Monday, September 30, 2019

ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي - مير اعظم علي ٽالپر


ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي
مير اعظم علي ٽالپر
Image result for a mad dog never bite his master
سنڌ ۾ هن وقت مرحوم آنجهاني موتي ڪُتي جو خاندان، انتهائي تڪليف واري زندگي گذاري رهيو آهي. سندس خاندان جو ننڍو ٻچو (گُلر) ۽ وڏو، ٻئي آزار ۾ آهن. ڇو ته سنڌ جو ڪو اهڙو شهر نه آهي، جنهن ۾ موتي ڪُتي جي بقايا نه هجي، حالانڪ راقم پنهنجي پيدائش کانپوءِ، بقول (مرحوم ماما) وڏن جي ته؛ گرامافون (چاٻي ڀرڻ وارو) جي رڪارڊ وڄائڻ تي گاني جو آواز ٻڌي سمهندو هو. رڪارڊن جي وچ تي، گاني جي حوالي سان تفصيل لکيل هوندو هو. ان ۾ هڪ طرف گرامافون جو فوٽو هوندو هو ته ان اڳيان (سامهون) هڪ ڪتو انتهائي توجه ۽ خيال سان پنهنجا ڪن لڳائي، ان رڪارڊ کي ٻڌندو ڏيکاريل هوندو هو. ننڍي عمر ۾ اسڪولي ڪتاب ۾ هڪ سبق پڻ ”ڪتي“ تي هوندو هو، ”موتي ڪُتو“.

ماڻهو ڪن مهيسر - شاهنواز مهيسر


ماڻهو ڪن مهيسر
شاهنواز مهيسر
Image may contain: night and text
ان متعلق چيو وڃي ٿو ته؛ ”مهيسر، فقير لوڪ ماڻهو آهن. مذهبي پرچارڪ ھئڻ سان گڏ، مذهب سان وابستگي به گهري اٿن.“
چيو وڃي ٿو ته؛

Saturday, September 28, 2019

پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري - علي مردان راھوجو


پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
علي مردان راھوجو
Ali Mardan Rahoojo's profile photo
سياڻن اها ڳالھ سورنهن آنا سچ چئي آهي. جيڪي ڪتن پالڻ جو شوق رکن ٿا، اهي هن چوڻي تي هڪ ڀيرو وڌيڪ غور ڪن ۽ پوءِ ڪتن ڌارڻ جو فيصلو ڪن.
مان توهان کي پنهنجي گهر جو مثال ڏيان. مون کي ڪتن پالڻ جو ڪو شوق نه آهي پر منهجا ٻئي ٻار ۽ انهن جي ماءُ جنون جي حد تائين Pet Lovers يعني جانورن سان پيار ڪرڻ وارا آهن. هي ڪڏهن ڪنهن زخمي ٻلي ۽ ڪتي جي ٻچي کي گهر ۾ کڻي ايند ۽ انهن جو علاج ۽ پرگهور ڪري پالي وڏو ڪندا آهن. يا ڪو جنسي ڪتي يا ٻلي جو ٻچو خريد ڪري ايندا ۽انهن کي پاليندا ۽ واندڪائي ۾ ويٺا هنن سان رانديون ڪندا آهن.

Monday, September 23, 2019

شاھ جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلو لاءِ پيش لفظ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


شاھ جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلو لاءِ پيش لفظ
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:

لطيفي لات - مرزا قليچ بيگ


لطيفي لات
[شاهه جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جي پهاڪن
يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آهن.]
مرزا قليچ بيگ


جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي گذرندو آهي تڏهن انهيءَ جي ڪلام، جو نه رڳو اُنهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر اُنهي جي ٻوليءَ تي به ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙھ ۾ اُهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جهڙيءَ طرح ڪ انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهي جا چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڌار ڪتاب گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن. اُهي قريب ٽي سؤ آهن. اِهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نُڪتا ۽ عجيب اشارا آندل آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سچ سمجهايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن. اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ مان گھڻي خوشي حاصل ٿيندي. هن ڪتاب جو نالو ”لطيف لات“ رکيو ويو آهي، جو شاهه صاحب پاڻ ڪارايل جي سر ۾ چيو آهي ته:-

شاهه جا پهاڪا - ڊاڪٽر اياز قادري


شاهه جا پهاڪا
ڊاڪٽر اياز قادري


ڪنهن به ملڪ ڏانهن ڏسبو ته ان ملڪ ۾ ڪيترا ئي شاعر ڏسڻ ۾ ايندا پر هر ڪنهن شاعر جو پنهنجو پنهنجو درجو آهي. انهن شاعرن مان ڪي اهڙا آهن جن جي مقبوليت ڪنهن خاص طبقي تائين آهي. ٻيا اهڙا آهن جي خاص ۽ عام ۾ مقبول آهن. انهن شاعرن مان محلن ۾ رهندڙ امير ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ فقير، هڪ جهڙو مزو ۽ ميٺاج حاصل ڪن ٿا. هر شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي، مجلس ۽ اڪيلائيءَ ۾، سفر ۽ گھر ۾، ميلاپ ۽ وڇوڙي ويل، سندن شعر جهونگاريا وڃن ٿا. انهن مقبول شاعرن ۾ ڪي وري اهڙا شاعر آهن جن سان اسان جي ايتري ته ويجهڙائي ۽ گھرائي ٿي وڃي ٿي جو هو اسان کي هر وقت ياد رهن ٿا جو اسان کين هر گھڙيءَ ويٺا ياد ڪريون. ٿوري گهڻي ڳالهه تي، ايئن بيان ڪري ڇڏيون، جيئن ڪو پهاڪو. انهن عوام ۾ پسند ڪيل ۽ مقبول شعرن جو رتبو ۽ درجو ٻوليءَ جي ٻين اهم پهاڪن جهڙو ئي ٿي وڃي ٿو.

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون - ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر


شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر


هر ڪنهن سڌريل ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون شاعر، اديب ۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنهنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين تائين مؤثر نموني ۾ پهچائين، ته اڪثر اهي پهاڪن ۽ چوڻين جو سهارو وٺندا آهن.

آيتون آهين - ڪريم بخش خالد


آيتون آهين...
(الف-بي وار منتخب پهاڪا ۽ چوڻيون)
ڪريم بخش خالد


شاھ لطيف جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ثقافتي ماخذ آھي. سنڌي معاشرت جو منجھس مانڊاڻ آھي ۽ زبان جو ايترو وسيع ۽ ڪثير ذخيرو، جو شايد دنيا جي ڪنھن به شاعر جي ڪلام ۾ ايترا محاورا، ضرب الامثال، پھاڪا، وقت سر ۽ موضوع جي مطابق دلي مدعا بيان ڪرڻ لاءِ معياري ادبي فقرا ملي سگھن، پر افسوس آھي جو سنڌي زبان ازل کان جغرافيه حدبندين جو شڪار رھندي پئي آئي آھي، ان ڪري ان جي سمجھڻ ۽ لکڻ پڙھڻ جو دائرو به محدود رھيو ۽ ان جي حدبنديءَ جو اثر مشرق جي شاعر اعلى شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس پيغام تي به پيو.

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي


شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي


شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مان ان ويچار ۾ غلطان ٿي رھجي ويندو آھيان ته ڪھڙو سبب آھي، جو شاھ جي ڪلام جي گونج، ان جي رسائي، ٻين ھم فڪر سخنورن کان ججھي آھي. ھم خيال ھوندي به، شاھ جو ڪلام، پنھنجي الڳ انفراديت رکي ٿو. ڪھڙي سبب سندس ڪلام جو چقمقي اثر، دل تي ھڪ ديرپا نقش تراشي ٿو ڇڏي. ڪھڙي باعث، شاھ جو ڪيترو ڪلام اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ تبديل ٿي ويو آھي. منھنجي نماڻي راءِ موجب اھو صرف ھن جي انداز بيان جو ڪرشمو ناھي پر ان جي پٺيان شاھ جي ڪلام ۾ گھري فڪر جو اعليٰ نڪتو ۽ حياتيءَ سان گھري وابستگي به آھي. شاھ جو ڪلام انساني فطرت، سڀاءَ جي ڀن ڀن حالتن جي بدلاءَ سان، الڳ الڳ ماحول ۾ ٺھڪي بيھي ٿو.

شاھ ڀٽائي جا بيت - پهاڪا - حافظ محمد احسن چنا


شاھ ڀٽائي جا بيت - (پهاڪا)
حافظ محمد احسن چنا


وطن جو گھڻگھرو، سنڌ سٻاجھي جو سدا حيات شاعر، سوڀارو، دنيا جي شاعرن کان تمام اوچو، لاکيڻي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو موجوده رسالو پڙهجي ٿو ته گويا سمنڊ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وري وري پڙهڻ سان، نوان نوان بيت ۽ نوان نوان نڪتا پيا پسبا.
اڃا ته محققن جو چوڻ آهي ته؛ ڀارت ۾ موجوده رسالي کان وڌيڪ ٻيا بيت ۽ وايون آهن، جن لاءِ ڪوشش هلي رهي آهي ته اتان اهو مواد هٿ ڪري اچجي، پر موجوده رسالي ۾ ڏسبو ته اها ڪا ڳالھ، اها ڪا گفتگو يا موضوع يا عالمن ۽ اديبن جو وعظ يا تقرير ۽ ليڪچر نه هوندو، جنهن تي شاھ صاحب جو بيت موافق نه هجي.

شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون - ڊاڪٽر غلام قادر سومرو


شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

سنڌي شاعري، سنڌي زبان جي قدامت سان، هر دؤر ۾، اڪيچار لفظي ۽ معنوي خوبين سان مالا مال ٿيندي رهي آهي ۽ صدين جو سفر طيءِ ڪري، ڪيترن ئي انقلابن، ڌارين جي حملن، اندروني ۽ ٻاهرين اٿل پُٿل کان دامن بچائي، ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي، بنھ شاھوڪار زبان بڻجي ويئي آهي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته اُن جي شاعريءَ ۾، اصطلاح/ محاوري جو زور مٿاهين درجي تائين موجود آهي. هر دؤر ۾، شاعريءَ جي مختلف صنفن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾، انسان جي ڪلاسيڪل توڙي عروضي ۽ جديد فڪر جي شاعرن، شاعري ۾، لوڪ ادب جي سگھڙن جي سخنن ۾، ڏاهن ۽ ٻهڳڻن جي قولن ۾، اسان کي ڪيترا ئي بيت، شعر، شعرن جو مصرعون ۽ فقرا ملن ٿا، جيڪي زوردار نموني ۾ چيل محاورن ۾ رچيل ۽ اصطلاحن ۾ سنورايل آهن، سي ڪاروباري زندگيءَ ۾، ضرب المثل يا چوڻين ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي عاقلاڻا مثال آهن جن سنڌي ٻوليءَ ۾ محاوري جو زور ڀريو آهي.

سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح - مير محمد ڀَيو


سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح
مير محمد ڀَيو

هيءَ حقيقت آهي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام، هر نقطہء خيال کان، نه فقط ڪامل ڪلام آهي، بلڪ مادي خواه روحاني خيال کان به، هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي هر انسان عملي طور پنهنجو مقصد آسانيءَ سان ماڻي سگهي ٿو. شاھ صاحب جي ڪلام جو هر موضوع ۽ مضمون، مڪمل معنى وارو ۽ حڪمت سان ڀريل نظر ايندو. اهو ئي سبب آهي جو شاھ صاحب روحاني خيال کان نه فقط ڪامل ولي هو، پر مادي  نقطہء نگاه کان هڪ اعلى مفڪر، زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان باخبر ۽ انسانيت جو علمبردار به هو. ٻئي طرف هڪ شاعر جي حيثيت ۾، جڏهن سندس ڪلام جو گهِرائيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته ٻوليءَ ۾، خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾، وقت جي تقاضائن مطابق، جيڪا شاھ صاحب ندرت ۽ وسعت پيدا ڪئي آهي، ان مان اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو سنڌي زبان جو سچو سڃاڻُو ۽ پورو پورو پارکو پيو نظر اچي. ان لحاظ کان ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو ڪجهه لطيف ڏنو، ان جي آڌار تي، اڄ جي سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج، ڀلاري ڀٽائي جي مرهون منت پيو معلوم ٿئي.

شاهه جون چوڻيون - نياز همايوني


شاهه جون چوڻيون
(سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان)
نياز همايوني

سنڌيءَ ۾ چوڻيون، سماجي اهميت رکن ٿيون. اهي نه رڳو زبان جي زينت آهن پر بيان جي لحاظ کان، نيڪيءَ بديءَ جي ڄاڻ ۽ سچائيءَ جي واکاڻ ڪري، سهڻي زندگي گهارڻ جو ثمر پڻ بڻجن ٿيون. اهي چوڻيون، ظاهر ۾ ته نهايت ساديون پيون لڳن پر گهرائيءَ ۾ جاچيو ويندو ته گهڻن مقصدن جو گهر آهن.

سرُ ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو - ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


سرُ ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

لطيف سرڪار پوُري ڪائنات، انسان ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جو شاعر آهي، پر ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هوُ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن وٽ سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي سڀني زمانن ۽ رُخن جي ڀوپور ترجماني آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جنهن به پهلوءَ تي غور ڪبو ته لطيف جي شاعري، سج جي پُرنور ڪرڻن وانگر، سُهائي ڪندي نظر ايندي. سائين جي ايم سيد، پيغام لطيف“ ۾ لکيو آهي ته؛ ”منهنجو پڪو رايو آهي ته شاهه سنڌ جو قومي شاعر آهي“(۱) ڇاڪاڻ ته لطيف وٽ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي روح جي گهراين جون حقيقتون ۽ احوال آهن. وٽس زندگيءَ جي بنھ ويجهڙائيءَ جون وايون ۽ ورلاپ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ جي سُرهاڻ ڏينهون ڏينهن ڦهلجندي رهي ٿي. سوين سال گذري ويا آهن: ڪئين سياسي، سماجي، معاشي، انقلاب ۽ تبديليون آيون آهن: سماج ڊٺا، اڏيا ۽ وري ڊٺا آهن، ايتري قدر جو ٻوليءَ ۾ به ڪيتريون تبديليون آيون آهن، پر لطيف جي شاعري اڄ به اسان لاءِ رهبري ۽ روشني آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو لطيف سان سنڌي ماڻهن جي عشق ۾ به ڪا ماٺائي نه آئي آهي؛ ڇو ته جيئن جيئن وقت اڳتي وڌندو رهي ٿو، تيئن تيئن لطيف شعور سان ٽمٽار شاعريءَ جون مشعلون کڻي، اسان کي دڳ ڏيکاريندو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهيندو رهي ٿو.