Monday, September 23, 2019

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي


شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي


شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مان ان ويچار ۾ غلطان ٿي رھجي ويندو آھيان ته ڪھڙو سبب آھي، جو شاھ جي ڪلام جي گونج، ان جي رسائي، ٻين ھم فڪر سخنورن کان ججھي آھي. ھم خيال ھوندي به، شاھ جو ڪلام، پنھنجي الڳ انفراديت رکي ٿو. ڪھڙي سبب سندس ڪلام جو چقمقي اثر، دل تي ھڪ ديرپا نقش تراشي ٿو ڇڏي. ڪھڙي باعث، شاھ جو ڪيترو ڪلام اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ تبديل ٿي ويو آھي. منھنجي نماڻي راءِ موجب اھو صرف ھن جي انداز بيان جو ڪرشمو ناھي پر ان جي پٺيان شاھ جي ڪلام ۾ گھري فڪر جو اعليٰ نڪتو ۽ حياتيءَ سان گھري وابستگي به آھي. شاھ جو ڪلام انساني فطرت، سڀاءَ جي ڀن ڀن حالتن جي بدلاءَ سان، الڳ الڳ ماحول ۾ ٺھڪي بيھي ٿو.


شاھ عبداللطيف ھڪ وڏو عالم ھو. ھن پنھنجي ڪلام ۾ ضرورت، موقعي ۽ مناسبت سان قرآني آيتون، حديثون، پھاڪا، چوڻيون بيحد فنائتي ۽ ھنرمنديءَ سان ڪتب آنديون آھن. شاھ لطيف چوڻين ۽ پھاڪن کي پنھنجي ڪلام ۾ موتين وانگر جڙي پيش ڪيو آھي. شاھ لطيف وٽ اھو فن بي مثل ھو، جنھن کيس پنھنجي ھمعصر شاعرن ۾ تمام اُوچو مقام ڏياريو. شاھ جو ڪلام سھڻي ادائگيءَ ۽ نئين اظھار بيان سبب، پڙھندڙن/ ٻڌندڙن جي دل ۽ دماغ تي چٽا نقش اڀاري، قبضو ڪيو ڇڏي.
شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن کي وڏي اھميت حاصل آھي. شاعريءَ ۾ اھي لغوي معنيٰ کان ھٽي، ڪنھن ٻي مفھوم ۾ اظھار پائيندا آھن.(۱) شاعريءَ لاءِ محاوره يا اصطلاح ھروڀرو ضروري ناھن، پر ھڪ شعوري قلمڪار انھن جو تز ۽ عمدو استعمال ڪري، شاعريءَ کي وڌيڪ زيبائتو بڻائي ٿو. شاھ سائينءَ به ائين ئي ڪيو آھي. ھن اصطلاحن ۽ پھاڪن جي استعمال سان سنڌي زبان کي وڌيڪ شاھوڪار بڻايو آھي، ان کي سونھن ۽ سگھ عطا ڪئي آھي. شاھ لطيف عربي، فارسيءَ جي سٺي شناس رکندي به، سنڌي ٻوليءَ جو ئي استعمال ڪيو آھي. شاھ جي شاعري پنھنجي دور جي حالتن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي. سوچ ۽ فڪر جي تيزي ۽ خيال جي گھرائي، شاھ جي شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون آھن. شاھ پنھنجي ڪلام ۾ محاورن ۽ اصطلاحن جو ڪافي ماھريت سان استعمال ڪري، ڪلام کي نيون نيون معنائون عطا ڪيون آھن، رمزي ڪيفيت کي وسعت ڏني آھي. شاھ جي اصطلاحن جي استعمال پٺيان سندس ھوشمندي، جذباتي تپت، بلند شعور جي دور دراز ديد جي جھلڪ پسجي ٿي. منجھن فن ۽ فڪر به خوب آھي. ھو پنھنجي احساس سان گڏ، پڙھندڙن جي احساسن کي به ساڻ ڪري ھليو آھي.
شاھ جي ڪلام جي مقبوليت جو ھڪ وڏو سبب، سندس عوامي شاعري آھي. ھن عام ماڻھن جي احساسن، امنگن ۽ دلي ڪيفيتن جي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور تصويرڪشي ڪئي آھي. لطيف جيڪا زبان استعمال ڪئي آھي، سا بلڪل عام فھم آھي.
شاھ جي ڪلام  ۾ لفظي خواھ معنوي ٻئي خوبيون سمايل آھن. شاھ وٽ لفظن جو وڏو ذخيرو آھي. شاھ جي ڪلام مان سنڌي زبان جي وسعت ۽ شاھوڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
شاھ عبداللطيف ھڪ اعلى درجي جو وطن دوست ھو. سندس حياتي ۽ شاعري حب الوطنيءَ جي فراوان شاھدي ڏين ٿا. شاھ لطيف جي دل ۾ سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي زبان لاءِ بي پناھ محبت ھئي. شاھ جا کوڙ ٻول سنڌ-ھند جي پڙھيل خواھ اڻ-پڙھيل ماڻھن جي چپن تي آھن، ڇو ته اھي سڌي-سنواٽي ۽ سٻاجھي ٻوليءَ ۾ چيل آھن. ھن عوام سان سندن ٻوليءَ ۾ ڳالھايو آھي. شاھ جي ڪلام ۾ سنڌ جي عام ماڻھن، مزورن، ھارين، ڪڙمين، ڌاٻين، مھاڻن، رازن، واڍن، ڪنڀارن جي جيڪا تصوير ملي ٿي، سا بلڪل حقيقي آھي. ھن سنڌ جي درد کي محسوس ڪيو ھو. ھن ماڻھن جي احساسن، امنگن، جذبن، حسرتن سان ھم-شريڪ ٿي، انھن کي اظھار ڏنو. ھن ماڻھن جي دل جي ڌڙڪن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي واڻي ڏني. ھن جي ھر ھڪ لفظ ۾ معنى ۽ مفھوم جا بي شمار رنگ سمايل آھن، معنويت جا بي شمار گوھر سلامت آھن. شاھ جا ھيٺيان بيت، عام جام ٻڌبا آھن:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سھاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي. (سر ڏاھر)
ھڪ سندر نصيحت آميز نڪتو آھي.
جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان،
ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻين، تون ڇپر، تون ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان؟ تو کي معلوم سڀ ڪا. (سر ڏاھر)
اڄ به ٻڍيون شاھ جو مٿيون ڪلام گنگنائينديون رھنديون آھن. مون پنھنجي امڙ جي واتان دک جي گھڙين ۾، شاھ جو مٿيون بيت نامعلوم ڪيترا دفعا ٻڌو ھو. شاھ جا ھيٺيان بيت به گھر گھر ۾ گونجن ٿا:
پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون،
مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي تو کي لڳي. (سُر يمن ڪلياڻ)
ھو چونئي، تون مَ چئو، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي. (سُر يمن ڪلياڻ)
يارُ سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
آھي آساني، ڪم پئي ٿي ڪَلَ پوي. (سُر بروو سنڌي)
چڱن ساڻ چڱايون، اِئن سڀ ڪو ھوءِ،
تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇَنِ سان ڀلايون. (سُر سريراڳ)
کَمُ کمندنِ کٽيو، ھارايو ھوڙن،
چکيو نه چُوندنِ، ھو جو ساءُ صبر جو. (سُر يمن ڪلياڻ)
تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌ پنھنجو ترھو،
اونھي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو. (سُر سريراڳ)
شاھ جو سمورو ڪلام، اصطلاحن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آھي. ڪھڙا مثال ڏيئي ڪھڙا مثال ڏيان! شاھ جي ھيٺين گفتن ته چوڻين جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ۽ انھن جو استعمال عام جام پيو ٿئي:
عاشق زھر پياڪ، وِھُ ڏسي وِھسَنِ گھڻو. (سُر ڪلياڻ)
اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار. (سُر يمن ڪلياڻ)
عشق نه آھي راند، ڪي ڪَنس ڳڀرو. (سُر يمن ڪلياڻ)
نمي کمي نھار تون، ڏمر ڏولائو. (سُر يمن ڪلياڻ)
جيڪي منجھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي،
لطف جي لطيف چي، تو وٽ ڪمي ڪا نه،
عدل ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو. (سُر يمن ڪلياڻ)
وکر سو وِھاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي. (سُر يمن ڪلياڻ)
پُڇن جي ميھار کي، پڇي سي ميھار. (سُر سھڻي)
گھڙيا سي چَڙھيا، اِئين اٿئي. (سُر سھڻي)
لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو. (سُر سھڻي)
مَرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ. (سُر معذوري)
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟ (سُر ديسي)
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھِ، ڪانهي ويل وِھڻ جي،
متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرين جو. (سُر حسيني)
ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري. (سُر حسيني)
پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانھي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري. (سُر ڪلياڻ)
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. (سُر پرڀاتي)
شمع ٻاريندي شب، پرھ باکون ڪڍيون. (سُر مومل راڻو)
جي ڀايين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇن. (سُر رامڪلي)
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا. (سُر رامڪلي)
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گھڻو. (سُر ڏاھر)
ڪَنور پاڙون پاتار ۾، ڀَوَنر ڀري آڪاس. (سُر ڪارايل)
شاھ لطيف مٿين اصطلاحن ۾ ذري ۾ آفتاب يا قطري ۾ درياھ سمائي ڇڏيو آھي. انھيءَ وصف کي بلاغت چئبو آھي، جا شاھ ۾ کوڙ سمايل آھي. تنوير عباسيءَ چواڻي؛ ”شاھ وٽ اشارا ئي اشارا آھن. ھو جنھن به شيءِ جو ذڪر ٿو ڪري، اھو رڳو ذريعو آھي، سندس اظھار جو. اصل مقصد ان شيءِ جو ذڪر ڪرڻ نه اٿس، پر اصل مقصد اٿس، ان شيءِ جي ذريعي ڪن آفاقي حقيقتن جي اظھار جو.“(۲)
شاھ عبداللطيف ھڪ عالمي پايي جو شاعر آھي. ھن تصوف يا روحانيت سان گڏ انسانيت، عالمي امن ۽ ڀائيچاري تي به زور ڏنو. شاھ جي ڪردارن پٺيان روحاني رازن جا نُڪتا سمايل آھن. مجازي عشق جي پردي ۾ حقيقي عشق جو اظھار آھي. شاھ جي ڪلام جي سرن ۾ روحاني راز ته آھن ئي، پر اھا شاھ سائينءَ جي ڪلام جي وڏي خصوصيت آھي جو اھو دنيوي لحاظ کان به احساسن ۽ دلي ڪيفيتن سان ايترو پُر آھي جو اھو پنھنجي سِرِ مڪمل آھي. شاھ لطيف اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ ڪيترا ئي روحاني راز سليا آھن:
پڙاڏو سو سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لھين،
ھئا اڳھين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. (سُر ڪلياڻ)
لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو. (سُر سھڻي)
شاھ لطيف منفرد انداز ۾ وحدة الوجود جي ڳالھ ٿو ڪري:
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون. (سُر ڪلياڻ)
محل ھڪ آھي پر ان کي لکين ڪروڙين دريون آھن. خدا ھڪ آھي، روپ انيڪ آھن. جيڏانھن نظر ڪريان صاحب يا خدا کي سامھون ڏسان. علامتي شاعريءَ لاءِ چيو ويو آھي ته اھا ھن ڪائنات جي وحدة الوجود جو تصور آھي.
نھائينءَ کان نينھن، سِک منھنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينھن، ٻَھَرِ ٻاڦ نه نڪري. (سُر رپ)
شاھ صاحب عاشقن کي ھدايت ڪئي آھي ته اوھان ڪنڀر جي نھائينءَ کان سبق سکو، جيڪا سارو ڏينھن جلي، پر ٻاڦ ٻاھر نٿي ڪڍي.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھِ، ڪانهي ويل وِھڻ جي،
متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرين جو. (سُر حسيني)
اعليٰ مقصد جي حاصلات لاءِ دائمي جدوجھد ڪرڻ جڳائي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھڻ گھرجي. جيڪڏھن گينورسائي ڪبي ته مقصد ھٿان نڪري ويندو. شاھ لطيف پنھنجي حياتيءَ ۾ جيڪي آزمودا حاصل ڪيا، تن جو ھن سنڌ جي عام ماڻھن جي ٻوليءَ ۾ ٺھڪندڙ تشبيھن ۽ تمثيلن ۾ اظھار ڪيو. سندس اندازِ بيان ۽ فڪرَ شاھ کي سنڌ جي گھر گھر ۾ پھچائي ڇڏيو آھي. ھر ھنڌ ھن جي ڪلام جي گونج ٻڌجي ٿي. جيستائين دنيا ۾ سنڌي آھن، شاھ جو ڪلام پيو گونجندو ۽ ماڻھو پيا معطر ٿيندا. شاھ عبداللطيف اھو وکر وھايو آھي، جو ڪڏھن پراڻو ٿيڻ وارو ناھي.

حوالا
1. J. A. Cuddon: “A form of expression, construction or phrase peculiar to a language & often possessing a meaning other than its grammatical or logical one.” - A Dictionary of Literary Terms: Penguin Books. 1979. P.321.
۲. تنوير عباسي: شاھ جي شاعري، شاھ عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي. سن ۱۹۷۶ع ص ۱۳۷.
۳. شاھ جو رسالو: عثمان علي انصاري، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي.


***

No comments:

Post a Comment