سَڳِي – چوٽِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
سَڳِي جمع سَڳيُون، اسم تصغير ’سَڳڙِي‘، زائفان جي ظاهري
سونھن سينگار ۾ اهم وَٿُ رهي آهي. سَڳِيءَ کي چوٽِي يا ڪَڪِڙِي به ڪوٺيو ويندو
آهي. چوٽو وري وارن/ ڇَتَن جي چوٽي ۽ سڳيءَ جي گڏيل روپ لاءِ ڪم ايندو آهي. سَڳِي
زائفان پنھنجي وارن جي چوٽِيءَ کي ٻڌڻ لاءِ سُٽ يا پَٽَ جي سڳن سان ٺھيل اڻ وٽيل
نوڙيءَ نما لڙهين لامُن کي ڪوٺيو ويندو آهي. سَڳِي زائفون ئي ٺاهينديون آهن، ايتري
تائين جو ٺاهي، ان جو وڪرو به ڪنديون آهن. هڪٻئي کي سوکڙي ڪري ڏيڻ کي عزت
سمجهنديون آهن. جيئن جيئن زائفان ذات تعليم جي ويجهو ٿيندي ويئي، ته اهڙي پراڻي ڀير
واري ٺاهه ٺوهه مان نڪرندي ويئي ۽ هار سينگار جا معيار مٽجي ويا. هاڻي شادي
مراديءَ ۾ ڪنوار جي هار سينگار لاءِ، بيوٽي پارلر تي ڀاڙيو وڃي ٿو ۽ ڳرا اجورا ڏيئي،
جند ڇڏائڻي پوي ٿي. ماڻهو به شاديءَ وارن ڌارين رواجن جي چڪر ۾ پنھنجو مٿو ڪُوڙايون
ويٺا هوندا آهن. اهڙن چڪرن ۾ هار سينگار ۽ مَلمن ڪِرِيمن جا ابتا اثر به ٿيندا
رهيا آهن، پر رواج ماڻهن کي رولي وڌو آهي.
اڳي هار سينگار جو مختصر سامان هوندو هئو، ڪپڙن لٽن ۽
زيورن سان ڇوڪريون تيار ٿينديون هئيون، قدرتي سونھن لاءِ دَسمَل جي مھٽ ٿيندي هئي.
رَئي تي ڀلي ڀرت جو ڪم ٿيندو هئو، ان سان گڏ چوٽي ٻڌڻ لاءِ سَڳِيءَ جو هجڻ لازم
سمجهيو ويندو هئو. ايئن سمجهجي ته ’سَڳِي‘ جو شمار ڄڻ ته زيورن ۾ ٿيندو هئو. هاڻي
ته بيوٽي پارلر تي ڇوڪرين جا اهڙا ته ڄُنڊا اُڀا ڪري، اڳيان چند مِينڍا وَٽي، ڪيميائي
ڦوهارو هڻي، ’پَف‘ بڻائي، وارن کي لوهي تارون بڻائي ڇڏيندا، جو مجال آهي ته اهي
وار ڪٿان ويھن. ٻئي ڏينھن تي ساڳيا ٽڪر ساڳ سان، هڪ ڏينھن هڪ روپ ته ٻئي ڏينھن ٻھروپ!
اڳي وارن کي وڌائڻ ۽ ڊگها ڪرڻ لاءِ ويڳر وجهبا هئا، يا
چوٽي به ان ڪارڻ ڪئي ويندي هئي ته وارن کي ڇِڪ اچي ته جيئن اهي وڌي ڊگها ٿين. ڇوڪريون
وارن جي ڊگهن هجڻ جي هڪٻئي کي رِيس ڏيارينديون هئيون. باقي اڳيان وارن جي سينڌ
وچئون ڪڍنديون هئيون، ته جيئن وار سوگها رهن ۽ هيڏانھن هوڏانھن نه ڦرن. وارن جي
سينڌ اهڙي ته سڌي ۽ لسِي رکي ويندي هئي، ڄڻ ته وارن کي استري ڪئي ويئي هجي. اها
سينڌ زائفان جي شان جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو هئو، تڏهن ته وچن واعدي لاءِ ’سينڌ ڏيڻ‘
جو اصطلاح ڪم ايندو آهي. هاڻي مختلف سماجن جي فنڪاريءَ سبب اسان جي عورتن جون اهي
سِينڌون ئي ويون، ان جي جڳھه تي وارن جي پَف، وارو ورتو آهي.
شادين مرادين ۾ سڳين جو وڏو نماءُ ٿيندو هئو، سڳيون ڏاج ڏيوڻ
۾ ڏبيون هئيون. هاڻي ته نياڻين جي ڏاج ۾ به سَڳي وسري ٿي وڃي. اها وَٿُ ماڳھين گم
نه ٿي آهي، پر ڳوٺن ۾ يا چند ذاتين ۾ان جو رواج گهڻو آهي، باقي شھرن ۾ ته ڪنھن کي
ياد ئي ڪونهي.
سَڳيءَ جي پائڻ يا ٻَڌڻ جي به جنھن کي مشق هوندي، اها ئي
پائي سگهندي. نويل ڇوڪرِي يا مائِي وارن ۾ بيھاري ئي نه سگهندي. ظاهر آهي ته نه
پائيندڙ کي سڳي پائڻ ڏکيو لڳندو. جيڪا سڳي پائيندڙ هوندي، اها وارن جي چوٽيءَ جا ٻه-
ٽي وَٽ ڏيئي، پوءِ سڳي ملائي، اهڙا ته سگهڙائپ جا وَٽ سنڀالي ڏيندي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ان
جي ڳنڍ ڏيندي جو مجال آهي جو ڪٿان ڍري ٿئي.
اڳي ته ڇوڪريون وارن جي بچاءَ ۽ وڌاءَ لاءِ مٿي ۾ ويڳَرُ
وجهنديون هئيون. ويڳَر ۾ نموريون، آئرا، ڪِنڙو ۽ ميندِي وغيره وجهي، پسائي پوءِ ان
جو پاڻي، وارن ۾ وجهي، ڦڻي ڏيئي، وارن جي پڇڙين کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، آڱرين ۾ اهڙو
جهلبو، جو اهي وارن جا ڀاڱا، الڳ الڳ بيھن. هاڻي انهن مان ٻن ڀاڱن کي ملائي، هڪ ڀاڱي
کي ٻئي ڀاڱي جي مٿان رکي وَٽُ ڏبو، جڏهن وارن جي ٻن ڀاڱن کي وٽُ اچي ويو، ته رهيل
وارن جي ٽئين ڀاڱي کي ڦيرائي، ٻنهي جي مٿان رکي وَٽُ ڏبو. اتي سڳيءَ جو وچ رکي، ان
جي ٽن ڀاڱن کي وارن جي ٽن ڀاڱن سان ملائيندو، هرهڪ کي هڪ هڪ ڪري، ٽنهي جو واري
واري سان وٽُ ڏبو هلبو. ايئن هرهڪ کي وَٽُ ڏبو جيئن ڪو نوڙُ وٽجي. جڏهن وارن ۽ سڳيءَ
جي ٽن ڀاڱن وارو وٽ پورو ٿيندو، ته پڇاڙيءَ ۾ ٻن ڇيڙن کي ڦندڻن مٿان ملائي ايئن ڳنڍ
ڏبي، جيئن ٽيون ڇيڙو ان جي هيٺان اچي وڃي.
سَڳيون ٺاهڻ ۾ به سگهڙائپ کپي، ليڪن ان جي جوڙجڪ ۾ ايترو
وقت نه لڳندو آهي، جيترو اڻت وارين جي وَٿُن ۾ وقت سيڙائبو آهي. اڪثر گهر ۾ زائفون
ئي ٺاهينديون آهن. هن جي جوڙجڪ ۾ ڪا اڻت يا وَٽُ وغيره نه ڏبو آهي، البت ان جي ڇيڙن
۾ هريڙون ٻڌڻ ۽ ڦندڻ يا جليبيون وغيره بيھارڻ ۾ خفو وڌيڪ ٿئي ٿو. سَڳِي ٺاهڻ ۾ جيڪي
ٽي لامون بيھاربيون آهن، تن جي پاڻ ۾ ’ڳنڍ‘ نھايت اهم آهي، جنھن لاءِ گهڻي ڪرت جي
گهرج پوندي آهي.
پھريائين ڌاڳن جون ٽي فوٽ کن ڊگهيون لامون ٺاهڻ لاءِ، ڌاڳن
کي ٽن فوٽن جي وٿيءَ سان ڪِلين ۾، يا وري پير جي آڱوٺن ۾ ويڙها ڦيرائبا، اهي ڦيرا گهڻي ڀاڱي ويھن کان ٽيھه
ڀيرا ڏئي سگهبا. يعني جيتري ڌاڳن جي ٿولهه سان گهربل هوندي، اوترا ويڙها ڏبا. جڏهن
ٻن ڪليُن يا پير جي آڱوٺن مان ڦيرا ڪڍبا، ته ڌاڳن جو هر هڪ گول ڪڙو بيھندو، جن جو ڪل
تعداد ٽي هوندو. انهن گول ڦيرن وارن ڌاڳن کي وچان ڪٽبو ته هرهڪ جي ڊيگهه ڇهه فوٽ ٿي
بيھندي. هاڻي انهن جي وچ ۾ آڱر ڏيئي، وٿي رکي، هر هڪ کي موڙبو ته انهن جي ماپ ساڳي
ٽي فوٽ ٿيندي. انهن ٽنهي لامن جي مُنھن کي ٽه- واٽو ڪري رکبو. هڪ لام جي منڍيءَ
واري مٿين گولائيءَ مان ٻي لامَ جي گولائي ايئن ٽپائبي جو ان جي گولائيءَ وارو
منھن ٿورو ٻاهر نڪري بيھي. ان کان پوءِ ٽين لام جي گولائيءَ واري منھن کي پھرِين
لام وارن ڇيڙن مان گذاري، ان جي منھن ويجهو آڻبو. ٽين لام جي گولائيءَ وارن ڇيڙن
کي ٻِين لام جي منھن مان گذاربو ته وچ تي هڪ ٽڪنڊو ٺھي بيھندو. هاڻي جڏهن ٽنهي
لامن جي ڇيڙن کي ڇڪبو وڃبو ته هڪ ڳنڍ جڙي پوندي، جيڪا سڳيءَ جي هڪ ڌُڻيَل ڳنڍ سڏبي
آهي. سڳيءَ جي بيھڪ ۾ اها ڳنڍ اهم ليکي ويندي آهي، ان لاءِ سکندڙن کي پھرين ان ڳنڍ
جي سکيا ڏني ويندي آهي. اها ڳنڍ اهڙي ٿي بيھندي آهي، جو ان مان نڪرندڙ لامون
برابريءَ سان ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
اها ڳنڍ ته هڪ ئي بيھندي ۽ ٿيندي به ساڳي، البت هر ڪنھن
جي ڦير جي چال الڳ الڳ ٿيندي آهي. ڪي وري ٻن لامن جي گولائيءَ کي ٽپائي، کاٻي هٿ
تي رکي، پوءِ ٽين لام جي گولائيءَ واري منھن کي ساڳئي کاٻي هٿ جي آڱر ۾ وجهي، ان
تي هٿ ۾ رکيل ٻين لام لاهيندا، ته ان جو منھن پھرِينءَ لام تي چڙهي ويندو؛ پوءِ
پھرِين لام جي ڪڙي مان ساڄي پاسي کان ساڄو هٿ ٽپائي، هٿ تي رکيل ٽين لام ڇڪي وٺبي.
جڏهن ٽين لام ڇڪجي آئي، ته ان جي منھن مان ٻين لام گذاري، ٽه- واٽي ڪري رکبي. پوءِ
آهستي آهستي، ٽنهي کي ڇڪبو وڃبو ته هڪ ٽڪور ڳنڍ ٺھي بيھندي. يعني ڳنڍ ساڳي رهندي،
پر ’نيڪ ٽائي‘ وانگر هر ڪنھن جو ڀير پنھنجو! ڪي زائفون اٿندي ئي لامن جون هريڙون
يا پڇڙ تيار ڪري، پوءِ ٽنهي لامن جي ڳنڍ ٻڌنديون آهن، ڪي وري اڳواٽ ٽنهي لامن جي ڳنڍ
ڏيئي پوءِ هرِيڙون يا پڇڙ ٻڌنديون آهن.
ڌاڳن جي تاڃِي ٽي فوٽ ان لاءِ رکندا آهن ته جيئن هڪ فوٽ
۾ ان جون هريڙون ۽ سنها مينڍا يا پڇڙ بيھارجن، باقيءَ کي ڪٽي صاف ڪري، صافي وڃي ٻه
فوٽ کن بيھارجي. پھرين سڳن جون آٽيون کولي، ٽي فوٽ جون ٽي تاڃيون هڻبيون، تاڃيءَ
کي گول بيھارڻ کان پوءِ هرهڪ کي وچ کان ڪينچيءَ سان ڪٽبو ۽ ڪٽيل سڳن جي بلڪل وچ ۾
وٿي رکڻ لاءِ هرهڪ کي عارضي سڳو ٻڌي ڇڏبو، ته جيئن هرهڪ لام جا ٻه ڀاڱا ٿي بيھن.
پھرين يا ته ٽنهي لامن کي ملائي ڳنڍ ڏبي، يا وري هرهڪ لام هريڙن سميت تيار ڪري
پوءِ ٽنهي لامن کي ملائڻ واري ڳنڍ ڏبي.
هرهڪ لام جا جيئن ته عارضي ٻڌل سڳي سبب، ٻه ڀاڱا آهن، ليڪن
هيٺتي هڪ ڪَرا ڪري، پوڻا ٻه فوٽ تي هٿ جي آڱر جو نشان رکي، پڇڙن مان ٽي يا چار ڌاڳا
کڻي، نشان تائين آڻي، ڳنڍ ڏيئي، گول ڦيرا ڏئي، ان جو چُوڙو ٻڌي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏبي ۽ ڦيرن
وارا سڳا، اتان ئي هيٺ لڙڪائي ڇڏبا، جيڪي وري هريڙ ٻڌڻ بعد ڳڙڪ ٻڌڻ ۾ ڪم ايندا. ان
کان پوءِ لام ۾ هريڙ (چار پنج ڳنڍيون) ٻڌڻ لاءِ لام جي ڇيڙن کي چئن ڀاڱن ۾
ورهائبو. کاٻي هٿ جي وچين آڱر ۽ آڱوٺي جي ٻنهي پاسن کان ٻه ٻه ڀاڱا رکي، انهن مان
آڱوٺي جي ڇيڙن کي وَٽُ ڏيئي، وري وچين آڱر جي ڇيڙن کي وَٽُ ڏيئي، انهن کي آڱوٺي
واري وَٽ مان آڱوٺو ڪڍي، ڇيڙي کي ٽپائبو ته ڳنڍ جو چَونڪ ٺھي پوندو. ايئن گهٽ ۾ گهٽ
پنج ڳنڍيون هڻبيون ته هڪ هريڙ ٺھي پوندي. ان کان پوءِ مٿي ٻڌل ڳڙڪ جا بچيل سڳا وري
هريڙ جي هيٺان ٻڌي ڳڙڪ ٻڌي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏبي. جڏهن لام جي پڇڙ ۾ هڪ هريڙ ۽ ان جي مٿان
۽ هيٺان ڳڙڪ ٻڌجي ويندي، ته پوءِ پڇڙ جا ڪيل ساڳين چئن ڀاڱن جي وري ٽي ٽي ڀاڱا ڪري،
چوٽيءَ وانگر وَٽ ڏيئي مِينڍا ٺاهي، انهن کي پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍ ڏيئي ڇڏبي. باقي بچيل پڇڙ
ڇڏي ڏبا. البت انهن کي هيٺان سڌو رکڻ لاءِ ڪينچيءَ سان ڪَٽَ ڏبا ته سڳِي تيار! جيڪڏهن
ٽنهي لامن کي اڳ ۾ ئي ملايو ويو آهي ته ٺيڪ، نه ته پڇاڙيءَ ۾ ٽنهي لامن کي ملائڻ
لاءِ ڳنڍ ڏني ويندي.
سڳِيءَ جا سڳا ڪٿي هيٺ مٿي ٿي وڃن يا هڪٻئي تي چڙهڻ سبب،
اڦونگرا ٿي بيھن، ان لاءِ منڍ کان وٺي، ڦَڻيءَ کي لازمي گهمايو ويندو آهي. ان سان
اهو ٿيندو ته سڳيءَ ۾ ڪٿي به جهولُ نه ٿيندو ۽ سڳا هڪ ڪَرا ڏسڻ ۾ ايندا. اها هٿ جي
سِڌائي به گهڻي ڪرت کان پوءِ ٿيندي آهي. اهو سادي نموني جي سڳيءَ جي جڙاوت جو
انداز آهي. باقي ته ڀلي کان ڀلي ڀير جو ڪو انت ئي ڪونهي. ڪي ته وري ڳڙڪ تي قلابات
(سونھري يا چانديءَ نما سڳا) هڻنديون آهن. ان بعد قلابات تي جليبي به تيار ٿيندي
آهي، جيڪا سونھن لاءِ سڳيءَ جي هريڙ بعد لڳائي ويندي آهي. ڪي ٽَونر يا ڦندڻ وجهي
به تيار ڪنديون آهن. ڪي سڳيون ته اهڙيون به ڏٺيون جن ۾ ٽن لامن سان گڏ هڪ اضافي ڏوري
به هنئي ويندي آهي، جنھن ۾ مختلف رنگن جا ڦندڻ لڳل هوندا آهن، جيڪي سڳي پائڻ کان
پوءِ پوري چوٽيءَ تي ڦيرائي ويندي آهي، جنھن سان اهي ڦندڻ نکري بيھندا آهن. مطلب
ته ٺاهڻ واريءَ تي آهي ته سَڳيءَ جا پڇڙ ڪھڙي نموني ۽ ڪيئن ٿي ٺاهي!
مون کي سَڳيءَ جي لامن جي ڳنڍ اهم لڳي، ان لاءِ پنھنجي
گهرواريءَ کان پڇيم ته اها ڳنڍ ڪيئن ايندي آهي، ان جو ننڍپڻ ۾ ان ڳنڍ جو وَٽُ سکيل
هئو، سو ٽي نوڙيون کڻي، مون کي سمجهائڻ جي به ڪيائين، پر ڳنڍ ڪا وسري ويئي هيس. نيٺ
هٿ ونڊايومانس، ته هيئن نه ته ڀلا هيئن هوندي، هونئن هوندي، نيٺ ڳنڍ بيھي ويئي. ڦِڪي
کل کلندي، کِکِي وِکِي ٿي، چيائين، ’ها بس گهڻو وقت ٿيو آهي، مون کان به وسري ويئي
آهي. جڏهن سکي هيم، تڏهن به منجهي پوندي هيم.‘ سوٽي نوڙين تي ياد آيو ته هالاڻيءَ
جي ويساکيءَ واري ميلي تي لڳل هڪ دڪان تي مون ڪپڙي جون ٺھيل سَڳيون به ڏٺيون. ڪاري
ريشمي ڪپڙي جي ٻن انچن واري پٽيءَ کي چئن فوٽن تائين ڊگهو سِبي، کڻي جو ڪنھن نوڪدار
ڪِليءَ سان ابتو ڪندا آهن ته سلائيءَ وارو پاسو اندر ٿي پوندو آهي ۽ انچ کن جي پٽي
ٺھي بيھندي آهي، جنھن مان اهي سڳيون ٺھيل هئيون. اهو ڌاڳن بدران ريشمي ڪپڙي جي پَٽين
مان سَڳي، مون پھريون ڀيرو نَوي واري ڏهاڪي ۾ ڏٺي. پڇڙين ۾ ساڳئي نموني ڦندڻ ۽ ٽَونر
لڳل، پر ڏاڍي سھڻي پئي لڳي.
سڳِي منھنجي امڙ به پائيندي هئي، ڀيڻن کي گهڻو پائيندي ڪونه
ڏٺو؛ پر ياد پوي ٿو امڙ ويڳرُ ٺاهي، کين مٿي ۾ وجهندي هئي ۽ سڳي به پائيندي هين ۽ چوندي هين، ته ان سان
وار سگها ۽ ڪارا رهندا. ڪڏهن ڪڏهن امڙ کان ڪنھن اوڙي پاڙي جي ڇوڪريءَ کي به ويڳر ۽
سڳي ڪرائيندي ڏٺو. امڙ پڇاڙيءَ تائين سَڳي پائيندي هئي. سڳي اهڙي ٺاهه ٺوهه واري
نه، بلڪ سادي سودي!
گهڻي ڀاڱي، اوڙي پاڙي جون مائٽياڻيون يا ٻيون مايون، ڪچھريءَ
جي بھاني اينديون هئيون، ڪچھري به پئي هلندي ته ڦڻي به ڏينديون ۽ هڪٻئي جي چوٽي ڪري،
سڳي به وجهنديون. پهرين ڪاٺ واري ڦَڻيءَ سان وار سڌا ڪري، وارن کي ٽن ڀاڱن ۾
ورهائي، ان ۾ آڱريون ڦاسائينديون ته جيئن ڪيل ڀاڱا الڳ الڳ رهن. ڪياڙي کان ٿورو مٿي،
وارن جي ٽنهي ڀاڱن ۾ هڪ هڪ ڪري وَٽَ ڏينديون، جڏهن ٻه اڍائي وٽَ اچي ويا، ته مٿان
رکندن ٽن لامن واري سڳي، هر هڪ
لام کي وارن جي ڪيل ڀاڱن مان هر هڪ کي
گڏي وَٽ ڏينديون وينديون، جيئن ڪو نوڙ ٺھندو وڃي. پڇاڙيءَ ۾ ٻن ڇيڙن کي هڪ جي مٿان
ٻَڌي ڇڏينديون ته جيئن اهي وٽَ کُلي نه وڃن. ڪن زائفن جي چوٽيءَ جي ٻَڌَ، مٿي جي
چوٽ جي ٿورو هيٺان ئي هوندي آهي ۽ ڪياڙيءَ جا وار به چوٽيءَ سان مٿي ڇڪيل رهندا. ڇوڪريُن
جون ننڍي هوندي چوٽيون ٻڌبيون ۽ سڳيون پائبيون ته هئيون، پر اهي وڏڙين آڏو ڪُڇي ته
ڪونه سگهنديون هئيون، پر پنھنجي لاءِ سمجهنديون آزار هئيون. ڪجهه وقت کان پوءِ اهڙي
هيرَ پئجي ويندي هيَن، جو جيستائين چوٽي نه ٿئي ۽ سڳي نه پائجي، تيستائين مٿي ۾
پئي کانھَر ٿيندن.
سڳين جي ڊيگهه جي ماپ گهڻي ڀاڱي ٻه فوٽ رکي ويندي آهي،
ان کي وڌائي يا گهٽائي به سگهبو آهي. ننڍڙين نياڻين لاءِ ٻن فوٽن کان ننڍيون سڳيون
ٺاهيون وينديون آهن. سڳين جي جوڙجڪ به ڪاري سڳي مان گهڻي ڪئي ويندي آهي. ها باقي
شادين مرادين ۾ ڳاڙهي رنگ جي سڳن مان به جوڙي ويندي آهي. اهي ٻه رنگ ته ٿيا، باقي
هر ڪنھن جي دل تي آهي. ڪٿي ته وري هٿرادو وارن سان به سَڳِي ٺاهي ويندي آهي، جيڪا
پائڻ سان پتو ئي نه پوندو آهي ته اها الڳ سان سَڳِي آهي يا ايترا وڏا وار آهن، جيڪي
چوٽي ڪيل هجن. اهڙو ڀير سنڌي سَڳيءَ ۾ گهٽ رهيو آهي.
گهڻا ڏينھن اڳ، مون کي به هڪ ڀيري، چوٽي ڪرڻ جِي سکيا جو
شوق ٿيو. گهر واريءَ کي ويھاريم، وار سڌا ڪري، ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، جنھن مھل وَٽَ جو
زور ڏنم ته گهر واريءَ دانھن ڪئي، ته ’چوٽي ڪرين ٿو يا پَٽين ٿو!‘ ڇو جو مان ڏسندو
هيم ته جڏهن امڙ ڪنھن جي چوٽي ڪندي هئي، ته پھرين وارن کي وَٽُ ڏيڻ مھل ڇِڪ ڏيندي
هئي، سا به اهڙي جو ڇوڪرين جا تارا کُلي وڃن. مون به اهڙو انداز رکيو ته دانھن ٿي،
نيٺ هٿ کي هلڪو ڪيم، پر وارن جي ٻَڌَ، نوڙ وانگر مناسب نه ٿي. نيٺ کڻي هٿ پٽيم ته ٻيلي
اهو ڪم اسان مردن کان زور آهي. گهڻو پوءِ منھنجي گهر واريءَ به سڳي پائڻ ڇڏي ڏني،
ان جو اثر اهو ٿيو ته منھنجي نياڻين به ننڍپڻ کان پوءِ وري وارن ۾ سڳي نه پاتي. جڏهن
ٻارن جي ماءُ سڳي پائڻ ڇڏي ويئي ته ڇوڪريون وري ڪيئن پائينديون!
ننڍين ڇوڪرين جي وارن وڌائڻ لاءِ انهن جي مٿي ۾ ويڳر
وجهي، ننڍڙيون ٻه ڇِڪيَل چوٽيون ڪري، سڳڙيون پاتيون وينديون آهن. انهن چوٽين کي ’سڱريون‘
چيو ويندو آهي. جڏهن ٻه چوٽيون ٿيون ته وري انهن کي ملائي هڪ ڪرڻ کي ’منھڙو‘ به
چيو ويندو آهي.
اڳي ڇوڪريُن جا کُليل وار عيب سمجهيا ويندا هئا. جيڪڏهن
چوٽي ڪيل نه هوندي هئي ته رَئي سان وار ڍڪيل رکبا هئا. اها راهه رسم شايد مردن سان
به لاڳو هوندي هئي، مرد به جيڪو پٽڪو پائيندڙ هئو، اهو به جيڪڏهن گهر ۾ پٽڪو لاهي
رکندو هئو ته مٿي ڍڪڻ لاءِ ڪابه ٽوپي پائي ڇڏيندو هئو. اهڙي ڪا ابتي هوا گهُلي جو
هاڻي ته مٿي ڍڪڻ کي گهٽتائي سمجهيو ٿو وڃي.
سنڌي زائفان ڏاڍي جفاڪش رهي آهي، گهر جا ڪم ڪار، ٻني ٻاري
واري ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ، مال رزق جي سنڀال ڪرڻ، ٻارن پالڻ وارو چِلو ڪاٽڻ، مطلب ته ڏاڍي
اورچ رهي آهي، ان سبب تندرستيءَ جا مسئلا به گهٽ رهيا. هاڻي ته فارمي ڪڪڙين واري
وَهَه سڀني کي کوهي وڌو آهي. عورت جڏهن گهر جو رڌ پچاءُ ڪندي ته پھرين وارن کي رئي
سان ٻڌندي، ته متان ڪو وارُ ڇڻي، اٽي جي ڳوهَه سان ملي وڃي يا ڪنھن ٻوڙ جي ديڳڙيءَ
۾ اچي وڃي ته هر کائڻ واري کي بُڇان وٺندي. ان لاءِ رَئي کي مٿي تي وٽ ڏيئي، کاٻو
پلئه وارَن جي هيٺان ساڄي پاسي ڦيرائبو، ته ساڄو پلئه وري ٻئي پاسي کان وارن جي هيٺان
ڦيرائي ڇڏبو ته وار ان ۾ ڍڪجي ويندا، پوءِ بسم اللـہ ڪري اٽو ڳوهبو ۽ ماني پچائبي
يا ٻوڙ رڌبو. يعني زائفان جو اهڙو ڌيان رهندو آيو آهي. هروڀرو وارن جون چڳون پيون
لڙڪن، ان کي سٺو نه سمجهنديون هئيون.
هونئن به کاڌي پيتي ۾ وارن جو اهڙو خيال هوٽل جا بيرا يا
راڌا ڪندا آهن. مون به ڪافي هوٽلن تي، ويجهي دور ۾، بيرن يا ملازمن کي مٿي ۾ ڄاريءَ
جو ڇٻو پاتل ڏٺو آهي. پھرين مان به سوچيندو هيس ته اهو ڇو ٿا پائين، شايد سندس
يونيفارم ۾ شامل آهي، ليڪن گهڻو پوءِ پتو پيو ته اهو وارَن کي ڍڪڻ ۽ کاڌي پيتي جي
شين ۾ پوَڻ جي امڪان کي رد ڪرڻ لاءِ پائيندا آهن.
وارَ سنوارڻ، چوٽي ڪرڻ، مينڍا/ منڙا ٺاهڻ جو رواج دنيا
جي ٻين ملڪن جي سڀيتا ۾ به رهيو آهي، پر سَڳي پائڻ جو رواج سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن
خطن ۾ گهڻو رهيو آهي. چوٽيون يا مينڍا ته بيوٽي پارلر واريون مايون به مختلف نمونن
جا بيھارين ٿيون، پر جيڪو چوٽي ۽ سڳيءَ جو رواج سنڌ جي سڀيتا ۾ هئو، سو هاڻي رڳو ڳوٺن
۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شھرن جي زائفن ان کڦڙتال مان جند ڇڏائي ڇڏي آهي. ڌاريي سماج جي
راهه رسمن اسان جو ٻنڀو ئي ڦيري ڇڏيو آهي، ان لاءِ ممڪن آهي ته ورِي ڪو ساڳيو رواج
وَري ۽ اسان جون ڇوڪريون ۽ زائفون وري چوٽيون ڪن ۽ سڳيون پائين.
جيلن ۾ قيدي هٿ جي هنر جا ڪم ڪندا آهن. واندڪائيءَ جي
وندر سمجهي سڳيون به ٺاهيندا آهن ۽ تمام ٿوري اگهه ۾ واپارين کي موڪليندا آهن، جن
جو هنن کي ڪو مناسب ڇاندو پاڻي به نه ملندو آهي. ڳوٺن ۾ به ڪي سگهڙ ڇوڪريون يا
مايون سڳيون ٺاهينديون آهن، ۽ وڪري لاءِ دڪانن تي پڻ موڪلينديون آهن، پر انهن کي
به ڪو سيبائتو اگهه نه ملي سگهندو آهي. ان ڪم کي کڻي وڌائجي به پر پائڻ وارن جو
رواج گهٽجي ويو آهي. ان سبب دستڪاري سينٽرن تي نياڻين جي هٿن جون ٺھيل وَٿُون به
کين ڪو جوڳو اجورو نه ڏياري سگهنديون آهن. بس اهو آهي ته وري ڪو وقت وري ۽ هٿ جي ٺھيل
وٿُن کي مانُ ملي. اسان تي لازم آهي ته هٿ جي ٺھيل وٿُن کي اهميت ۽ پذيرائي ڏيون ۽
ڏياريون.
شاعرن جي شاعريءَ ۾ ان هٿرادو سينگار واري وٿُ جو ذڪر
ملي ٿو، جيئن: ’تنھنجي چوٽيءَ ۾ گل سڄي پاڙي ۾ ھل‘، پر ان جي ڪيفيت جو اندازو تڏهن
ٿيندو، جڏهن محبوبائن جي وارن ۾ سڳي ڏسبي، نه ته شاعرن جا اهي بيان ٻُسا لڳندا.
شاهه لطيف چوٽيءَ، چوٽي، مينڍن، سِينڌ
وغيره کي هيئن بيان ڪيو آهي:
مُون سِين مارُوئَڙِيُون، ڪھڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون،
نيڻين نِنڊَر وِهُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون،
هِتي جي هُيُون، ته سُڌ پييَنِ سِيلَ جِي.
--
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهه ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ،
پيرين آئون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور،
جنھن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سِيٽيان.
--
مارُوئَڙِي روئِي، ٿَرِ نِياپا چائِيا،
آن جو ڳُتو جيڏِيُون، مِينڍي وَرُ سوئِي،
لاٿُمِ نه ڌوئِي، ساڻ سَرَچِي سُومَري.
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، پييَسِ پَھنوارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتي جِي هِتِ،
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وِينگَسِ ويڙِيِچَنِ رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽِئان نِڪَري.
--
وَصُلُ تنھن وڃائِيو، سِينڌِ سُرُمي سِيئَن،
سا لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻيو جنھن مِٽُر ڪِئو.
مولوي احمد ملاح جو هڪ شعر به خيال خاطر رکجي ٿو:
سِينڌ تان سُوڌي پَٽي، سُرمي سَوا سُونھَن اکيون،
چيلهه تي چوٽو چَندن، چَوڌار چاري پوش پوش!
تجنيس تام ۾به مولوي صاحب وارن جو ذڪر ڪيو آهي:
چيلهه چابُڪ، نَرم نازُڪ، لوڏ لَک جِي لاڏلا،
وار جِيئن هَر وار وارين، وارِيو واريندو وَت.
اصطلاح
۽ پھاڪا:
• چوٽِي پَٽڻ (جٺ ڪرڻ)
• سينڌ ڏيڻ (عورت جو واعدو ڪرڻ)
• وارَ اڇا ڪرڻ (گهڻو زمانو
مشاهدي ۾ اچڻ- آزمودگار ٿيڻ)
• اس ۾ اڇا وار ڪرڻ (زندگيءَ کي
اجاين ڪم ۾ گذارڻ)
• ڇَتا اڇا ٿيڻ (وڏي عمر ٿيڻ)
• ڇَتا ڇوڙي ڇڏڻ (ڏک جو اظھار ڪرڻ)
• وارُ ونگو نه ٿيڻ (ڪا تڪليف
نه اچڻ- ڪا به گهٽتائي نه اچڻ)
• وارَ جو نالو به نه وٺڻ
(خاموش رهڻ)
• وارَ سنوارڻ (هار سينگار ڪرڻ-
ٺاهه ٺوهه ڪرڻ)
• وارَ وڇائڻ (دل سان آجيان ڪرڻ-
نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ)
• وارَ پٽڻ (ڇتو ٿيڻ- ڪاوڙ ٿيڻ)
• وارَ وٺڻ (وارَ ڪُوڙڻ- پاڪيءَ
سان مٿو ڪُوڙڻ)
• وارَ سمجهائڻ (تيل ڦليل ڪري ڦَڻي
ڏيڻ)
• وارَ چريو ٿيڻ (بگڙيل هجڻ)
• وارَ جي کَل لاهڻ
(تمام باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪري ڳجهه ظاهر ڪرڻ)
• مکڻ مان وارُ ڪڍڻ
(ڳالهه جي باريڪ بيني معلوم ڪرڻ)
• عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ئي
لوٽو.
(چوٽي ۽ سڳي پائڻ عورت جي سونھن آهي)
• ڏس گيد گدليءَ جا پار؛ ڳوهي اٽو،
کوهي وارَ.
(رڌ پچاءَ ۾ وارن جو خيال رکجي)
• نه ڪم نه ڪار، رڳو مينڍي تي
مار.
(رڳو ٺاهه ٺوهه تي ڌيان ڌرڻ، ڪم ڪار تي توجه نه ڏيڻ)
• جتي وڇايا وار، اتي ڪھڙا پار.
(جن کي نياڻي ڏجي، انهن سان ڪھڙا ليکا)
• اڇا وار، موت جا قاصد.
(اڇا وارَ، پيرِيءَ جي نشاني)
• واندو حجم، ماءُ جا وارَ ڪٽي.
(بيڪار ماڻهو، اجايو ڪم ڪندو، جنھن جو کڙ نه تيل)
• چُڪ ڪري چوٽيءَ وارِي، ٺڪر ڀڄي
ٺُوڙهيءَ تي.
(هڪڙن جي ڪم جي سزا ٻئي کي ملي)
• وارَ اڇا، دل ڪاري.
(ظاهر ۾ هڪڙو، اندر ۾ ٻيو)
• وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي،
ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي. (چوڻي)
• مکڻ پئي ڪا سينڌ سَڙي.
(ڪارائتي ڪم جو ڪھڙو نقصان)
• سينڌ ڏيئي، ڦري نه وڃجي.
(واعدو پاڙجي. ڪيل وچن تي پورو لھجي)
• سينڌ ته آھي سچي سانئڻ.
(واعدي وچن کي مانُ ڏيڻ گهرجي)
• يار به تيلِي، سينڌ به ميلِي.
(پنھنجائپ ۾ سھولت هوندي به تڪليفون ڏسڻ)
• سَوَ تي سينڌ نه مَٽجي.
(دولت ڏسي، پنھنجي ڳالهه تان نه ڦرجي)
• ڏاڙهي اقرار مرد جو، سينڌ
اقرار عورت جو.
(ڏاڙهي ڏيڻ ۽ سينڌ ڏيڻ يعني واعدو ڪرڻ)
• تيل سھانگو هئو، ته گدڙن چوٽيون
مکيون.
(شين جي اهميت گهٽجي ٿي ته سڀڪو سوا سير ٿي ٿو وڃي)
• درياھ سونھين آر سان،
ڦڻي سونھين وار سان،
گل سونھين هار سان،
پٺاڻ سونھين پيار سان. (چوڻي)
• چنڊي مائيءَ جا پار، ڳوهي اٽو
کوهي وار؛
اچن مھمان ته ماري ويٺي پنھنجا ٻار. (چوڻي)
• سَچ چوَندي يار رُسي ته رُسڻ ڏينس،
ڏندڻ ڏيندي ڏند گسي ته گسڻ ڏينس،
دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس،
ڦڻي ڏيندي وار کُسي ته کُسڻ ڏينس. (چوڻي)
• سڪي سڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين
سَڳي،
اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي.
(سڪي سڪي ڪا شيءِ ملي، ته طبيعت ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ۽
ترقي ڪرڻ لاءِ سَڌون ٿيون)
(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن جي اضافي ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي)
No comments:
Post a Comment