سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي
با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح
ڊاڪٽر
بشير احمد شاد
اصطلاح جو استعمال ٻوليءَ جي
سينگار جو سبب بڻجي ٿو. هر هڪ ساهتيه يا سڌريل ٻولي اصطلاحن سان مالا مال هوندي
آهي. جيئن هر ٻوليءَ جي اصطلاحن جو معنى توڙي مطلب جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو رنگ ٿئي
ٿو، تئين انهن جي سٽاءَ ۽ بيهڪ جو به منفرد انداز آهي. سنڌي ٻولي پڻ انهي دولت کان
وانجھي نه آهي بلڪه ان جي ڪجھ اصطلاحن جي سٽاءَ جو ته رنگ ئي نيارو آهي، جيڪو ٻين ٻولين
۾ ايڏو نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن اصطلاحن جون جيڪي خصوصيتون مونکي نظر
آيون آهن انهن ۾ اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي وارا اصطلاح ۽ بيهڪ جي
لحاظ کان لفظي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح اچي وڃن ٿا.
گرامر ٻوليءَ جو بنياد هوندو
آهي، جنهن کان سواءِ اها اڻ پوري ۽ ٻُسي ليکي ويندي آهي. ساڳي طرح تجنيسِ حرفي پڻ ٻوليءَ
جي خوبصورتيءَ ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿي.
هيٺ اول سنڌي ٻوليءَ جي اسمن ۽
فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفيءَ وارا ڪجھ اصطلاح معنى سميت ڏجن ٿا. اهڙن
اصطلاحن جو تعداد بيشمار آهي. هن قسم جا اصطلاح گھڻو تڻو ٻن لفظن تي مشتمل آهن، پر
ڪن ۾ ٻن کان وڌيڪ لفظ به ڪتب آندا ويا آهن. ڏسبو ته انهن اسمن ۽ فعلن جي بيهڪ توڙي
معنى ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. ٻئي طرف انهن ٻن يا ٽن لفظن جو آڏو وارو حرف ساڳيو هئڻ
سبب تجنيسِ حرفي جي صنعت، اصطلاح ۾ خوبصورتي ۽ رواني پيدا ڪئي آهي.
·
آڏو اچڻ؛ ڪَئي جو نتيجو ڀوڳڻ.
·
احوال اورڻ؛ حال ٻڌائڻ/ مدعا
بيان ڪرڻ.
·
اوچو اوڍڻ؛ قيمتي لباس پائڻ.
·
ڀُنگُ ڀرڻ؛ ڏنڊ ڏيڻ.
·
ڀيرو ڀڃڻ؛ وساري ڇڏڻ.
·
پٽيون پڙهائڻ؛ گمراهه ڪرڻ/
برغلائڻ.
·
پَهه پچائڻ؛ سوچَ ويچار ڪرڻ.
·
پيچ پائڻ؛ ناتو قائم ٿيڻ.
·
پير پائڻ؛ اچڻ/ داخل ٿيڻ.
·
ٽَڳا ٽوڙڻ؛ رشتا ناتا ڦٽائي ڇڏڻ.
·
جبل جھاڳڻ؛ تڪليف ڪاٽڻ.
·
جنگ جوٽڻ؛ جدوجهد ڪرڻ.
·
جھوريءَ جھِڄڻ؛ گھڻو صدمو رسڻ.
·
چاڪَ چڪائڻ؛
ڦَٽَ اڊيڙي
ڇڏڻ / سخت تڪليف رسائڻ.
·
چَپَ چورڻ؛ اظهار ڪرڻ.
·
چرٻي چڙهڻ؛ سُستيءَ کان ڪم وٺڻ
/ ٽوٽي ٿيڻ.
·
چنگ چورڻ؛ ڪوشش جاري رکڻ.
·
دونهين دُکائڻ؛ وِتَ آهر ڪوشش ڪرڻ.
·
ڍارو ڍرڻ؛ بختُ ورڻ.
·
ڍَڪُ ڍڪڻ؛ عيبن تي پردو وجھڻ.
·
ڏاند ڏهڻ؛ نڪمي/ ڪنجوس کي نوائڻ.
·
ڏنڀَ ڏيڻ؛ ذهني تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ.
·
ڏونگر ڏورڻ؛ تڪليفون ڪاٽڻ.
·
ڏوهه ڏيڻ؛ ٻي کي قصوروار ڪرڻ.
·
رنڊا روڙڻ؛ وت آهر ڪم ڪرڻ/ ٿلهو
ڪَتڻ.
·
رنگ رچائڻ؛
ميلو مچائڻ/ رونق وٺائڻ.
·
روح ريجھائڻ؛ دل کي تسلي ڏيڻ
لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
·
سُک سارڻ؛ سکيا ڏينهن ياد ڪرڻ.
·
ڪاڳر ڪارو ڪرڻ؛ بي لاڀي محنت ڪرڻ.
·
کُپُ کوڙڻ؛ گھڻي وقت لاءِ ترسي
پوڻ.
·
کڏون کوٽڻ؛ ٻي کي نقصان رسائڻ
لاءِ سوچڻ.
·
کِلي کِيڪارڻ؛ آڌرڀاءُ ڪرڻ.
·
گھڙيون گھارڻ؛ ڪجھ وقت گڏ گذارڻ.
·
گوندرَ گھارڻ؛ غم ۾ گذارڻ.
·
ڳوڙها ڳاڙڻ؛ پڇتائڻ/ شرمندو ٿيڻ.
·
لاک لاهڻ؛ وڏي تعدي ڪرڻ.
·
لڄ لاهڻ؛ بي شرمو/ بي حيا ٿي
بيهڻ.
·
لنؤن لڳائڻ؛ جذباتي تعلق قائم ڪرڻ.
·
لوئي لڄائڻ؛ شرمندگيءَ جهڙو ڪم ڪرڻ.
·
ماري مڃائڻ؛ پنهنجي ڳالهه تسليم
ڪرائڻ.
·
مَلهه مارڻ؛ ڪامياب ٿيڻ/ فتح
حاصل ڪرڻ.
·
مُنهن موڙڻ؛ بي رخي اختيار ڪرڻ.
·
ميلو مچائڻ؛ رنگ رچائڻ.
·
نور نچوئڻ؛ سخت محتن ڪرڻ.
·
نينهن نڀائڻ؛ رستو نه ٽوڙڻ/
وفادار رهڻ.
·
هٿڙي هڻڻ؛ حرفت سان حاصل ڪرڻ.
·
هنجون هارڻ؛ تمام گھڻو روئڻ.
·
هينئون هارڻ؛ مايوس ٿي ويهڻ.
·
واجھه وجھڻ؛ شدت سان انتظار ڪرڻ.
·
واڳون وارڻ؛ واپس موٽڻ.
·
ونگُ وجھڻ؛ ڦاسائڻ/ هٿيڪو ڪرڻ.
·
ويڳُ وجھڻ؛ پنهنجي لاءِ آزار
پيدا ڪرڻ.
لفظي توڙي معنوي تضاد وارن
اصطلاحن مان مراد اهڙا اصطلاح آهن جن جا لفظ پنهنجي بيهڪ توڙي معنى جي لحاظ کان
متضاد آهن. مثال طور ’قلم هميشه سبتو وهائڻ گھرجي.‘ يعني ’قلم ذريعي انصاف ملڻ
کپي.‘ پر اصطلاح آهي ”ابتو قلم وهائڻ.“ جيڪو ڄڻ ’انصاف جي نفي ٿو ڪري.‘ هيٺين اصطلاحن
۾ ’ابتا‘، ’اُبتي‘ ۽ ’اُلٽي‘ اهڙا لفظ آهن جيڪي اصطلاح ۾ لفظي توڙي معنوي تضاد جو
سبب بڻجي پيا آهن. هيٺ اهڙا چند اصطلاح مثال طور پيش ڪجن ٿا.
·
اُبتا ٽوپا ڏيڻ؛ فضول خرچي ڪرڻ.
·
ابُتا پير کڻڻ؛ چڱي چال نه هلڻ.
·
اُبتا واهڙ ترڻ؛ بي سود ڪوشش ڪرڻ.
·
اُبتو قلم وهائڻ؛ انصاف نه ڪرڻ.
·
اُبتو ڪلمو پڙهڻ؛ غلط ڪم ڪرڻ.
·
اُبتي پَٽي پڙهائڻ؛ برغلائڻ.
·
اُبتي تسبيح پڙهڻ؛ بد دعا ڏيڻ
يا پِٽڻ.
·
اُبتي کَلَ لاهڻ؛ سخت اذيت ڏيڻ.
·
اُبتي ڪاتي وهائڻ؛ سخت ظلم ڪرڻ.
·
اُبتي ڪاتيءَ سان ڪُهڻ؛
ڏاڍو وڻي
وڃڻ./ وڏو نفعو وٺڻ.
·
اُبتي گنگا وهڻ؛ عام قانون جي
اُبتڙ هلڻ.
·
اُبتيون وکون کڻڻ؛ غلط راهه تي
هلڻ.
·
اُلٽي کوپڙي هجڻ؛ بد دماغ هجڻ.
No comments:
Post a Comment