Showing posts with label جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي، مرتضيٰ سيال،. Show all posts
Showing posts with label جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي، مرتضيٰ سيال،. Show all posts

Sunday, August 12, 2018

جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي! - مرتضيٰ سيال


جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي!
مرتضيٰ سيال
جاهل اهو ناهي، جيڪو پڙهيل لکيل ناهي. جاهل اهو به ناهي جنهن وٽ گهٽ ڄاڻ آهي. جاهل ۽ ڄٽ اهو آهي، جنهن وٽ عقل ۽ فضيلت جي کوٽ هجي. ڪو گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل آهي ته به خير آهي. ڪنهن وٽ ڄاڻ جي کوٽ آهي ته به ڪو وڏو مسئلو ناهي. پر ڪو عقل توڙي فضيلت کان وانجهيل ۽ بدنيت آهي ته خير ناهي. سياڻن سچ چيو آهي؛ ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌل چڱو آهي.