ڀوليءَ جا پير سڙن ته ٽپ ڏئي ٻچن-مٿان ويھي.
(ساھتي، پھاڪو)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
جواب ۾ گھڻا رايا
آيا. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون ٿي ويون. گھڻين ڳالھين ۾ وزن ڪو نه ھيو.
گھڻي بحثابحثيءَ
کان پوءِ هڪ وزير چيو؛ ”اولاد سڀ کان پيارو آهي.“
درٻار ۾ واهه واهه ٿي
وئي. سڀني، سندس جملي جي ڏاڍي ساراھ ڪئي.
وڏي وزير، ان ڳالھ
سان اختلاف ڪندي چيو؛ ”سِرُ، اولاد کان به پيارو آهي!“
آزمودي لاءِ درٻار
۾، هڪ ڀولي گهرايائين. ڳچيءَ ۾ زنجير ٻڌائينس. ٻاھر ميدان تي، زمين ۾ کتل ڪلي سان ٻڌي
ڇڏيائينس.
ڀوليءَ جي چوڌاري،
واري وڇرائي ڇڏيائين. ڀوليءَ کي ٻچو به ساڻ هو. سو به ڀرسان ويھاري ڇڏيائينس.
جڏهن سج مٿي چڙهيو
۽ ڏينھن تتو ته اس به زور ورتو. اس جي تکپ سبب، واري به تتي ته ڀولي پريشان ٿي وئي.
جان تي آيس ته تنگ ڇنائڻ لاءِ، سٽون ڏيڻ لڳي. تپندڙ واريءَ تي ويٺل سندس ٻچو به دانهون
ڪرڻ لڳو. ٻچڙي جو برو حال ڏسي، کيس کڻي، هنج ۾ لڪايائين.
گهڙي کن ائين گذاريائين.
سج جي تپش، تاءُ
ڪيو ته اس اڃا زور ورتو. واري ويتر تپي تيز ٿي وئي. ھاڻي ڀوليءَ جا پير به سڙڻ لڳا.
تڏهن ٻچو ھنجِ ڇڏي،
ھيٺ ڦٽو ڪيائين. ٽپو ڏيئي مٿس چڙهي ويھي رھي.
”جان، جگر گوشي کان
وڌيڪ پياري آھي.“ اھو حال ڏسي وڏي وزير، پنھنجي ڳالھ جي سچائيءَ ۾ چيو؛ ”مثال
اوھان جي اکيُنِ سامھون آھي.“
مطلب؛
۱ . جان، ٻچن کان
وڌيڪ مٺي آھي.
۲ . سِرُ، ھر ڪنھن
کي پيارو آھي.
۳ . خود غرضي، ھر
ساھدار جي خمير ۽ ضمير ۾ ڀريل آهي.
(حوالو؛ غلام
رباني آگرو؛ جھڙا گل گلاب جا (حصو پھريون)، مقدمو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو
پھريون، ۱۹۹۱ع)
No comments:
Post a Comment