سرُ ديسيءَ ۾
پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو
ذخيرو
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
لطيف سرڪار پوُري ڪائنات، انسان ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جو
شاعر آهي، پر ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هوُ سنڌ ۽
سنڌي قوم جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن وٽ سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي سڀني زمانن
۽ رُخن جي ڀوپور ترجماني آهي. سنڌ ۽ سنڌي
قوم جي جنهن به پهلوءَ تي غور ڪبو ته لطيف جي شاعري،
سج جي پُرنور ڪرڻن وانگر، سُهائي
ڪندي نظر ايندي. سائين جي ايم سيد، ”پيغام
لطيف“ ۾ لکيو آهي ته؛ ”منهنجو
پڪو رايو آهي ته شاهه سنڌ جو قومي شاعر آهي“(۱) ڇاڪاڻ ته لطيف
وٽ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي روح جي
گهراين جون حقيقتون ۽ احوال آهن. وٽس زندگيءَ
جي بنھ ويجهڙائيءَ جون وايون ۽ ورلاپ
آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ جي
سُرهاڻ ڏينهون ڏينهن ڦهلجندي رهي ٿي. سوين سال گذري ويا آهن: ڪئين سياسي، سماجي،
معاشي، انقلاب ۽ تبديليون آيون آهن: سماج ڊٺا، اڏيا
۽ وري ڊٺا آهن، ايتري قدر جو ٻوليءَ
۾ به ڪيتريون تبديليون آيون آهن، پر لطيف جي شاعري اڄ به اسان لاءِ رهبري ۽ روشني
آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو لطيف سان سنڌي
ماڻهن جي عشق ۾ به ڪا ماٺائي نه آئي آهي؛
ڇو ته جيئن جيئن وقت اڳتي وڌندو رهي ٿو،
تيئن تيئن لطيف شعور سان ٽمٽار شاعريءَ جون
مشعلون کڻي، اسان کي دڳ ڏيکاريندو ۽
اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهيندو رهي ٿو.
دنيا ۾ اهڙا شاعر پيدا ٿيندا آيا آهن، جيڪي قومن ۾ سجاڳي
پيدا ڪرڻ، انقلاب آڻڻ، بهادريءَ، سورهيائيءَ، سچائيءَ، خودشناسيءَ، اخلاقي بلنديءَ، انسان دوستيءَ، وطن ۽ قوم دوستيءَ جا جذبا
اُڀاريندا آھن.
اهڙن شاعرن ۾ لطيف جو نالو بنهه مٿاهون بيهي ٿو.
لطيف، سنڌ ۽
سنڌي ماڻهن جي اندر جي اونهاين ۾ پيهي، روح جون ڳالهيون اهڙي سچائيءَ سان پنهنجي
شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ سمايون آهن، جو سنڌ جا
اڪثر رهواسي پنهنجي اندر جون حقيَقتون سمجهي مختلف موقعن ۽ وقتن تي ڪڏهن سندس بيت
ته ڪڏهن وري ڪي سٽون پهاڪن، چوڻين، هدايتن ۽ سهڻن سخنن طور ڪتب آڻيندا رهيا آهن.
اها هڪ شاعر جي پنهنجي قوم تي وڏي ڇاپ آهي. هو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ
۾ گهرو مشاهدو، مطالعو، حڪمت، دانائي، ڄاڻ، سوچ ۽ ويچار موجود آهي. وٽس انسان جي
اعلى قدرن جون حقيقتون آهن. تهذيب،
تمدن، ثقافت، رسم و رواج، سچائي، حق ۽ عشق جا جذبا تارؤن تار آهن.
پهاڪا، چوڻيون ۽ قول،
روزمره جي زندگيءَ جي ڌار ڌار وسيع تجربن مان حاصل ڪيل اهڙا ڏاهپ، دانائيءَ ۽ حڪمت
سان ڀريل گفتا/جملا آهن، جيڪي اسان جي وڏڙن، پنهنجي تجربن جي نتيجن جي آڌار تي سُخنن جي شڪل ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪيا
آهن. اُهي پهاڪا، چوڻيون ۽ قول، هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين،
سفر ڪندا رهن ٿا. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا “۾ لکيو آهي ته؛
انسان ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنهنجي جذبات ۽ ويچارن جو اظهار ڪري ٿو، تڏهن هو گهربل لفظ چونڊي، پنهنجي
مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾، انهن کي
ڪتب آڻي سگهي ٿو.(۲) اهڙيءَ ريت ڪي جملا، جن ۾ ھدايت ۽
گيان، سرس هوندو آهي ته وري وري ڪتب اچن
ٿا ۽ اڳتي هلي پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو
روپ اختيار ڪري، ٻوليءَ ۾ پنهنجي جاءِ والارين ٿا. انهن ۾ سماجي زندگيءَ جو عڪس چٽيل هوندو آهي.
ڪي آفاقي شاعر اهڙا به هوندا آهن، جن جي بيتن يا نظمن جون سٽون اهڙيون ته علم،
ڏاهپ ۽ دانائيءَ ڀريون، اثرائيتون ۽ دلچسپ هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي ذهنن تي
اُڪرجي وينديون آهن، ۽ اُهي اڳتي هلي، پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جي صورت اختيار ڪري
وٺنديون آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لطيف
سائين هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جون سوين سٽون پھاڪن، چوڻين
۽ قولن جا روپ وٺي چڪيون آھن، جن کي اسان
جو خاص توڙي عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو.
ايتري قدر جو اسان جي گهرن ۾ اسان جون
عورتون به لطيف سرڪار جون سٽون پنهنجي عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪتب آڻينديون رھنديون آهن.
اسان جو خاص موضوع
آهي؛ شاهه سائينءَ جو ”سُر ديسي“ جنهن ۾ ڏيرن ۽ ڏاگهن جي اچڻ، سسئيءَ کي ويسلائي سندس محبوب پنهونءَ
کي پاڻ سان کڻي وڃڻ، سسئيءَ جو پنهونءَ (حق) کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻ، پنهنجي
منزل طرف هلندي، هر تڪليف، ڏک ڏولاوا برداشت ڪري پنهنجو سفر جاري رکڻ، ڪيترن خطرن جي باوجود، مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۽
پنهنجي مارڳ تان ذرو به نه ٿڙڻ، اڪيلائي، اُڃ ۽ بُک ۾ به اڳتي هلڻ وغيره جو ذڪر
آهي. سسئيءَ جي سامهون ڏيرن، ڏاگهن ۽ ڏونگرن جا ڏک به آهن، ته پير پٿون ڪندڙ پھڻ به آهن. ڇپر جون ڇپون به
آهن، جک ماريندڙ جبل به آهن، آڏا ترڇا اهڙا به آهن، ته وندر جا وراڪا ۽ واٽن ونگا ور به
آهن، ڪرڙا ڏاونگر ڪَهه گهڻي به آهي ته رڻ تتو رائو به آهي، اُڃ اُساٽ به آهي. جبلن
جي جانارن جا خطرا به آهن ته مرُون به منهن پَون ٿا. مطلب ته هر لحاظ سان حالتون خراب آهن. تنهن
هوندي به هُوءَ حالتن جو بنهه بهادريءَ سان مقابلو ڪندي. پنهنجو حق وٺڻ لاءِ، اڳتي وڌي ٿي.
حالتن کان هار کائي موٽڻ کان رائي ۾ رڙي مرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي:
پُـڄــان نـه پُـڄــان، وڃــڻ سـيـن وس
ڪريان،
سَڳر مانَ سُڄان، ته رائي ۾ رڙي
مئي. (۲۱/۹)
ارادي جي مضبوطيءَ
۽ پنهنجي مقصد سان سچائيءَ جي اها انتها آهي ته:
پُڄان نه پُڄان،
وڃڻ سين وسَ ڪريان.
سُر ديسيءَ ۾
ڪيتريون ئي حقيقتون پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهن، پر منهنجي خيال ۾ هن سر جو خاص مضمون
۽ موضوع آهي: ”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين!“ ڇو ته؛ ”ڌُريان ئي ڌاريا، مٽ
مُئيءَ جا نه ٿيا.“
هن سڄي سُر جي
معنى، مقصد ۽ فلسفو، انهن ئي سٽن ۾ سمايل آهي. اهي ئي سٽون اسان لاءِ هر زماني جون هدايتون به
آهن، ته راهه نجاتون به آهن. اهي سٽون اسان جي ماضيءَ لاءِ به هُيون، حال لاءِ به آهن ۽
اسان جي مستقبل لاءِ به آهن. آ صدقِ يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن لطيف جي انهن سٽن تي ماضيءَ ۾
عمل ڪيو وڃي ها ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا هرگز نه پون ها. توڙي جو وقت گهڻو گذري چڪو
آهي، پر اڄ به جيڪر انهن سٽن تي عمل ڪيو وڃي ته گهڻين مصيبتن کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اي
ڌرتي! اسان کي اها سگهه عطا ڪر، جو اسين لطيف جي ھنن سٽن تي عمل ڪري سگهون!
هڪ ٻِي اهم ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته اسان وٽ محبوب جو تصور
به ڏاڍو محدود ۽ سطحي آهي. اسان وٽ
محبوب جو تصور نه فقط هڪ حسين ماڻهوءَ تائين محدود
آهي، پر ان سان گڏ کيس پنهنجي ذاتي ملڪيت
بڻائي ڇڏڻ آهي، پر حقيقت ۾ محبوب جو تصور انهيءَ کان گهڻو مٿاهون ۽ وسيع هئڻ گهرجي. مڃون ٿا ته محبوب،
حسين ۽ جميل انسان به ٿي سگهي ٿو. محبوب ڪا مُند ۽ مُند جو ڪو نظارو به ٿي سگهي
ٿو. فطرت جا حسين منظر به محبوب ٿي
سگهن ٿا. پنهنجو وطن به محبوب ٿي سگهي ٿو. ساڻيهه جا سمورا ماڻهو به محبوب ٿي سگهن
ٿا. سچ به محبوب ٿي سگهي ٿو. علم ۽ آگهي محبوب
ٿي سگهي ٿي. ڪو نظريو به محبوب ٿي سگهي ٿو. ڪو خاص ماحول/نظارو به محبوب ٿي سگهي ٿو. مطلب ته هر ماڻهوءَ وٽ، محبوب جو تصور پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، پر اعلى انسانن ۽ عظيم شاعرن وٽ،
محبوب جا تصور هميشه مٿاھان ۽ وسيع
هوندا آهن. لطيف وٽ محبوب جو تصور وسيع، اعلى ۽ بنهه نرالو آهي ۽ هو هر حالت ۾
اُنهيءَ محبوب/پرينءَ جي پنڌ تي
هلڻ جو تلقين ڪري ٿو. اها به هدايت ڪري ٿو ته جيڪا طاقت محبوب جو راهه ۾ رنڊڪ بڻجي، اُن سان مهاڏو اٽڪائي، محبت جي ويرين جي رستا روڪ ڪجي ته جيئن اھي ڪو ڇيهو رسائي نه سگهن. محبتن جا ويري، جيڪي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، انهن کي سڃاڻڻ گهرجي.
هن سُر ۾ لطيف سرڪار سسئيءَ کي تمثيل بنائي چوي ٿو ته؛ تو جڏهن ڌارين کي ڏاگهن تي ايندي ڏٺو، تڏهن تو کي سمجهي
وڃڻ گهرجي ها ته اُهي تنهنجو پنهون (حق/وسيلا) تو کان کسيندا، تنهنڪري تون انهن
اُٺن جا گوڏا ٻڌي، ڌارين جي
رستا روڪ ڪرين ها، ته جيئن اُهي ڌاڙو هڻي نه سگهن
ها. جيڪڏهن تون پاڻ سنڀالين ها ته
هوند تنهنجو محبوب (سنڌ، سنڌو، سنڌ جا وسيلا، سرحدون) تو کان کسي نه سگهن ها. غفلت جي ڪري ئي هيءُ هاڃو رسيو آهي، جو هاڻي تون تڪليفن ۾
پئي آهين. هاڻي تون سڀ تڪليفون ۽ رڪاوٽون
ٽوڙي، اٽل ارادي ۽ هوشياريءَ سان اڳتي هلندي هل، جدوجهد ڪندي رهه، جيئن تون پنهنجا
کسيل حق واپس وٺي سگهين.
هيٺ اُهي سٽون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي پهاڪن، چوڻين ۽ قولن طور
استعمال ٿين ٿيون:
(1)
سي سڀ
ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي. (۱-۲)
سچا عاشق ۽ اعلى انسان محبوب جي راهه
۾ جيڪي به ڏکيائون ۽ تڪليفون سهندا آهن، اُهي سڀ ڏک ۽ سُور کين
سک محسوس ٿيندا آهن، جو سندن اندر ۾ عشق هوندو آهي، تڏهن ته
سُور به سُکن برابر سمجهندا آهن، ڇو ته تڪليفون ۽ رڪاوٽون، سندن سامهون حيثيت وڃائي ويهنديون آهن.
(2)
اڳي اُٺ
رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي. (۱-۱۰)
ڪتيريون اهڙيون حقيقتون ۽ عمل ٿيندا آهن، يا مصيبتون اچي ڪڙڪنديون آهن، جن جي اڳواٽ ڪا سُڌ نه پوندي آهي، ڇو ته
سُڌ پوڻ سان ته ماڻهو پاڻ سنڀالي وٺندو آھي، پر آگھيءَ
بنا ڪا مصيبت يا آفت اچي ڪڙڪندي آھي ته لطيف جي مٿين سٽ انساني اندر
جي ترجمان بنجي پوندي آهي.
(3)
پلئه نه
ڇڏيان پنهنجو، جي هوت ڪري هيڏيون! (۱-۱۳)
محبوب (مقصد) مان بيزار ٿيڻ، بزدلي، ڪچائي ۽ نيچ-پڻو آهي. اهو عشق ئي ڪهڙو، جنهن ۾ بيزاري، بزدلي ۽ مايوسي
هجي. عشق ۾ ته جيڪي ۽ جهڙيون به حالتون، تڪليفون ۽ اوکايون اينديون آهن، سي
جهوليءَ پائي جهلبيون آهن.
(4)
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين! (۱-۱۲)
پنهنجن سان پيڇ پائڻ ۽ ساڻن سلهاڙجي هلڻ هڪ سُٺو ۽ مانائتو
عمل آهي، پنهنجي ۽ ڌارئي ۾ فرق محسوس ڪرڻ،
تمام ضروري آهي. عشق ۽ محبتون به پنهنجن ۾ ئي سُونهنديون آهن، پنهنجي ڪڙم/قوم کان ڌار ٿي، ڌارين
سان سلهاڙجي جيڪو به عمل ڪبو، اُهو پنهنجن جي نقصان ۾ هوندو. ڏيهي ماڻهن جا نقصان، فائدا، ڏک، سُک،
سرهايون، سُور ۽ درد ساڳيا هوندا آهن. ڏيهه جي بربادي، قوم جي هر فرد جي بربادي
هوندي آهي. ديس تي ڌاڙو، قوم جي ھر فرد تي ڌاڙو هوندو آهي. سنڌوءَ
جي قدرتي ۽ آبي وسيلن تي ڌاڙو، سڄي قوم
تي ڌاڙو آهي، تنهنڪري پنهنجي قوم سان سلهاڙجي هلڻ ۾ ئي ڀلو آهي، ڇو ته هر ڪو
پنهنجي ڪڙم ۾ ئي سُونهندو آهي.
(5)
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا. (۱-۱۳)
جن جي مفادن ۾
ٽڪراءُ هجي، اُهي ڪڏهن به پنهنجا ٿي نه ٿا سگهن. ڇو ته ظالم ۽ مظلوم ۾ وڏو فرق
آهي: قاتل ۽ مقتول جي احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ هڪجهڙائي ناممڪن آهي: ڦُريندڙ ۽ ڦُرجندڙ ۾
فرق آهي. پنهنجائپ ۽ ڌاريائپ، هڪ عمل ۽ روش جي نالو آهي. اُهي ڪي سکڻا لفظ نه آهن، جن ۾ ڪو
جذبو ۽ احساس نه هجي. لطيف جي مٿين سٽ، اسان لاءِ هدايت جو پيغام به آهي ته
واٽ به آهي.
(6)
تاڻج تيڏاهين، وارج ڪا مَ ورڻ جي!
لطيف جي شاعريءَ ۾
ڪٿي به نااُميدي ۽ مايوسي نظر نه ايندي. سندس شاعريءَ ۾ اُميد، همت، بهادريءَ، عشق ۽
سچائيءَ جا جذبا تارؤن تار ملندا، ڇو ته هُو اُميدن، همتن، حوصلن ۽ بي پناهه محبتن جو شاعر آهي. وٽس موٽڻ جي
وائي ته ڇا، پر تصور ئي نه آهي. هو ته هر حالت ۾ پنھنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري.
(7)
آڏو ٽڪر ٽر، متان روههَ رَتيون ٿئين. (۳-۱)
لطيف وٽ سمجهوتو
يا ٺاهه ڪرڻ، حالتن کان هار کائي موٽڻ، مهڻو آهي. هر آفت ۽ آزار
سان بي ڌڙڪ اٽڪي مقابلو ڪرڻ ئي سندس درس آهي.
(8)
سنجهي مون نه سنڀاليو، ته اوٺي ڪندا ايئن. (۴-۷)
ڪنهن به عمل جي
شروعات جيڪڏهن سوچي، سمجھي ۽ خبرداريءَ سان وقت
سر نه ڪبي يا سنڀالي قدم نه کڻبو ته ڪنهن وڏي هاڃي جو شڪار ٿبو.
(9)
منهنجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. (۹-۲)
اهڙا ڪيترا ئي ماڻهو چوندي ٻڌبا ته؛ ”مون پنهنجي
محبوب لاءِ هيئن ڪيو، هونئن ڪيو، هُو بيوفا نڪتو“ يا ڪي چوندا؛ ”اسان قوم لاءِ
هي وڃايو، هُو ڪيو، الائي ڇا ڇا سٺو، پر قوم اسان جو قدر نه ڪيو“ يا ”مون انقلاب لاءِ وڏا ڪشالا ڪٽيا، وقت ڏنو
وغيره وغيره پر ماڻهو اسان کي نٿا سمجهن.“ اهڙا ماڻهو واپاري ذهنيت جا مالڪ هوندا
آهن، جيڪي ڪا شيءِ ڏئي ڪجهه وٺڻ چاهيندا آهن. اهڙن ماڻهن جي اندر ۾، عشق ۽ سچائيءَ جي
کوٽ هوندي آهي. سندن عمل، سکڻا ڏيکاءَ هوندا آهن. لالچ ۽ لوڀ بنا، مسلسل جدوجهد، فقط اهي ماڻهو ڪندا
آهن، جن جي اندر ۾ عشق ۽ سچائي هوندي آهي. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا آهن.
(10)
ڀينر آءٌ ڀلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
غفلت ۽ ويسلائي، وڏا هاڃا رسائي
ٿي. ننڊ جي تشبيھ ۽ استعارو، غفلت لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. محبوب يا اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ،
غفلتون، ڀُلون ۽ آرام پسنديون، هاڃيڪار هونديون آهن.
(11)
پَههَ پارسيون پاڻ ۾، ڏير ڏهاڻي ڏين. (۲-۵)
لطيف جنهن دؤر ۾
اک کولي، تنهن دؤر ۾ سنڌ ملڪ تي ڌارين جو قبضو هو، جن جي ثقافت، طور طريقا ۽ ٻولي
به ڌاري ۽ اسان جي ماحول سان نه ٺهڪندڙ هُئي. ان دؤر ۾ ”پارسيون ڏيڻ“ هڪ عام چوَڻي
هُئي، جنهن جو مطلب هو؛ ”منجهائڻ، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون ڪرڻ“. اڄ به چيو ويندو
آهي ته؛ ”پارسيون نه ڏي“ يا ”مون سان پارسيون نه ڪر“ يعني؛ منجهائيندڙ يا نه
سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون نه ڪر.
(12)
ٻَڌي سورن سندرو، ساڻم هلي سا. (۱۸/۶)
ساٿي به اهڙا ئي
کڻبا آهن يا کڻڻ گهرجن، جيڪي سختيون ۽ سور قبول ڪري ساٿ ڏين. اٽل ارادا رکندڙ ۽ اڏول انسان ئي
اهڙي صلاح ڏيندا آهن ته اهي هلي سگهندا جيڪي ثابت قدم رهي سگهن.
سُر ديسيءَ ۾ ٻيون
به ڪيتريون سونَ سَريکيون سِٽون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي استمال ٿين ٿيون. هيٺيون سِٽون به
پهاڪن، چوڻين ۽ قولن طور ڪتب اينديون آهن.
ويا ورائي جيڏيون، مون ڏکيءَ کي ڏک. (۳/۱)
متان ڪا ٻي لَنءَ لائي. (وائي/۱)
پُڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (۱۳/۱)
الله اچن اُوءِ، جن آئي مَن سَرهو ٿئي. (۱/۳)
ڪاڏي مُنهن مڪران جو، ڪاڏي ڪيچ ٿيو. (۸/۳)
***
بھترين ڊاڪٽر مانجھي صاحب
ReplyDelete