لطيفي لات
[شاهه جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جي پهاڪن
يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آهن.]
مرزا قليچ بيگ
جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي
گذرندو آهي تڏهن انهيءَ جي ڪلام، جو نه رڳو اُنهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر
اُنهي جي ٻوليءَ تي به ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي
وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙھ ۾ اُهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جهڙيءَ
طرح ڪ انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو
ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه
رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهي جا
چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا
بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڌار ڪتاب
گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين
وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن. اُهي قريب ٽي سؤ آهن.
اِهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نُڪتا ۽ عجيب اشارا آندل
آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سچ سمجهايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن.
اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ مان گھڻي خوشي حاصل
ٿيندي. هن ڪتاب جو نالو ”لطيف لات“ رکيو ويو آهي، جو شاهه صاحب پاڻ ڪارايل جي سر ۾
چيو آهي ته:-
”لئج لطيفي لات، ته ويجهو ٿين وصال کي.“
قليچ بيگ
حيدرآباد، جُون 1912ع
سُر ڪلياڻ:
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن سين.
ڪاتي ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
عاشقن اندوهه(2)، سدا
معشوقن جو.
عاشق زهر پياڪ، وِهه(3)
پسيو وِهسن(4) گھڻو.
تو جني جي تات(5)، تن
پڻ آهي تنهنجي.
پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
جيڏانهن ڪريان پرک(6)،
تيڏانهن سڄڻ سامهون.
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي.
سُر يمن ڪليان:
سڄڻُ جي سارين، سي لڪي رُون، نه
چون ڪي.
پرت جن پُوري، تن رويو وهامي
راتڙي.
ويڄنيؤن(7) ويئي، ٿي
وَهِيڻي(8) سڄڻين.
چور(9) ته لڳئي چاهه،
ڪَم کمندن(10) کٽيو.
کاڻا(11) تني کٽيو،
اُجهاڻن اونداهه.
ويهه تني جي وَوڙ(12)،
جني سانگ(13) نه ساهه جو.
جني ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو(14).
ڏني ڏکويا اڻ ڏني راضي رهيا.
پاڻان ڏوهَه چڙهن، جيئن ورق وارِين
وِترا(15).
جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي
هيڪڙو.
دم نه سڃاڻن، دانهُون ڪن مُٺن
جيئن.
منجهان صبر سِک، جي سنواريا
سمجهين.
ڪمُ کمدن کٽيو، هاريو هُوَندَن([2])،
چکيو نه
چونڊن هو جو ساءُ صبر جو.
اَڻ چوندَن مَ چئو، چوندن چيو
وسار،
مُفتي(2)
منجه وِهار، ته قاضي(3) ڪانيارو نه ٿِين.
ڪيئن مائيندا مَن ۾، خودي ۽ خداءُ.
سراڳ:
ڪايو(4) ڪمايوم، موتي
مؤن نه وڻجيا(5).
ڪوڙ ڪماء مَ ڪَچ، اُٿي اورِ(6)
الله سين.
عدل ڇٽان آءٌ نه، ڪر ڪو ڦيرو فضل
جو.
هڪڙي ٻانهي من ۾، ٻي صاحب سنواري.
هڪڙي ٻانهي من ۾، ٻي جا ڪري الله.
چڱا ڪن
چڱائيون، مٺايون مَٺن،
جو وڙ(7)
جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه م تني وٽ.
قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار.
اگھيو ڪائو ڪَچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
سُونهنِ(8) جي صلاح، وٺُ ته وِيرَ(9)
لنگھي وڃِين.
دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾.
لعلون سي لهن، جني سودو سچ سين.
سمنڊ جي سيوِين(10)، تِني ماڻڪ ميڙيا.
سر سامونڊي:
ڪنهن سٽاڻي(11) سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
اڱڻ جن اچن، عيد ورتي([3])
اُن کي.
ڪا مُهين ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ سٻاجها گھڻو.
وڻجهارن وائي، آهي پريئن پارِ جِي.
سُر سهڻي:
ساهڙُ سندو تن، گهاگهائي(2) گھڙن جي.
سي تُرت لنگھينديون تارِ، آڳھ(3) اُڪنڊَ(4) جن سين.
ترهو(5) مٿي تن، عشق جني آڪرو(6).
جن عشق سين آگاهه(7)، تُرهو آڇ مَ تن کي.
عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
پاڻي پنيءَ ٻور، سُهڻي ليکي سِيرَ ۾.
معرفت مُرڪ(8)، اصل عاشقن جي.
جي ساهڙ جيون سُونهيُون، سيرَ سراڙو(9) تن کي.
جن کي حب هِنئين ۾ آهِه، ساهڙُ ساڻي(10) تن جو.
گھڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.
هُئين هُوند مُئي، پر ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيا.
محبت کي(11) مهراڻ(12)، سُڪي سڀ پَٽ ٿيو.
ساهڙُ ڌڻي تن جو سُڪي ٻُڏن جي.
جن ساهڙ ساڻ صلاح(13) سي ڪين ٻڏنديون
ڪڏهين.
ساڻي جن الله، سي ٻُجهان(14) ڪين ٻُڏنديون.
ڪنهن کي ڏيان دانهن(15)، قضا قلم وهائيو.
هيڪُ لِکئي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول(16) ۾.
ساهڙ مون سينگهار، ماڻهن ليکي ميهڻو.
ٻُڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتِڪ([4])
هٿ وجھن.
سرکنڀات:
سڄڻ ماکي ميٺ، ڪَڙا ٿين نه ڪڏهين.
سر سارنگ:
اسان ۽ پرين، شل هُوَنِ برابر ڏينهڙا.
ٻانهيون ۽ ٻايون(2)، پکي(3) سُنهن پانهجي.
جنين نيڻن لايو نينهن، سي پِرين پيهي گھرِ آئيا.
نيڻ ٽمندا پسُ، وسُ نه ورَن سپرين.
دوستَ پُڄاڻا دَم، جا رهي سا رَن(4) ٿئي.
جي مُحب اندر مَن، سي مُون کي مِينهن ميڙيا.
سر ڪيڏارو:
سُورِهُه سو چائي، جو رڳوئي رِڻ چڙهي.
دوست ڪُهائي دادلا(5)، مُحبُ مارائي.
سر آبري:
پاڻي مَٿي جهوپڙا، مُورک اُڃ مَرن.
نا اميدي نيج، ته اوڏي ٿين اُميد کي.
ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندُئي هوت پُنهون جو.
چِٽو رباني راهُه، مُرادُن مخفي ڪيو.
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو آريچن کي.
هوتُ تنهنجي هنج ۾ پڇين، ڪوهُه پرياڻُ(6).
سوڌا توئي ساڻُ، جنهن ليءِ جفائون ڪرين.
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
پيرين پنڌ وسار، هل هئين سين موت ڏي.
هوت تو کان هَڏِ، پِرين پراهون ڪينڪي.
آهي آرياڻي([5])،
ٻيو سرتيون سُڄي ڪينڪي.
لڳي جن لوري(2)، ڏونگر سي ڏورينديون.
رتيءَ جي رهاڻ(3)، جئُ اڙيام جت سين.
ويٺن ناهه وراڪو(4)، سُتن ڪونهي سنگ(5).
سموري سرڪار، نييُ رکجه نانهن(6) ۾.
ڏورڻ منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو.
سر معذوري:
ذات نِسوري نيء(7)، پر سڌر(8) سين سنگُ ٿيو.
هاري(9) ڪر همت، ته دمُ ڏيئي دوست لَهين.
جي هٿان هوت مَرن، هوتُ تني جي هنج ۾.
ورُ پنهون سان پلڪُ، ٻَنِ ٻارنهن ماهَه ٻين سين.
اوڏو آهه اڻ هوند کي، هُونديان(10) هوتُ پري.
هُوند جني کي هوءِ، هوتُ نه هوندو تن سين.
ڪين پهتي مالِ(11)، حال(12) پهتي هوت کي.
ڀائي حال هلي ويا، ڪنهن کي سُورُ سلياڻ.
مري جيءُ(13) ته ماڻئين، جانب جو
جمال.
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات(14).
هوندا سي حيات، جِيڻان اڳي جي جِيا(15).
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
لکيو جو نراڙِ(16)، سو قلم ڪياڙي نه
وهي.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
ڪَهان([6])
تا ڪيچان پري، سُمهان تا سِر هيٺ.
اڻ گُهريو لوڪُ گھڻو، جي گھران سي نانهن.
ڏيرن ڏوهه نه جيڏيون، ماءُ مِڙيو ئي مون.
پِيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻان.
واڳ ڌڻيءَ جي وَس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي(2).
سر ديسي:
ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.
شل ڏينهن ڏنگو نه ٿئي، ڇا جي ڏِنگا ڏير.
اِيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر(3) کي آڏو ڦري.
اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس(4).
ڪاڏي ٿيو ڪوهيارُ(5)، ڪاڏي ٿي هٿَ کڻي.
واٽون وِيهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ويا.
لَکُ لهي ٿي لوڏ(6)، جِيجان تن جَتن جي.
ڪيچ پهچي ڪير، وڃڻ سين وس ڪريان.
هور(7) مڙيوئي هن کي، هو تن ڪونهي هور.
آهيان اَزوري(8)، تنهنجي جوري(9) جبل لنگھيان.
زاريءَ ڌارا زور، هلي ڪونه حبيب سين.
سَمُرجن صحيح، تن ڪونهي اَهکُ(10) عناتُ چئي.
سمرجن نه ساڻُ، هوتَ حمائي(11) تن جو.
حبُ جنهين کي هوت جو، وندَرَ(12) تنهين کي وَسَ(13).
منهنجي وَسِ واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.
جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهن کي ڪونهي باڪُ(14) بَهِير(15) ۾.
ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سِڪَ سمهڻ ڇا لڳي!
آءٌ سنڌي پڻ نه سمجهان، هُو پارسي پُڇن.
سر ڪوهياري:
سي ڪيئن محب مڙن([7])،
جي سنجهي رهن سُمهي.
مٿان تو پيئي، ٿي ڪَچا(2) ڪيچين کي ڏيئين.
اِيءُ ڪَرم جو ڪاڍو(3)، نه ته پَٽِيَن ڪير پنڌ ڪري.
ڪنهن کي ڏيان ڏوم، مون سين اَمُر(4) ائين ڪيو.
جن اندر ٻري آڳ، ڏونگر سي ڏورينديون.
پهرين ڏيندا پاهُه(5)، پوءِ رڱيندا رت سين.
جي آءٌ نه ڄائي، ته عَيبُ نه لڳو اوٺئين.
تيڏي پسي ٽي، هوتا آهي هيڪڙو.
سر حسيني
ڪَتيم جنهِين ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
ساجنُ منهنجو ساهُه، هاڃي(6) منجهه هڻي ويو.
ماڻيو تني موڙُ(7)، جني ديکيو دل سين.
ڏکن پٺيان سک، سِگها ٿيندئي سسئي.
ڪني ڪني ماڙُهوئين، گُوندر(8) وڏي وٿُ.
لڄُون جي لاهِين(9)، سيئي ٿِيئڙم سامهان.
پُڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبن جا.
جني ڏٺو هوتُ، تن دِينَ سڀيئي دُور ڪيا.
ڪڏهن ڪانه سُئي ته ڪا سُکي گڏي سَڄڻين.
جيڪي طالب تات([8])
جا، تات به تني وٽ.
جيڪي مُئي ڪنداه(2)، سو جانَب ڪريو جِيئري.
ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حَد ٻنهي جي هيڪڙي.
گھوريا سک ڏکن ري، ڏک سکن جي سونهن.
جي هِت(3) نه هوتُ پَسَن، سي ڪنهن پَر
ڪيچ(4) پسنديون.
سڄڻ ڏٺو جن، موٽڻ ٽني ميهڻو.
دو چونس ٻوڏ، ته جي سڻائي جڳ کي.
مُٺ مُٺ(5) سُورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان(6).
ڏُکويَن اُهڃاڻُ(7)، ڪُلهين ڦاٽو ڪنجرو(8).
جَسُ(9) جفازيءَ نه ٿئي، جفا وارين جَسُ.
سر سورٺ:
راجا راڳائي(10)، هردوئي هيڪُ ٿيا.
هِتي جي هُت، ته ڳالهه مڙيائي هيڪڙي.
اَجلُ اُڀو ئي، آهه پُٺيءَ تو پلاڻِيو.
بلڪ آهي بُود(11)، ناقِصي(12) نابود ۾.
ڏيڻ گھڻو ڏُهِلو(13)، سِسي ڏيڻُ سُک.
سر بروو سنڌي
سُهکو(14) هوندو سو، جنهن جو عشقُ الله
سان.
بُت رهيو باقي، ساهُه وٺي وئين سُپرين.
لڳيءَ(15) جو لطيف چئي، نڪو قالُ(16) نه قيل.
توڻي حُب نه هؤ، ته به هوت نه ڪجن ههڙيون.
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
ماڻهو گُھرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گُهران سپرين.
اِهڙا ئي آهين، صاحبَ منهنجا سپرين.
فاني ۽ فاني، دنيا دَمُ نه هيڪڙو،
ڪوڏر ۽ ڪاني([9])،
آهي سر سڀ ڪنهن.
سندي سِڪ پريَن، لوڪ ڏٺي نه لهي.
ٻيو سڀ لوڪ لباس(2)، ڪو هِڪدلُ هوندو هڪڙو.
آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.
مون ۾ عيبن ڪوڙ(3)، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
اُو چلولا(4) چئجن، جي درِ در لائن دوستي.
اِيءُ دوستن جو دستور، جيئن ڇِنان ڇنن ڪِينڪي.
تِکي ڪاتي هَٿ ڪري، مُڏيءَ سين مَ مار.
سُر مومل راڻو:
جو مُنهن مومل جي پوءِ، موٽڻُ تنهنجو مَس ٿئي.
سٽڪري سين سِينهن(5)، ڪنڌُ مَ ڦيرج ڪڏهين.
ڏينهن مڙيئي ڏون(6)، اُٿي لوچ(7) لطيف چئي.
هٿان حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.
مُيَن سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
ڪاڪ(8) نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن
مالَ،
جي ڇورِن(9) ڏنا ڇال، ته به
لاهوتي لنگھي ويا.
ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا.
ڪانهي ٻي تنوار، سڀ ڪا پسي پريتن کي.
راڻو نه رولي(10)، جي منديون(11) ڏسي مينڌرو.
مينڌرا ماڻا، تو ري ڪنديَس ڪن سين.
راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ٺاهه ڪو.
سر کاهوڙي:
کاهوڙين([10])
اُهڃاڻ، انگِ نه سڄي اڳڙي.
جنِي ڏٺي جاءِ، موٽڻ تني ميهڻو.
جتي پريئن حضور، تِتي رنگُ نه رُوپُ ڪو.
انڌو(2) ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
سر رام ڪلي:
گهوڙا ڙي گھوڙا، آءٌ نه جيندي اُنِ ري.
جُز وڃايو جوڳيئَن، ڪُلَ(3) سين اٿم ڪَمُ.
ٻنيو پنج ڪڻي(4)، لِڪا، ڀُڻن(5) لوڪ ۾.
جوڳيُن کٽيو جَس، لِڪا، ڀڻن لوڪ ۾.
هيءِ هيءِ هِن هَڏي(6)، هَم(7) کي حيران ڪيو.
جوڳي هُوَنِ نه
جيئرا، پائي جوڳ ۾(8) جئُ.
سي پَهر نه هڻن ٻاڻُ(9)، جن گڏيو گز گرنار(10) ۾.
اندر ۾ اَمُل(11)، پهر ڪو جهاڪا پڙي.
ڪيڏانهن ڪريان پير، مڙيوئي مٿو ٿيو.
جيڏانهن ڀرين وکَ، تيڏانهن صاحبُ سامهون.
مرڻُ(12) مسلمُ جن، واحدُ تن نه وسري.
لڏيندن سين لڏ، ته رهين تون راڄ ڪري.
ويندن کي ويڪَ(13) ٿي، هُوندن(14) ڪونهي هنڌُ.
ڪونه ڏٺوسين ڪوءِ، سناسي(15) سُور ري.
سُر رپ:
نينهن نهائين جيئن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئين.
سر ليلان چنيسر:
آهيان عيبدار، سِڪان ٿي سُهاڳ([11])
کي.
هُئين گھڻو هُشيار، پر ڪَل نه پيَئي ڪانڌ جي.
اُونڌا شل آچار(2)، ڪانڌُ ڪنهين سين نه ڪري.
اهڙو ئي الله، جو پورهيَتُيون پيش(3) ڪري.
مون ڳچيءَ ۾ پانڌ، تو چنيسرَ هٿ ۾.
ڍوليو تني ڍار(4)، هيٺاهيُون هلن جي.
آسر(5) مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارا گھڻو.
زاريءَ ڌارا زور، ڪين هلندُئي ڪانڌ سين.
لکين ليلائون، چينسر جي راڄ ۾.
سر بلاول:
ڪيف(6) ڌارا ڪو، جِئي ڪونه جهان ۾.
الله جُنگ(7) جِين، اَجهي جن جي گھاريان.
سر ڏاهر:
وڏي سگھ سندياء، ٻاجهن ڀريو آهئين.
تو در ناهه جهو(8)، مون ٻيا در گھڻا نهاريا.
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي گُھران.
ڍَڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاندُ پناهه جو.
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ(9)، ننڊ ڪندي نه ٿئي.
وهامي وِيندياء، گھڻا هڻندين هٿڙا.
اڏيو جو اوڏن، سو شل ڍِنگر(10) ڍِلو مَ ٿئي.
ڊگھي اڏِ مَ مَنَهي، پَکو اڏِ مَ لانڍ(11).
سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو!
سُر ڪاپاتي:
جي وَرُ([12])
ڏئي وارو، ته سُنهان سرتين وچ ۾.
جن ربيع(2) سين رِهاڻ، تن اُڊو(3) ناهه اُگھاڙ جو.
سُر پرڀاتي:
ڏات نه آهي ذات، جو وهي(4) سو لَهي.
تون پارس، آءٌ لوهه، سَڃين(5) تا سونُ ٿيان.
ڏاتار ته تون، ٻيا سڀئي مڱڻا.
طمع جي تنوار(6)، متان ڪرين مڱڻا.
سُر گھاتو:
نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇَٽ(7).
اوري هوا ته آئيا، جُڪس(8) ويا پري.
سُر سينهن ڪيڏارو:
کڻ بورائو(9) بازَ کي، ڳِجھ مَ ڳري لاءِ.
سُر آسا:
سڀ وڃائي ساز(10)، تنهان پوءِ تڪبير(11) چؤ.
نابوديءَ(12) نيئي، عبد کي اعلى(13) ڪيو.
جيلانهن ٿيا نابُود، تيلانهن رَسيا بود(14) کي.
اکيون تا عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
ڍايون نه ڊاپن، پَسڻ منجهان پرِيئن جي.
اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرين کي.
جانيءَ جو جمال، پَسڻ کان پَري ٿيو.
سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر([13])
جن اکين ۾.
سِڪ نه آهي سُٿري، سِڪ سِڪائي سُڪ.
سندي محبت مام(2)، ڪور(3) پروڙي ڪيڪي.
آهن جي امين، سي حسابان هڄي ويا.
هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار.
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آزر(4) آهيين.
مُنهن ۾ موسى(5) جهڙو، اندر ۾ ابليس(6).
ايئن چوندِي ڪير، ته آءٌ ساڃاري(7) سڄڻين.
ڏورج ڏِيو هٿ ڪري، ڏور مَ ڏِيان ڌار.
اوڳڻ رُسي سڀ ڪو، ڳُڻين پِرين رُٺامِ.
گُنديءَ نينهن نه سپجي(8)، دونهن(9) نه پچي ماهُه.
صُلح جن سڄڻ سين، سيج ماڻيندا سي.
سر ماروئي:
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هِن ڪوٽ ۾.
لوڪ نه لکڻ ڏِين، ڪِريو پون قلم تي.
جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي.
آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ(10) ڏهاڻي سومرا.
پکن منجهه پساهُه، قالب(11) آهي ڪوٽ ۾.
توئي پڙهيا پِير، اوڏا
ڪين علم(12) کي.
سوکي ڀائي سڀ ڪو، اَوکي تُونهِين تون.
قُمن ڪينهن پِير، مرشد مساڻن ۾.
سر پورب:
ڪانگَ نه ڪوڙا هُون، پريان سندي پار جا.
آندا پرِين الله، سڏ منهنجا ساب([14])
پيا.
سامي آهي سو، جنهن پاڻُ وڃائي پُوريو.
سُر ڪاموڏ:
پارس سين پاسو، لڳن تي(2) لعل ٿيا.
سميُون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيُون.
تنهن کي گندري(3) چوڻ گناهه، جنهن جي جهوليءَ چنڊُ
جُهلي پيو.
سُر ڪارايل:
لئج لطيفي لات، ته ويجھو ٿِين وصال کي.
تَنُ طالبن گڏِ، ته ويجهو ٿِين وصال کي.
ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هَنجُ حبيب کي.
هنج مڙيئي هنجَ، ميرو منجهن ناهي ڪو.
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
ويا مور مري، هنجُ نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪُوڙن ڪاڻيرن(4) جو.
وَٽئين وِهُه پيَن، سِڪ سُرڪڻين نه لهي.
ڪِلي(5) وير ڪيهو، جو سَپَن کي سامهون
ٿئي.
***
([2]) هستيءَ يا واڏائي ۽ هَٺ وارن. (2) فتوا ڏيڻ وارو يا اندر
جو قاضي. (3) ظاهر جو دنيائي جج يا مئجسٽريٽ.
(4) ڪَچ، ڪُوڙ، شيشو. (5) سوديا، انهن ۾ واپار ڪيو. (6) ڳول. (7) لائق، هلت، احسان. (8) رستي ڏيکارڻ وارا، هادي مرشد. (9)
سمنڊ، درياهه. (10) سيوا ڪن، وهنوار ڪن، شوق رکن. (11) ضروري، لاچاري سبب
يا قسمت.
([3]) لهي، وري اچي. (2) همت ڪري، دل جهلي. (3) اڳواڻ،
مهندار. (4) سِڪ، عشق. (5) ترڻ جو اوزار ڪکن جو مُوڙو. (6) گھڻو، زور. (7) آگاهي،
واقفيت. (8) عادت، دستور، رواج. (9) سئون سڌو رستو. (10) ساٿي، مددگار، همراهه.
(11) لاءِ، اڳيان. (12) درياهه. (13) مصلحت، محبت. (14) آءٌ سمجهان ٿو - پڪ ڄاڻان ٿو،
هرگز نه. (15) خدا جي امر، تقدير. (16) ڌڪي آڻي جاجهه يا تار ۾ يا وڪڙ ۾ وڌيس.
([5]) آري ڄام پنهون، يعني خدا. (2) لؤن،
نينهن، عشق جي ڳڻتي. (3) گهڙيءَ جي وندر يا لذت، ٿوري خوشي. (4) قرابت، محبت. (5)
سنگت، صحبت. (6) نيستي، بيخودي. (7) کٽي، نِيچ. (8) سکر، شريف ماڻهو. (9) نڀاڳي، هچاري.
(10) هستيءَ، وڏائيءَ کان. (11) مال جي وسيلي. (12) حال جي وسيلي يعني اندر جي
محبت سان. (13) پنهنجو نفس ماري سچي حياتي هٿ ڪر. (14) جن پنهنجي جيئري نفس کي
ماري مات ڪيو سي هميشه جيئرا آهن.
(15) آخرت جي هميشه واري حياتي کان اڳ ئي هِتي اها حياتي حاصل ڪيائون. (16) پيشاني جتي نصيب جو نوشتو هوندو آهي.
([6]) هلان، پنڌ ڪريان. (2) پنهنجي
اختيار يا وس. (3) خدا جو حڪم، تقدير. (4) خوشبوءِ. (5) پنهون ڄام. (6) وڏائي، کڙائي، ناز، فخر، ٽِنڊ. (7) ڳڻتي، خوف، ڊپ. (8) بي
زور، ضعيف. (9) زور، مدد. (10) اوکائي، مشڪلات. (11) حمايت ڪندڙ، حامي،
مددگار. (12) جبل
جو نالو،
ڪوهستان. (13)
وسندي، وسئين. (14) ڊپ. (15) جماعت، وڏو لشڪر.
([10]) درويش، سچا طالب. (2) دنيا کان اڳيون پوري. (3) ٻه ضد لفظ، ڀاڱو ۽ سڄو يعني انسان ۽ خدا. (4) گھڻن لسن جوان. (5) وتن، گھمن. (6) هڏو جنھن تي
ڪتا پاڻ ۾ وڙهندا آهن يعني دنيا. (7) ساري عالم کي، جڳ کي. (8) يعني مرڻ
کان اڳي هستي وڃائي ڇڏ. (9) تير. (10) خدا
اندر ۾ مليو. (11) امل ماڻڪ. (12) سونپيل، لائق، خلاصو ڪم. (13) ڪشادگي، خلاصو ميدان. (14) رهڻ وارن، نه چُرندڙن.
(15) سچو طالب خدا جو.
([12]) مڙس راضي ٿئي، مهر ڪري. (2) ڪپاهه پوکڻ جي موسم. (3)
ڊپ، خطرو. (4) ڪمائي، پورهيو ڪري. (5) لڳين، پاسو هڻين. (6) سوال، خيال. (7) مڇيءَ
جي ڇلر جي باس. (8) جيڪس، شايد، متان. (9) سونهو، همرا. (10) ظاهري اسباب يا هستيءَ
جا نشان. (11) اللھ اڪبر چؤ يعني درويشيءَ جو دم هڻ. (12) نهٺائي، هستي ڇڏڻ. (13) ٻانهي کي بادشاهه ڪيو. (14) سچي هستي.
No comments:
Post a Comment