي ويو. نئين پوش کي ان جو پتو ئي ناهي ته ساهمي ڇا ٿيندي آهي!



’ساهمي‘، ’تارازي‘، ’ٻه پُڙِي‘ ، ’تُراڙِي‘، ’ٽِڪَڙِي‘ يا ’ميزان‘ الڳ الڳ ماپن جي ٿيندي آهي، ننڍي، ننڍڙي، وڏي، بنھه وڏي. ان جا وَٽ به نرالا ٿيندا آهن. ننڍڙي تور جا وَٽ ننڍا ۽ ساهمي به ننڍڙي ٿيندي. ان ننڍڙيءَ ۾ ماسي کان وٺي آني تائين جي وٽَن سان  تور ڪبي هئي، ان ساهميءَ کي ’تُرِي‘ ڪوٺبو هئو. گهڻي ڀاڱي، ريزڪي دڪاندار، وڏي ملهه وارا ننڍڙا وَکَر ان ۾ توريندا هئا، جيئن: ننڍا ڦوٽا، گرم مسالي جو وَکَر وغيره. سونارا به اهڙي تُري رکندا هئا، جن وٽ وري ٻه نمونا هئا، هڪ اها گول پُڙن واري تُرِي ۽ ٻيو بيلنس، جنھن جي هيٺان وچ ۾ليور رکيل هوندو آهي. پراڻي زماني ۾ سونارا به ’تُري‘ (تراڙيءَ جو اسم تصغير) رکندا هئا، بيلنس (وزن برابر ڪرڻ جو اوزار) گهڻو پوءِ آيو.

لطيف سائينءَ جي بيتن ۾ تارازيءَ لاءِ ’تُراڙي‘ لفظ ڪم آندو آهي، جيئن:

تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،

پائِي تُراڙِي توريان، ته مُلڪُ نه تُنھِنجو مَٽُ،

لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.

ڪو جو وَھُه ڪَاپَائِتِيين، ڪَنبَن ۽ ڪَتَنِ،

ڪَارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهه اَچَنِ،

اُنَ جي سُونھَن سَيَدُ چَئي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،

اَگِهئا سُٽَ سَندَنِ، پَائي تَرازِيءَ نَه تورِئَا.

مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙئا جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِئو اَگهايو.

سونارا، صَراف سِين، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي،

چاندِي ڪئو چَلائِيين، رُپو روَازِي،

جِتِ ٿِيندو رَبُ قاضِي، اُتِ تورِيندُءِ تَجِوِيزَ سين

اڳي ته هَٽن/ دڪانن تي ساهمي/ تارازي، ڪنھن ڪاٺ جي ميز يا صندل تي کُتل هوندي هئي، جتان واڻيو/ دڪاندار وکر وٿُون يا سيڌو سامان توري ڏيندو هئو. گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي، ته اهي ساهميون/ تارازيون ۽ لوهي وَٽَ ڪم آندا ويندا هئا. ننڍڙي وزن وارا وَٽ وري پتل يا ڪُٽ جي ڌات جا ٺھيل هوندا هئا. اهي صندل يا ميز تي لڳل تارازيون گهڻي ڀاڱي لوهه جون هونديون هئيون. لوهي ڪانٽو، ان ۾ لوهي پُڙَ، جيڪي زنجيرن سان ڪانٽي جي پاسن ۾ لڳل هونديون هئيون. ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت ڪونه گذريو آهي، پر هن وقت اهي نمونا گم ٿي ويا آهن.

ٻي وري اهڙي ساهمي ٿئي جنھن ۾ اڍائي مڻن يا 100 ڪلوگرام جي ٻوري تورجي، ان کي ’ڪانٽو‘ چوندا آهن، جيڪو ٽن ڄنگهن تي بيٺل ’ٽياسُ/ ٽِڪاس‘ ۾ لڙڪايو ويندو آهي، جيڪو اڄ به رواج ۾ آهي. ان جي ٻن پُڙن مان هرهڪ کي ’پَلو‘ چئبو آهي ۽ تور ڪندڙ کي پليدار! اڪثر زمين جي بٽئي يا اناج وغيره جي مَنڊين ۾ اڄ به ڪم ايندا آهن. اٽي جي چَڪيءَ تي به اڪثر اهي وڏا ڪانٽا لڳل هوندا آهن. ڪافي دفعا دوستن سان ان ڪانٽي ۾ ويھي پنھنجو وزن ڪري وٺندا رهيا آهيون.

جڏهن سِڻِيءَ جون ڳوڻيون هونديون هئيون ۽ اهي اناج جون ڀري تور ڪئي ويندي هئي، ته ٻه اڍائي ڪلو ته ڳوڻ جو وزن به هوندو هئو. ان لاءِ ڪانٽي جي هڪ پلي ۾ ته وزن رکيل هوندو هئو، ته ٻئي پاسي ان ڳوڻ کي توريو ويندو هئو ته ان ڳوڻ جو وزن ڪٽڻ لاءِ وزن واري پاسي واڌاري ڳوڻ ٽنگي ويندي هئي ته اهڙي وزن کي ’اَهَنُ‘ چيو ويندو آهي. اهو واپاري ان وقت ڪندو هئو، جڏهن جنس ڳنھندو هئو، پر جڏهن وڪرو ڪندو هئو ته اهڙي وزن کي ان ڳوڻ جي وزن ۾ ئي هڻندو هيو/ آهي.

اهو ڪانٽو وري اهڙي بلا هوندي آهي جو واپاري، ان وسيلي، اناج يا جنس ڳنھڻ وقت هڪ سير اضافي تور ۾ کڻندو . هاڻي به ڦُٽي وغيره ڳنھڻ وقت هڪ سير/ ڪلو ضرور اضافي کڻندا، اها آبادگار جي جنس مان تور ۾ هڪ ڪلو جي ڪٽڻ کي ’ڪنتو‘ ڪوٺيندا آهن. يعني چاليھه سير/ ڪِلو کڻڻ وقت وس ڪري هڪ ڪلو واڌارو کڻبو. چاليھه ڪلو جي بدران ’ايڪيتاليھه‘ کڻڻ کي ايڪتال به ڪوٺيندا آهن. اڃا جيڪڏهن جنس جڏي هوندي ته ٻائيتاليھه يا ٽيتاليھه به کڻي وٺندا. ان جنس جي آڙ ۾ وڌاري کڻڻ کي ’ايڪتال‘ ئي ڪوٺيندا آهن.

ديرن يا ڳوٺن ۾ اناج جي تور ۾ به ڪانٽي جي هڪ پاسي وٽُ رکندا آهن ته ٻئي پاسي اڌ مڻ جي ڇلي وجهندا آهن، جيڪا پوءِ ڳوڻين ۾ وجهندا ويندا. اها ڇَلي به گهڻو ڪري واپاري اناج وٺڻ مھل ڪم آڻيندو آهي. ڇَلِي اڳي ته کجيءَ جي ٺھيل هوندي هئي، جنھن جا پاسا ڳوڻ جي ٽڪرن سان وٽيل ۽ سِبيَل هوندا هئا، ۽ مٿي ڪانٽي جي ڪُنڍي ۾ لڙڪائڻ لاءِ ڪَھيون وڌل هونديون هئيون، جنھن ۾ اڌ مڻ وجهي تورڻ جي سگهه هوندي هئي. جڏهن کجي جي ڇَليءَ جو رواج گهٽيو ته سِڻيءَ واري ڳوڻ کي ورائي اڌ ڪري، ان ۾ ڪھيون وجهي، اڌ مڻ جي تور ڪئي ويندي آهي، ان کي به ’ڇَلي‘ ئي ڪوٺيندا آهن. وري ساڳئي ڪانٽي ۾ جڏهن ڪپھه واري ڦٽيءَ جي تور ڪندا آهن ته ان ۾ وري جيڪا ڳوڻ جي چادر ٽنگي ويندي آهي، ان کي ’جهولي‘ ڪوٺيندا آهن. جهوليءَ جون ٻه ڪنڊون ڪانٽي جي ڪنڍي ۾ اٽڪيل هونديون آهن، جڏهن ته ٻه ڪنڊيون جهلي، ڦٽي وجهي، ان کي بعد ۾ ڪنڍي ۾ ڦاسائي، تور ڪئي ويندي آهي. اهي تور وارا سلسلا اڃا سوڌو ڳوٺن ۾ هلن پيا.

ريلوي اسٽيشنن تي به هڪ ڪانٽو رکيل هوندو آهي، جنھن جي پاسي ۾ چيريل وَٽَ ڦاسائي لڙڪائي يا ان جي هڪ اسڪيل تي لڳل ڪانٽو اڳتي پوئتي ڪري وزن توريو ويندو آهي. اهي به اسٽيشنن تي ته ڪافي لاپرواهيءَ سبب بيڪار ٿي ويا آهن. ان ۾ ٻه يا اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ ٽي فوٽ ڊگهو هڪ تَرُ ٿيندو آهي، جنھن تي سامان رکي توربو آهي. ان جا وٽَ گهڻي ڀاڱي پائونڊ ۾ هوندا هئا. ٿلهي ليکي پٽاندر ٻن پائونڊن کي سير سمجهيو ويندو هئو، جيئن سير کي هاڻي ڪِلو سمجهيو وڃي ٿو.

اسان جيڪا ننڍپڻ ۾ عام سادي تارازي ڏٺي، سان ٻه فوٽن جي هڪ گول ڳَنِي/ سنھي ڪاٺيءَ ۾ ٻه پُڙَ/ پَلڙا ٽنگيل هوندا هئا، جيڪي گهڻي ڀاڱي سُٽرَ جي ڏورين (تارازن) سان ٻڌل هئا، جنھن ۾ ٽي ٽي وڍريون هونديون هئيون، ڪن ۾ چار به لڳل هونديون هئيون. تورڻ مھل مٿي کڻڻ لاءِ ڪاٺيءَ جي وچ مُٺيو پيل هوندو هئو. ان تارازيءَ جي ٽِڪ جو ڪو ماڻ ڪونه هوندو هئو، بس اُد (خيال) تي توريندا هئا، ۽ ديد تي ڏسندا هئا ته ڳِنِي سڌَ تي آهي، ته پوءِ سمجهندا هئا ته هاڻي تور پُوري آهي. ان تارازيءَ جي ڳنِي (ڪاٺي) شايد ڪَھوءَ جي ڪاٺيءَ جي هوندي هئي، ان جي وچ تي ٽنگ نڪتل هوندو هئو، جنھن مان ڏوري پار ڪري هڪ پاسي ڳنڍ ڏنل ۽ ٻئي پاسي ايتري ڊگهي، جنھن ۾ هٿيو وجهي سگهجي. هٿيو، ڪپڙي يا سوتلين جو به هوندو هئو ته ڪاٺ جو به، جنھن جي وچ مان اها ڏوري پار ڪري مٿان ڳنڍ ڏنل هئي. هٿيي ۽ ڳنِيءَ جي وچ ۾ ايتري وٿي هوندي هئي جو اهو ڪاٺ وارو ننڍڙو هٿيو ۽ ڳَنِي پاڻ ۾ نه مِلن، بلڪ ٻنهي جي وچ ۾ ڏوريءَ جي لچڪ رهي. ڳَنِيءَ جي پاسن کان منھن ۾ ئي ٽنگ جيڪو ڳنِيءَ جي مٿان ملندو هئو. ان مان به ايئن ڏوري پار ڪندا هئا جو پاسي واري منھن کان ڏوريءَ جو ڇيڙو لنگهائي، مٿئين ٽُنگ مان ڪڍي مٿان ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا هئا. ڳنِيءَ جي منھن کان ان ڏوريءَ جا ڇيڙا وري، تارازيءَ جي پڙن سان ڳنڍبا هئا. پُڙ/ پَلڙا گهڻي ڀاڱي تراکڙا يعني وچ ٿورو هيٺ ۽ پاسا گولائيءَ مائل، جنھن جي ڪنارن سان هڪ جيتريءَ وٿي سان ٽي يا چار سوراخ نڪتل هوندا هئا، جنھن جي هرهڪ ٽُنگ ۾ پڻ ڏوري ٻڌل هوندي هئي، ان جي ماپ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ فوٽ رکندا هئا. جڏهن ٽنهي يا چئني ٽنگن سان هڪ جيتري ماپ جون ٻڌل ڏوريون ايئن ملائبيون هئيون، جو انهن سان هرهڪ پُڙُ/ پَلڙو سڌو ٿي بيھي ۽ ڪاڻِ/ پاسَنگُ نه ڪري. جيڪڏهن ڪاڻِ/ پڙن ۾ ڪمي ٿيندي آهي، ته وزن برابر رکڻ لاءِ ڪو لوهي ٽڪر، ڇَلو يا ڪوبه وزن وجهي، پلڙن کي برابر رکيو ويندو هئو، اهڙي وزن برابر ڪرڻ لاءِ ڳَنيءَ جي کڄيل پاسي ۾ جيڪو وزن وجهبو هئو، ان کي ’پاسنگ‘ چئبو هئو. ٻنهي پڙن جون ڏوريون هڪ ڪَريون رکي، ان کي ڳنِيءَ جي منھن مان نڪتل ڏوريءَ سان ٻڌندا هئا ته تارازي يا ساهمي برابر ٿي بيھندي هئي. ان کي ويڙهي پاسي سان به رکبو هئو. يعني هڪ پُڙ کي ٻئي پڙ جي مٿان رکي، ڳَنِيءَ کي کڻي مٿان رکي ڇڏبو هئو، ته بجاءِ گهڻي جاءِ والارڻ جي پاسي سان پئي هوندي هئي. وري جڏهن هٿيي کان پڪڙي مٿي کڻبي هئي ته ٻئي پڙ سڌا ٿي بيھندا هئا. گهڻي ڀاڱي کاٻي واري پُڙ ۾ وَٽُ (وزن) رکبو هئو ته ساڄي پاسي ڪو سيڌو، سامان، وکر  يا وٿُ رکبي هئي. هٽ واڻيو، ايئن توري پورو ڪري گهربل سيڌو يا وٿُ ڏيندو هئو.

وَٽُ (وزن جو ماڻ) ته گهڻي ڀاڱي لوهه جو، پر پتل جا به هوندا هئا، ليڪن جيئن جيئن پتل مھانگو ٿيندو ويو ته لوهي وٽَ اچڻ لڳا. ڪٿي ڪٿي ته وري اهڙا وَٽَ پٿر يا سروٽي جا به توري ڪم آندا ويندا هئا. مون ڪافي ڳوٺن ۾ اهڙا پٿر جا وَٽ به ڏٺا، جيڪي هٿرادو ڪم آندا ويندا هئا. ان بعد تور ماپ وارو جڏهن سرڪاري ادارو قائم ٿيو ته ان جي سختيءَ سبب اهي وَٽ لڪائي ڇڏيندا هئا. تور جي وٽَن ۾ سير جو وزن گهڻي ڀاڱي مرڪزي ماڻ سڏبو هئو. سير کان مٿي وڃبو ته ’مڻُ‘ (چاليھه سير) هيٺ اچبو ته تولو (سير جو سورهون ڀاڱو)! ان دوران ڪي وَٽَ اهڙا به هوندا هئا، جيڪي مختلف وزنن سان رواج ۾ هئا، جيئن: ڌَڙِي (پنج سير)، ٻياني (ٻن آنن جي سِڪي جي تور، جيڪا تولي جو اٺون ڀاڱو سڏبي هئي)، پائُلِي (تولي جو چوٿون حصو. چئن آنن واري سڪي جو وزن) وغيره. اهي اهڙا وزن آهن، جيڪي طئي ٿيل وَٽن کان نرالي نموني ڪم آندا ويندا هئا.

وقت گذرڻ سان ان ۾ سڌارو آيو. ڏورين جي بدران سنهي زنجير ۽ ڪاٺيءَ جي ڳنِيءَ بدران لوهي گزِي اچڻ لڳي. وچ تي اڀو لچڪدار ڪَڙو، جنھن جي وچ ۾ ڪانٽو لڳل هوندو هئو. پاسن ۾ انگها بيھاريل، جنھن ۾ پڙن واري زنجير جو ڪڙو وجهي ڇڏبو هئو. تارازي ته اهائي رهي، رڳو سڌارو اهو آيو ته ان ڪاٺيءَ واري ڳنِيءَ بدران لوهه جي ڪمان آئي ۽ ڏورين جي جڳھه تي لوهي زنجيرون اچي ويون. اها ته ٿي  هٿ واري تارازي جيڪا سڄي ساري لوهه جي آئي. وري ان ۾ ئي اهو به سڌارو آيو ته اها ئي تارازي هٿيي بجاءِ ڪنھن ميز يا صندل تي ميخن سان لڳل سڌي سيخ واري ٽنگڻيءَ ۾ تارازي لڳي ويئي. جيڪا هڪ ئي جڳھه تي سوگهي ڪيل رهي، ان کي کڻي هڪ جڳھه کان ٻي جڳھه تي آڻڻ ڏکيو ٿي ويو. مون جيڪو پاڙي ۾ سيڌي جي هٽَ تي ڏٺو ته ان وٽ صندل تي به تارازي لڳل هئي ته هٿ واري به هئس. جتي ويھندو هئو، اتي هڪ ڌَڙِي (پنج سير تائين وزن) سھندڙ تارازي هئي، ان کان مٿي واري، وري پاسي جي هڪ صندل تي لڳل هوندي هئي، جنھن ۾ پنج کان ڏهه سير وزن سھندڙ تارازي هئي. ان کان سواءِ گول پڙن واري ’تُرِي‘ به هيس. هٽ ڪافي پراڻو ۽ اندر ڪشادو هئو، ان لاءِ اندران ڪا وٿُ يا وکر کڻڻ ٿي ويو ته هٿ واري تارازي کڻندو هئو، نه ته صندل تي نسب ٿيل تارازيءَ کان ئي ڪم وٺندو هئو. اهو دڪان هڪ انبالوي شخص رشيد احمد هلائيندو هئو، پر اسان ان کي بشير احمد سڏيندا هئاسين، ڇاڪاڻ ته اهو دڪان اصل بشير احمد ۽ سندس پيءُ هلائيندو هئو، پوءِ بشير احمد فوت ٿي ويو ته رشيد احمد هلائيندو هئو، جنھن کي اسان وري نالي ۾ ته بشير سمجهندا هئاسين، ليڪن سڏيندا ’ويجهڙو‘ هئاسين. امڙ ڪو سيڌو گهرائيندي هئي، ته چوندي هئي ته ’وڃي ويجهڙي کان وٺي اچ‘. ننڍپڻ ۾ تارازيءَ جي تور وارو انداز اتي ڏسندا هئاسين. جڏهن کانئس ڪنھن ٿانوَ يا دٻي ۾ کليل گيھه وٺڻ وڃبو هئو ته پھرين ان ٿانوَ يا دٻي جو مختلف شين سان وزن برابر (اَهَنُ) ڪري، پوءِ گهربل وَٽُ وجهندو هئو. اسان کي به اها ڄاڻ ڏنل هوندي هئي ته  تور ۾ اُٽل ڏيئي ته ٺيڪ باقي برابر کان هڪ تولو به گهٽ نه وٺجي.

اها دڪانداريءَ واري چال، ننڍي هوندي ڏاڍي وڻندڙ لڳندي هئي. پوءِ ننڍپڻ ۾ جڏهن راند ڪبي هئي، ته مان هڪ ننڍڙو دڪان ڪڍي ويھندو هيس، ۽ ننڍڙي ڀيڻ يا ڀاءُ اچي، سودو سيڌو وٺندا هئا. ڏاڍو مزيدار لڳندو هئو. ليمي جو جا اڌڙ، اندران ڪوري ان جا پڙ ٺاهيندو هيم، ان جي وٽ کان ٽي سڳا ٻڌي، مٿان ڳني کجيءَ جي ننڍڙي ڪاٺيءَ سان ٺاهيندو هيم، ڪاٺيءَ جي وچ تي سڳي سان هٿيو ٺاهيندو هيم. وڏي تارازيءَ لاءِ پالش جي دٻين جا مٿيان لوهي پٽر جا پُڙَ ڪم آڻيندو هيم. ڳني، وري لوهي تار جي وجهندو هيومانس. اها پالش وارين دٻين جي پڙن واري تارازي ته پائدار هوندي هئي، باقي جيڪا اڌ ليمي جي کوپن سان ’تُرِي‘ ٺاهيندو هيم، ان جي زندگي ٻه ڏينھن هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ليمي جي اڌڙن جا کوپا سُڪڙجي ويندا هئا.

راند ڪندي جيڪو سيڌو رکبو هيو، ان ۾ نموريُن جا گورا انب ڪري رکبا هئا، ڪتل جون کوکڙيون ڪتل ڪري رکبي هئي، ان جا داڻا ننڍڙي ٿيلهي ڀري رکبي هئي، اٽي جي ٿيلهي ٺاهي رکبي هئي، مطلب ته راند ۾ جيترو سيڌو بڻائي سگهبو هئو، سو رکبو هئو. ڏوڪڙن جي ڏيتي ليتي وري پوسٽ جي ٽڪلين سان ڪبي هئي. ٽڪليون وري بابا سائينءَ جي خطن يا ڪتابن تان لاهي، رکندا هئاسين. مطلب ته گهر ۾ ننڍڙي دڪان ٺاهڻ لاءِ اهي ٽَلون سَلون به ڪندا هئاسين. گهر مان جڏهن اٽو يا چانور يا اَن وغيره، راند لاءِ کڻبو هئو ته امڙ جا ٻُلا به سھبا هئا ته ’رڳو ٿا پيا زيان ڪريو‘، پر مڙندا ڪونه هئاسين.

ساهميءَ جو اهو تصور ته هٽن دڪانن تان ختم ٿي ويو، پر اهڃاڻ طور ڪافي هنڌن تي اڃا تائين ڪم ايندي آهي. ڪورٽ ڪچھرين ۾ قانون وٽ به اها ساهمي/ تارازي نياءُ ۽ انياءَ ۾ ويڇي رکڻ لاءِ ڏيکاريل هوندي آهي. اهڙي برابريءَ واري اهڃاڻ لاءِ جديد قسم جو بيلنس يا ڪانٽو ڏيکارڻ مان مطلب نه ٿو ملي. يعني اتي اهڃاڻ طور ساهمي/ تارازي ئي گهربل اشارو ڏيئي سگهي ٿي.

تور ۽ تارازيءَ جي لفظن کي شاعرن به ڪافي هنڌن تي ڪم آندو آهي، جيئن:

ماس مُنھنجي مان، مَھيني ماس تي، ماسا نه سير،

قُرب جِي ڪاتي کڻي، قاتِل ڪُلهن تان ڪورڙيا.

(مولوي احمد ملاح)

جانڻ چئي جڳ ۾، نه سير سڏاءِ نه پاءُ،

آڪڙ ۽ الله، ڪڏهن نه ٺھيا پاڻ ۾.

(جانڻ فقير)

سنڌي ٻوليءَ ۾ ساهميءَ يا تارازيءَ تي ڪافي پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا ملن ٿا. هتي چند پيش ڪجن ٿا:

پروليون:

• هڪ ڪاٺ، ٻه لوهه، نَوَ نوڙيون. (ڀڃڻي: ساهمي/ تارازي)

• اٺ ٽنگون، ٻه پير- پُڇُ پُٺيءَ تي آهي ڪير؟ (ڀڃڻي: ساهمي/ تارازي)

• اَٺ نوڙيون، نائين ڪام- نه اچئي ته ڪر سَلام. (ڀڃڻي: ساهمي/ تارازي)

• هڪ ناري، ٻه گهاگهرا، ڇٽڪي ناڙا ڇهه، ڪرڪ مٿي پڇڙي، ان جو ارٿ چئو. (هڪ عورت کي ٻه پَڙا، ڇهه اڳٺ ۽ پٺن مٿي پُڇُ آهي، ان جو مطلب ٻڌاءِ. ڀڃڻي: ساهمي/ تارازي)

اصطلاح ۽ پھاڪا:

• تارازيءَ جا ٻه پڙ هجڻ (برابر هجڻ)

• ڌڙيون پيون ڌوڙ پائينديون (وقت جا وارا ڦيرا آهن)

• ڪاڻِ جي ڪسر ڌڙيءَ مان ڪڍڻ (هڪ جو گهاٽو ٻئي مان پورو ڪرڻ)

• ماپ تور ۾ ڳَنِي هڻڻ (ٺڳي ڪرڻ)

• پنجُوءَ ماءُ واري تور (تور ۾ کوٽُ ڪرڻ)

• وَٽَ تي رسو ڀڃڻ (جڳاڙ ڪرڻ)

• اگهه اڳوڻو، تور سنئين گهرڻ (هر ڳالهه ۾ پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ)

• ميمڻ ويو مڪي، وَٽَ تارازي تَڪي.

(هن پھاڪي جون منفي ۽ مثبت مرادون ورتيون وينديون آهن، هڪ: دنيا جا معاملا سنڀالي سڌا ڪري پوءِ عبادتن لاءِ نڪرجي؛ ٻيو: ڀلي ته ماڻهو مڪي پاڪ حج ڪرڻ لاءِ وڃي پر ذهن تي واپار هوندن)

• واڻيو ۽ هٽُ، تارازي ۽ وَٽُ.

(هر ماڻهو پنھنجي ڪرت سان هوندو)

• وَٽَ کَٽئي کان، وات کٽيو چڱو.

(ماپ تور ۾ بي ايمانيءَ کان مھانگو وڪڻڻ بھتر)

• اگهه کٽيو کائجي، وٽَ کٽيو نه کائجي.

(ماپ تور ۾ ٺڳي نه ڪجي، ان کان مھانگو وڪڻڻ بھتر)

  اڳلو سودو نه سَلي، هيءُ اُٽل گهُري. (اجائي اميد نه رکجي)

• کُٽلُ واڻيو، وَٽ توري.

(کٽل ماڻهو ڪمائيءَ لاءِ پيو تاڙ ڪندو)

• تارازي هڪ جاءِ تي بيھڻ کان اڳ لوڏا ته اوس کائيندي.

(انصاف جي راهه ۾ ٿوري گهڻي تڪليف ضرور ايندي آهي)

• شاديءَ ۾ مائٽ پرچائڻ معنى تارازيءَ ۾ جيئرا ڏيڏر تورڻ.

(مٽن مائٽن کي پرچائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، هڪڙن کي پرچاءِ ته ٻيا رٺا ويندا)

• ڪڏهن پاءُ ماري سير کي،

ڪڏهن سير ماري پاءَ کي.

(زندگيءَ جا وارا ڦيرا آهن)

• سير مٿان سوا سير پيو آهي.

(هڪ ڏاڍي مڙس کان مٿي به ڏاڍا مڙس هوندا آهن)

• سون جي رَتِي، زور واري مڻ کان ڀَلي.

(قيمتي شيءِ جي ذرڙي به ڀلي)

• وَٽَ پراڻا، پر تور سوائي.

(تور ماپ ۾ اڳلي کي مطمئن ڪري، ٺڳي ڪرڻ)

• پھرين تورجي، پوءِ ڳالهائجي.

(سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي)

• اڌ سير جي باسڻ ۾ سير نه ماپندو.

(وتَ کان مٿي ڪم وٺڻ نه گهرجي)

• انڌير نگري چرٻٽ راجا،

ٽڪي سير ڀڳڙا، ٽڪي سير کاڄا.

(شين جي اهميت کان بيخبري، جھالت آهي)

• سون، رَتئين تُرندو آهي.

(قيمتي شيءِ رتي يا تولي ۾ وٺبي. وڏي وزن ۾ امير ماڻهو به ڪونه وٺي سگهندو)

• جو نِمي سو ڳورو.

(لَڇڻدار ماڻهوءَ ۾ جهڪاءُ هوندو)

• نڪا ساهمي، نڪو وٽُ، ڏي به ٻُڪ وٺ به ٻُڪ.

(زندگيءَ کي ترتيب سان هلائڻ گهرجي)

• يا وَٽَ کوٽا آهن، يا تارازيءَ ۾ ڪاڻ/ ڦودني ۾ ڦيرُ آهي.

(ڪنھن نه ڪنھن نموني ٺڳي ٿئي پئي)

• واڻيو ۽ هٽُ، تارازي ۽ وَٽُ.

(محدود سوچ وارو ماڻهو، محدود ئي رهندو آهي)

• ڪَتِ به، ڪَنبُ به، اڳيان توريندڙ تکا.

(عبادتن ڪندي به نياز، نوڙت ۽ نھٺائيءَ ۾ رهجي)

• ريشمي ڪپڙو به پراڻو ٿيڻ تي تور نه ٿو وڃائي.

(هر شيءِ جي ٿوري  گهڻي اهميت هوندي آهي)

• واڻڪا وَٽَ، وٺندي هڪڙا، ويچيندي ٻيا.

(هٽ واڻيو، وٺندو پنھنجي تور سان وڌائي ۽ ڏيندو وري گهٽائي)

• جتي هاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏهه ڪاڻِ ۾ ويندا.

(وڏن هوندي، ننڍن جي سڃاڻ ئي نه رهندي آهي)

• اگهي ته پاءُ، نه ته مڻن کي موٽ.

(جيئن ڌڻي سڳورو گهُري، وڻيس ته ذرڙيءَ تي راضي ٿئي، وڻيس ته عبادتون ئي چَٽُ ڪري)

• چورائي کڻڻ کان، تورائي وٺڻ چڱو.

(چوري ۽ ٺڳي ڀلي ڳالهه ناهي)

 

(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس ٿورائتو)

No comments:

Post a Comment