Monday, September 23, 2019

سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح - مير محمد ڀَيو


سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح
مير محمد ڀَيو

هيءَ حقيقت آهي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام، هر نقطہء خيال کان، نه فقط ڪامل ڪلام آهي، بلڪ مادي خواه روحاني خيال کان به، هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي هر انسان عملي طور پنهنجو مقصد آسانيءَ سان ماڻي سگهي ٿو. شاھ صاحب جي ڪلام جو هر موضوع ۽ مضمون، مڪمل معنى وارو ۽ حڪمت سان ڀريل نظر ايندو. اهو ئي سبب آهي جو شاھ صاحب روحاني خيال کان نه فقط ڪامل ولي هو، پر مادي  نقطہء نگاه کان هڪ اعلى مفڪر، زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان باخبر ۽ انسانيت جو علمبردار به هو. ٻئي طرف هڪ شاعر جي حيثيت ۾، جڏهن سندس ڪلام جو گهِرائيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته ٻوليءَ ۾، خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾، وقت جي تقاضائن مطابق، جيڪا شاھ صاحب ندرت ۽ وسعت پيدا ڪئي آهي، ان مان اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو سنڌي زبان جو سچو سڃاڻُو ۽ پورو پورو پارکو پيو نظر اچي. ان لحاظ کان ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو ڪجهه لطيف ڏنو، ان جي آڌار تي، اڄ جي سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج، ڀلاري ڀٽائي جي مرهون منت پيو معلوم ٿئي.


فصاحت و بلاغت، فڪر و فهم، شاعرانه خوبين ۽ خصوصيتن خواه وسيع نظري وغيره ڳالهين کي هڪ طرف رکي، سندس ڪلام ۾ ڪم آيل بي بها نڪتن کي ڏسون ٿا ته ڪيئن نه اهي پهاڪن يا چوڻين ۽ عجيب اصطلاحن جي صورت وٺي، زبان زد عام ٿي ويا آهن. انهن نڪتن کي وري واقعاتي طور اڻ پڙهيل جهنگ جي جهانگين کان وٺي هڪ عالم تائين، هڪ ئي حيثيت ۾ عام استعمال پيو ڪري. ان کان سواءِ نوان نوان مفيد محاورا به ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ عام جام نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح سر ڪلياڻ ۾ به ڪيترن ئي قسمن جون چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا موجود آهن، جن کي عام ماڻهن طرفان، واقعاتي طور وري وري ورجايو پيو وڃي.
در حقيقت پهاڪو يا چوڻي آهي زندگيءَ جي عظيم تجربي جو نچوڙ يا ست، جيڪو لفظن جو جامو پهري، ڪنهن فقري، شعر يا مصرع جي صورت ۾زبان زد عام ٿئي. ڏٺو ويندو ته هر زبان ۾ اهڙا شاعر، اديب ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جي عظيم تجربي، واقعات ۽ ماحول مطابق حڪيمانہ گفتا بيان ڪيا آهن، جن کي عام ماڻهن، خصوصاً اهل زبان، پنهنجي حالات ۽ حادثن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي عام استعمال پئي ڪيو آهي. ان لحاظ کان شاھ صاحب جي سر ڪلياڻ ۾ به بيتن جون ڪئين اهڙيون سٽون ۽ ڪن حالتن ۾ سڄا سارا بيت، ظاهر ڏسڻ ۾ايندا، جن کي موقعي ۽ مهل مطابق، انداز بيان کي زياده موثر بنائڻ لاءِ، اڄ به هڪ پهاڪي يا چوڻي جي صورت ۾، اهل زبان طرفان عام استعمال ڪيو پيو وڃي. مثال طور: باب (داستان) پهرئين جي چوڏهين بيت جي آخرين سٽ ۾ شاھ صاحب فرمايو آهي ته :
”ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهان.“
هن سٽ ۾ شاھ صاحب هڪ غافل، گنهگار ۽ بي عمل انسان کي آخرت جو ڏينهن ياد ڏياريندي ڊيڄاري ٿو ته؛ ڪيئن نه ان ڏينهن مٿس سندس عضوا ئي شاهد ٿيندا، پوءِ ان وقت جي پشيماني ۽ پڇتاءُ ڪنهن به قيمت وارو ۽ ڪارگر نه ٿيندو.
انسان لاءِ هن دنيا جو عمل، آخرت جي عذاب ۽ راحت جو واحد مقام آهي. هن دنيا ۾ جنهن نيڪ عمل ڪيا، تنهن ڄڻڪ کٽيو، پر جنهن ڪجهه به نه ڪيو، ان گويا هارايو. تڏهن ته هڪ جاءِ تي شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ.
داستان ٻئي جو ٻيو بيت، واقعاتي طور سڄي جو سڄو، چوڻيءَ جي لحاظ کان استعمال ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هن بيت کي مختلف موقعن تي، ڪڏهن مجموعي طور تي، ته ڪڏهن جدا جدا سٽ سان، چوڻيءَ جي صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته :   
۱. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙئا کانئيين،
۲. اسين ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ،
۳. سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.
پهرين سٽ ۾ناتجربيڪار ۽ ٽوٽڪائي حڪيم تي ٽوڪ آهي، جيڪو جِھِل سبب خواه مخواه پيو کل ساڙي. ٻيءَ سٽ ۾ اهڙي ٽوٽڪائي حڪيم کي تنبيهه سان گڏ هدايت به ڪئي وڃي ٿي ته ڏکوين کي دوا پياري، وڌيڪ ڏکوئڻ اجايو آهي. ٽين سٽ ۾، عاشق کيس پنهنجي وجداني ڪيفيت کان واقف ڪري ٿو ته جيڪو سوريءَ کي سيڄ سمجهندو، سو ئي مري مشاهدو ماڻيندو. گويا اهڙا عاشق، محبوب جي وصول جو واحد ذريعو سوري (ڏک) ئي سمجهندا آهن. اهڙيءَ ريت، دنيوي لحاظ کان به بيان ڪيل بيت جي هر هڪ سٽ، واقعاتي پئي معلوم ٿئي، جن کي موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪنهن مشڪل مسئلي يا مصيبت کي منهن ڏيڻ، سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. بلڪ ڪي محبت وارا مانجهي مرد، مشڪلات ۾ مصيبت کي منھن ڏيندا آهن. ٻي صورت ۾ فطرتي طور انسان اوچتو آفت سبب گهٻرائجي ويندو آهي. شاھ صاحب، اهڙن ماڻهن کي طنز طور تلقين ڪري ٿو ته: 
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنن جي.
يا
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
مٿيون بيت سڄي جو سڄو، چوڻي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، بلڪ ڪيو ويندو آهي.
سُر ڪلياڻ جي ٽئين باب جو بيت ٽيويهون ته سراسر/سڄو ئي، چوڻيءَ طور استعال ٿي سگهي ٿو. نه فقط ايترو بلڪ، اهو موقعو جي مناسبت سان اڄ به عالمن، عاقلن خواه سنجيده سگهڙن ۽ عام ماڻهن طرفان چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته:
عــاشــق زهـر پـياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪــڙي ۽ قــــاتــــل جــــا، هــمــيـشہ هــيـــــراڪ،
لــڳــن لـــنءَ، لــطــيــف چــي، فـنـا ڪيـا فـراق،
توڻي چڪن چاڪ، ته به آھ نه سلن عام کي.
شاھ صاحب ذڪر ڪيل بيت ۾، صحيح ۽ مصنوعي عاشقن جو فرق واضح ڪري ثابت ڪيو آهي ته سچا عاشق اهي آهن جيڪي وِهه کي ڏسي وهسن ٿا. اهي وهه جي نتيجن جي پرواھ ان ڪري به نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو هميشہ ههڙين ڳالهين جا هيراڪ هوندا آهن. هنن جي وري هيءَ به خوبي هوندي آهي، جو جيڪڏهن هنن جا چاڪ چڪندا ۽ ڏکندا به پيا، ته به هو پنهنجي ان ڏاڍي ڏک جي گلا ڪنهن سان به نه ڪندا آهن، بلڪ صبر سان پيا سور سهندا. حاصل مطلب ته شاھ صاحب هن بيت ۾ انهن انسانن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ڏک کي سک تي ترجيح ڏيندا آهن ۽ انهن لاءِ زهر به تِرياق جو ڪم ڏيندو آهي. اهڙا انسان هميشہ صابرَ ۽ شاڪر رهندا آهن.
هن قسم جون ڪئين بيتن جون سٽون، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ نظر اينديون، جن کي واقعاتي طور پهاڪي يا چوڻيءَ جي حيثيت ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو. نه فقط ايترو بلڪ، ٽپي ٽپي تي بيان ڪري، پنهنجي گفتگوءَ جي انداز کي پُر اثر بنائي سگهجي ٿو. مثال طور:
1.   اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.
2.   سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي.
3.   سو ئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنما.
4.   ٻيا در تن حرام، اي در جنين ديکئو.
5.   مٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناھ ڪلام.
6.   پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
7.   ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
8.   تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
اهڙا ڪئين بيت ملندا، جن کي اڄ به پارس جا پارکو، پنهنجي زندگي جي روزمره جي وهنوار ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. پوءِ گهر هجي يا ملوڪاڻي مجلس، محفل هجي يا ڪا ادبي گڏجاڻي، بهرحال اهڙي قسم جا  عاقلانه گفتا، موقعي جي مناسبت سان ورجائي، گفتگوءَ ۾ رنگيني ۽ تاثير پيدا ڪري رهيا آهن.
پهاڪن ۽ چوڻين کان سواءِ، ڪيترا ئي اصطلاح ۽ محاورا به شاھ جي ڪلام ۾ ڪثرت سان نظر ايندا، جن کي اڄ به ڳالهائڻ خواھ لکڻ ۾ آسانيءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. محاورن پيش ڪرڻ کان اڳ، ان جي مختصر وضاحت ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.
ڪي به هڪ کان وڌيڪ لفظ، جيڪي پڇاڙيءَ ۾ فعل تي مشتمل هجن ۽ انهن ۾ لفظ ۽ فعل پنهنجي لغوي خواھ لفظي معنى کان هٽي ضرورت مطابق ٻي معنى ڏيکارين، اهڙن لفظن جي مجموعي کي ”محاورو“ سڏجي ٿو. ان لحاظ سان هونءَ ته سڄي رسالي اندر، ڪيترا ئي اهڙا محاورا ملي ويندا، جن کي اڄ جي ٻوليءَ ۾ وڏو مقام حاصل آهي. مگر جيئن ته هتي سُر ڪلياڻ جي تحقيق طلب آهي، ان ڪري اهڙن محاورن کي به سُر ڪلياڻ تي اڪتفا ڪجي ٿو. مثال طور؛ داستان پهرئين جي پوئين سٽ ۾ شاھ صاحب فرمايو آهي ته: 
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.
هن سٽ ۾ جوڙون جوڙڻ محاورو آهي. هنن لفظن جي لفظي معنى کان هٽي، جيڪڏهن معنى ڪبي ته ٿيندي ”اميدون پڄڻ“. اهڙيءَ ريت ٻئي بيت جي پوئين سٽ ۾؛ ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي ۾ ڏکي ڏنائين محاورو آهي. اهڙي ريت ڪيترا ئي اهڙا محاورا سُر ڪلياڻ ۾ ملن ٿا، جن کي اڄ به عام طور استعمال ڪيو پيو وڃي. مثال طور؛ هيڪاندو ٿيڻ، هينئين ساڻ هجڻ، اوتڙ اولڻ، ڏسياندر ڏورڻ، ڪلھنئون ڪورڻ، ويهي ووڙڻ، پهه پوڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ، وي وهائڻ، کٽڻ هارائڻ، ٻيائيءَ کي ٻک وجهڻ، چڱائي چکڻ، ڪاتي پائڻ، اڏيءَ سِر ڌرڻ، پير ڀرڻ، چاڪ چڪڻ، سِر ڏيڻ، ڪنڌ سنباهڻ، سِر لاهڻ، پڪون پيڻ، سِسي سانڍڻ، ڪلھنئون ڪاٽڻ، ساهه سلاڙڻ، پر ۾ پچن، سر سانڍڻ، سٽ جڙڻ، مٺو ٿئڻ، ساهه جون رڳون سوجھڻ، آسر لاهڻ، ڇنڻ ڳنڍڻ، ڪر لهڻ، سوري چڙهڻ، ڏنڀ ڏيڻ، ورهه وٽڻ، واهه وهائڻ، وغيره محاورا، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ڪثرت سان نظر ايندا. نه فقط ايترو بلڪ اهڙن محاورن جي عام استعمال سبب، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ قسم جي جاذبيت، تاثر ۽ وسعت به پيدا ٿي چڪي آهي. جيستائين اصطلاحن جو تعلق آهي ته سر ڪلياڻ ۾ چند اصطلاح به ضرور موجود آهن، جن کي اهل زبان طرفان استعمال ڪيو وڃي ٿو.
در حقيقت اصطلاح جي لغوي معنى عربي ۾ عرف ۽ انگريزي ۾ Usage, convention ۽ سنڌي ۾ ڄاڻڻ چئجي ته بجا ٿيندو. اصطلاح جي مختصر سمجهاڻي هيءَ آهي ته؛ ”ڪنهن خاص لفظ کي اصل معنى کان الڳ ڪري، اهل زبان ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، اهڙي لفظ کي اصطلاح چئجي ٿو. اڪثر ڪري اهڙا لفظ آهستي آهستي محاوري جي صورت اختيار ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت اصطلاح کي ڪن حالتن ۾ ڪو سياسي تعلق به هوندو آهي.“ شاھ صاحب سُرڪلياڻ ۾ هڪ جاءِ تي فرمايو آهي ته :
ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، گهٽ اندر گهوڙا!
بيت جي هن سٽ ۾ ”گهوڙا“ لفظ ڌيان طلب آهي. لفظ گهوڙا جي لفظي معنى کي وٺجي ٿو ته اهو هڪ جانور آهي، جو سواريءَ جي ڪم جو آهي، مگر هن جاءِ تي استعمال ٿيل لفظ کي ڪو تاريخي پس منظر حاصل ٿيل ڏسجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ لفظي معنى کان هٽي، جيڪڏهن هن لفظ جي معنى محسوس ڪريون ٿا، يا عام طور هٽي هن لفظ کي جنهن نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو آهي ”ظلم“. هڪ ٻي جاءِ تي شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
تِڪ ڏيئي پِڪ پي تون، گهوٽ سنهان گهاٽي.
هن سٽ اندر”گهوٽ “ لفظ، اصطلاح پيو معلوم ٿئي، جنهن جي لغوي معنى کان هٽي معنى ٿيندي ”شهيد.“ اهڙيءَ ريت:
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو.
يا
محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري.
اهڙي قسم جا ٻيا به لفظ ملندا، جن کي اڄ به اصطلاح طور عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بهرحال پهاڪا يا چوڻيون هجن يا اصطلاح ۽ محاورا، اهي سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جو سينگار آهن. بيشڪ لطيف گهوٽ، هن نموني سنڌي زبان ۾ ساءُ وجهي، ان کي دنيا جي مهذب زبانن جي مٽ ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سنڌي زبان کي حياتِ جاودان بخشيو آهي.

***

No comments:

Post a Comment