پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
علي مردان راھوجو
سياڻن اها ڳالھ
سورنهن آنا سچ چئي آهي. جيڪي ڪتن پالڻ جو شوق رکن ٿا، اهي هن چوڻي تي هڪ ڀيرو وڌيڪ
غور ڪن ۽ پوءِ ڪتن ڌارڻ جو فيصلو ڪن.
مان توهان کي
پنهنجي گهر جو مثال ڏيان. مون کي ڪتن پالڻ جو ڪو شوق نه آهي پر منهجا ٻئي ٻار ۽
انهن جي ماءُ جنون جي حد تائين Pet Lovers يعني جانورن سان پيار ڪرڻ وارا آهن. هي ڪڏهن
ڪنهن زخمي ٻلي ۽ ڪتي جي ٻچي کي گهر ۾ کڻي ايند ۽ انهن جو علاج ۽ پرگهور ڪري پالي وڏو
ڪندا آهن. يا ڪو جنسي ڪتي يا ٻلي جو ٻچو خريد ڪري ايندا ۽انهن کي پاليندا ۽ واندڪائي
۾ ويٺا هنن سان رانديون ڪندا آهن.
