Showing posts with label ٻانھن ڀڳي ته گھوري، دل جي ھر کر ته مئي، سرو، پھاڪو، منظور ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label ٻانھن ڀڳي ته گھوري، دل جي ھر کر ته مئي، سرو، پھاڪو، منظور ڪوھيار،. Show all posts

Wednesday, September 11, 2019

ٻانھن ڀڳي ته گھوري، دل جي ھر کر ته مئي - منظور ڪوھيار


ٻانھن ڀڳي ته گھوري، دل جي ھر کر ته مئي. 
(سرو، پھاڪو)
منظور ڪوھيار
هڪ هٽ واڻئي ٻه ٽي ڏينهن سچي گيھ جي ڪٽي ڇا کاڌي، کيس پنهنجي ٻلوان هئڻ جي پڪ ٿي وئي.
ھر ڪنھن کي چوندو وتي؛ ”ڀائي جي سانھ جي وريل سڱ ۾ ٻانهن وجھي، شٽ ڏيانس ته شنڱ ٻه ٽڪر ٿي پويس.“
گهڻن گھڻگھرن سمجھايس ته؛ ”ڀائي مڙي وڃ!..“
پر نه مڙيو.
ڇو جو شؤق کنيو بيٺو ھيس. ڪنھن جي جھل ۾ ئي نه آيو.