شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
هر ڪنهن سڌريل ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو
موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون
شاعر، اديب ۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنهنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين
تائين مؤثر نموني ۾ پهچائين، ته اڪثر اهي پهاڪن ۽ چوڻين جو سهارو وٺندا آهن.
سنڌي زبان پهاڪن
۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنهن به طرح کان گهٽ ناهي، شاهه صاحب
جي ڪلام کي پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن.
”دراصل پهاڪن
جي استعمال سان ئي شاهه جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليتائي اچي وئي آهي.“
سر سارنگ جي بيت جي هيٺئين مصرع پڙهو:
”جن
مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.“
هٿ هڻڻ جي معنى
پڇتائڻ آهي، هتي شاهه صاحب انهن واپارين جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪي برسات پوڻ يا وسوڳ ٿيڻ
سان پوءِ پڇتائيندا آهن ته ”هاڻي اَنَ جو اگهه گهٽجي ويندو ۽ سندن نفعو ته ٺهيو پر
اُلٽو کين نقصان پوندو.“
هڪ ٻيو مثال
سُر مارئيءَ مان:
”ايءَ نه
مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سونَ تي!“
هتي ”سيڻ مٽائين
سون تي“ عام چوڻيءَ جو گويا سڀاويڪ طور استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيون ڪيئي چوڻيون شاهه جي ڪلام
۾ موجود آهن. سور ۽ درد جي آهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا
۽ چوڻيون موجود آهن، مگر اندر جي آهه جي اظهار لاءِ جيڪو شاهه صاحب هيٺيون اصطلاح
استعمال ڪيو آهي، ان کي پڙهو:
”گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيندي
اُن ري.“ (رام ڪَلي)
اگرچه ان جي جاءِ تي قهر، ظلم، فرياد، افسوس، قيامت،
هاءِ هاءِ! شاهه صاحب استعمال ڪري سگهيو پئي، مگر جيڪا درد جي اظهار جي قوت ۽
جذبات جي ترجماني ۽ ”گهوڙا ڙي
گهوڙا“ ڪرڻ سان ٿئي ٿي،
يقينن ٻيو ڪوبه اصطلاح پورائو نه ڪري سگهي ها.
ٻيو مثال:
مران، ”مٿو پٽيان“، نھاريان نيڻان،
سُخن جي سندان، آئون نه جيَندي
اُن ري. (رام ڪلي)
جهڙيءَ طرح ”گهوڙا!،
گهوڙا!“ ڏک جي
اظهار لاءِ اثرائتو اصطلاح آهي، اهڙيءَ طرح ”مٿو پٽيان!“ به سنڌي زبان جو اصطلاح وڏي ڪِرڀ
رکي ٿو. اُرههُ پِٽڻ ٻين قومن ۾ به آهي ۽ ڳوڙها ڳاڙي ڏک جو اثرائتي نموني اظهار ڪرڻ
ته انساني فطرت جو گُڻ آهي. مگر ”مٿو پِٽڻ“ رڳو سنڌي ثقافتي زندگيءَ جو
انفرادي گُڻ آهي، جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪري، پنهنجي وسيع سنڌي ثقافت جي مطالعي
جو ثبوت پيش ڪيو آهي. سڄو ڪلام مطالعو ڪيو ته اهڙا ڪيئي اصطلاح، مختلف موضوعن جي
ترجماني لاءِ اسان کي نظر ايندا ۽ ان مان شاهه صاحب جي زبان دانيءَ جو اقرار ڪرڻو
پوندو.
سُر سريراڳ جي هيٺئين بيت تي ويچار ڪريو.
چڱا ڪَنِ چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
(سريراڳ)
هن بيت جي حيثيت اڄڪلهه سنڌي معاشري ۾ پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي
صورت اختيار ڪري چڪي آهي، يقينن زبان جا ماهر ان ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته اها چوڻي
سنڌي زبان ۾ اڳ موجود هئي. بيت جو سِٽاءُ ۽ صورت ٻڌائي ٿي ته ان جو خالق شاهه
عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ ان جي معنى ۽ مفهوم سليتائي ۽ سونهن ايتري ته جاذب آهي، جو
اڄ انهيءَ بيت چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي.
***
No comments:
Post a Comment