شاهه جا پهاڪا
ڊاڪٽر اياز قادري
ڪنهن به ملڪ ڏانهن
ڏسبو ته ان ملڪ ۾ ڪيترا ئي شاعر ڏسڻ ۾ ايندا پر هر ڪنهن شاعر جو پنهنجو پنهنجو درجو آهي. انهن شاعرن
مان ڪي اهڙا آهن جن جي مقبوليت ڪنهن خاص طبقي تائين آهي. ٻيا اهڙا آهن جي خاص ۽
عام ۾ مقبول آهن. انهن شاعرن مان محلن ۾ رهندڙ امير ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ فقير، هڪ جهڙو مزو ۽
ميٺاج حاصل ڪن ٿا. هر شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي، مجلس ۽ اڪيلائيءَ ۾، سفر ۽ گھر ۾،
ميلاپ ۽ وڇوڙي ويل، سندن شعر جهونگاريا وڃن ٿا. انهن مقبول شاعرن ۾ ڪي وري اهڙا
شاعر آهن جن سان اسان جي ايتري ته ويجهڙائي ۽ گھرائي ٿي وڃي ٿي جو هو اسان کي هر وقت ياد رهن ٿا جو
اسان کين هر گھڙيءَ ويٺا ياد ڪريون. ٿوري گهڻي ڳالهه تي، ايئن بيان ڪري
ڇڏيون، جيئن ڪو پهاڪو. انهن عوام ۾ پسند ڪيل ۽ مقبول شعرن جو رتبو ۽ درجو ٻوليءَ جي
ٻين اهم پهاڪن جهڙو ئي ٿي وڃي ٿو.
دنيا جي ڪا به ٻولي
پهاڪن کان خالي نه آهي. هر ٻوليءَ جي دامن ۾ پهاڪا، بهار ۾ ٽڙندڙ گلن وانگر،
پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سان، من کي
موهندڙ ۽ دل و دماغ کي طراوت ڏيندڙ ٿين
ٿا. اهي ٻهڳڻن جا ٻول آهن، جي ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جي عقل ۽ ڏاهپ جا املهه
خزانا آهن. سنڌي پهاڪا، سنڌ جي
سڃاڻپ جا ڀنڊار آهن، جن ۾ ساڻيهه جي سٻاجهڙن ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، رسم رواج، تهذيب
تمدن، ڳڻ ڳوت، ساڃاهه ۽ ثقافت جا نقش نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو خيال آهي ته؛ پهاڪو سنسڪرت جي ”پٿڪ“ لفظ مان نڪتل آھي، جنهن جي معنى آهي؛
منجهيل ڍيري کي کولڻ يا ڪو راز پروڙڻ. هو چوي ٿو ته؛
”پٿڪ“ ڦري ٿيو ”پٿاڪو“، جو
سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٿي ويو. منهنجي خيال ۾،
پهاڪو اصل ۾ پهه + آکو آهي. پهه معنى
ويچار، سوچ. آکو = آکڻ معنى چوڻ.
ڪا ڳالھ، سوچ ويچار کان پوءِ چوڻ.
پهاڪا ايترا قديم آهن، جيتري اسان جي سوچ ۽ سمجهه. جڏهن کان
انسان ڪنهن ڳالهه تي سوچ ۽ ويچار ڪري،
ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لڳو هوندو، ان دؤر کان پهاڪا به وجود ۾ آيا هوندا. پهاڪا، بنيادي طرح انسان جي آزمودي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهن. انهن
سان گڏ ڏند ڪٿائون، مذهبي قصا، تاريخي واقعا، لوڪ ڪهاڻيون، نقل ۽ نظير ۽ ڪيترن
شاعرن جا عوام ۾ مقبول شعر به پهاڪن جي پيڙهه آهن.
شاهه کان اڳ جي دؤر جي شاعرن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ پوين شاعرن ۾ سچل جي ڪلام
جا ڪجھ مصرعا پهاڪن واري حيثيت حاصل ڪري
چڪا آهن. جيئن قاضي قاضن جون هي مصراعون:
۱ - سيئي
سيلهه ٿيام، جي پڙهيا هيم پاڻ لئه.
۲- لوڪان نحو صرف، مون مطالع
سپرين.
شاهه ڪريم بلڙي واري جا هيءُ
مصرعا:
۱- هنيون ڏجي
حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.
۲- جي جاڳندي
من ۾، ستي پڻ سيئي.
۳- مٺ
ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽين ته واءُ.
۴- پاڻي اُتي جهوپڙا، مورک اڃ
مرن.
سچل جا
هي مصرعا پهاڪن طور ڪم اچن ٿا:
۱- سچ ٿا مرد
چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.
۲- مذهبن ملڪ
۾، ماڻهو مُنجهايا.
۳- مون ۾ عيب
اپار، سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان.
۴- ڪڇان تان ڪافر
ٿيان، ماٺ ڪيان ته مشرڪ.
شاهه عبداللطيف کي سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ
مقبوليت حاصل آهي. شاهه جي ڪلام ۾ مشاهدو ۽ مطالعو آهي، آزمودو به آهي ته
حڪمت ۽ دانائي به آهي، سوچ ۽ ويچار به آهي ته
سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عڪاسي به آهي. لوڪ ڪهاڻيون ۽ عشقي داستان به آهن، تاريخي ۽
نيم تاريخي واقعا به آهن. الله ۽ ان جي رسول جي الفت به آهي ۽ تصوف جي چاشني به
آهي. مطلب ته زندگيءَ سان
واسطو رکندڙ هر شيءِ موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جا تمام گھڻا بيت ۽
مصراعون، اسان جي زبانن تي ايترا چڙهي ويا
آهن جو اسان انهن کي گھڙي گھڙي، پل پل، هر ڳالهه ۾ پهاڪي طور استعمال ڪريون ٿا.
انگريزن جي حڪومت
جو دؤر هو. مسلمان ۾ نه علم هو، نه سجاڳي. قوم سان همدردي رکندڙ عالم ۽ اڳواڻ، جي چاهيندا هئا
ته مسلمان آزادي حاصل ڪري وري پنهنجو اڳيون مان مرتبو ۽ اوج ماڻين، سي قوم کي غفلت
۾ ڏسي وڏي واڪي چوندا هئا:
سـتـا اٿـي جـاڳ،
نـنـڊ نه ڪجـي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
ان دؤر ۾ جڏهن ملڪ
جي ٻين قومن ڏانهن ڏسبو هو ته اهي ترقيءَ تي گامزن آهن، مگر مسلمان، جنهن حال ۾ هو، ان ۾ ئي غافل آهي
ته ان کي هوشيار ڪرڻ لاءِ چئبو هو:
چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ.
آزادي آئي، ملڪ جو
ورهاڱو ٿيو، پاڪستان ٺهيو، پوءِ ملڪ جي حالتن عجيب صورت اختيار ڪئي آهي. موجوده دؤر، سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جو دؤر آهي. هن
سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جي دؤر ۾، اسان پنهنجي پاڻ کي شاهه جي هنن لفظن ۾ مخاطب ٿيون ٿا:
جاڳو جاڙيجا، سما
سک مَ سمهو.
۽ وري پنھنجي
وڏي ڀاءُ جي ڏاڍاين، اُرھ زوراين، هٿ کس ۽ ڀون
ولار واري وٺ وٺان ڏانهن اشارو ڪري چوندا آهيون:
پسو ان پاران، لاکو ٿو
لوڙيون ڪري.
ھي دؤر قوم
پرستيءَ ۽ وطن پرستيءَ جو دؤر آھي، جنھن لاءِ علامه اقبال چيو ھيو؛ ”ان تازه خدائوں ميں بڑا سب سے وطن هے“، سو ھن ڌرتيءَ سان پيار
ڪندڙ هڪ ٻئي کي شاهه جي هنن لفظن ۾ خطاب ڪن ٿا:
حيف تنين تي هوءِ،
وطن جن وساريو.
ورهاڱي کان اڳ جو
دؤر ۾ حقن وٺڻ لاءِ هڙتال ۽ بک هڙتال ڪئي ويندي هئي، هن دؤر ۾ اهي ڳالهيون پنهنجو اثر وڃائي
ويٺيون آهن. هن دؤر ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي نوجوانن جي زبان تي شاهه جا
هي لفظ آهن:
سورهيه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
هڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
زندگيءَ ۾ جدوجهد ئي آهي،
جا انسان کي منزل تي رسائي ٿي. اهي انسان،
جي هر وقت ڏينهن رات محنت ڪندا رهن ٿا ۽ هر حال ۾ ماٺ ڪري نٿا ويهن، اهي ئي ڪامياب
ٿين ٿا، پر جن غفلت ۽ سستي ڪئي، اهي منزل ۽ ماڳ کان پٺتي رهجي وڃن ٿا ته انهن کي چئبو آهي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه،
ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
پر محنت، محبت سان
گڏ هئڻ گھرجي. محبت ڀري محنت ۾، خوشي ئي
خوشي آهي. محبت سواءِ محنت عذاب آهي، جا ڪڏهن
به ڪاميابيءَ تائين نه رسائيندي. ان لاءِ شاهه جي لفظن ۾ چوندا آهيون:
پيرين پنڌ وسار، هل هِنئين سين هوت ڏي.
جيڪڏهن اڳين ڏينھن
وارن ماڻهن، ماڳن ۽ مڪانن کي ياد ڪندا آهيون ۽ هاڻوڪين حالتن ڏانهن ڏسندا آهيون ته
اسان جي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته:
۱- نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
***
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
***
۲- ويا سي
وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار.
***
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار.
***
۳- ويا مور
مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
انساني زندگيءَ تي عشق ۽ محبت جو وڏو اثر آهي. چوندا آهيون
ته؛ ”اهو
وڻ نه آهي جنهن کي هوا نه لوڏيو آهي“،
سو اهڙو ڪو انسان ورلي ملندو جنهن جو عشق سان واسطو نه پيو هوندو، پر جنهن جو
واسطو عشق سان پيو هوندو ۽ عشق ۾ سور ۽ سختيون، ڏک ۽ ڏوجھرا ڏٺا هوندائين ته رڙ ڪري چوندو:
۱- عشق نانگ
نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
***
***
۲- سڪڻ ۽
سوري، ٻئي اکر هيڪڙي.
جڏهن عاشق، عشق ۾
آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳندو آهي، ۽ رنج ۽ غم ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، ته سندس دوست کيس
چوندا آهن:
۱- سڪ نه آھي سٿري، کڻ پروڙي
پير.
۲- عشق ناهي
راند، جي ٿا کيڏن ڳڀرو.
۳- سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
۳- سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
هو بي اختيار چوڻ لڳندو آهي:
عقل، مت، شرم؛
ٽيئي نينهن نهوڙيا.
وقت تي عاشق جي دل ۾ وسوسا پيدا ٿيندا آهن ته جنهن کي آ پيار ڪريان ٿو، جنهن جي سِڪ مون کي هر وقت سڪائي ٿي، ڇا هو
به مون کي ياد ڪري ٿو، ته پنهنجي دل کي هيئن دم ۽ دلاسا
ڏيڻ لڳندو آهي:
تو جنين جي
تات، تنين پڻ آهي تنهنجي.
وقت تي ڪن دوستن، گھڻگھرن ۽ پيارن کان ڪي اوڻايون، گھٽتايون يا ڪسي پڪي ٿي پوندي آهي ته کر، ڌرين کي ڦٽائڻ يا زنگ ۽ ڦڪ وجهڻ جي ڪندا آهن. اڳلي کي
چوندا آهن ته؛ هو تو
سان ڪهڙو برتاءُ ٿا ڪن، تون اڃا پيو انهن لاءِ مرين ۽ ڳرين،
ته هو چوندو آهي.
۱- پرين سندي
پار جي، مڙئي مٺائي.
۲- سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪڙا ٿين نه سپرين.
۲- سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪڙا ٿين نه سپرين.
مگر جي ٻنهي ڌرين جا خير خواهه هوندا ته اُهي کيس
سمجهائيندا:
هو ڇنن تون مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.
جيڪڏهن ڪو دوست دور هوندو آهي يا رُسي ويندو آهي ته شاهه جا
طالب مومل جيان نوڙت ۽ نياز ڪري چوندا:
۱- مين سي
ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
۲- اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
۲- اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
ڪنهن پياري جو انتظار ۽ اوسيئڙو هوندو آهي ته هن جي دل مان
هر وقت هيءَ صدا نڪرندي آهي:
مون گھر جي اچي، ٿئي
مينڌرو مهمان،
پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پرينءَ تان.
پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پرينءَ تان.
۽ سسئي جي لفظن ۾ چوندو:
الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي.
دنيا جي بي ثباتي ۽ فنا جو ذڪر ايندو ته چونداسين:
۱- ڊگهي اڏ مَ
منهي، پکو اڏ مَ لانڍ.
۲- فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
۳- گھوڙن ۽ گھوٽن، رھڻ ٿورا ڏينهڙا.
۲- فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
۳- گھوڙن ۽ گھوٽن، رھڻ ٿورا ڏينهڙا.
شاهه جو گھڻو ڪلام دعائيه آهي. الله اڳيان سواءِ نوڙت ۽ نياز، آزي نيازيءَ جي ٻيو ڪجهه نه ٿو هلي. انهيءَ کي ليلائڻ
کان سواءِ، چارو نه آهي. انهيءَ ڪري اسان پنهنجي مطلب ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، پنھنجي مرادن ۽ ارادن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاجهاري سائين کي
شاهه جي لفظن ۾ ٻاڏائيندا رهندا آهيون. شاهه جا اُهي بيت ۽ بيتن جون مصراعون،
پهاڪا ٿي ويون آهن، جيئن چوندا آهيون:
زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪين حبيب سان.
۽ پنهنجن عيبن
ڏانهن ڏسي چوندا آهيون:
۱- تون سمون،
آ گندري، مون ۾ عيب اپار،
پسي لَي لغار، متان ماڱر مٽيين.
۲- مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
۳- لکڻ مَ لکيج، جو موراهون ناهه مون،
مون کي ملهائيج، وارو ڏيئي ولها.
پسي لَي لغار، متان ماڱر مٽيين.
۲- مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
۳- لکڻ مَ لکيج، جو موراهون ناهه مون،
مون کي ملهائيج، وارو ڏيئي ولها.
هن ٻاجهاري در وينتي ڪندي چوندا آهيون:
۱- جيڏو
تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان.
۲- تون سپڙ، آ سيڪڙو، تون ڏاتر آئون ڏوهه،
تون پارس آ لوهه، جي سَڃيين ته سون ٿيان.
۲- تون سپڙ، آ سيڪڙو، تون ڏاتر آئون ڏوهه،
تون پارس آ لوهه، جي سَڃيين ته سون ٿيان.
۽ جڏهن ڪنهن بيماري يا مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهيون ته ليلائڻ
لڳندا آهيون:
تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي.
۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي التجائن قبول پوڻ ۾ دير ٿيندي آهي ته
پوءِ ليلا جي هنن لفظن سان پاڻ
کي آٿت ڏيندا آهيون:
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهيندڙ گھڻو.
آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهيندڙ گھڻو.
مطلب ته شاهه جو تمام گھڻو ڪلام، سنڌ وارن جي مختلف جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو سنڌ وارن جي
دل ۽ دماغ ۾ بيحد سمايل آهي ۽ سنڌ وارا ان
کي وقت به وقت مختلف موقعن تي استعمال ڪن ٿا.
ڪجھ وڌيڪ مثال بيان ڪجن ٿا، جي مختلف موقعن تي استعمال ٿين ٿا:
۱- ڪي اوڏا
به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
۲- سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
۳- ماڻهو گھرن مال، آ سدا گھران سپرين.
۴- وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
۵- اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
۶- ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن.
۷- ايءُ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي.
۸- ڏاتار ته تون، ٻيا سڀ مڱڻا.
۲- سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
۳- ماڻهو گھرن مال، آ سدا گھران سپرين.
۴- وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
۵- اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
۶- ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن.
۷- ايءُ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي.
۸- ڏاتار ته تون، ٻيا سڀ مڱڻا.
***
No comments:
Post a Comment