Monday, September 23, 2019

شاھ ڀٽائي جا بيت - پهاڪا - حافظ محمد احسن چنا


شاھ ڀٽائي جا بيت - (پهاڪا)
حافظ محمد احسن چنا


وطن جو گھڻگھرو، سنڌ سٻاجھي جو سدا حيات شاعر، سوڀارو، دنيا جي شاعرن کان تمام اوچو، لاکيڻي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو موجوده رسالو پڙهجي ٿو ته گويا سمنڊ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وري وري پڙهڻ سان، نوان نوان بيت ۽ نوان نوان نڪتا پيا پسبا.
اڃا ته محققن جو چوڻ آهي ته؛ ڀارت ۾ موجوده رسالي کان وڌيڪ ٻيا بيت ۽ وايون آهن، جن لاءِ ڪوشش هلي رهي آهي ته اتان اهو مواد هٿ ڪري اچجي، پر موجوده رسالي ۾ ڏسبو ته اها ڪا ڳالھ، اها ڪا گفتگو يا موضوع يا عالمن ۽ اديبن جو وعظ يا تقرير ۽ ليڪچر نه هوندو، جنهن تي شاھ صاحب جو بيت موافق نه هجي.


خوشي هجي يا غم، جدائي ھجي يا وصل، معرڪه آرائي ھجي يا صلح، نماڻائي، عاجزي، اياڻائي، ٻاڏائڻ ۽ پرچائڻ، ريجھائڻ ۽ ليلهائڻ ۽ اهڙا موقعا، ڪئين وقت، جن تي شاھ صاحب جا ڪيترا بيت ٺھڪي ڦهڪي اچن ٿا ۽ ڪئين باريڪ نڪتا جھڙيءَ طرح:
”اکـيـن ۾ ٿـي ويھ، تـه واري ڇــپــر ڍڪيان،
تو کي ڏسي نه ڏيھ، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.“
”سنهي سئي سبيو، مون مارو سين ساهه.“
”ٽيڏي پسي ٽي، هو تان آھي ھيڪڙو.“
”مر وڃجي ڪورئين، ڳنڍڻ جنين ڪار،
ڇــنــڻ سـنـدي ڪار، مور نه اٿن من ۾.“
”ڀـــري ٿــيــان ڀــونءِ، مـثـل واريءَ جيان،
ته جيئن مٿان مون، لتاڙي لوڪ ڌڻي.“
مطلب ته هزارين نُڪتا ۽ باريڪ بينيون موجود آهن.
وري ڏسو ته اهڙا بيت ته انيڪ آهن جيڪي پهاڪن وانگر عام چوڻي، ننڍن وڏن، مردن ۽ عورتن ۾ عام زبان زد ٿي ويا آهن. هت اهڙا بيت شاھ صاحب جا الف بي وار ڏجن ٿا، جيڪي پهاڪا بڻجي ويا آهن ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن:
·      الله آڻ اهي، جن آئي من سرهو ٿي.
·      الله جنگ جين، اجھي جن جي گھاريان.
·      اڱڻ جن اچن، عيد ورتي ان کي.
·      اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
·      اسان ۽ پرين، شل هُوَن برابر ڏينهڙا.
·      ايءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو ڦري.
·      ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٽن ڪير پنڌ ڪري.
·      اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.
·      آءٌ سنڌي پڻ نه سنڀران، هو پارسي پڇن.
·      آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.
·      اهي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.
·      ايءَ دوستن دستور، جيئن ڇنا ڇنن ڪينڪي.
·      انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
·      آهيان عيبدار، سڪان ٿي سهاڳ کي.
·      اهڙو ئي الله، جو پورهتيون پيش ڪري.
·      آسر م لاهيج، سڄڻ ٻاجھارا گھڻو.
·      اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
·      اوڳڻين رسي سڀ ڪو، ڳڻين پرين رٺام.
·      آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
·      آندا پرين الله، سڏ منهنجا ثاب پيا.
·      اڱڻ اهي ئي، پر جت نه پسان جوءِ ۾.
·      اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
·      اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
·      ٻاهر ٻيلا ٻوڙئين، ڪنڌيءَ سڪائين ڪانھن.
·      ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هڪڙو.
·      پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
·      پاڻا ڏوھ چڙهن، جيئن ورق وارين وترا.
·      پاڻي پني ٻوڙ، سهڻيءَ ليکي سير ۾.
·      پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن.
·      پيرين پنڌ وسار، هل ھنئين سين هوت ڏي.
·      پيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.
·      پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
·      پکن منجھ پساھ، قالب آهي ڪوٽ ۾.
·      پورن مٿي پور، لهن ڪين لطيف چئي.
·      پارس سين پاسو، لڳن ته لعل ٿيا.
·      ڀريم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪم نه آئيو.
·      ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي؟
·      ترهو تني بار، عشق جن کي آڪرو.
·      توڙي حب نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن ھھڙيون.
·      تو در ناھ جھو، مون ٻيا در گھڻا نهاريا.
·      تون پارس آءٌ لوھ، سڃين ته سون ٿيان.
·      ٽيڏي پسي ٽي، هوت آهي هيڪڙو.
·      جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون.
·      جي ورق وارين ويھ، تو اکر ئي ھيڪڙو.
·      جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
·      جن کي حب ھينئين ۾ آھه، ساهڙ ساٿي تن جو.
·      جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏائي مڱان.
·      جي وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي.
·      جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
·      جھڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي.
·      جني ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي نه ٿيا.
·      چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن.
·      چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
·      دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي.
·      ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
·      دنيا سڀ دريا، ڪو ڪو تارو تنهن ۾.
·      ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا.
·      ڏيرن ڪونهي ڏوھ، امر ائين لکيو.
·      ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
·      ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا.
·      ڏکن پٺيان سک، سگھا ٿيندءِ سسئي.
·      ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري.
·      ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيب جا.
·      ڏينهن مڙيئي ڏُون، اٿي لوچ لطيف چئي.
·      ڍوليو تني ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
·      ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
·      ڍڪي ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾.
·      رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
·      راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھ ڪو.
·      زاري ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين.
·      سڪ سلامن سان، لهندي ڪين لطيف چئي.
·      سوري جني سيج، مرڻ تن مشاهدو.
·      سمنڊ جي سيوين، تني ماڻڪ ميڙيا.
·      ساڻي جن الله، سي ٻجھان ڪين ٻڏنديون.
·      ساهڙ مون سينگار، ماڻهن ليکي مهڻو.
·      سڄڻ ماکي ميٺ، ڪڙا ٿين نه ڪڏھين.
·      ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.
·      سمر جن نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
·      سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
·      ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
·      سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.
·      سوکيءَ ڀانئي سڀ ڪو، اوکيءَ تون هِين تون.
·      سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چؤ.
·      عاشق زھر پياڪ، وھ پسيو وھسن گھڻو.
·      عاشق ايئن نه هون، جيئن تون سڄي انگڙين.
·      عدل ڇٽا آ نه، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
·      فاني ۽ فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
·      قدر وار ڪم ٿيا، کٽا خريدار.
·      قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾.
·      ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀ ڪنهن.
·      ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
·      ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن سان.
·      ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
·      ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجيا.
·      ڪوڙ ڪماءِ م ڪچ، اٿي اور الله سين.
·      ڪا مون ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ سٻاجھا گھڻو.
·      ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ ڪڻي.
·      ڪسيم جنھين ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
·      ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
·      ڪا نه پڇي ذات، جيڪي آيا سي اگھيا.
·      گھڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.
·      لکيو منجھ نراڙ، سو قلم ڪياڙي نه وهي.
·      لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
·      لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
·      لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
·      لئج لطيفي لات، ته ويجھو ٿين وصال کي.
·      مفتي منجھ وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿين.
·      معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.
·      مرين جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.
·      مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿين مات.
·      ماڻيو تني مور، جني ديکيو دل سين.
·      ماڻهو گھرن مال، آ سڀ ڏينهن گھران سپرين.
·      مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
·      مين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
·      منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهئين.
·      منهن ۾ موسى جھڙو، اندر ۾ ابليس.
·      ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج.
·      نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
·      ننگئون نڪتو نانگو، تنھن نانگي ڪهڙو ننگ.
·      وطن ٿيو وري، ڪُوڙن ڪانيرن جو.
·      ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو.
·      وهامي ويندياءِ، گھڻا هڻندين هٿڙا.
·      وس ڪرڻ مون واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
·      ور پنهون سين پلڪ، ٻن ٻارهن ماه ٻين سين.
·      ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
·      واٽون ويھ ٿيون، ڪوه ڄاڻا ڪيهي ويا.
·      هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار.
·      هو چونس ٻوڏ، ته جيءَ سڻائي جڳ کي.
·      هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي چئين؟

***

No comments:

Post a Comment