لطيفي لات
[شاهه جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جي پهاڪن
يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آهن.]
مرزا قليچ بيگ
جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي
گذرندو آهي تڏهن انهيءَ جي ڪلام، جو نه رڳو اُنهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر
اُنهي جي ٻوليءَ تي به ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي
وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙھ ۾ اُهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جهڙيءَ
طرح ڪ انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو
ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه
رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهي جا
چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا
بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڌار ڪتاب
گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين
وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن. اُهي قريب ٽي سؤ آهن.
اِهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نُڪتا ۽ عجيب اشارا آندل
آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سچ سمجهايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن.
اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ مان گھڻي خوشي حاصل
ٿيندي. هن ڪتاب جو نالو ”لطيف لات“ رکيو ويو آهي، جو شاهه صاحب پاڻ ڪارايل جي سر ۾
چيو آهي ته:-
