شاهه جون چوڻيون
(سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان)
نياز همايوني
سنڌيءَ ۾ چوڻيون،
سماجي اهميت رکن ٿيون. اهي
نه رڳو زبان جي زينت آهن پر بيان جي لحاظ کان،
نيڪيءَ بديءَ
جي ڄاڻ ۽ سچائيءَ جي واکاڻ ڪري، سهڻي
زندگي گهارڻ جو ثمر پڻ بڻجن ٿيون. اهي چوڻيون، ظاهر ۾
ته نهايت ساديون پيون لڳن پر
گهرائيءَ ۾ جاچيو ويندو ته گهڻن مقصدن جو
گهر آهن.
چوڻين جي ترڪيب،
گهڻي ڀاڱي شاعراڻي هوندي آهي. انهيءَ ڪري عام
واقعن توڙي خاص محفلن ۾ هنن کي دلچسپيءَ سان دهرايو وڃي ٿو.
خيال آهي ته؛ چوڻيون صدين جي تجربن ۽
نتيجن جو نچوڙ آهن. منجهن
جيڪي ڳالهيون موجود آهن سي نئين پراڻي نسل جي رهنمائيءَ
سان گڏ اورچائيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. جيڪي ماڻهو، انهن تي
عمل ڪن ٿا تن کي يا ته ڪا مشڪل درپيش نٿي اچي
يا آئيءَ ويل از خود ئي سندن سڻائي ٿئي ٿي،
ڇاڪاڻ ته چوڻين جو بنياد،
هر حالت ۾، عقل جي اُڌر تي آهي. اهو عقل ئي آهي جو ماڻهن جي علم کي وسعت ۾ آهي. ان جي محابي،
کين سئين دڳ لائي ٿو.
چوڻيون، اصل ۾
لوڪ ريت جي شاخ مان آهن، جيڪي
زماني جي رفتار سان وجود ۾
اينديون رهن ٿيون. اهي ڪنهن چيون يا ڪٿان مليون،
تن سوالن جو ڪو جواب نه آهي. ايتري
تائين جو خود، لوڪ ادب جي باري ۾ به ڪا
سند نٿي ملي ته اهو ڪنهن
جي ايجاد آهي. ان بابت
ڪنهن مفڪر چواڻي
اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته؛ لوڪ ادب، انساني
زندگيءَ جو اٿاهه سمنڊ آهي، جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل
سمايل آهي.
سنڌيءَ ۾ هونءَ ته هزارين چوڻيون
مشهور آهن، جن جي
پنهنجي ساک آهي، پر هتي اهي چوڻيون
پيش ڪجن ٿيون، جن کي شاهه سائينءَ پنهنجي آفاقي شاعري ۾ سنواري عالم آشڪار ۽ لازوال بڻائي ڇڏيو آھي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾، جتي ٻيون خوبيون لکين خوبيون آهن، اتي ان ۾ اھا
خصوصيت به ملي ٿي ته لوڪ رنگ جون ڪيتريون صنفون منجھس پنھنجي رنگينيءَ سان اجاگر
ٿيل آھن. انھيءَ اھم وصف جي ڪري شاهه سائينءَ جي شاعري، پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي محبوب شاعري آهي. سنڌي لوڪ ادب جي
ارتقائي تاريخ جي ڪنهن خاص قول مطابق؛
لوڪ شاعريءَ جو دائرو، عوامي زندگيءَ جي ڪنهن خاص موضوع سان به آهي ته ڪنهن قصي، ملڪي رسم و رواج يا ڪنهن رواجي مقصد يا مدعا سان به آهي. انهيءَ جون مصرعون
اھڙيون ته تڪيل توريل هونديون آهن جو
زباني طرح سان چوڻ پڙهڻ ۾ بلڪل موزون پيون لڳنديون
آهن ۽ انهيءَ جي اظھار يا ادائگيءَ ۾ ڪنھن به مصنوعي فڪر جي نزاڪت جي
بوءِ نه ھوندي آھي. اھو شعر آسانيءَ سان ڳائي سگھبو آھي. انھيءَ جي وزني
ساخت ۾ ڪا به نقالي نه هوندي آهي.
شاهه سائينءَ پنهنجي فڪر ۽ فن جي آڌار تي، نهايت فلسفياڻي انداز ۾،
جيڪي عوامي گفتا ۽ خاص نڪتا، شعر جي
وسيلي بيان ڪيا آهن، تن مان گھڻن کي چوڻين جي حيثيت ملي وئي آهي. اهڙي نموني جي ڪن سٽن جي،
سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري
۽ حسينيءَ مان چونڊ ڪري، هتي ڏجي ٿي، جن ۾ انسان جي ذهني واردات
کان وٺي سماجي روداد تائين پيش ايندڙ واقعن ۽ حادثن جي پوري پچار
پسڻ ۾ اچي ٿي. جهڙوڪ:
·
ڪنهن پر
رئان پريءَ کي، روئي نه ڄاڻان.
·
هيڏا هاڃا
ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
·
ويٺي ور
نه پون، ستي ملن نه سپرين.
·
ديسي سيڻ
ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
اهڙيءَ طرح هتي درج ڪيل هر ڪا
سٽ، انهيءَ حقيقت تي انحصار رکي ٿي، جنهن جو سنئون
سڌو لاڳاپو، انسان جي نجي توڙي سماجي
زندگيءَ سان آهي.
· اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
· اندر جنين اڃ، پاڻي اُڃيو تن کي.
· هتان کڻي هت، جن رکيو
سي رسيون.
· وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي!
· هيج نه هوندو جن،
سي ڪينءَ وندر وينديون!
· هوت تنهنجي هنج ۾،
پڇين ڪوهه پرياڻ!
· ڄاڻي سڃاڻي وھان، ڪيئن ماٺ ڪري!
· اديون آ اڄاڻ،
مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
· لڳي جن لوري، ڏونگر سي
ڏورينديون.
· رتيءَ جي
رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
· تو تي لڄ
لطيف چئي؛ آهي سندي عام.
· وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا.
· سيڻن ڪارڻ سسئي، پئي پراهين پور.
· وٺي ور نه پون،
ستي ملن نه سپرين.
· ڪڏهن ٿِجي ڪات، ڪڏهن ٿِجي ٻڪرو.
· جي ماڙهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.
· پاڙي پاڙي پيهه،
وت پڇندي پنهونءَ کي.
· سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
· وهي ويڙهجي جا، وصل تنهين وڃائيو.
· پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين.
· ويندي ڏانهن پريَن، جتي جات نه پائيان.
· مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.
· مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات.
· لکيو جو نراڙ، سو
انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي.
· آئون نه گڏي پرين
کي، جوڀن ويو جاڙ.
· رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪ.
· اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿئي.
· هيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو اچي.
· ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
· ٻانڀڻ کي ٻروچ
ريءَ، ٻيلي ناهه ٻيو.
· جتن ڪج جتن جو، آيا ڪي ايندا.
· هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين.
· سرتيون دعا ڪجاھ،
ته ميڙائو مون ٿئي.
· مون کي ٿا مارين، سڄڻ سانباهي ڪيو.
· واٽون ويھ ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا.
· الله اچن اوءِ، جن آئي من سرھو ٿئي.
· لک لھي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
· جھڙو پنھون پاڻ، تھڙي سٽا ساٿ جي.
· ڪوهيارو قهري، ويو نھوڙي ننڊ ۾.
· ڪاڏي منهن مڪران جو، ڪاڏي ڪيچ ٿيو.
· وري آيس ور، سفر مئي جا ساب پيا.
· آڏو ٽڪر ٽر، متان
روهه رتيون ٿئين.
· سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح.
· سمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
· منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
· پرين جا پاتي، سا جڙ جيئري نه لهي.
· هوندن مٿي هون، لاڳاپا هن لوڪ جا.
· ستريون ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
· متان ڪا ٻڙي! ٻول ٻاروچي وسھي.
· پورھيو ڪنديس پر جو، ڀرينديس
پاڻي.
· سي ڪيئن محب
مڙن، جي سنجهي رهن سمهي.
· ستينءَ سواري، منهن ويڙهي مئن جئن.
· چڱي ڪا
نه ڪياءِ، پير
وڃائي پريءَ جو.
· گوندر جا گهوڙا، وڃن جان جدا ڪيو.
· ڪوڙن ڪندابن، ڏاگهن
ڏڌي آهيان.
· ستي پون ڇرڪ، آيل! ٻاروچن جا.
· ٻانڀڻ کي موٽي،
پاڻهن پڇندو پٻ ڌڻي.
· مون کي جنين ماريو، سڃاتم سيئي.
· دارونءَ جا داڻا، ڏنم هوت هٿن سين.
· ڪنهن پر رئان پريءَ کي؟ روئي نه ڄاڻان.
· ور نه سهي ويڪ، تون ٽيڏي ٽٽايون
ڪرين.
· سونهين ٿي سواٽ، ته منجهان دل دڳ لهين.
· سورن ساڻ سرهو، اچي ٿيم جيڏيون.
· سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي.
· تئيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويھڻ
جي.
· ڇڏينديس ڀنڀور، ھينئون
هت نه وندري.
· ماڻيون تنين مور، ديکيو جنين دل سي.
· هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
· جا پر پاڻيءَ لوٽ، سا پر منھنجي ڄندڙي.
· پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن
پرينءَ کي.
· ڏوريان ڏوريان م
لهان، شال م ملان هوت.
· ديوانيءَ سين دوس، ساٿي آهي سڃ ۾.
· الا ڪيچ ڌڻين، مون سين پوءِ م
مامرو.
· ڪا مون ٿيندي ڏيٺ، ٻيهر ٻاروچن سين!
· نڪي ٿي جيئان، نڪي مئي آهيان.
· پنهونءَ وڌم پيچ، نسورو ئي نينھن جو.
· الله آهين تون، هوتن تان هيڏي ڪئي.
· هيم هوتن سين چک، سڄو سڱ نه ساريان.
· ڪا جا پيس
ڪاڻ، نبيريانس نه نبري.
· ڏکوين اھڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو.
***
No comments:
Post a Comment