جهو جهو ماٽِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
جتي کير هوندو، اتي ’جهو جهو ماٽي‘ جو پڙلاءُ هوندو ئي هوندو. کير اهڙِي وٿُ
آهي، جنھن تي هر ماڻهوءَ جو گذران هوندو آهي. اڳي ته هر گهر ۾ مال رزق هوندو هئو،
ته کير به جام هوندو هئو. سنڌي ماڻهوءَ وٽ اڄ به پير بزرگ لاءِ مانُ آهي، ان لاءِ
کير کي ’پِير‘ سان به ڀيٽ ڏيندا آهن. هاڻي ته پِيرن سان گڏ کيرن ۾ به ملاوت ٿي
ويئي آهي ۽ زماني پڄاڻان پيرن کيرن سان به لوڀ لالچ لاڳو ٿي ويئي. هاءِ هاءِ،
مختلف سماجن جي پيوندڪاريءَ اسان سنڌي ماڻهن جي سادگي ۽ سچائيءَ جو ئي ٻُنڀو ڦيري ڇڏيو.
شاهه لطيف به کير کي هيئن ياد ڪيو آهي:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
جيڪي حق جي واٽ ڇڏي ۽ لالچي ٿيا سي وڃي اوجهڙ پيا. ننڍپڻ ۾ درسي پھرين ڪتاب
۾ ’جهو جهو ماٽي‘ جو نظم پڙهيوسين، اهڙو جو، اڄ به ياد اٿئون. اهو نظم گهڻي ڀاڱي ڀيرومل
مھرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي؛ پر اڄ سوڌو پڪ ٿي ڪونه سگهي آهي. اهو نظم هن ريت
آهي:
جهو جهو ماٽي، لسي پنھنجي گهاٽِي،
مکڻ جي چاڻي، امڙ سياڻي،
مکڻ جي ماٽي، سٽ سندي آٽي،
آيو مينھن آيو، لٽڙا پسايو،
اجهو سج نڪتو، لٽڙا سڪايو.
هڪ جهوني همراهه پَئي هڪ مڙسالُوءَ کي مَت ڏني ته ’بابا کير کي هٿان نه وڃايو،
اها وڏي خوراڪ آهي. توهان جي هر گهرج ان مان پوري ٿي سگهي ٿي. کير کي ڄمايو، ته ڌونرو،
مھي، ڏڌ، مکڻ، گيھه ملي پوي، کير کي پچايو ته مائو ٺھي پوي، ڪنھن مٺاڻ ۾ ملايو ته ڪمال
جون شيون ٺھي پون، کيرڻيءَ جو ته جواب ئي ناهي. ڀاڄيءَ جي بدران مانيءَ سان کائو
ته ماڻهو تندرست! هاڻي ته چانھه کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، سا به کير واري وهه
واهه! مطلب ته کير مان جيڪا شيءِ پسند ڪريو ته اها ٺھي سگهي ٿي، ان لاءِ ڌڻي سڳورو
سگهه ڏيئي ته گهر ۾ مينھن يا ڳئون وغيره لازمي پالڻ گهرجي. ٻيو ڪجهه نه هوندو ته
انُ ۽ کير توهان جون گهرجون پوريون ڪندو.‘
کير ته ڀٽارو آهي، پر جيڪڏهن ڪنھن ٿانوَ يا چاڏيءَ ۾ سَنڀاڻُ (ڌونري جو
ذرو) وجهي، کير کي نَنھن سوسڙو ڪري، ملائي، ڍڪ ڏيئي رکو ته صبح جو ڄميل ڌونرو ٿي
ويندو. اهو آهي ته کير جو ڦِٽڻ، ليڪن ان جو اهو ڦٽڻ، کاڌي پيتي لاءِ تمام ڀلو آهي.
وري جڏهن ان کي چاڏيءَ ۾ مانڌاڻيءَ سان ڦيربو ته پھرين مَھي ٺھي پوندي، پاڻي وجهي،
اڃا وڌيڪ اڌ- منو ڪلاڪ ڦيربس ته ويندو پٽڙو ٿيندو ۽ ’ڏڌ‘ جي شڪل وٺندو ۽ مٿان وري
’جهَڻ‘ بيھندي ويندي، جنھن کي ميڙي آٺرائبو ته مکڻ/ ڦُٽي نڪري بيھندو.
ڳوٺن ۾ اڃا پرهه ئي نه ڦٽندي ته زائفون، بسم اللـہ ڪري ويھنديون، چاڏي ولوڙڻ
تي! چاڏي ولوڙڻ کان پوءِ ماني پچائينديون ۽ ڏڌ مکڻ ورهاست سان پيون ورهائينديون. سڀڪو
کائي پي ويندو ڪم ڪار تي! ڏڌ يا لسي وري اهڙي لڄپال آهي جو جيترو وڃبس پاڻي
وجهندو، اوتري ويندي وڌندي. سج نيزي پاند تائين پيو ڏڌ هلندو، ان کان پوءِ چونديون
ته بادي ٿي ويندو، ان لاءِ منجهند جو دير سان نه واپرايو. وڏڙين جو چوڻ هوندو هئو
ته ’لسيءَ ۾ پاڻي وجهو ته ٿيندي جَهڻ، جَهڻ ۾ پاڻي وجهو ته ٿيندو جهارو، جهاري ۾
پاڻي وجهو ته ٿيندي ڇاڇَ، ڇاڇ ۾ پاڻي وجهو ته ٿيندو تُتَو پاڻي! يعني ڌونئرو ولوڙجي،
مھي ٿيو (منجهس مکڻ گڏيل ئي ھوندو آھي)، مھي ولوڙجي لسي ٿي ۽ مکڻ مٿي تري بيٺو.
منجهانئس مکڻ نڪتو. ان کان پوءِ به ولوڙا ڏبا آھن، جنھن ۾ لسيءَ گاڏڙ ڇڊڙو مکڻ
ھوندو آھي، جنھن کان پوءِ ڇڊي لسي بچندي آهي، جنھن کي ڇاڇ يا جهڻ سڏيندا آھن. ڪي
ته لسيءَ کي به جهڻ چوندا آھن.
چاڏي ولوڙڻ ۾ جيڪي سَنڊرَ (ٿانوَ يا اوزار) ڪم اچن ٿا، سي آهن: چاڏي/ ماٽي
(ٺڪر جي وڏي ڪُني جھڙو)، نَھرو (ٽيڪ لاءِ ڪاٺي)، چَپو/ مَنرو (ڪاٺ جو ٽُنگر ڍڪڻ،
جنھن ۾ مانڌاڻي ڦري)، مانڌاڻي (ڪاٺ جي گُل/ ڦرن سان جهرڻو)، جهَلَڻِ (مانڌاڻيءَ جي
ڳنرِيءَ کي سوگهو رکندڙ، لوهه جو گول ڇَلو ۽ رسي)، ڪَنڍِڻِي/ نيٽو/ ساٽيڪو (کير
ولوڙڻ لاءِ چم يا رسيءَ جي وڍرِي)، سَنگهَرِ (جنھن جا ڪَنَ ٻنهي پاسن کان رسيءَ
سان ٻڌل هجن ۽ نھري جي وچ تي وريل هجي)، گِرَنوَ/ گِرڻُ/ سينھُو (اڳڙين يا پلال
وغيره مان ٺھيل گول موڙو، جنھن تي چاڏي رکجي)، گهوڙِي (اهڙو فريم، جنھن ۾ هيٺان
گِرنوَ هجي، ۽ پاسي ۾ نھرو لڳل هجي)، مُئِي (کِپَ يا سرنھن جي چَھن وغيره جو مُچو،
جنھن سان چاڏيءَ جو اندر مَلجي).
مُئيءَ لاءِ به خاص طور کِپ جون مُيون ٺاهي رکيون وينديون آهن. کِپ جي مُئي
چاڏيءَ ۾ کٽِي بُوءِ کي دور ڪندي آهي ۽ چاڏيءَ کي سُرهي بڻائيندي آهي. جڏهن چاڏي
نظربي (بد نظري لڳندي) آهي ته پوءِ ڌونرو ڄمندو ناهي ۽ داڻ داڻ ٿي بيھندو آهي، اهو
ولوڙڻ سان ڏڌ مکڻ به ڪونه نڪرندو، ان لاءِ گهريتي مائي سِرنھن جي چھن جي مُئي ٺاهي،
ان سان چاڏيءَ کي ملينديون آهن، ته جيئن چاڏيءَ جي بدنظري دور ٿئي. اڪثر زائفون چاڏيءَ
جو ڍَڪ ڪنھن ٻي زائفان يا مٽ مائٽ اڳيان ڪونه کولينديون آهن ته متان ڪا بد نظري ٿي
پئي. ان لاءِ وس ڪري چاڏيءَ جي بيھڪ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ رکنديون آهن.
چاڏي ۽ ان جي ٽپڙن جي بيھڪ ايئن هوندي آهي، ته گهر جي ڪنڊ يا پاسي ۾ هڪ
نھرو هڻبو آهي، ان جي اڳيان گِرنوَ يا سينھو رکي، ان جي مٿان چاڏي رکبي. چاڏيءَ ۾
مانڌاڻي وجهي، مٿان ڳن کان چَپو/ منرو (ڪاٺ جو ٽُنگرُ ڍڪڻ) وجهبو ته چاڏيءَ تي ڦھڪي
بيھندو. چَپو گول ڍڪڻ کي سڏبو آهي، جنھن جي وچ تي مانڌاڻيءَ جي ڳن جيترو ٽُنگ
هوندو آهي، ۽ مٿان گولائيءَ وارا پاسا سڌا ۽ هيٺان وَٽِ گهڙيل هوندي اٿس، ته جيئن
چاڏيءَ جي ڪَني ۾ ٺھڪي بيھي رهي. هاڻي چَپي (ڍڪ) مان مانڌاڻيءَ جو ڳن ٻاهر نڪتل ڏسڻ
۾ ايندو. مانڌاڻيءَ جي ڳن جي مٿئين ڇيڙي کان گهيرِ نڪتل هوندي آهي، جنھن ۾ جهَلَڻِ
جو لوهي ڪڙو وجهبو، جنھن ۾ رسي ٻڌل هوندي، ان جو ٻيو ڇيڙو نھري ۾ ٻڌل هوندو، ته
جيئن مانڌاڻي اُڀي ڦري سگهي ۽ هيڏانھن هوڏانھن نه ٿِڙي. مانڌاڻيءَ جي وچ ۾ ڪَنڍِڻي
يا نيٽي جو گهيرُ هوندو، جنھن ۾ ڪَنڍِڻِيءَ جي واڍر ساڄي کان کاٻي پاسي وريل
هوندي. مانڌاڻيءَ جي گهيرِ ۾ ستن کان اٺ وَر ڏنا ويندا آهن، جيڪي پوءِ ڪنڍڻي/ نيٽي
جي ڇيڙن ۾ ٻڌل ڪاٺ جي جهري پيل اِٽيُن کي ٻنهي هٿن ۾ پڪڙي، اڳتي پوئتي ڇڪبا آهن ته
مانڌاڻي پئي ڦيرا کائيندي. مانڌاڻي ڦيرا ته کائيندي، پر جيڪڏهن ان جي سامهون واري
پاسي سنگهَرَ نه وجهبي ته چاڏي ٿيڙُ کائيندي. ان لاءِ چَپي جي مٿان اها سَنگهَرَ
رکي ان جي ٻنهي ڪنن ۾ رسيءَ جا ڇيڙا ٻڌل هوندا ۽ ان جو وچ، نَھري کان ڦري ايندو.
ان سان مانڌاڻي پنھنجي ڦيري ۾ ئي ڦرندي. مانڌاڻيءَ جي ڦيري ۾ وڏي مانڌاڻ هوندي
آهي، ان لاءِ ان جو مٿيون ڀاڱو، جهَلَڻِ سان ڦاٿل هوندو ۽ وچُ وري سَنگهَرَ سان اٽڪيل
هوندو، ان لاءِ مانڌاڻي پنھنجي دائري ۾ ئي ڦرندي ۽ ان جو گُل/ ڦَر چاڏيءَ ۾ پيو
ولوڙ ڪندو. جهو جهو ماٽيءَ جي اها بيھڪ به ڪمال جي هوندي آهي. ڪافي هنڌن تي ته
گِرَنوَ يا نھري کان سواءِ، ڊکڻ جي گهوڙي ٺھيل هوندي آهي، جنھن جي پيرن ۾ چاڏيءَ
جي ويھڪ هوندي آهي ۽ جنڊيءَ لٿل نھرو لڳل هوندو آهي. ڪي ته وري منَھَن جي ٿوڻي يا
منيءَ کان به نھري جو ڪم وٺندا آهن. ڪٿي ته کٽ جي پائي کان يا وري ان کي پاسيرو
رکي، ان جي سيرونءَ کان به نھري جو ڪم ورتو ويندو آهي. مطلب ته جتي جيئن سولو لڳندو،
جهو جهو ماٽيءَ جي بيھڪ بيھاري ويندي.
بدقسمتيءَ سان، اسان پنھنجي گهر ۾ اهو سلھٽ ڪونه ڏٺو. امڙ کي صرف جنڊ تي ڏارو
ڏريندي ۽ مانھن جي دال جو بيسڻ پيھندي ڏٺو، انُ ۽ ڳاڙها مرچ اکري مھريءَ ۾ ڪٽيندي ڏٺو،
سنڌي خوراڪون ٺاهيندي ڏٺو، پر چاڏيءَ ۾ ڏڌ ولوڙيندي ڪونه ڏٺو؛ پوءِ پاڙي ۾ سھتن جي
گهر ۾ ماسي گلڻ ماءُ وٽ ويندو هيم، جتان ڪڏهن ڪڏهن تازو مکڻ وٺڻ ويندو هيم، گڏو گڏ
ڏڌ لپ به ڏيندي هئي. ڪڏهن ته ساون مرچن جي چٽڻيءَ ۽ ڏڌ سان ماني کائڻ جي شوق ۾
کانئس ڏڌ وٺي ايندو هيم. ڇا ته مرچن ۽ ڏڌ سان مانيءَ جو سواد ملندو هئو، جنھن جو
بيان ڪھڙو ڪجي! يا وري ڪٿان ڳوٺن مان ڏڌ اچي ويندو هئو ۽ واپرائبو هئو. ماسي گلڻ
ماءُ وٽ به وڏي رش هوندي هئي، سڀني کي پاڻي ملائي ڏڌ لپ ڏيندي ويندي هئي. ان وٽ
اهو جهو جهو ماٽيءَ جو رنگ ڏسندا هئاسين.
وري جڏهن نواڙي شريف ادي آمونءَ وٽ وڃڻ ٿيندو هئو، ته اتي ته مکڻ سان مکيل
دانگيءَ جي ماني، ڏڌ يا وري بصرن سان مليل، تريَل
ديسي آنو ملندو هئو، ته اهي سواد وسرن ئي نه ٿا. ادي آمون پاڻ چاڏيءَ تي
پرهه ڦٽڻ کان اڳ ئي ڏڌ ولوڙيندي هئي. هن جو انداز به ڏاڍو دل لڀائيندڙ هئو. ان بعد
ته اتي به مشينون اچي ويون. ادي آمون جڏهن ولوڙ ڪندي هئي، ته پھريائين تيزيءَ سان
ولوڙيندي هئي، پوءِ پاڻي ملائي، نيٽي کي جهٽڪن سان ڇڪيندي هئي، يعني کاٻي هٿ جي ڇڪَ
ڏيئي، کن ترسي، پوءِ وري ساڄي جي ڇڪَ ڏيندي هئي، ان سان ڄڻ مکڻ جي جهَڻ مٿي ٿي
بيھندي هئي. اسان پنھنجي گهر ۾ ته اهڙي ڪرت ڪونه ڏٺي، ان لاءِ ويھي اها چال ڏسندا
هئاسين ۽ مزو وٺندا هياسين.
امڙ کي دُڪو ڏيندي ڏٺو، ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن کي جڏهن آئڍيندي هئي، ته آخر ۾
دُڪي ۾ ڦڪي ملائي ٻارن کي ڏيئي، نرڙ تي هٿ رکندي هين ته ٻار دُڪو ڳھي ويندو هئو.
منھنجن ٻارن کي به مکڻ جو دُڪو کارائيندي هئي، بس اهو سو ڏٺو. امڙ چوندي هئي ته ان
سان ٻار جي پيٽ تي ڀرتي به نه ٿيندي ۽ آنڊو نرم رهندو. آئڍ سان به ٻارن وارا ڪِيڪَٽ
مون کي نه وڻندا هئا، ڄڻ مون کان ٿا ڪيڪٽ نڪرن، پر امڙ چوندي هئي ته ’ابا، ان سان ٻار
سڪون جي ننڊ ڪندو ۽ ٻار جو انگ انگ ٺري پوندو. هاڻي ته ٻارن کي آئڍڻ واري ڪار به
گهٽجي ويئي آهي، بس جيئن ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻي چوي!
ديسي گيھه به عام جام استعمال ٿيندو هئو، اسان ته گهرن ۾ ڊالڊا کجي مارڪي
وارو گيھه ڪم آڻيندا هئاسين، پوءِ جڏهن ديسي گيھه مان ڪا ڀاڄي ٺھندي هئي ته مون کي
نه وڻندي هئي. ڇاڪاڻ ته ڊالڊا گيھه جو ذائقو ڀانءِ پئجي ويو هئو. هاڻي سياري ۾ خاص
طور ديسي گيھه ڪم آڻيندا آهيون. مون کي، ديسي گيھه ۾ ننڍي ڦوٽي جي داڳ سان، ڪاري
مرچ ۾ ٻاڪرو يا ڪڪڙ جو گوشت وڻندو آهي، ان لاءِ گهر واري منھنجي لاءِ اهڙو ٻوڙ ٺاهيندي
آهي، ٻارن کي ته گهٽ وڻي، ان لاءِ گهڻي ڀاڱي پاڻ ۽ مان کائون، باقي ان جو رَهو
پِيئِي ڇڏيون، سبحان الله. ان جي رَهي/ شرووي ۾ گرهه ٻوڙي کائڻ ۽ وري ڪنھن مھل
رَهي جو ڍُڪ، ڄڻ زندگي نئين ٿي وڃي.
اهڙو ڦوٽي داڳ وارو ٻوڙ امڙ ڏاڍو مزيدار ٺاهيندي هئي. اڳي زائفون ويَم ويلي
اهڙو ٻوڙ واپرائينديون هئيون. هاڻي ته ڊاڪٽرياڻيون چون پيون ته ان ويري ديسي گيھه ڪم
نه آڻيو، ان سان زائفان کي سائيءَ جو مرض ٿيندو. اڳي ته اهڙي ڪنھن به زائفان کي
ديسي گيھه مان سائِي ڪونه ٿي، هاڻي اهڙا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. ان باوجود جن
زائفن جا قدرتي ويم ٿين ٿا، سي ديسي گيھه جو استعمال ڪنديون آهن.
اڳي ته سنڌ جي رواج ۾ کيرن کي پٽن سان ڀيٽ ڏيندا هئا، ان لاءِ چوندا هئا ته
پٽَ ڪونه وڪڻبا آهن، ان لاءِ کير وڪڻڻ انتھائي کوٽُ سمجهيو ويندو هئو، هاڻي ته وڪڻڻ
ڇا، پر نج صورت ۾ کير به نه ٿو ملي. ماڻهن جو ايمان ايترو ته ڇڄي پيو آهي، جو کير
ته ٺھيو، پر ڏڌ/ لسي به وڪامجي ٿي. ٻڌندا هئاسين ته اهڙو دور به ايندو جو پاڻي به ڏوڪڙن
تي وڪامبو، هائو اهو به اکئين ڏسون پيا. هاءِ ڙي زمانا!
گيھه به مکڻ مان نڪرندو، ڪنھن ٿانوَ ۾ مکڻ وجهي، هلڪي باهه ته ٽچڪائبو، جڏهن
ٽچڪي ويندو ته ان کي ٺارڻ لاءِ هيٺ لاهي رکبو. ٺرڻ بعد ان جو ڦوڳ مٿي ٿي بيھندو، ڪجهه
وري ڇاڻڻ سان نڪري ويندو. ايئن گيھه نڪري بيھندو آهي. ڀاڳيا جڏهن کير نه وڪڻندا
هئا ته ان کي ڄمائي، گيھه ڪڍي وڪڻندا ضرور هئا. انهن جي خيال مطابق مال رزق مان جيڪو
کير ملي ٿو سو ڌڻي تعالى جي مِلڪِ آهي، باقي ان تي جيڪو پورهيو ڪري، محنتاڻو وٺجي ٿو
سو حق آهي.
کيرن ۾ ڳئون جو کير وري اڪسير سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سڻڀ جو مقدار گهٽ ٿئي
ٿو، ان لاءِ ان جو گيھه به خاشو سڏبو آهي، جيڪو رنگت ۾ به ماهي گيھه کان پيلاڻ ۾ وڌيڪ
هوندو آهي. ننڍڙن ٻارن يا پڪن پوڙهن کي ڳئونءَ جو کير ڏيندا آهن، ته جيئن بارُ نه ڪري
۽ سيني ۾ ڄارو وغيره به نه ٿئي. لاچاريءَ ۾، مينھن جي کير ۾ ته واڌارو پاڻي ملائي،
ٻارن کي پياريندا آهن.
پيئڻ ۾ وري ٻاڪري کير ۾ گُڻ وڌيڪ آهن. يعني پيئڻ ۾ جيترو کير ڇڊو پاڊو
اوترو ڀلو! باقي ٻاڪري کير کي ڄمائڻ ۽ ان مان لسي ٺاهڻ وارو رواج گهٽ ڏسڻ ۾ آيو
آهي. باقي پيئڻ لاءِ ته شوقين ٻاڪري کير کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن.
امڙ جي ٿڃ (کير) وري انهن سڀني کيرن کان ڇڊي به ٿيندي آهي، ۽ طاقت قوت ۾ به
نھايت سرس ليکي ويندي آهي. ٻن سالن تائين ٻار جيڪو امڙ جو کير پيئي ٿو، تنھن جي
ذهني توڻي جسماني نشونما ان تي ئي ٿيندي
آهي. جنھن ٻار جو، پوريءَ طرح ماءُ جو کير پيتل هوندو آهي، اهو ذهني توڻي جسماني
طور نھايت سگهارو رهندو آهي. امڙ جي کير جي سواد جو اندازو ته ڪنھن کي به نه
هوندو، باقي هر گهڙِيءَ اهڙو تازو توانو جو نه ڦِٽي نه وري اوٻارِڻ جي گهرج! واهه
قدرت رب ڪريم.
هونئن به کير کي اوٻاري، ڪافي ڏينھن محفوظ رکي سگهجي ٿو. کير اوٻارڻ سان ان
جا نوي سيڪڙو جراثيم مري وڃن ٿا. ان لاءِ سياڻن جو چوڻ هوندو آهي ته کير کي اوٻاري
۽ ٺاري پيئجي، ان سان تندرستي رهندي. باقي ڌونئري ٺاهڻ لاءِ کير ۾ سنڀاڻ وجهي ڦٽائي
ٿو، اهو ڪم بيڪٽيريائن جو آهي. اهي بيڪٽيريا صحت دوست سڏبا آهن. ان لاءِ جن ماڻهن
کي کير نه وڻندو هجي، اهي تندرستيءَ لاءِ ڌونئري جو استعمال ضرور ڪن.
کير، ڌونري، مھي، ڏهي، ڏڌ، لسي وغيره تي ڪافي اصطلاح ۽ پھاڪا مروج آهن، جن
جو ڪجهه ذڪر هتي ڪري وٺجي ٿو:
ٻاراڻا ٻول:
• ڏڌ چاڏيءَ
۾، چاڏي ڏڌ ۾.
(ٻارن کي چئبو هئو ته اهو جملو لاڳيتو چئي ڏيکاريو.)
• لوٽي ۾
لسي، گار وئي گسي.
سگهڙن جا ٻول:
• جوانيءَ ۾ ڌن
ته پور ۾ پور،
گرڍاپڻ ۾ ڏک تو سور ۾ سور،
پنڌ ۾ ڀار تو ڏور ۾ ڏور،
کير ۾ کنڊ تو نور ۾ نور.
(ھڪڙي جوانيءَ جي طاقت ۽ ٻيو دولت اچي وڃي ته ان جھڙو ڪو نشو ناھي، چڱي ڀلي
جا هوش خطا ٿي وڃن. پوڙھپ جي ڪمزوري ۽ مٿان آيل ڏک، چڱي ڀلي کي جهوري وجهي. ھڪڙو
پنڌ، ٻيو مٿي تي بار، پوءِ ته نھوڙي وجهي. ھڪڙو کير قدرت جي نعمت، وري جو کنڊ
منجهس پوي ته پوءِ ڪيا بات ھي)
• گهرُ
نَديءَ ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنھن جي هنج،
هيئين سان هنڊائي ڇڏ، اهي پنج ئي سھنج.
(گهر ندِيءَ ڪناري هجي، کير جام هجي، چڙهيءَ لاءِ سينگاريل گهوڙو هجي، پٽ
سميت سلڇڻي زال هجي ته زندگي سھڻي ۽ سولي ٿي پئي ٿي)
• چتر منک را
روسڻا ئي ڀلا، کوهي مورک ري ٻيل،
نيڻين ڏٺا گيھه ڀلا، ڪيا مُک کائي ئي تيل.
(بيوقوف جي ڀاڪر کان سياڻي جو رسڻ به ڀلو. گيھه، جو فقط اکين سان ڏسجي، سو
به وات سان کاڌل تيل کان ڀلو آھي)
• ڪڻڪ پراڻي،
گيھه تازو، زال وفا شعار،
سواريءَ لاءِ گهوڙو ھجي؛ جنت جون نشانيون چار.
• کير ۽ کنڊ،
نور ۾ نور،
جواني ۽ مايا، پور ۾ پور،
پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
(کير ۾ کنڊ پوي ته سواد سٺو ٿئي. جوانيءَ ۾ دولت هٿ اچي ته پيريءَ ۾ به ڪم
اچي. پنڌ ڪندڙ جي مٿان بار لَڏيل هجي ته ان کان وڌيڪ ڪو به سور ناهي.)
• گهر ڌِيڻو،
ٻُنڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
ڀائر پُٽ چئي ۾، اهي پنج ئي سھنج.
(ڌيڻو: ولوڙو، ڏڌ مکڻ ھجڻ. ٻنڀ: ٻنڀي تي، در تي. جنھن وٽ گهر ۾ سڀ سک ۽ گنج
ھجن، وڏي ڳالھ ته ڀائر ۽ پٽ به چئي ۾ ھجن، ان کان وڌيڪ ٻيا ڪھڙا سک کپن)
• گوشت کاڌي
وڌي ماس، انَّ کاڌي وڌي اوجهري،
کير پيتي وڌي رت، گيھه کاڌي وڌي کوپري.
(هر هڪ شيءِ مان ڪو نه ڪو فائدو ضرور حاصل ٿئي ٿو)
• ڪاچ ڪٽورو،
گيھه گهڙو، موتي ۽ من،
ڀڳا وري نه ٺھن، تن جو ڪجي نه جتن.
(شيشي جو پيالو، گيھه جو دلو/گهڙو، موتي ۽ دل/ من، ڀڄڻ کانپوءِ، ڪين جڙن)
پروليون:
• گهر گهر ۾
ناچُو نچي. (مانڌاڻي)
• جيان ته
جَر پيان، صبح سان سڻڀي ٿيان. (مانڌاڻي)
• پوڙهي رَن،
چار ڪَن، چيلهه ٻڌيو پيئي نچي. (مانڌاڻي)
• اڇو پکي ڍنڍ
جو، جنھن کي هَڏُ نه گُڏُ. (مکڻ)
• هيڏو هيڏو
هم، جنھن کي هڏو ناهي چَمُ. (مکڻ)
• هيٺئون ڪنڀاري،
مٿان ڊکياڻي- ڇڪ ته ڇڪيون موچياڻي.
(ڪنڀاري: چاڏي، ڊکياڻي: مانڌاڻي ۽ موچياڻي: چمڙي جو نيٽو/ واڍر)
• هُٻڙڪَ لَڪڙي،
هُٻڙڪ هُوئا، هٿ گهَتي جُوئان، تو نر مادي جُوئا.
(سمجهاڻي ۽ ڀڃڻي: گڙ گڙ ڪاٺي، گُڙ گڙ ٿي، هٿ وجهي ڏسان ته نر يعني مکڻُ ۽
مادي يعني لَسِي جدا جدا)
• ٻاپ ڪنا ٻيٽو
ڀَلو، جيرو پوترو سردار،
تِيني رات جنميا، سُرتا ڪرو ويچار.
(پيءُ يعني ’کير‘، کان پٽ يعني ’ڌونئرو‘ ڀلو، جنھن جو پوٽو يعني ’مکڻ‘
سردار، ٽيئي هڪڙيءَ رات ڄايا، هاڻي ڏاها ڪريو ويچار)
• سُمهي
سانجهه وايو، اُڳيو آڌيءَ رات،
نَو رَس جنھن ۾ نپجي، ويڻي ليو پرڀات.
(سمهي سانجهيءَ جو ۽ اڌ رات جو پيدا ٿئي، جنھن ۾ نَورس نپجن، ويامي وري صبح
جو. کير سانجهيءَ جو ڄمائبو، اڌ رات جو ڄمندو ۽ صبح جو ولوڙي مکڻ ڪڍبو)
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• کير کنڊ ٿيڻ
(پاڻ ۾ محبت ٿيڻ- ٺھراءُ ٿيڻ- هڪٻئي سان ڳنڍجڻ)
• کير کنڊ
برابر هئڻ (ڌيئون ۽ پٽ هڪجيترا هجڻ)
• جهڻ جهڳڻ (ڌونرو
ولوڙڻ- محنت ڪرڻ)
• پاڻي ولوڙڻ
(اجايو ڳالهائڻ- بيڪار ڪم ڪرڻ- ڪجهه حاصل نه ٿيڻ)
• مھي ولوڙ
وجهڻ (ڦيٽاڙو ڪرڻ- پريشان ڪرڻ)
• ڌونرو خراب
ٿيڻ (ڪئي ڪمائي چٽ ٿيڻ)
• کير خراب ٿيڻ
(بي نسلو ٿيڻ)
• کير ٿي پوڻ
(ڪم راس ٿيڻ- چڱو ٿيڻ)
• کير کير ٿيڻ
۽ پاڻي پاڻي ٿيڻ (سچ ڪوڙ ظاهر ٿيڻ- کري کوٽي ۽ سچي جي پروڙ پوڻ)
• کيرُ لاهي
بيھڻ (سچي ڪرڻ- يڪدم ٻڌائڻ)
• کير وهي ڀَت
۾ پوڻ (ساڳيو فائدو ٿيڻ)
• کير پياڪُ
هجڻ (بي سمجهه هجڻ)
• ڇٺيءَ جو
کير ياد اچڻ (سيکيت ڏيڻ- هوش ٺڪاڻي ٿيڻ)
• کيرَ ڌوتل
هجڻ (پاڪ صاف هجڻ- نج هجڻ)
• کيرُ کرڻ
(ماڻهوءَ جو اُڌرڻ)
• پاڻي ولوڙڻ
(اجائي محنت ڪرڻ)
• اڪ جو کير
اک ۾ ڏهائڻ (پاڻ کي تڪليف ڏيارڻ)
• جهڳو ئي جهڻ
ٿيڻ (تباهي ٿيڻ)
• ريئي کير
کي ڦوڪون ڏيڻ (اجايو ڪم ڪرڻ)
• مُٽ ۾ مانڌاڻي
وجهڻ. (ٺھيل ڪم کي اچي وڃائڻ. بڇڙو ڪم ڪرڻ)
• نڪ ڪپائي،
گيھه چٽڻ (لکن جي عزت ٻوڙي، ننڍڙو فائدو وٺڻ. بڇڙي ڪم جو معاوضو وٺڻ)
• کير جو
کير، پاڻيءَ جو پاڻي ٿيڻ (ڳالهه واضح ٿي بيھڻ- حق ۽ ناحق سڌو ٿي بيھڻ)
• مکڻ جي سيخ
پچائڻ (نھايت ڏکيو ڪم ڪرڻ- بيسود ڪم ڪرڻ)
• گيھه ۾ ٽڪر
ٻڏڻ (خوشحالي ٿيڻ)
• پھاڄ، مکڻ
جي به چڱي ناهي.
(پھاڄ (مڙس جي ٻي زال) ڀلي مکڻ جيتري نرم ۽ ان جھڙي اندران توڻي ٻاهران اڇي
اجري هجي، ته به ڀلي ناهي)
• ڌونئرو ڌيري
ڌيري ڄمندو آهي.
(هر ڪم پنھنجي مُداءَ تي ٿيندو آهي، تڪڙ نه ڪجي)
• ٻوٿ به اٿئي
سچي گيھه سان مکيل! (ٽوڪ وارو جملو)
• سھيل لُڏيو،
مکڻ ڪُڏيو.
(بڊي مھيني جي ۲۲ تاريخ تي سُھيل
تارو بيھندو آهي، جيڪو مکڻ جو اهڃاڻ ليکبو آهي)
• ساوڻ ۾ به
سانجهيءَ جو، نه بصر کائجي، نه لسي پيئجي. (چوڻي)
• کير ۾
جيتري کنڊ پوندي، اوترو مٺو ٿيندو.
(جيترو خرچ ڪبو يا محنت ڪبي اوترو فائدو وٺبو. جيترو وڙ ڪبو، اوتري چڱائيءَ
جي اميد رکي سگهبي)
• مکڻ سان، ٺڪر
به ٺھن.
(عالمن جي صحبت ۾ اڻ پڙهيا/ ڄٽ به ملوڪ لڳندا آهن)
• مينھن مڙي
نه مڙي، نادر شاھ کير پئي!
(اڳلو سودو ئي نه سَلي، چئي اٽل ڏجان)
• مَٽن ويٺي
ماٽيون، ماٽين ويٺي مَٽَ.
(ڪڏهن مٽ مان ماٽڙيون ڀري ڪڍجن، ڪڏهن مٽ کي ماٽڙين سان ڀرجي ٿو. وارا ڦيرا
آهن.)
• ٻاھران چکي
مکي، اندران ڌونئرو دکي.
(ٻاهران صاف شفاف اندران اگرو)
• ھڪ ري- ڪانڍيو،
ٻيو گهري مکڻ سان ماني.
(هڪ وڻي ڪونه، ٻيو وري وچ ۾ ويھي)
• کاڏيءَ تي
ھٿ رکي، چاڏي اونڌي ڪرڻ. (چٽَ ٻڌي، ڇيھو رسائڻ)
• مکڻ جو مٿو
ھوندي، بورچي نه ٿجي.
(نرم مزاج ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ورهاست نه ڏجي. پنھنجو حال نه ھجي ته ڏکيي ڪم ۾
ھٿ نه وجهجي)
• جيئن مکڻ ۾
ماکي، تيئن کير ۾ کنڊ.
(هر شيءِ پنھنجي جوڙ سان سونھندي)
• ڏڌ ولوڙجي
مانڌاڻيءَ، مکڻ وهي لاٽ،
چريا سي چئجن، جي ڇڏين اباڻي واٽ. (چوڻي)
• مکڻ مان
وار ڪڍڻ (ڳجهه ڳولهي لھڻ)
• انب کائي مٿان
کير پيئبو ته انب ڪندو ٿنڀ،
کير پي مٿان کائبو انب ته انب آھي ڏنڀ. (چوڻي)
• ڌونئرو به
صبر سان ڄمندو آھي.
(ڌيرج رکجي ته ھر ڏکيو ڪم، سولو ٿي پوندو)
• مِنھن مکڻ
جو، جهوري جهڻ جي.
(دل ۾ ارادو مکڻ وٺڻ جو، ظاھري لسي گهرڻ. اندر ۾ ھڪڙي ھئڻ ۽ ٻاھر ۾ ٻي ھئڻ)
• گيھه سنگت
سان ته وِهُه به سنگت سان.
(سکيا ڏينھن يارن سان گهارجن ته ڏکيا به ساڻن گذارجن)
• ڳائي کير ۾
شفا، گوشت ۾ بيماري. (چوڻي)
• جو دم
جيوين، کير ولوڙ.
(کير ولوڙ مان مراد مال ڌارڻ آهي)
• ڇاڻيءَ ۾
کير ڏهي، ڏوهه نصيب کي نه ڏجي.
(افعال بڇڙا ۽ هڻجي تقدير تي. ھٿئون ڪيل خطا جو ڏوھ ٻئي تي نه مڙھجي.
پنھنجي ڪڌن ڪرتوتن جو ڏوهه قسمت کي نه ڏجي)
• جو لَکڻ/ لڇڻ
منجهه ماڻهئين، سو مکڻ، منجهه کير.
(کير جو تت ۽ ست، مکڻ آهي، جڏهن ته ماڻهوءَ جو تت ست، لڇڻ/ اخلاق ۾ آهي)
• مائٽ جي دل
مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ.
(مائٽ/ والدين جي ڀيٽ ۾، اولاد سخت دل ٿيندو آھي)
• کير ته
ماھيو، گيھه ته ڳائو ۽ لسي ته ٻاڪري ڀلي! (چوڻي)
• کير ته ڀوريءَ
مينھن جو. (چوڻي)
• ماءُ بنا
مانڙيون، ڪوٺي ڪو نه ڏئي، مکڻ ڀريا هٿڙا، بيٺي اوءَ لائي.
(چوڻي: ماءُ جھڙي محبت، ٻيءَ عورت مان ڪا نه ملندي)
• مھر گهڻي ڏيکارڻ،
کير ٿورو ڏيڻ.
(ڳالهيون وڏيون ڪرڻ پر ڏيڻ ڏکيو)
• ڪير چوندو
ته ’منھنجو ڌونئرو کٽو آهي‘.
(پنھنجي شيءِ کي ڪير به گهٽ نه ڪندو)
• جڏھن هَٽن
تي تازو کير ملي، ته مينھن ڇو ڌارجي.
(ڪم سولو ٿئي ته گهڻي خفي ڪرڻ جي ڪھڙي گهرج)
• ڌونئري ۾ ڪي
ھجي ھا ته ھوند،
ڌڻين ڌوڙ ۾ ائين نہ اڇليو ھجي ھا!
(ماڻهوءَ ۾ ڪو لڇڻ هجي، ها ته ايئن ڇڏي نه ڏجي ها)
• وات جي
پلاءَ کي، ڪھڙو گيھه جو صرفو.
(وات سان اجايا حوال ڪرڻ ۾ ڪھڙو خرچ. وات سان ٻئي جي اجائي تعريف ڪرڻ ۾ ڪو
خرچ ته نه ٿو اچي)
• وات جي
پلاءَ کي، داغ جي ڪھڙي ضرورت!
(اجايا حوال ڪرڻ ۾ ڪھڙي گِھلَ)
• ڦَرُ راھ،
کيرُ ڪُنڍي.
(چوڻي: راھ ۽ ڪنڍِي مينھن جا قسم آھن.
راھ مينھن جو ڦر ڦٽرو ٿيندو آھي، جڏھن ته ڪنڍي مينھن ۾ کير جالارو ٿيندو
آھي)
• مکڻ پوندي،
ڪنھن جو مٿو سڙندو.
(فائدو ملڻ تي ڪير ارهو ٿيندو؟ مکڻ کائيندي، ڪنھن جا ڏند سور ڪندا؟)
• کير ۽ پٽ، ڪن
ڀاڳن وارن جا ھوندا آھن.
(کير ۽ پٽ رب جي نعمتن منجهان هوندا آھن)
• اسوءَ ۾
لسي، بيمار ڪرسي.
(اَسُوءَ مھيني ۾ لسي گهٽ واپرائجي، نه ته بيمار ڪندي)
• ڏڌ گهرڻ ۽
سڱ گهرڻ ۾ ڪوبه عيب ناھي. (چوڻي)
• مِنھُن مَکڻ
جو، جهوري جَهڻ جي.
(وٺڻو مکڻ اٿس يعني دل ۾ وڏو داءُ سٽيو اٿائين. پر زبان تي جَهڻ يعني ھلڪي
شيءِ ٻڌيو ويٺو آهي)
• هارئي کير
لاءِ، روئڻ ڪھڙو؟
(هٿئون ٿيل نقصان تي ڪھڙو افسوس ڪجي. ھاريو کير، ھٿين نه ايندو.)
• ڏوڪڙ ڏجي آڪرو،
ته پوءِ گيھه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
(پيسا خرچ ڪجن ته شيءِ به سٺي وٺجي)
• امڙ جي ٿڃ
۽ ٻاڪري کير ۾ ھڪ جيتري طاقت آهي. (چوڻي)
• مُٽ ۾ مانڌاڻي
ھلائڻ سان رڳو ڌپ اٿندي.
(ڪڌي ڪم تي وقت نه وڃائجي)
• ڪانگ جي پيٽ
۾، کير ٽِڪي ڪونه.
(ڪانءُ کير مان ڇا ڄاڻي. اڻ سڌريل کي ڀلن ڪمن جي ڪھڙي سُڌ)
• کير ڏيندڙ
گانءِ جون لتون به سھجن.
(ڪارائتي شيءِ لاءِ تڪليفون به کڻجن. کير واريءَ ڳئون جون هر ڪو لتون سھندو
آهي)
• زال ويامڻ،
اک اٿڻ ۽ کير اڀامڻ ۾ ويرم نه لڳي. (چوڻي)
• رڍ ڏئي
کير، اهو ڀي ڦينگڻين-هاڻو.
(هلڪي شيءِ دل کي نه وڻندي آهي)
• چَڻو به
چوي ته مون کي کير سان کائو.
(جنس جڏي، اگهه ڪرڙو)
• ڪنھن جي ڪَئيءَ
۾ گيھه گهڙا،
ڪنھن جي ڪَئيءَ ۾ پٿر پيا.
(نيت تي دارومدار. سٺي نيت واري جو عمل ڀلو لڳندو، بري نيت واري جو ساڳيو
عمل برو لڳندو)
• کير ڏيندڙ
گانءِ کي ڪير ڪُھندو؟
(ڪارائتي شيءِ کي ضايع نه ڪجي)
• ٻڪرار جو
جهيرڻو، ڪڏهن ڪو نه سُڪي.
(ٻڪريءَ جي کير جو وقت مقرر ناهي، ان لاءِ ڪھڙي به وقت فائدو وٺي سگهجي ٿو.)
• تريءَ تي ڏهي، ڪو نه ڄمندي آهي.
(هر ڪم لاءِ وقت جو اوسيئڙو ڪجي)
• کير ۾ موري
وجهڻ. (بي وقوفيءَ وارا ڪم ڪرڻ)
• ڳئون لت ھڻندي
آ پر کير چڪو ڏيندي آ.
(ڪارائتي شيءِ لاءِ تڪليفون سھبيون آهن)
• ڏڌو کير، ٿڻين
نه پوي.
(ڇڙواڳ گفتو واپس نه ٿيندو آهي)
• گيھ سستو
ته به جُتيءَ کي نه مکبو.
(چڱي شيءِ جو قدر ڪجي)
• ڪو به
پنھنجي ڏڌ کي کٽو نه ٿو چوي.
(پنھنجي شيءِ جي ڪو به گلا نه ڪندو)
• کير پيئجي
شَڪر سان،
جڳ ۾ جيئجي مڪر سان.
(کير مٺو ھوندو ته ذائقو وڌي ويندس. دنيا ۾ فائدا اھو وٺندو جيڪو عقل جي ڊوڙ
ڪري رھندو)
• مينھن مڙي
نه مڙي، نادر شاهه کير پيئندو.
(هڪڙو ڀلي تڪليف ۾ هجي، پر ٻئي کي پنھنجو مطلب پورو ڪرڻو آهي)
• مينھن ھڪڙن جي، کير پيئن ٻيا.
(ڪنھن جون ڪمايون ڪير کائي)
• گيھه، زهر
جو اُتار آهي.
(چوڻي. اُتار: اها دوا جنھن سان ٻيءَ دوا جو اثر لاهجي، ترياق)
• ڏوئي ڍڪڻ
گيھ ٿيڻ (هر پاسي کان فائدو ٿيڻ)
• بگڙيو ڏڌ،
باڙ ۾ نوئين.
(کريل کير، واڙ ۾ ئي ھارجي. گهر جي گلا ٻاهر نه ڪجي)
• لنبُ، مکڻ
چنب.
(برسات ۾ لنبُ گاهه جام ٿئي ته مکڻ به جام ٺھي)
• پرائيءَ ٻڪريءَ
جو کير، منجهند جو سڪي وڃي.
(ٻئي جي شيءِ ڀانءِ گهٽ پوندي آهي)
• ڪارو ڪوئلو
اڇو نه ٿئي، توڙي ڌوپي کير ۾.
(فطري خاصيت، ڪونه بدلبي آهي.)
• ڳئونءَ جو
مُلھ ڪَٿجي کير سان، سونھن سان نه.
(ماڻهو ته لڇڻ؛ سونھن ڌوئي ڪونه پيئبي)
• ٺريل کير
کي ڦوڪون، ڪو اياڻو ڏئي.
(ٺھيل ٺڪيل ڪم کي نه وڃائجي)
• ڏند آهن ته
مکڻ ڪونهي، مکڻ هو ته ڏند نه هئا.
(موقعو ۽ وَسُ، سدائين يڪجاءِ ميسر نه ٿا رهن)
• سينکيو
مارجي ته گيھه، ڪچو ته وِهُه. (چوڻي)
• ڪڏھن ماٽِي
مٽَ تي، ڪڏھن ماٽيءَ مٿان مَٽُ.
(اتي ماٽيءَ جي معنيٰ مَٽُ کڻندڙ آھي. ماڇي جڏھن مڇي پڪڙيندا آحن ته مٽ يا
دلو پاڻيءَ ) اونڌو وجھي، ان کي سيڻھ ڪري، مٿس پيٽ رکي ترندا آھن ۽ مڇيون ڦاسائيندا
آھن. اھڙن ماڇين کي ماٽي سڏيندا آھن.)
• کير ۾
مُوري وجهڻ (چڱن جي صحبت ۾ لچ جو هجڻ)
• گيھه ۽
کير، رٺا پرچائي.
(کير، مکڻ ۽ گيھه مھمان کان نه رکبيون آهن. ان جي پيشڪش سان رٺل دليون به
نرم ٿي وينديون آهن)
• جيڪو ڪري
کير، سو نه ڪري پير فقير.
(جسم کي ٻَلُ کيرسان حاصل ٿيندو. جتي پنھنجي جسم جو ٻُل ڪم ايندو، اتي پير
فقير جي دعا به ڪم نٿي اچي)
• ٿر آهي ٿڻ
تي، نه ڪڻ تي.
(ٿرين جو گذران ان جي ڪڻن کان وڌيڪ مال جي کير تي آهي)
• تيل سڙي ٿئي
گيھه،
گيھه سڙي ٿئي وھُ.
(کائڻ لاءِ تيل کي ته وڌيڪ ڪاڙهجي، پر گيھه کي وڌيڪ نه ڪاڙهجي)
• ڏڌ ڦِٽي،
کير ڪو نه ٿيندو.
(بگڙيل ماڻهوءَ جو سڌرڻ مشڪل)
• سچ سير؛ ڪاري
ٻڪري، اڇو کير.
(چوڻي. جھڙيءَ طرح جانور ڪھڙي به رنگ جو هجي، کير اڇو هوندو اٿس. تھڙيءَ
طرح سچ ڳالھائڻ وارو ڪھڙي به نسل جو هجي، سچ جي ڪري مان مٿانھون هوندس)
• کير ۽ پير،
کپائبا ناھن.
(کير، ڄمڻ واري وقت کان ساٿ نباھيندڙ خوراڪ آھي ۽ پير مرشد، رشد و ھدايت جو
منبع آھي. ٻنھي کي ڇڏڻ يا وڪڻڻ عيب آھي)
• مڪر چڪر جي
ڪھاڻي؛ اڌ کير، اڌ پاڻي.
(ڪوڙا قصا ٻڌائي، جان ڇڏائڻ يا پرائو مال تڳائڻ واري جي پڇاڙي خراب ٿيندي
آھي ۽ وائکي ٿي پوندي آهي)
• پيءُ سانگ
صرفي تيل نه هڻي، پٽ گيھه مکڻ کائي.
(وڏو سنڀالي خرچ ڪري، ۽ پونير اڏائي)
• ڪري سو
پائي، فقير کير کنڊ کائي.
(جيڪو ڀلائي يا بڇڙائي ڪندو، سو ان جو نتيجو ڏسندو.
• کٿيءَ ۾
کير ڀلو.
(سڻڀي شيءِ لڪائي رکجي)
• اونھاري جي
لسي پٽن کي،
سياري جي لسي ڪتن کي.
(لسي، اونھاري ۾ پيئڻ يا مانيءَ سان کائڻ، صحت لاءِ گهڻي مفيد آھي. جڏھن ته
سياري ڌاري واپرائڻ، لڱن کي وٺُ ڪندي آھي. آرس چاڙھي ڇڏيندي آھي)
• ٻڪري ٺِڪري،
ڳئون جنجال، کير پيئڻو اٿئي ته مينھن کڻي ڌار.
(ٻڪري کير ھڪڙو گهٽ ڏئي، ٻيو ڦولهڙين گاڏڙ. ڳئون کٽر ٿئي ته وڙھي. ان جي ڀيٽ
۾ مينھن ڀٽاري، مھر سان ججھو جالارو کير ڏئي ۽ ڏھرائي)
• سڌيءَ آڱر
سان گيھه/ مکڻ، نه نڪرندو آهي.
(مقصد ماڻڻ لاءِ، محنت ته ضروري آهي)
• ڏاچيءَ جي
کير ۾، سَوَ ذائقا.
(ڏاچي، مختلف گاهه ۽ ٻوٽا چري ٿي، جنھن سبب سندس کير جو ذائقو ساڳيو نه ٿو
رهي)
• مکڻ کائڻ
لاءِ، مھانڊو کپي.
(سٺيون شيون، سٺن ماڻهن جي نصيب ۾ اينديون آهن)
• جهيڙو ۽ جهڻ،
جيئن وڌاءِ تيئن وڌن.
(جهيڙو به گار گند سان وڌندو، جهڻ به لوڻ پاڻيءَ سان وڌندو)
• هاريل کير
کان، سانڍيل پاڻي ڀلو.
(ھر ڪم جي شيءِ تڏھن ڪم ٿي اچي، جڏھن سانڍي ٿي رکجي)
• نانگ کي
کير پياري، آهي وهه حاصل ڪرڻ.
(موذيءَ سان چڱائي ڪرڻ پنھنجي لاءِ آزار)
• جت سچائيءَ
تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري.
(با اختيار ماڻھو، سچو ٿئي ته ترت ڪم ڪري)
• گيھه پوندي
به ڪا سينڌ سڙي!
(چڱائي ڪرڻ سان به اڳلي کي نقصان پيو آهي ڇا)
• ڪرڪندڙ مڙس،
ڌونئري ۾ پھڻيون ڏسي.
(ڪروڌيءَ کي ڪروڌ لاءِ مواد/ سبب کپي. لچ ماڻھو، جھيڙي لاءِ، اجايا بھانا
پيو ڳولھيندو)
• گيھُ کير
مان نڪري، پر کير ۾ ملائي نه سگهجي.
(اصل کان جدا ٿيل کي وصل، ورلي ملندو آھي)
• کير جو
کانيل، لسي به ڦوڪي پئي.
(آزاريل ماڻهو، ڇنڊي قدم کڻندو)
• کڙھ تي کير
ملي ته جهنگ ڇو وڃجي.
(چڱي شيءِ، اگر سولائيءَ سان ملي، ته ڪشالا ڇو ڪڍجن)
• ڌونئري ۾ ڪي
هيو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.
(ھر شيءِ مان مطلب حاصل ڪرڻ ڌاران ڪير به آسرو نه پليندو آھي)
• ڏاچيءَ جو
کير، ٻٽيھن مرضن تي پوي.
(ڏاچيءَ جي کير منجھ، رب پاڪ شفا رکي آهي)
• جاتي کير
تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.
(جوڙُ، جوڙ سان ٺھندو)
• پاڻي ولوڙڻ
مان، مکڻ ڪونه ملندو.
(فضول محنت ڪرڻ سان، کڙتيل ڪونه نڪرندو)
• پيئجن ته
کير، مارجن ته مير، چاڪر نه چيڪائجن.
(پيئڻ لاءِ کير کان وڌيڪ ڪا شيءِ ناھي. جيڪڏھن جهيڙو ڪرڻو آھي ته ڪنھن پاڻ
جھڙي يا اڃا وڏي سان ڪجي. غريبن مار نه ڪجي)
• پيءُ، پير
۽ کير، کپائبا ناھن.
(پيءُ سنڀال / خيال ڪري ٿو، پير رھبري ڪري ٿو ۽ کير کائڻ توڙي پيئڻ جي ڪتب
اچي ٿو. اھي کپائڻ جون وٿون ناھن)
• ٻار پالڻ
آهي مکڻ جي سيخ پچائڻ.
(ننڍڙو ٻار، پنھنجي لنجهڻ ۽ گهرج، زبان سان ٻڌائي نه سگهندو آھي. ھر ڳالھ
لاءِ، وٽس بنا ڳوڙھن وھائڻ وارو روئڻ آھي، جيڪو سمجهڻ ۽ مٿس عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
آهي)
• ٿوري به،
کيرَ ڦُڙي.
(کير، اھا خوراڪ آھي، جيڪا اڃ لاھڻ لاءِ پيئجي ته اڃ لھي ۽ بک کان واپرائجي
ته بک پڻ لھي)
(هن مضمون ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا انجنيئر عبدالوهاب سھتي پاران ڏنل آهن، ان ڪارڻ مان سندس ٿورائتو)
No comments:
Post a Comment