سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال
ڊاڪٽر مخمور بخاري
ٻڌي سورن سندرو، صبح ڏونگر ڏورئام،
ڪـڍي ڪـشـالا ڪيـچ ڏي، ويـلا وچ پئام،
سوين ساٿ گڏئام، پنهون پار نه هيڪڙو.
سنڌي ٻوليءَ جي مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي ستن سورمين مان سسئيءَ کي وڌيڪ ڳايو آهي. سُر سسئي آبري، سُر
معذوري، سُر ديسي، سُر
ڪوهياري ۽ سُر حسيني. هنن پنجن
ئي سُرن ۾ سسئيءَ جي جدوجهد، پنهونءَ ڪارڻ
ڪشالا ڪڍڻ ۽ رڻ پٽ جون سختيون سهڻ جا سمورا مضمون بيان ٿيل آهن. خاص طور تي سُر
ديسيءَ ۾ سسئيءَ کي پنهنجي ننڊ نڀاڳيءَ تي ندامت آهي ۽ هوءَ هوت ڪارڻ ڏونگرن جا
اڻانگا ۽ اڻ ڏٺل پيچرا لتاڙيندي وڃي ٿي. سالڪ لاءِ،
سسئي جدوجهد جي علامت آهي. جيڪي پرينءَ جي تلاش ۾ نڪتا، اُهي ڪهڙيءَ طرح پوئتي
موٽندا! واٽون ويهه آهن، ڪنهن کي ڪهڙي سُڌ ته سسئيءَ جو پنهون، ڪهڙي واٽ وٺيو پيو وڃي:
ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون مُيون،
واٽـون ويـهه ٿيـون،
ڪُـہ ڄاڻان ڪيهيءَ وئا.
ڪرڙا ڏونگر، ڪهه
گهڻي، جت جبل گهونا گهون،
لــيـــڙن جــــو لـطــيـف چـئــي، تـنـگ تـنـوارون پـون،
جـن ڏٺـو پـيـر پـرينءَ جو، سي نڪي رُون نه چُون،
هــونـــدن مـٿــي هــون، لاڳــاپـــــا هـــن لــــوڪ جـــــــا.
سُر ديسيءَ ۾،
سسئيءَ جو ڏوَنگر ڏورڻَ جو بيان آهي. هن سُر جا ڏونگر ۽ اُٺ، مکيه ٽاڻا آهن. لطيف سائينءَ،
هن سُر ۾ اٺن جا ڪيترا ئي نالا پنهنجي مفهوم مطابق
خوبصورت پيرائي ۾ ڪتب آندا آهن. مثال طور:
ڪرهو: مٺيس
جهل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرھو. (۱/۱)
گورو: ونگيئي
نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا. (۱۰/۱۱)
ليڙو: ليڙن
جو لطيف چئي، مون کي منجهه نه ڏين. (۱۰/۱۴)
توڏو: لنگهئا
لڪ لطيف چئي، توڏا تڙٻنگ تاڦ. (۶/۱۳)
ڪرهل: ڪا
جا اُرڪ اوٺيين، ڪرهل ڪوڏ ڪشين. (۹/ وائي)
چانگل: موڙي
مَڃر ٽاريون، چانگا اَئين چرو. (۱۰/۲)
ڪنواٽ: ڏير
ڏمرجي هلئا، ڪاهي ڪيچ ڪنواٽ. (۶/۱۳)
اُٺ: ساٿين
سويرو، آڻي اُٺ اويٽئا. (۵/۲)
ميو: ڏيرن ڪين ڏکوئي، مُنڌ ميين جي مُٺ. (۵/۱۵)
بوتو: نهارينديس
نڪڻي، بوتن ڪارڻ بر. (۱۴/۱۵)
چنگل: چنگل جن
جا چوڦرا، راحت ان جي رت. (۸/۵)
ڏاگهو: ڏاگهن
ڏيرن ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏک. (۱۰/۶)
شُتر: ڪُڄاڙئان
ڪاهي، شتر ان سينگارئا. (۱۰/۱۷)
نيش: ليڙا
رات لطيف چئي، نڌائون نيشي. (۱۳/۵)
اهڙيءَ ريت هن سُر
۾ ڪيتريون ئي، اهڙيون سٽون پڻ موجود آهن، جيڪي پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پهاڪو،
چوڻِي ۽ قول، حقيقت ۾ اهڙي مختصر جملي
کي چئجي ٿو، جيڪو ٿورن لفظن ۾ گهڻو
مقصد ۽ مفهوم بيان ڪندڙ هجي. پهاڪي جي
لغوي معنى آهي؛ ڏاهپ جو قول يا سوچي سمجھي اچاريل ٻول. عام طرح اسان گهڻ-مفهوم واري مختصر جملي کي پهاڪو يا چوڻي چئي سگهون ٿا. اهڙا
جملا، قديم دؤر کان هر سڌريل ٻوليءَ ۾
مروج هوندا آهن. سنڌي ٻولي، دنيا جي
قديم ترين زبانن ۾ شمار ٿئي ٿي. منجهس پڻ ڪيترا ئي
پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا عام جام ملن ٿا. ٻوليءَ جي اها خاصيت، زبان کي شاهوڪار بڻائي ٿي.
هتي سُر ديسيءَ جون اهڙيون سٽون ڌار ڪري لکجن ٿيون، جيڪي پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور،
استعمال هيٺ آڻي سگهجن ٿيون. اهي سٽون محترم ٻانهي خان جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي
جلد ٻئي تان ورتيون ويون آهن.
(1)
مٺيس جهل
مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو. (۱/۱)
(2)
ڪيچان
اوري ڪيتريون، معذوريون ميون. (۱/۵)
(3)
واٽون
ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيهيءَ وئا. (۵۱)
(4)
لڏيندي
لباس، جتن جيڏو ئي ڪئو. (۱/۸)
(5)
مرون
کِينم ماس، هڏ هلندا هوت ڏي. (۱/۸)
(6)
لک لهي ٿي
لوڏ، جيجان تن جتن جي. (۱/۲۰)
(7)
وار وڍي
واڳون ڪريان، پوئان هوندا پلاڻ. (۱/۲۱)
(8)
جهڙو
پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. (۱/۲۱)
(9)
ويئي
ڪالهه قطار، تون اَئَي! اڄ نهارئين. (۱/۲۲)
(10)
منهنجو وس
واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. (۲/۲)
(11)
وٺي وَرُ
واٽ ٿئا، بر چڙهي بانڪا. (۲/۲)
(12)
هُين جيءَ
اندر جا ڪا، وئا پڄاڻي پانهنجي. (۲/۲)
(13)
جي هت نه
هوت پَسَن، سي ڪنهن پر ڪيچ پسنديون. (۲/۹)
(14)
توڻي لَڪن
لک، ته سڀ لنگهنديس سڪ سين. (۲/۱۱)
(15)
رُڃن ۾
روئي، پسان شال پنهونءَ کي. (۲/۱۲)
(16)
ڪيچي وئڙم
ڪالهه، آ اڄ ٿي ڏونگر ڏوريان. (۲/۱۳)
(17)
آهين اَڻ
سونهن کي، ڀر لڪن لوڏا. (۲/۵)
(18)
آرياڻي آھي، مَنهن معذورن جو. (۳/۶)
(19)
جنهن جو
آرياڻي اڳواڻ، تنهن ڪانهي باڪ بهير ۾. (۳/۸)
(20)
هادي هوت
ملاءِ، آسَروندي آهيان. (۳/۱۰)
(21)
ويڙهو
ڏيئي ويڪرو، پهري وئا پَٽِ. (۴/۲)
(22)
ڳاڙيم ٿي
ڳوڙها، رات نه رهئا هيڪڙي. (۴/۶)
(23)
ڪارون ڪيم
ڪيتريون، سنجهي وئا سرواڻ. (۴/۷)
(24)
آئون تان
جوٺي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين. (۴/۱۸)
(25)
سائينءَ
ڪارڻ سپرين، دوست درسن ڪارئو. (وائي/۴)
(26)
سرهو ساهه
ٿيوم، اچڻ ويل عجيب جي. (۵/۱۰)
(27)
اڱڻ
اُهيئي، جت نه پسان جُوءِ ۾. (۵/۱۱)
(28)
جيءِ ۾ جت
رهن، ٻي پرٿڻي پاسي ٿي. (۵/۱۲)
(29)
ڌُريان ئي
ڌاريا، مٽَ مئيءَ جا نه ٿيا. (۵/۱۳)
(30)
جيڏو جت
جُوان، ڪئَو زور ضعيف سين. (۵/۱۴)
(31)
سنجهي هوت
وئا، صبح ٻڌم سندرو. (۵/۱۶)
(32)
ڪو
ڳنڍيندڙ هوءِ، ته پرت پراڻي نه ٿئي. (۵/۲۱)
(33)
ايندن پڇي
خبرون، ويندن پيرين پوءِ. (۵/۲۲)
(34)
اندر روح
رهئام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (۲/۶)
(35)
جيجان جهل
مَ پاءِ، هنيون هوت هڻي وئا. (۶/۶)
(36)
ديسي سيڻ
ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين! (۶/۷)
(37)
پڄاڻان
پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (۷/۶)
(38)
رُلي
ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عَشقُ ٻروچ جو. (۶/۸)
(39)
ساري سڏ
ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي. (۶/۱۰)
(40)
دوس نه
سهان دام، تون وندُر ٿو ويلا ڪرين. (۶/۱۱)
(41)
برههَ
مڻياس بَرُ، نه ته سُکي ڪير سڌون ڪري. (۶/۱۴)
(42)
وَري آيس
ور، سفر مُئيءَ جا ثاب پئا. (۶/۱۴)
(43)
آڏو ٽڪر
ٽر، متان روهه تريون ٿيين. (۵/۱۵)
(44)
رتيءَ جي
رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين. (۶/۱۸)
(45)
جتا! شالَ
جيو، جيو ٿا جَاڙُون ڪريو! (۷/۱)
(46)
ڇنڻ تان
نه پئو، هيءُ سڱُ نه ڇنڻ جهڙو. (۷/۱)
(47)
ٿِئا پاڻ
قرار، مُون من گڏيائون گوندرين(۷/۲)
(48)
جي ڄاڻان
جتن، ته پوءِ پٽاندَرُ هيترو. (۷/۶)
(49)
سر هڻيئو
سيلا، لايو نينهن ننڊون ڪري. (۷/۱۰)
(50)
جَتَ نه
ڀائي رت، ڌارئان ڌارئين ڏيهه جا. (۷/۱۱)
(51)
ڪيچ پڄندي
ڪير، وڃڻ سين وس ڪريان. (۸/۶)
(52)
پڄان جي
نه پڄان، وڃڻ سين وس ڪريان. (۷/۱۰)
(53)
ايرادي
آڻي، سانگين سين سَڱُ ڪئو. (۸/۱۰)
(54)
اِيءَ پر
نه پانهنجي، جيئن پهس پڇاڙين پوت. (۸/۱۳)
(55)
جن هتي
هوت وسارئو، سي مهند نه لهنديون ماڳ.
(۸/۲۸)
(56)
جيءَ جڙيم
جن سين، سي لاهي چڙهئا لاڳ. (۸/۲۸)
(57)
سمر نه
جني ساڻ، هوت حمائتي تن جو. (۹/۵)
(58)
ٿيندي روح
رهاڻ، لحظي ۾ لطيف چئي. (۹/۵)
(59)
ڇا
جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو
مَ ٿئي! (۱۰/۱)
(60)
هيءَ ڪميڻي
ڪير، جا امر کي آڏي ڦري. (۱۰/۱)
(61)
پڇان پير
پنهونءَ جو، وجهان وک وڌي. (۱۰/۵)
(62)
لکئي آئون
لڌي، نه ته پٽن ڪير پنڌ ڪري. (۱۰/۵)
(63)
سي سڀ
ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي. (۱۰/۶)
(64)
ولِهيءَ
جا ويڙها، سُڃا سَرواڻن ري. (۱۰/۱۵)
(65)
وئڙو ساٿ
وهي، تو ننڊائي نه لهي. (۱۰/۱۷)
(66)
بر وڏو،
بار گهڻو، ويجهو نه وڻڪار. (۱۱/۸)
(67)
وڻندُن ته
وڙ ڪندا، نه ته اڳين جي اختيار. (۱۱/۸)
(68)
ڪٿي ٿئو ڪوهيار، ڪٿي ٿي هٿڙا کڻي. (۱۱/۸)
(69)
ڪاڏي منهن
مڪران جو، ڪيڏانهن ڪيچ ٿئو. (۱۱/۹)
(70)
جني جت
نئو، تن اُٺن گهوري آهيان. (۱۱/۹)
(71)
ڪوهه
ڄاڻان ڪيڻ وئا، انهيءَ پر اورا. (۱۱/۱۹)
(72)
ڀنڀي هن
ڀنڀور ۾، وھڻ وهه ٿئوم. (۱۲/۲۶)
(73)
سرتيون
ساهه سندوم، ٿئو حوالي هوت جي. (۱۲/۲۶)
حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحه جي سر ديسيءَ مان جيئن هي
سٽون پهاڪن ۽ چوڻين خاطر چونڊ ڪيون ويون آهن، تيئن شاهه سائينءَ جي هر سُر مان
اهڙيون ڪيئي سٽون چونڊ ڪري سگهجن ٿيون.
لطيف سائينءَ جو ڪلام، لطيف جذبن
جي عڪاسي ڪري ٿو. شاهه سائينءَ وٽ، تاريخ جو گهِرو شعور موجود آهي. هو پنهنجي دؤر جي حالتن کان چڱيءَ ريت باخبر آهي. اِها ڀٽ
ڌڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري آهي، جو هن پنهنجو سڄو ڪلام،
نج سنڌي زبان ۾ چيو آهي، جنهن تي ٻين ٻولين جو اثر بنهه اَڻ لکو آهي. لطيف سائينءَ ٻوليءَ جا محاورا، پهاڪا توڙي چوڻيون اهڙي ته منفرد
انداز ۾ بيان ڪيون آهن، جو اهي بيت جي مفهوم ۾ ڄڻ ضم ٿي ويون آھن ته ساڳيءَ ريت اهڙيون سٽون پڻ تخليق ڪيون اٿس، جيڪي گهڻن
موقعن تي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري سگهجن ٿيون.
ڀٽائي گهوٽ جي سورمي سسئي،
توڙي جو ڏونگرن جا اڻانگا پنڌ ۽ پيچرا پنهونءَ
ڪارڻ طيءِ ڪري ٿي، پر جيڪڏهن گهِرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته سسئيءَ جو اهو پنڌ صرف
پنهونءَ لاءِ ناهي، اهو پنڌ ته حق ۽ سچ لاءِ
آھي. جي منزل ملي وڃي ته اھي رڻ پٽ جون اذيتون، جھڪن ۽ جھولن جون
تڪليفون، ڪجهه به نه آهن. رڳو طالب جي طلب ۽ ارادو پختو هجي.
پرينءَ جا ڏس، ڏونگر پاڻيھي ڏيندا. پنھنجي سڪ ۽ چاھت، پاڻ وٽ سانڍيندي اڳتي وڌبو ته پنهونءَ جو
سسئيءَ سان ملڻ اڻٽر آهي. شاهه
سائين چوي ٿو ته:
سمر نه جـنـي ساڻ، هوت حمائتي تن جو،
ڇـنــا اڏبــا ڇــپــريــن، ايـنــدو پـنــهــون پاڻ،
ٿيندي روح رهاڻ، لحظي ۾ لطيف چئي.
---
مڙي منڌ ڏي آئيون،
جيڏيون ڪري جوڙ،
سـرئـو سور سرير ۾، گهميو لاهي گهور،
لُنءَ لُنءَ ۾ لطيف چئي، لڳو پنهونءَ پور،
آريـاڻـي اَتُور، وساري ڪئين ويهي رهان.
مددي وسيلا:
(1)
ٻانهون
خان شيخ: شاهه جو رسالو (جلد ٻيو)، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،
۲۰۰۱ع.
(2)
ڪلياڻ
آڏواڻي: شاهه جو رسالو، مڪتبہ اسحاقيہ، ڪراچي.
(3)
تاج جويو
(مرتب): سُر رپ (هڪ مطالعو)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال
۲۰۰۲ع.
(4)
سيد اظهر
جيلاني: شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون،
مهراڻ اڪيڊمي، ۲۰۰۴ع.
(5)
غلام اصغر
ونڊير: سنڌي کٽ-مٺڙا عرف اصطلاحات اصغر، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس،
حيدرآباد،
(6)
ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي: پهاڪا ۽ محاورا، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع
***
No comments:
Post a Comment