شاهه جي شعر جو پھاڪن طور استعمال
(سر مارئي ۽ سر حسينيءَ ۾)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
دنيا ۾ جيڪي به وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، قومون انهن شاعرن
سان پيار ڪن ٿيون. نسل
اُنهن کي ياد رکن ٿا. مختلف مهلن ۽ موقعن تي سندن شاعري پڙهي، ٻُڌي، ٻُڌائي ۽ ياد
ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ساڻيهه ۾ به لوڪ شاعريءَ سميت اسان جي مهان شاعرن جي شاعري نه رڳو
پڙهي، ٻُڌي، ٻُڌائي ۽ ياد ڪئي وڃي ٿي، پر روزاني
زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ نياپن، هدايتن، فڪر
فھم، سمجهڻ سمجهائڻ ۽
مثالن طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. اُنهن
شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خليفو
نبي بخش ”قاسم“ ۽ شيخ اياز اچي وڃن ٿا.
لطيف ته سنڌ ملڪ جو اُهو محبوب
شاعر آهي، جنهن کي ھر طبقي ۽ هر
عمر جا ماڻهو نه رڳو ياد ڪن ٿا ۽ ڳائين وڄائين ٿا، پر کيس دل جي گهِراين سان پيار ڪيو
وڃي ٿو. سندس ذڪر فڪر ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ۽ سنڌ جي
زندگيءَ جو شاعر آهي. اها ھڪ شاعر جي تمام وڏي عظمت
۽ پڻ قوم جو ساڻس پيار ۽ بنھ ويجھڙائيءَ وارو رويو آهي، جو سندس شاعري سماج جي هر فرد کي ٿوري گهڻي ياد ھوندي آهي. سندس بيتن يا بيتن ۽
واين مان سٽن جو سٽون، جيئن جو تيئن، روزاني
زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ هدايتن، سهڻن نُڪتن، سمجهاڻين، سَنيهَن ۽ مثالن طور
استعمال ٿينديون آهن. ايتري
قدر جو سندس شاعري دعائن طور به استعمال ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ
ته لطيف جي شاعري سڄي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اندر جي سمورن احساسن ۽ ڪيفيتن جي شاعري
آھي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي شاعري آھي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي
پسندن، ناپسندن، محبتن ۽ نفرتن جي ڀرپور اظھار ڀري شاعري آھي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي حقيقتن، حالتن، وسيلن ۽ مڙني مُندن جي شاعري آھي. اھو ئي
سبب آھي جو سندس استعمال جو دائرو بنھ وسيع آھي. سندس شاعري ٻوليءَ جو اٽوٽ حصو ٿي
چڪي آھي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ سڄي
سنڌ موجود آھي.
لطيف جي شاعريءَ مان سوين
بيت ۽ سٽون اهڙيون به آهن، جيڪي چوڻين ۽ پهاڪن جو روپ ڌاري چڪيون آهن ۽ ٻوليءَ ۾
اهم جاءِ والارين ٿيون ۽ سڄي سنڌ جي ھر واھڻ وستي ۽
علائقي ۾ ھڪجھڙي دلچسپيءَ ۽
جذبن سان استعمال ٿين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي لھجا ۽ لاڙا سندس شاعريءَ ۾ موجود
آھن، ڇو ته لطيف اھو شاعر آھي، جنھن
سڄي سنڌ جي ھر ھنڌ کي گھمي ڏٺو. سامونڊي علائقا، سرو، وچولو، لاڙ، ڪچو، ڪوھستان ۽
ٿر جي ٻاڙي ٻاڙي کي گھرائيءَ سان ڏٺو. اتي جي ماڻھن جي گذر سفر جا وسيلا، ڪم ڪار،
ھنر، حرفتون، مصروفيتون، رسم و رواج، پسند ناپسند، دلچسپيون ۽ سنڌ جي مختلف علائقن
تي پوندڙ اثرن جو به گھرائيءَ سان مشاھدو ڪيو. اھو ئي سبب آھي جو ماڻھو پنھنجي
اندر جي ترجماني محسوس ڪري ٿو. ھر ماڻھو لطيف جي شاعريءَ کي وڏي احترام سان ٻڌي، ٻڌائي، ياد ڪري ۽ من ئي من ۾ ان جو ورد ۽ ورجاءُ به ڪري ٿو.
ھتي اسان جو موضوع، لطيف جي شاعريءَ جو پھاڪن طور
استعمال آھي. پهاڪو، اھڙي سخن يا نقطي
کي چيو وڃي ٿو، جيڪو وسيع آزمودي کان پوءِ حاصل ڪيل هدايت، سخن ۽ مثال ھوندو آھي، جيڪو پويان نسل،
ضرورت وقت ڪتب آڻيندا آهن. پهاڪي يعني ”Proverb“ جي معنيٰ، انگريزي
ٻوليءَ جي شاھڪار ڊڪشنري ”انسائيڪوپيڊيا ڊڪشنريءَ“ ۾، هيٺين ريت ڏني وئي
آهي:
“Proverb: Short pithy saying
in general use, adage saw, by word, thing that is proverbial or matter of
common talk didactic poetical.”(1)
جڏهن ته ”دي برٽش انسائيڪلوپيڊيا“
۾ Proverb جي سمجهاڻي هيٺين ڏني وئي آهي:
“A short pithy
sentence forming a popular saying and expressing, in a keen quaint or lively
fashion, some results of the experience of life. Proverbs are the flower of
popular wit and the treasure of popular wisdom. They give the result of
experience in a form made impressive by rhyme alliteration parallelism a
pointed turn or comparison drawn from the most ordinary scenes and occurrences
of life which by the force of association makes their effect strong and
permanent. Proverbs are plain spoken. They may be unassuming, lively, grave or
even sublime, their general character is naivete. In their views as in the eye
of the law, all are equal. They take cognizance of the virtues and vices and
follies of all classes, without respect of persons. They pierce the object at
which they aim, and this in fact gives them currency, and makes them what they
are.”(2)
“Proverb
have been defined by Cerruntes as; ‘Short sentences drawn from long
experience’, by Howell as sayings which combine ‘sense, shortness and slot’, by
Bacon as ‘the genius wit and spirit of a nation’, and by Earl Russell as ‘the
wisdom of many and the wit of one.’ They have formed an important part of the
common wisdom of both Eastern and Western civilizations, and in this way they
are interesting in a study of the spread and structure of language, as it has
been pointedly applied to changing manners and customs.”(3)
جڏھن ته سنڌي پھاڪي متعلق
مانواري مرزا قليچ بيگ ”سنڌي لغات قديمي“ ۽ ”لغات لطيفي“ ۾ پهاڪي
جي معنى واٽ، رستو، پهو(۴) ڏني آهي. انهيءَ معنى ۾ پهاڪي جو مول سنسڪرت ”پٿ“ مان ڄاڻايو آهي، جنهن جي معنى لاءِ هن شاهه جي ڪلام ۾ هيءَ سٽ حوالي طور ڏني آهي:
آتڻ وجهي آڳ ۾، پڇنديس پوءِ پهاڪو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو خيال
آهي ته؛ پهاڪو سنسڪرت لفظ ”پٿ“ مان نڪتل
آهي، جنهن جي معنى ”کولڻ، ڪو
راز پروڙڻ“ آهي. هن
”تحقيق لغات سنڌي“ ۾ پهاڪي جي معنى هن ريت ڏني آهي: ”پهاڪو (سن: پٿ+ڪو
پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثل“.(۵)
هو چوي ٿو ته؛ پٿڪ ڦري ٿيو
پٿاڪو، جو سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٿي ويو.
جامع سنڌي لغات ۾، پهاڪي جي معنى هن طرح ڏني وئي آهي: پهاڪو (سن - پٿ+ڪو) ضرب المثل، ڏاهپ جو قول، ڪهاوت، مقولو، نظير، سياڻپ،
دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو، رستو، واٽ نصيحت.“(۶)
ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي خيال ۾ ”پهاڪو“ اصل ۾
پَهه + آکو آهي، پَهه معنى ويچار، سوچ،
آکو - آکڻ معنى چوڻ. ڪا ڳالھ سوچ
ويچار کان پوءِ چوڻ.(۷)
پھاڪي تي سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڊاڪٽر مرليڌر
جيٽلي ڪئي آھي. ھو پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ ۾ پهاڪي لفظ جي
معنى ۽ سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ هڪ مصدر آهي؛ پهڻ. اُن جون مکيه
معنائون آهن: خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، سوچڻ، نبرڻ. مثال طور؛
(1)
تڏهن ويهي ساٿ وارن پاڻ ۾ پهيو پرياڻ. (مخدوم غلام محمد بگائي)
(2)
پتنگن پَهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ. (شاهه لطيف)
پَهه ڌاتوءَ ۾، ’آڪو‘ پڇاڙي گڏڻ سان، لفظ ٺهيو آهي؛ ”پهاڪو“. اُن ريت فعل،
ڌاتوءَ ۾ ’آڪو‘ يا ’ڪو‘ پڇاڙي جوڙڻ سان سنڌيءَ ۾ ٻيا به اسم ٺاهبا آهن، جيئن ته ميڙ (ميڙڻ) ميڙاڪو، چُئه (چُئڻ) چُئاڪو. لُڇُ، لڇڻ، لُڇڪو. چَٻڻ، چٻڪو. ڇلڻ، ڇلڪو. انهيءَ ڪري
پهاڪي لفظ جي اکري معنى آهي؛ اُهو نقطو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل آهي. عام ماڻهن جي
روزاني جيوت ۾ اهو گفتو صلاح يا هدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنهن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي
هلڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.“(۸)
اسان جي خيال ۾، مٿين عالمن جي ڏنل معنائن ۾ مرليڌر جيٽلي جي ڏنل معنى ۽ سمجهاڻي، وڌيڪ سگهاري ۽ درست آهي. توڙي جو ڊاڪٽر مرليڌر جي مٿين معنى ئي ڪافي آھي، تنھن ھوندي به ھن
صاحب پھاڪي کي وڌيڪ واضح ڪيو آھي. ھو پنھنجي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته؛ ”سنسڪرت لفظ پٿ يعني رستو، مارڳ، گس، سنڌي ۽ ٻين ڪيترين
هاڻوڪين ٻولين ۾ ساڳئي روپ ۽ معنى ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو، پر انهيءَ جو بدليل روپ پڻ
پراڪرت، سنڌي، هندي، راجسٿاني، وغيره ٻولين ۾ ملي ٿو. جيئن ته سنڌيءَ ۾ هيءُ لفظ؛ پَهه، پهو (سنسڪرت - پٿ) رستو واٽ،
گس.(۹)
پهي (سن - پٿن) واٽهڙو،
پانڌي، قاصد، همراهه.
راجسٿانيءَ
۽ هنديءَ ۾ پَهه، پاهه لفظ ملن ٿا، جن جي
معنى آهي؛ رستو، واٽ.(۱۰)
اھڙيءَ ريت سمجھجي ته پھاڪو
سنڌي لفظ پھ مان ئي نڪتل آھي، جنھن جي معنى آھي؛ واٽ، رستو، ڏس. پهاڪي
جو مطلب آهي؛ اهو ننڍڙو جملو يا جملي جو ٽڪرو، جيڪو هدايت،
سخن، سمجهاڻي، دانائي ڀرئي گفتي يا ڏسڻ لاءِ، اشاري
طور ڪتب اچي ٿو. پهاڪا، وسيع
تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن مان ڦٽي نڪتل نقطن
جا نچوڙ هوندا آهن. اُهي سياڻپ جا سخن ۽ نصيحت جا نقطا
آهن، جيڪي انسان جي زندگيءَ ۾ رهنمائي ڪن ٿا.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي درست لکي ٿو ته؛ ”پهاڪا ۽
چوڻيون، وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان
حاصل ڪيل گيان ڀريا گفتا آهن. اسان جي
ابن ڏاڏن زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رهندي، وهنواري
زندگيءَ جي آزمودن مان جيڪي پرايو، اُهو سڀ سنجروئي
ننڍڙن سخنن جي صورت ۾ پوين کي ورثي ۾
ڏئي ويا. اهڙن ننڍڙن گيان ڀرين گفتن،
سماج ۾ مروج ٿي پهاڪن ۽ چوڻين جو درجو حاصل ڪيو. هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جڳائي
ته پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪ شخص
جي دماغي ورزش جي پيدائش نه آهن. ڪو عالم جيڪڏهن ڪنڊ پاسيرو اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچ
ويچار ڪري ۽ نصيحت آميز پُر معنى نقطا
لکي، عوام اڳيان رکي ته اُهي پهاڪي يا چوڻيءَ جو درجو مشڪل حاصل ڪري سگهندا.“(۱۱)
مطلب ته پهاڪا، ڏاها ماڻهو ڪي ويهي
(شعوري) ٺاهيندا ۽ گهڙيندا ڪو نه آهن، نه ئي ڪي اُهي ٿوري وقت ۾ پهاڪا بڻجي پوندا آهن، پر
انهن جي جڙڻ ۾ زمانن جو رياض هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به
شڪ نه آهي ته لطيف جي شاعريءَ ۾ زمانن جو رياض ۽ رچاءُ
شامل آھي. ڊاڪٽر مرليڌر لکي ٿو ته: ”انهيءَ ۾ ڪو به
شڪ نه آهي ته هر ڪو پهاڪو، هر ڪا چوڻي
پهرين پهرين ڪنهن هڪ شخص جي واتان نڪتل آهي، پر انهيءَ ۾ جيون جي سچائي اهڙي ته
سهڻي، دلچسپ ۽ اثرائتي نموني پيش ڪيل آهي، جو سماج جا ٻيا ماڻهو ٻڌندي ئي متاثر
ٿيو ٿا وڃن ۽ پوءِ اُهي انهيءَ سخن کي اپنائي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پاڻ به استعمال
ٿا ڪن. اهڙيءَ طرح هڪ شخص جي آزمودن ۽ جذبات جي سڀاويڪ اظهار تي بيٺل سخن، عوام ۾
مروج ٿي، پهاڪو يا چوڻي بڻجي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اعلى شاعرن جي بيتن جون ننڍڙيون تُڪون به
اثرائتيون ۽ دلڪش هئڻ سببان عوام جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ٿيون وڃن.“(۱۲)
هن اُنهيءَ ڏس ۾ لطيف سرڪار جون
هيٺيون سٽون مثال طور ڏنيون آهن:
· ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
· ڏک سُکن جي سُونهن، گهوريا ڏک سکن ري.
· تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
لطيف اُهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي
شاعريءَ ۾ گهرو مشاهدو، آزمودو، حمڪت، دانائي،
ڄاڻ، سوچ ويچار آهي. انسانن
جي اعلى گڻن جا احوال (مثال طور)
آهن. تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جي عڪاسي ٿيل آهي. تاريخي، نيم تاريخي، عشقيه داستان،
قصا، ڪهاڻيون ۽ سنڌ ساڻيهه جو هر نظارو به موجود
آهي. سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، عقيدا، وهم وسوسا، اظهار جا نمونا، حرفتون،
هُنر، ڌنڌا، فن ۽ ڪاريگريون موجود
آهن. مطلب ته سنڌ جون جھلڪيون سندس شاعريءَ ۾ پسجن ٿيون.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته لطيف جا ڪيترا
ئي بيت، بيتن ۽ واين جون سٽون، نه رڳو عام زندگيءَ جي ڳالهه
ٻولهه، ڪار وهنوار ۾ بنهه ڀرپور نموني سان ڪتب اچن ٿيون، پر لطيف جي شاعري، پهاڪن
طور به گهڻي استعمال ٿئي ٿي. مثال طور
هيٺيان بيت ۽ سٽون، عام
زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون ٻڌيون وينديون آهن ۽ اُهي پهاڪن طور ئي
ڪتب اينديون آهن:
·
حيف تنين
کي هوءِ، وطن جن وساريو.
·
ڇلي ڇڏ مَ
ڇپرين، ڏلي ڇڏ مَ ڏيهه.
·
سڄڻ ۽
ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري.
·
ايءَ نه
مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سونَ تي.
·
ڏڪاريا
ڏيهه مان، موذي شال مرن.
·
چپاتا
چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ.
·
ويا مور
مري، هنج نه رهيو ھيڪڙو.
·
گهوڙن ۽
گوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
·
ويا سي
وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.
·
سندي سڪ
پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
·
وکر سو
وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
·
ستر ڪر
ستار، آ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين
ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
· صاحب ڏي شفا، ميان!
مريضن کي.
ٻيا به
اهڙا ڪيترائي بيت ۽ بيتن جون سٽون آهن، جيڪي پھاڪن طور استعمال ٿين ٿيون. حقيقت ۾ لطيف جي شاعريءَ ۾
عام سنڌي ماڻهن جي جذبن، ڪيفيتن، احساسن، تجربن ۽ سوچ ويچار جو گهِرو بيان ۽ سندن
سڀيتا جو وسيع عڪس ملي ٿو. ھونئن ته
لطيف جي شاعريءَ مان سوين سٽون پهاڪن طور ڪتب آڻجن ٿيون پر اسان پنھنجي ھن مقالي اندر شاھ صاحب جي ڳايل ٻن سرن؛ سُر مارئي ۽ سر حسينيءَ کي موضوع طور آندو آھي،
تنھنڪري ھتي فقط انهن بيتن ۽ واين جي سٽن جو ذڪر ڪبو جيڪي ٻنھي سرن منجھ پهاڪن
طور استعمال ٿين ٿيون.
سر مارئي:
سُر مارئي
۾ وطن جي حب ۽ آزادي مرڪزي موضوع آھي. ھي سُر ساڻيھ جي سڪ، خودداري، اڏولپڻي، عزم ۽ استقلال جو سُر آھي. ھي سُر پنھنجن ۽ پنھنجي ملڪ سان بنھ گھڻي
محبت، ھر ڏکي حالت ۾ به پنھنجو ست سيل سلامت رکڻ جو ھڪ اعلى درس آھي. ھي بنھ مشڪل
حالتن ۾ به اميدن جو سُر آھي. ھي سُر بنھ گھڻي محبت ۽ خلوص ڀري فطري رھڻي ڪھڻيءَ،
جھڙي تھڙي پر پابندين کان بنھ آجي ماحول جو داستان آھي. ھن سُر ۾ اعلى اخلاقي
خوبين، زندگيءَ جي اعلى قدرن، ڳڻن ۽ لڇڻن جو چٽو ۽ سچو عڪس آھي. ھيءُ سُر سنڌ جي
اعلى سماجي قدرن جو آئينو آھي.
اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، جاکوڙ ۽ سخت کان سخت
حالتن کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي. محنت ڪرڻي پوندي آھي. ڪشالا ڪٽڻا پوندا آھن.
مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. پُرپيچ پيچرن تان لنگھي پار ٿيڻو پوندو آھي. سخت پيڙائن
جا پنڌ ڪرڻا پوندا آھن. پنهنجي منزل مقصود
حاصل ڪرڻ لاءِ بنھ خراب ماحول کي به منھن
ڏيڻو پوندو آھي. جڏهن نه
چاھيندي به گھُٽيندڙ ماحول جون سختيون به برداشت ڪرڻيون پونديون آھن. جڏھن ماڻھو
پنھنجي پاڻ کي بيوس ۽ لاچار محسوس ڪندو آھي ۽ اھڙي ايذائيندڙ ڪيفيت جي اظھار لاءِ
لطيف جي ھنن لفظن ۾ چئبو آھي ته؛
قسمت قيد ڪياس،
نات ڪير اچي ھن ڪوٽ ۾. (۱۶/۱)
پنھنجي اعلى مقصد لاءِ ڪيترائي ايذاءَ،
آزار ۽ سختيون سھڻيون پونديون آھن. قيد و بند رڳو لوڙھن،
ديوارن ۽ ڪڙن ۾ بند رکڻ جو نالو به نه
آھي پر قيد ته اھي مشڪل ماحول ۽ نظام جون سختيون پابنديون به آھن، جن ۾ ھر قسم جي
اظھار جي بندش ھجي ٿي. انسان ھميشه اتي ئي رھڻ چاھيندو آھي جتي پنھنجا ۽ پنھنجائپ ھجي، ڇاڪاڻ ته انسان جو آزاد رھڻ
فطري آھي. انسان ته ڇا پر ھر ساھوارو آزاد رھڻ چاھيندو آھي. انھيءَ جي ابتڙ جيڪڏھن
ڪيڏا به محل ماڙيون، ٺٺ ٺانگر ھجن، اُتي پنھنجا ۽ پنھنجائپ نه ھجي ۽ آزاد فضا نه
ھجي ته انسان لاءِ ھڪ گھڙي گھارڻ به بنھ ڏکي ۽ ايذائيندڙ ھوندي آھي. جڏھن سختيون ۽
صدما ڏيندڙ ۽ گُھٽيندڙ ماحول ۾ به پنھنجي اعلى
مقصد ڏانھن وکون کڻندي وڌبو رھبو آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
ڪوٺين گھاري ڪير،
محلين منجھي مون ھنيون. (۱/۲)
انسان
جي فطرت آھي ته ھو نه رڳو آزاد رھڻ چاھيندو آھي پر پنھنجن سان گڏ رھڻ گھرندو آھي.
جھڙي تھڙي ماحول ۾ ته گھاري سگھندو آھي پر پنھنجا ۽ پنھنجائپ جو احساس ضرور
طلبيندو آھي. ھر باضمير ۽ سالم ذھن انسان پنھنجي تھذيب، تمدن، ثقافت، رسم رواج وغيره تي فخر محسوس ڪندو آھي. ان سان پيار پڻ انسان جو فطري عمل آھي. پنھنجي
ثقافت، رسم و رواج، سوچ ۽ فڪر نه ڇڏڻ لاءِ لطيف جي ھن سٽ ۾ اظھاريو ويندو آھي:
جا ڏنيم ڏاڏاڻن،
سا لاھيندي لڄ مران. (۳/۱)
جڏھن
اندر ۾ آزار ھوندا آھن، اندر دردن سان ڀريو پيو ھوندو آھي. ڏک ڳڻڻ کان گھڻا ھوندا
آھن، تڏھن ماڻھوءَ جو ھانءُ ڀرجي
ايندو آھي ۽ اکيون ڇُلڪڻ لڳنديون آھن. جڏھن ڪنھن دردمند يا پنھنجائپ رکندڙ ماڻھوءَ
سان انھن ڏکن جو اظھار ڪبو آھي، تڏھن لطيف جي ھيٺين سِٽ زبان تي تري ايندي آھي:
لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪرئو پون قلم تي. (۲/۲)
سماج جون حالتون ڪڏھن ڪڏھن ايتريون ته ڏکيون ٿي پونديون
آھن، جو ماڻھو چاھيندي به ڪجھ ڪري نه سگھندو آھي. پنھنجي اعلى مقصد جي منزل ڏانھن
وک وڌائي نه سگھندو آھي. ماحول مجبور ۽ لاچار ڪري وجھندو آھي. جڏھن ويل به ڀرجي
ايندي آھي ۽ پوءِ به بيوسي وڌڻ يا ڪجھ ڪرڻ نه ڏيندي آھي. تڏھن چئبو آھي ته:
ھَئي منھنجي حال،
جئن مُندون سارئو نه مَران. (۱۰/۲)
پنھنجي
اعلى مقصد لاءِ جدوجھد ڪندي ھر غيرتمند ۽ باضمير ماڻھو، ھر لالچ لوڀ ٿڏي ڇڏيندو آهي. پنھنجي اعلى مقصد تان ھٽائڻ
لاءِ ڪا به سوديبازي ڪرڻ جو تصور به نه ڪندو آھي. غيرتمند ۽ باضمير ماڻھوءَ جو اھو
شيوو ئي نه ھوندو آھي ته ھو پنھنجي مقعد تان ھٽي وڃي يا لوڀ ۾ اچي پنھنجا نظريا ئي
تبديل ڪري ويھي. باضمير ماڻھو ته بک مرڻ ۽ ھر سختي برداشت ڪري سگھندا آھن پر
پنھنجي مقصد تان ھٽڻ جو تصور به نه ڪندا آھن. ڇو ته ويڪائو مال ٿيڻ کي زندگي ۽
زماني جو وڏو عيب ۽ انسانيت تي داغ ڀائيندا آھن، تنھنڪري باضمير
ماڻھو ئي ھدايت طور لطيف جي اعلى سٽن جو سھارو وٺندا آھن. اھا ئي لطيف جي عظمت آھي
جو ھو چوي ٿو ته اھو انسان جو گڻ ئي نه آھي جو ھڪ ڪيڏي وڏي (يا ننڍي) لالچ تي
پنھنجا سيڻ مٽي ڇڏي. ھيءَ ھدايت، ھي سُخن
اڪثر چيو ويندو آھي:
اِيءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سونَ تي. (۸/۳)
جڏھن
زندگي گھڻن ڏکن ۾ گذري ويندي آھي، ماڻھوءَ وٽ رڳو درد ئي درد وڃي رھندا آھن. سندس
پل پل پيڙاءَ ۾ گذريل ھوندو آھي، ماڻھو سک سنڀرندو ئي نه آھي ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھو
حال پڇندو آھي تڏھن جواب ۾ يا پنھنجي حال جي اظھار لاءِ چوندو آھي ته:
مون کي ماروئڙن،
سُڃ
ڳڻائي سيج ۾. (۱۷/۳)
ڪنھن
به عمل جي ڪري جڏھن ڪو پڇتاءَ جو احساس جاگندو آھي، يا ڪنھن عمل ڪرڻ کان سواءِ به
ڪو ماڻھو ڪنھن ڏکيائي يا عيب وغيره جو
سبب بڻبو آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
ھيڪ نه ڄاياس، ٻئو
ڄاپندي جي مران. (۳/۵)
پنھنجي منزل ڏانھن ويندي باضمير ۽ اعلى انسان جيڪي ڪا به
سوديبازي وغيره نه ڪندا آھن، تن کي تمام
گھڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون پيش اينديون آھن. سماج انھن لاءِ وک وک تي ڄڀيون ڄيرا
بڻجي پوندو آھي. سختيون ۽ سور ڏيندو آھي. پنھنجي اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به
تڪليفون، سختيون ۽ مصيبتون اينديون آھن، اعلى انسان انھن کي برداشت ڪندي فخر محسوس
ڪندا آھن. ھو ڦاھيءَ ڦندا ڏسي به خوش ٿيندا آھن. سوليءَ ڏانھن ويندي به سرھا ٿيندا
آھن. سخت کان سخت تڪليف برداشت ڪندي، ھنن جو عشق چوٽ چڙھندو آھي. اعلى مقصد لاءِ
برداشت ڪيل سمورين سختين ۽ سورن تي ھن کي فخر محسوس ٿيندو آھي، تنھنڪري اھڙي ڪيفيت جي اظھار ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي:
سکر سيئي ڏينھن،
جي مون گھاريا بند ۾. (۵/۵)
اعلى
انسان اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ته ھر تڪليف برداشت ڪندا آھن. پر ھو پنھنجو مقصد
حاصل ڪرڻ ضرور گھرندا آھن. توڙي جو ھو موت کان ڪڏھن به نه ڊڄندا آھن پر موت جي
منھن ۾ ويندي به پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ زور ڏيندا آھن. ھو اھو نه چاھيندا آھن
ته مقصد جي حاصلات بنا موت اچي،
تنھنڪري ھو چاھيندا آھن ته مقصد حاصل ڪري پوءِ ڀلي موت ملي. جڏھن ڪو پنھنجي مقصد
جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندي، سختيون سھي رھيو ھوندو آھي، تڏھن پنھنجي مقصد سان
سچو رھڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي:
اللھ ائين مَ ھوءِ،
جيئن آنءُ مران بند ۾. (۶/۵)
سر
مارئيءَ ۾ مارئي، وقت جي حاڪم جي ڪوٽ ۾ قيد و بند رھندي به ھيڏي ساري حاڪم، بادشاھ
آڏو ڪنڌ نه ٿي جھڪائي ۽ پنھنجي ست کي به
سلامت رکي ٿي. مارئيءَ جو ڪردار ڪمزور، مجبور، بيوس، لاچار، مسڪين ماڻھن جي لاءِ
عزم، ھمت، بھادري، استقلال ۽ وطن جي حُب جو اعلى سبق آھي. اٽل رھڻ، عزم ۽ استقلال
قائم رکڻ انسان جا بنھ اعلى گُڻ آھن. پنھنجي اعلى مقصد حاصل ڪندي موت به بي معنى
ٿي وڃي ٿو. جي پنھنجي منزل تي رسجي ۽ پوءِ موت اچي ته اھو موت به ڄڻ خوبصورت زندگي
آھي. اندر جي اھڙي خوبصورت تصور جي اظھار ڪرڻ لاءِ لطيف جي ھيءَ سٽ چئي ويندي آهي:
ميائي جياس،
جي وڃي مڙھ ملير ڏي. (۱۴/۵)
سچا ۽
مڪمل انسان، پنھنجي محبوب/مقصد سان ڪنھن به ٻي شيءِ جي شراڪت کي بنھ خراب سمجھندا
آھن. ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ اٽل ھوندا آھن. ڦرڻا گھرڻا ۽ ھلڪڙا ھرگز نه ھوندا آھن.
ھونئن به محبوب/اعلى مقصد تبديل نه ٿيندا آھن. جڏھن پنھنجي محبوب/مقصد تان ذرو به
نه ٿڙڻ جي ڳالھ ڪبي آھي يا توڙ نڀائڻ جي سختيءَ سان ڪا ڳالھ ڪبي آھي، تڏھن لطيف جي
ھيءَ ھدايت ڀري سٽ سخن طور سڻائي ويندي آھي:
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو،
کٿيرو ئي خوب. (۲۳/۵)
جڏھن پنھنجي ملڪ/علائقي کان پري
رھبو آھي ۽ پنھنجي ملڪ ۽
پنھنجن دل گھرين جي ياد گھڻو ستائيندي آھي، خاص ڪري تڏھن جڏھن ڪي ماڻھو زبردستي
پنھنجن ۽ پنھنجن ڪکن (گھرن) کان پري ڪيا ويندا آھن. قيد و بند ڪيا ويندا آھن ۽
پنھنجي اجھن کي ڏسندي ۽ منجھن رھندي گھڻا ڏينھن لڳي ويندا آھن. تڏھن چيو ويندو
آهي:
پکڙا ۽ پنھوار،
ڏٺي مون ڏينھن ٿيا. (۷/۶)
جڏھن ڪنھن جي غربت جي ڳالھ ڪبي
آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
آڻين ۽ چاڙھين،
ڏٿ ڏينھاڻي سومرا. (۷/۶)
دل گھريا سدائين چڱايون ۽ احسان ڪندا آھن. دل گھرين جي
احسانن ۽ ڀلاين جا ليکا نه ڪبا آھن. ڇاڪاڻ ته وٽانئن سدائين سٺائيءَ جي اميد ھوندي
آھي. جڏھن ڪنھن دل گھرئي جي احسانن ۽ ڀلاين جو ذڪر ڪبو آھي، تڏھن انھن جو ليکو ئي
نه ڪرڻ جي اظھار لاءِ چيو ويندو آھي ته:
ڀلائيءَ جا ڀيرا،
ڳڻي ڳڻيان ڪيترا. (۱۹/۶)
لطيف سرڪار اھو شاعر آھي، جنھن وٽ وطن جي ماڻھن ۽ وطن جي
محبت سڀ کان مٿانھين آھي. سُر مارئي ته سراپا ساڻيھ ۽ ساڻيھ واسين سان عشق آھي.
لطيف جي ھيءَ سٽ ھدايت ۽ سخن طور بنھ گھڻو چئي ويندي آھي:
وطن جن وساريو،
حيف تن کي ھوءِ. (وائي /۶)
جڏهن اول کان آخر تائين توڙ نڀائڻ جي ڳالھ ڪبي آھي يا عشق جي رشتي جي سچائيءَ جو
ذڪر ڇيڙبو آھي، تڏهن چيو ويندو آهي:
مون ماروءَ سين،
لڌيون لوئيءَ ۾ لائُون. (۳/۷)
انسان تي جھڙا به ڏينھن، وقت، زمانا وغيره ايندا آھن، سي گھارڻا پوندا آھن. اھي ڏينھن جيڪڏھن مايوس ٿي روئندي گذاربا
ته به گذري ويندا. پر روئندي ۽ مايوس ٿي گھارڻ سان اھي لمحا ۽ ڏينھن وڌيڪ تڪليفون
ڏيندا. حوصلا خطا ٿيڻ سان ٻين گھايلن جي حوصلن تي به اثر پوندا، تنھنڪري ھر مشڪل وقت کي بھادريءَ ۽ اڏولپڻي سان گھارڻ گھرجي. لطيف جو اھو
درس اڪثر نه رڳو ٻين کي پر ڪڏھن ڪڏھن پنھنجو پاڻ کي به چئي حوصلا بلند رکڻ لاءِ
اُتساھيو ويندو آھي:
جھڙا اچن ڏينھڙا،
گھايل ويٺي گھار. (۱۸/۷)
کوھ تڏھن سنجبا آھن، جڏھن ڏڪار ھوندو آھي. مينھن نه پوڻ
جي ڪري کوھ سُڪي ويندا آھن. جڏھن ٿر ۾ ڏڪار پوندو آھي، وڻ ٽڻ سُڪي ويندا آھن،
پاڻيءَ جي سطح ھيٺ لھي ويندي آھي. نيٺ کوھ به سُڪڻ لڳندا آھن. اھا حالت ڏاڍي ڏکي
ھوندي آھي. اھڙي حالت ۾ به اُھو ديس جتي کوھ مان پاڻي سنججي، پوءِ به وطن ڀلو تڏھن
لڳندو آھي، جڏھن اندر ۾ وطن لاءِ اٿاھ محبت ھوندي آھي. کوھ سنجڻ يا چوئڻ جيڪو ھڪ
ڏکيو عمل آھي ۽ ٻيو وري سنجيل پاڻي به کارو ھجي. مطلب ته ھر لحاظ سان ڏکي حالت ھجي
پوءِ به پنھنجو ديس ڀلو لڳندو ھجي. ڏکين حالتن کي منھن ڏيندي محبت کي قائم رکڻ جي
اظھار لاءِ ھيٺين سِٽ سُخن طور اڪثر چئي ويندي آھي:
ور سي کارا کوھ،
سنجيم جي ساڻيھ جا. (۸/۷)
سخت کان سخت حالتن ۾ رھي پنھنجي
عشق جي سچائيءَ کي سلامت رکڻ ۾ ئي مھانتا آھي. ھر تڪليف برداشت ڪري به پنھنجي اعلى
مقصد سان لڳاءَ جا جذبا بچائڻ، مصيبتن ڀرئي ماحول ۾ رھي به سچائيءَ کي جيئن جو
تيئن سلامت رکڻ وڏي ڳالھ آھي. پنھنجي عزت ۽ ست سلامت رکڻ اعلى گڻن ۽ قدر رکندڙ
ماڻھن جو مرڪ آھي. اھڙا عمل فقط اعلى انسان ۽ عاشق ئي ڪري سگھندا آھن. دعوى ته ھر ڪو ڪندو آھي پر اصل حقيقت ۽ صداقت ان وٽ ھوندي آھي، جيڪو سخت خراب
حالتن ۾ رھي به پنھنجي سچائي ۽ عزت کي سلامت رکندو آھي. الھڙ ماڻھن کي آزمودگار
ماڻھو ھدايتون ۽ ڏس ڏيندا آھن. اصل حقيقت جو احساس ڏيارڻ لاءِ اڻ واقفن کي ھيٺين
سٽ ٻڌائي ويندي آھي:
ھتي جي ھيون،
ته سُڌ پيرين سيل جي. (۲۶/۸)
سطحي ماحول، ناانصافيءَ تي ٻڌل value
less سان اعلى انسان ڪڏھن به ٺاھ نه ڪندا آھن. ھو
ٻاڙي يعني غليظ ۽ گھٽيا قدر رکندڙ سماج سان سمجھوتو نه ڪندا آھن. ھو سدائين اعلى
قدرن ڀرئي سماج اڏجڻ جي انتظار ۾ رھندا آھن ۽ ھو انھيءَ لاءِ ڏاڍا پُراميد ھوندا آھن. لطيف ته ھونئن ئي عزم، خودداريءَ ۽ اميدن جو شاعر آھي. ٻاڙي يعني غليظ سماج سان ٺاھ نه ڪرڻ ۽ اُجري سماج جو
انتظار ڪرڻ يعني سچو رھڻ جي ھدايت طور ھيءَ سٽ ٻڌائي ويندي آھي:
ٻاڙو پئي نه ٻپڙي،
سدا ابر آسري. (۱۳/۱۱)
لطيف جي سر مارئيءَ جي شاعريءَ
۾ ٻيون به ڪيتريون ئي سٽون آھن، جيڪي پھاڪن طور استعمال ٿين ٿيون، جن مان ڪجھ سٽون
ھيٺ ڏجن ٿيون:
(1)
ھنيون
ھڪ ھُئوم، جو مون ڏنو پرينءَ کي. (۲/۲۴)
(2)
کٿيريءَ
تان کِل، عمر اھڙي مَ ٿئي. (۳/۱۴)
(3)
آئون
ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان. (۷/۳)
(4)
ميرو
ئي محبوب، اسان مارو من ۾. (متفرقه
/۱۵)
(5)
جيئن
ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن سين. (متفرقه /۳۴)
(6)
بندي
ٻئا قرار، آئون ٿي لوچيان لوھ ۾. (۵/۷)
(7)
ھنيون
ھڪ ھئو، سو پرزا ٿي پئو. (۲۳/۲)
(8)
پھريان
وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄنم ڏينھڙا. (۷/۲)
(9)
ھيءَ
جا ڪيئي ھاءِ، سا مُھندان ايندئي منھن ۾. (۴/۳)
(10)
سڪڻ
ڪيا شھيد، مارو ملڪ ملير جا. (۱۳/۳)
(11)
مران
جي ھن ھنڌ، نجاھ مڙھ ملير ڏي. (۸/۵)
(12)
ٻاٻاڻن
سي ٻول، ڪيم نه ڪوٽ وھڻ جا. (۲۰/۵)
(13)
اِيءُ
ورُ ويڙھيچن، مون لوڏائين لکيو. (۹/۶)
(14)
ويٺي
پوڄان پير، مانَ ملنم ڪڏھين. (۱۰/۸)
سر حسيني:
سُر حسيني، عشق جي ڪمال، سچن جذبن، مستقبل ۾ اُميد، عزم، استقلال، رچي ريٽي ٿيڻ، همت،
جدوجهد، ڳولا، تانگهه، طلب، بهادريءَ سان
سورن سهڻ، ڪشالا ڪٽڻ، اعلى مقصد لاءِ هر مشڪلات کي سَهي به پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ، ڏکيائيءَ هوندي به پُراُميد رهڻ ۽ ايمان قائم رکڻ جو درس
آهي. جڏهن ڏک سور سهي، پنهنجي
منزل طرف وڌبو آهي، تڏهن ئي
منزل جي ڏکن، سورن ۽ آزارن کان آزادي ملندي
آهي. اهڙيءَ جدوجهد ۾ جڏهن ڪو ماڻهو
ٿڪجي ساڻو ٿي پوندو آهي، وقت به گهڻو گذري چڪو هوندو آهي ته اهڙيءَ صورتحال ۾ وقت
جو احساس ڏياري، همت وڌائڻ جي هدايت،
هنن لفظن ۾ ڪئي ويندي آهي:
لَڙُ مَ لوڙائُو، هَلي ڪر همت. (۱/۳)
جڏهن وقت گذري ويندو آهي، تڏهن
ماڻهو مايوس به ٿيڻ لڳندو آهي، جيئن:
ويٺي مون وِئو، لَڙِي سج لَڪن تان.
(۱/۸)
انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنهنجي جذبن، ڪيفيتن، سوچن ۽ ويچارن جو
اظهار ڪري ٿو، تڏهن هُو گهربل لفظ، محاورا،
تُڪون ۽ جملا چونڊي، پنهنجي مرضيءَ موجب
جدا جدا وقتن تي اُنهن کي ڪتب آڻي ٿو. جڏهن ماڻهوءَ کي حالتون بيوس ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ڪجهه به اُڄهي نه سگهندو آهي، تڏهن چئبو آهي:
تاڻيان تند نه نڪري، جيءُ نه
منهنجو جاءِ. (۲/۹)
زندگي جدوجهد جو نالو آهي. جدوجهد سان ئي انسان
منزل تي رسجي ٿو. اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ
مشڪل حالتن، ڏکن ڏاکڙن يا تتي ٿڌيءَ يعني هر حالت ۾ اڳتي وڌڻو آهي. جدوجهد ڪرڻي
آهي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ
جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پريَنءَ جو. (۲/۲۱)
جڏهن ڪو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، سخت جدوجهد ڪندو پيو آهي، تڏهن کيس چيو ويندو آهي.
ڏکن پٺيان سُکَ، سگها ٿيندءِ سسئي.
(۳/۱۵)
جيڪڏهن گذريل زماني جي ماڻهن، ماڳن
۽ مڪانن کي ياد ڪبو آهي ۽ اڳوڻين حالتن ۽
هاڻوڪين حالتن جي تبديلي محسوس ڪبي آهي ته اُنهيءَ موقعي تي يا جڏهن بنهه ويجها
ماڻهو به ساٿ ڇڏي ويندا آهن ۽ بيوفايون ڪندا آهن، تڏهن چيو ويندو آهي:
اڳي ائين هُياس، جيئن پُنهونءَ
ڌوتم ڪپڙا،
هاڻي
هيئن ٿياس، جئن جت نه نينم پاڻ سين. (۱۲/۴۲)
اعلى مقصد جي حاصلات لاءِ رستي ۾
ڏک ڏاکڙا، رُڃ، سڃ ۽ سختيون سهڻيون پونديون، پر جيڪي اروٽ يا عشق ۾ ڪچا هوندا آهن،
تن کي هن ريت مخاطب ٿبو آهي:
سرتيون سڄي سُڃ، متان ڪا مون سين
هلي،
پاڻي ناهه، پنڌ گهڻو، اڳيان رائو ۽
رُڃ،
متان
مَري اُڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي. (۱/۹)
انسان ڪڏهن ڪڏهن ٻه-طرفين تڪليفن ۾ جڪڙجي پوندو آهي. هڪ طرف ماحول جون حالتون
ڏکيون ۽ خراب هونديون آهن، ٻئي طرف اندر ۾ پنهنجي محبوب/اعلى مقصد سان عشق جي آڳ
جو آڙاهه هوندو آهي، پوءِ به اڳتي وڌڻو پوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال جو نقشو هيٺين
بيت ۾ چٽيو ويو آهي:
ڪِين ڌرتي ماءِ، ڪِين ڄَر سَندِي سڄڻين،
هَلَي
۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (۲/۱)
جڏهن ڪنهن دل گهرئي انسان سان
ملاقات ٿيندي آهي، ته چيو ويندو آهي:
آيا آس ٿيامِ، ٻاروچا ڀنڀور ۾. (۱/۴)
تاريخ شاهد آهي ته ڌارين سان
دوستين رکڻ جا نتيجا بنهه اُگرا ۽ هاڃيڪار نڪتا آهن. ڌارين جي دوستيءَ، ڌرتيءَ تي وڏيون آفتون آڻي،
ڌرتيءَ جي وسيلن کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. جڏهن ڄام فيروز، ڌارين سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو ته نتيجي ۾ سنڌ تي ارغون
مسلط ٿيا. نائون مَل انگريزن سان سنگت جوڙي ته سنڌ، انگريز
جي قبضي ۾ آئي:
ڪيئن اَڙايئه پاند، پلئه پرڏيهين
سين. (۵/۸)
جڏهن حالتون خراب ٿي وينديون آهن،
تڪليفون وڌي وينديون آهن، دردن جو بار سهڻ کان مٿي هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ برداشت
جي حد نه رهندي آهي، تڏهن چئبو آهي:
سُور مَ ڏٺم ڌوڻ، آءَ اڳهين
ڪانهري. (۶/۴)
اها حقيقت آهي ته جيستائين مصيبت
ماريا ماڻهو، گڏجي جدوجهد نه ڪندا آهن، تيستائين
مصيبت کان ڇوٽڪارو
حاصل ڪري نه سگهندا آهن. شاهه صاحب چوي ٿو:
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه
ٿئي. (۶/۱۷)
درد
جو رشتو سگهارو هوندو آهي. دردمندن کي هڪ ٻئي سان احوال اورڻ ۾ سرهائي ملندي آهي.
اها ڪيفيت لطيف هن طرح بيان ڪئي آهي:
اچو سورن واريون، ڪريون سُور پچار،
مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، ڪانهي سُوران ڌار،
ڏنم
جي ڏاتار، سي مون جهوليءَ پائي جهلئا. (۶/۱۹)
جستجو،
ڳولا ۽ تانگهه سان ئي اعلى مقصد حاصل ڪري سگهبا آهن.
جيڪي ڳولهيندا آهن، سي ئي منزل ماڻيندا آهن:
پُڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پريءَ کي،
ڏورينديون
ڏسن، اڱڻ عجيبن جا. (۷/۱)
ساٿ سان سلهاڙ جي هلڻو پونديو آهي:
ڇِڄَ
م قطاران، ساٿ چڙهندو لڪيين. (۸/۱۳)
جيڪي سچي عشق سان جستجو ڪندا آهن،
اُنهن کي منزل ضرور ملندي آهي. پر شرط قرباني آهي:
ڪڏهن ڪا نه
سُئي، ته ڪا سَگهي گڏي سڄڻين. (۹/۱۷)
جڏهن
ڪو دل گهُريو ڪا بي وفائي ڪندو آهي ۽ ماڻهو سڀ ڪجهه محسوس ۽ برداشت ڪندي، اُنهيءَ
کي ڪا اڻ سُونهندڙ موٽ به ڏيڻ نه چاهيندو آهي، تڏهن هيئن چئبو آهي:
جيڪر ڪريان ايئن، جيئن ڪميڻي ڪا نه ڪري،
سندو
نالو نينهن، هوند ڪڏهن وٺي ڪا نه ڪا. (۱۰/۱۵)
ڏک،
سُکن جي سونهن هوندا آهن، جيڪي
منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ، برداشت
ڪيا ويندا آهن:
ڏک،
سکن جي سُونهن، گهوريا سُک، ڏکن ري. (۱۱/۲۱)
نينهن جو نالو وٺڻ ڏکيو آهي. نينهن يا عشق مامرن ۾ وجهندو آهي:
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا
مون جئن پوندي مامري. (۱۲/۲۰)
جڏهن
ماڻهو اڪيلائي محسوس ڪندو آهي يا ڪنهن اهڙي شخص جي وفات وقت، جنهن جو ڪو ويجهو
عزيز موجود نه هجي ته اهڙي حالت ۾ چئبو آهي:
نه ڪي رُئڻ واريون، نه ڪي اوسارين. (۱۲/۱۴)
حوالا:
(1)
“The Reader’s Digest, Great Encyclopaedia
Dictionary” (Vol: 2), The
Readers Digest Association London, Compiled by Oxford University Press, 1964 p 711
(2)
“The British Encyclopaedia” (Volume Eighth)
Odhams Press Limited London. W.C.2 1933, p 448.
(3)
Same, p. 448.
(4) مرزا قليچ بيگ ”سنڌي لغات قديمي“ حيدرآباد ۱۹۲۴ع، ص ۹۴. ۽ پڻ ڏسجي: مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، ڇاپو ٽيون، ۱۹۹۴ع ص ۲۲۷
(5) سنديلو عبدالڪريم؛ ”تحقيق لغات سنڌي“، ڇاپو چوٿون، لاڙڪاڻو سنڌ، ۱۹۶۳ع، ص
۱۳۰.
(6) جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو)، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد، ۱۹۸۱ع، ص ۸۵۴.
(7) قادري اياز، ڊاڪٽر؛ ”شاهه جو ڪلام پهاڪن طور“ ڪتاب: ”لطيفي لات“، مرتب: ممتاز
مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۹۲ع، ص ۱۸
(8) جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، جوڙيندڙ سنتداس
پنهون مل ڪشناڻي، سنت پي وي ڪشناڻي ٽرسٽ، پَڻي (مهاراشٽر)، ڀارت ۱۹۹۳ع، ص ۱۷.
(9) سنڌي ٻوليءَ ۾ به واٽ، گس، رستي لاءِ پَهو لفظ استعمال ٿئي ٿو. اڄ به ٻيلن ۾
جيڪي رستا ٺاهيا ويندا آهن يا ٺهيل آهن، اُنهن رستن کي پَهو چيو ويندو آهي.
(10)
جيٽلي مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، ص ۱۹.
(11)
ساڳيو حوال ص ۱۵.
(12)
ساڳيو حوال ص، ۱۶.
شاھ جا رسالا:
(الف) ”شاهه جو رسالو“ مرتب: مرزا قليچ بيگ، ڇاپو
ٽيون، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، ۱۹۹۴ع.
(ب) ”شاهه جو رسالو-شاهه جو ڪلام“ (جلد ۸ ۽ ۹) تحقيق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
***
No comments:
Post a Comment