Friday, May 31, 2024

ڪتاب: ’اشتقاقن جي لغت‘ جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪتاب: ’اشتقاقن جي لغت‘ جو تحقيقي جائزو

(عربي لفظن جو نمونو)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سال ۲۰۲۴ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇاپِي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج، اشتقاقن جي لغت‘ پڙهڻ جو موقعو مليو. هيءَ لغت نوجوان محقق ساجد چانڊيي تيار ڪئي آهي، جنھن ۾ ساڻس چند اديبن جا مشورا به شامل آهن. وري مقدمي ۾ ڏٺم ته ليکڪ، سھڪاري دوستن جو شڪريو به ادا ڪيو آهي، گڏوگڏ ماهر ايڊيٽرن جا نالا به ڏنا اٿائين، جن وٽئون کيس مشورا به مليا آهن ۽ رهنمائي به ٿي آهي؛ اها ڳالھه پڙهي رهندو افسوس ٿيو. منھنجي راءِ مطابق انھن تي ڪَک رکي ها، ته ڀلو ٿئي ها!


هتي ٻه صفحا خيال خاطر رکجن ٿا، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته نوجوان محقق ۽ کيس مشورن ڏيڻ وارن کي اهو به پتو ناهي، ته عربي لفظن جا بنياد ڪيئن سمجهبا آهن ۽ ڪيئن وزنن تي جاچبو آهي. ڇا اهي غلط صيغا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪٿي ڏنا آهن، يا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪٿي لکيا آهن؟ سنڌ جي برک عالمن جي لغتن مان لفظ جون معنائون کڻي، ايئن ڪونه چئبو ته اهڙو انڌير انھن عالمن ڦھلايو آهي. انھن عالمن کي کڻي پاسي ڪجي، پر مان ته چوان ٿو ته سنڌ هند جي ڪنھن به ڪتاب ۾، اشتقاق جي حوالي سان، اهڙيون غلط داخلائون نه هونديون!

عام ادبي لغتن تي مان به هروڀرو ڪا راءِ ڪو نه ڏيندو آهيان، ليڪن هيءُ ڪم سراسر اڪيڊيمڪ آهي، ان لاءِ چند ڳوڙها ڳاڙيان ٿو:

• ”مُترجِم: [ف + ع: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + ترجم (ع) ترجمو] * [صفت] ترجمو ڪندڙ، هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ بيان ڪندڙ، ترجما نويس، ترجمان“

تبصرو: ’هن لفظ جي بنياد لھڻ لاءِ اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي، يعني ’م‘ کي فارسي اڳياڙي سمجهي اٿائين، ۽ ’ترجم‘ کي عربي سمجهي، معنى ڏسي اٿائين.

• ”مُتعلِق: [ف + ع: مَ (ف) = فارسيءَ ۾ فاعل جو صيغو + علق (ع) = واسطو] * [صفت] چاهه رکندڙ، تعلق رکندڙ، لاڳاپو رکندڙ، واسطو، نسبتي“

تبصرو: ’هن لفظ جي اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي.

• ”مُتفرق: [ف: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + تفرق = فرق] * [صفت] فرق ڪيل، جدا جدا، الڳ الڳ“

تبصرو: ’هن لفظ جي اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي.

• ”مُتفِق: [ف: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + تفق = اتفاق] * [صفت] اتفاق ڪندڙ، مليل، شامل، ڳنڍيل، گڏيل، متحد، ايڪي ۾“

تبصرو: ’مُتفِق‘ لفظ جي اشتقاق ۾ به هٿ جي هنئين اٿائين. ’مَ‘ فارسي ۽ ’تفق‘ کي وري ’اتفاق‘ ڏانھن ڌِڪي ويو. يعني اهو اندازو ئي ڪونھيس ته اهو لفظ بنيادي طور ’وفق‘ آهي. رڳو ڌُڪي تي ڪم ڪيستائين هلندو!

• ”مُتوقِع: [ف: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + توقع = اميد] * [صفت] اميد رکندڙ، توقع رکندڙ، اميدوار، آسرو رکندڙ“

تبصرو: مٿئين لفظ جي اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي.

• ”مُجاهِدُ: [ع: جھد = ڪوشش ڪرڻ] * [صفت] ڪوشش ڪندڙ، خدا جي راهَه ۾ وڙهندڙ، غازي“

تبصرو: هتي جيڪو بنياد لکيو اٿس، سو ڪنھن لغت تان هٿ اچي ويو اٿس، تنھن سبب درست بيٺو آهي، البت، ’مُجاهِد‘ جو صيغو يا حيثيت نه ٻڌائي سگهيو آهي.

• ”مُجرِم: [ف: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + جرم = ڏوهه] * [صفت] جرم ڪندڙ، ڏوهه ڪندڙ، گنھگار، قصوروار، ڏوهي“

تبصرو: ’هن لفظ جي اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي. معنى ٺيڪ ڏَسي اٿس، جيڪا ٻين لغت ۾ به ڏنل آهي.

• ”مُجَسم: [ف: مَ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + جسم = بدن] * [صفت] جسم وارو، ساهه وارو، جاندار“

تبصرو: ’هن لفظ جي اشتقاق ۾ به ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي. اهو به اندازو نه ٿو ٿئيس ته لفظ ’مُجسم‘ جي ميم کي پيش آهي، ته ڀلا اڳياڙي ’م‘ پيش سان ڏيان، نه! اتي به پنھنجي هڻبي.

• ”مُحَرم [ع: حرم = منع ڪيل، عزت وارو بڻائڻ] * [صفت] حرام ڪيل، تعظيم وارو بڻايل، قمري سال جو پھريون مھينو (جاهليت واري دور ۾ الله تعالى جي طرفان هن مھيني ۾ جنگ ڪرڻ حرام ڪئي وئي هئي، هن ئي مھيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جن شھادت ماڻي)

• مُحَرم الحرام [ع: حرم = منع ڪيل، عزت وارو بڻائڻ] * [صفت] حرام ڪيل، تعظيم وارو بڻايل، قمري سال جو پھريون مھينو (جاهليت واري دور ۾ الله تعالى جي طرفان هن مھيني ۾ جنگ ڪرڻ حرام ڪئي وئي هئي، هن ئي مھيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جن شھادت ماڻي)“

تبصرو: مٿيان ٻئي لفظ ڪاپي پيسٽ ٿيل آهن، ’محرَم‘ ۽ ’محرم الحرام‘ جو اشتقاق ساڳيو ڪيو اٿائين، حالانڪ انھن ٻنھي لفظن جا صيغا ڏيڻ کپنس ها، پر شڪر آهي جو صيغن سان کيچل نه ڪئي اٿائين، نه ته انھن سان به ساڳي ويڌن ڪري ها.

• ”مَحسوس: [ف: مَ (ف) = فارسيءَ ۾ فاعل جو صيغو + حس = ڄاڻڻ] * [صفت] ڄاتل، ڄاڻ ۾ آيل، پروڙيل. “

تبصرو: ان کي به فارسيءَ ڏانھن ڌڪيو اٿس، ۽ ان کي به ’فاعل‘ جي صيغي ۾ لاٿو اٿائين، حالانڪ اهو عام ’مفعول‘ جو صيغو آهي.

• ”مَحشَر: [ف: مُ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + حشر گڏ ٿيڻ] * [ا- خاص] قيامت ، قيامت جو ڏينھن، حساب ڪتاب جو ڏينھن.“

تبصرو: ان کي به فارسيءَ ڏانھن ڌڪيو اٿس، ۽ ان کي به ’فاعل‘ جي صيغي ۾ لاٿو اٿائين. جڏهن ليکڪ بنيادي ڳالھين کان واقف ئي ناهي، ته ضرور ايئن ڌُڪا هڻندو. محشر، عربي لفظ آهي، جيڪو ظرف جي صيغي جو آهي. قيامت جو ڏينھن يا حساب ڪتاب جو ڏينھن ان جي اشتقاقي يا بنيادي معنى ناهي! البت، سماجي طور ان جي معنى اها بيھي ٿي. لفظ جي اصل معنى ’گڏجڻ جو هنڌ‘ آهي.

• ”مُحصول: [ف: مُ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + حصل = حاصل] * [ا- مذ] حاصل ڪيل، هٿ ڪيل، قبضي ڪيل، ٽيڪس“

تبصرو: ان کي به فارسيءَ سمجهيو اٿس، ۽ ’فاعل‘ جي صيغي واري اک سان ڏٺو اٿائين. وري ’م‘ کي پنھنجي پاران پيش ڏنو اٿائين، خبر ناهي ته اها ڪھڙي لغت هٿ آئي اٿس، جنھن سبب، مفعول کي فاعل جو صيغو ڄاڻايو اٿائين.

• ”مُحَقِق: [ف: مُ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + حقق = حق] * [صفت] تحقيق ڪندڙ، ثابت ڪندڙ، چڪاس ڪندڙ“

تبصرو: ان کي به فارسيءَ ڏانھن ڌڪيو اٿس، باقي ’فاعل‘ جي صيغي وارو فارميٽ هٿ ۾ اٿس.

• ”مَحڪُمو: [ف: مُ (ف) = فارسي ۾ فاعل جو صيغو + محڪم = حڪم] * [ا- مذ]

عدالت گهر، عدالت خانو* محڪمو، ڊپارٽمينٽ، کاتو، قلمدان“

تبصرو: ان کي به فارسي سمجهيو اٿائين ۽ لفظ کي اعرابون به پنھنجي مزاج مطابق ڏنل اٿس. اصل لفظ ’مُحڪِمو‘ آهي.

• ”مَحڪُوم: [ف: مَ (ف)= فارسي ۾ فاعل جو صيغو + حڪوم = حڪم] تابع، زيردست“

تبصرو: لفظ ’محڪوم‘ فاعل جو صيغو ڄاڻايو اٿائين، حالانڪ اها ته عام شاگرد کي به خبر هوندي آهي ته اهو لفظ ’مفعول‘ جي وزن تي آهي.

هيءَ لغت لکڻ لاءِ ته گهڻو اڪسائي پيئي ته جيئن هن جي ذري ذري جي تصحيح ڪجي، پر هنڌ هنڌ تي اهڙي ته هارَ ويرَ ڪيل آهي، جو سنڀالي سنڀالي ٿڪجي ٿا پئون. هڪ اڌ غلطي به ٿي ويندي آهي، ان کي نظر چڪ به چئجي، ڪٿي لفظ جا پروف به رهجي ويندا آهن، ته اهي ٻيھر ڇاپي ۾ به درست ٿي سگهن ٿا، ليڪن هتي ته اهڙو معاملو ئي ڪونھي. هن ليکڪ کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال انھن لفظن جي بنيادن سکڻ لاءِ صَرف ڪرڻا پوندا ۽ سٺن ماهر استادن جي چونڊ ڪرڻي پوندس، تڏهن ئي وڃي، هن جو قد ڪاٺ جڙندو. شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ شاگردن جا ذهن وڃايا پيا وڃن. هيءُ ڪتاب پڙهندڙن يا پڙهائيندڙن کي فائدي بجاءِ گمراهه ڪندو.

1 comment:

  1. افسوس ته اسان ان جڳھ تي اچي بيٺا آهيون

    ReplyDelete