ٻانھن ڀڳي ته گھوري، دل
جي ھر کر ته مئي.
(سرو، پھاڪو)
منظور ڪوھيار
هڪ هٽ واڻئي ٻه ٽي ڏينهن
سچي گيھ جي ڪٽي ڇا کاڌي، کيس پنهنجي ٻلوان هئڻ جي پڪ ٿي وئي.
ھر ڪنھن کي چوندو
وتي؛ ”ڀائي جي سانھ جي وريل سڱ ۾ ٻانهن وجھي، شٽ ڏيانس ته شنڱ ٻه ٽڪر ٿي پويس.“
گهڻن گھڻگھرن
سمجھايس ته؛ ”ڀائي مڙي وڃ!..“
پر نه مڙيو.
ڇو جو شؤق کنيو
بيٺو ھيس. ڪنھن جي جھل ۾ ئي نه آيو.
هڪ ڏينهن سانَ جي
وريل سڱ ۾ ٻانهن ڦاسائي جو سٽ ڏنائين ته پنهنجي ٻانهن ٻه ٽڪر ٿي پيس.
ھاڻي پڇڻ وارن پڇيس
پئي؛ ”ڀائي هي ڇا ڪيئي؟“
ھر ڪنھن کي ساڳيو جواب
پئي ڏنائين؛ ”ڀائي! ٻانهن ڀڳي ته گھوري، هر کر ته مئي نه!.“
مطلب؛
۱ - گھر سو سڙيو،
باقي حقي جا مزا ته ورتاسين.
۲ - مڙس سو مئو،
دوا جي وزن جي خبر پئجي وئي.
(منظور ڪوھيار؛
’يار زندھ، صحبت باقي‘ منجھان، سندس فيسبڪ ٽائيم وال تان، ڪوري کنيل)
No comments:
Post a Comment