جمهوريت ۽ سياستدانن جي
بقا جو سوال
ڊاڪٽر الله ڏنو ابڙو
ماضيءَ
۾ چيو ويندو هو؛ ”گھڻين زالين گھر نه هلي، گھڻين
مردين هر نه هلي“ ۽ هاڻي وري چيو وڃي پيو؛ ”گھڻين
سياستدانين، جمهوريت نه هلي“. ڇا انهن چوڻين ۾ ڪا صداقت آهي؟ ماضيءَ ۾ جڏهن
به ڪنهن گھر جو نظام بگڙندو هو ته الزام عورتن جي گھڻائيءَ تي لڳايو ويندو هو. ساڳيءَ
طرح جڏهن فصل خراب ٿيندو هو ته الزام هارين جي گھڻائيءَ تي لڳايو ويندو هو. هڪ طرف
اسان چوندا آهيون؛ ”ٻه ته ٻارنهن.“ يا ”گھڻين هٿين ڇپر
کڄي.“ ۽ ٻئي طرف اسان چئون ٿا ته؛ ”گھڻيون عورتون گھر ڦٽائين ٿيون ۽ گھڻا
مرد فصل خراب ڪن ٿا“. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي
اچي ته ”ٻه ته ٻارنهن“ يا ”گھڻين هٿين ڇپر کڄي“ چوڻيون صحيح آهني يا ”گھڻين زالين گھر نه
هلي ۽ گھڻين مردين هر نه هلي“ چوڻي چڱي آهي؟ سوال اهو به اڀري ٿو ته گھڻيون
عورتون گھر ڪيئن ڦٽائين ٿيون ۽ گھڻا مرد فصل ڪيئن خراب ڪن ٿا؟ ڇو ته ٻه ته ٻارنهن هوندا آهن ۽ گھڻين
هٿين ڇپر کڄندو آهي. ساڳيو سوال جڏهن مون پنهنجي هڪ دوست کان پڇيو ته اها ڳالهه
به سمجهه ۾ اچي وئي ته گھڻين سياستدانين جمهوريت ڇو نٿي هلي. دوست ماضيءَ جي ماڻهن
جي مشاهدي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته؛ جنهن گھر ۾ گھڻيون زالون هونديون آهن اتي
اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد اٽي ۾ لوڻ برابر ملندو آهي.
اتي هر ڪا عورت پنهنجي پنهنجي هلائيندي ۽ ڪندي آهي. نتيجي ۾ گھر جو نظام سڌرڻ
بجاءِ ويتر خراب ٿيندو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان وٽ سياستدانن ۾ به
اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد ڪنهن به صورت ۾ عورتن کان وڌيڪ نظر نٿو اچي. سنڌيءَ ۾ عورتن
بابت چوڻي مشهور آهي ته ”عورت جو عقل ڏائي کڙي ۾ ٿيندو
آهي“ هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته سياستدانن ۾ عقل ڪٿي هوندو آهي؟ هو بجاءِ جو
اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد ڪن، ويتر هڪ سياستدان پنهنجي سموري توانائي ٻئي سياستدان کي ڪيرائڻ
۾ صرف ڪندو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر تازو ٽي وي تي پنهنجي اليڪشن مهم جي اشتهارن ۾ به
سياستدان پنهنجي ڪارگردگي ٻڌائڻ بدران ٻين جي عيب جوئي، گلا ۽ غيبت ۾ ئي رڌل نظر
آيا. چوندا آهن ته ”اگھه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه
کائجي“. سياستدان پنهنجو اگھه وڌائڻ بجاءِ، وٽ کٽيو ڇو ٿا کائين؟ ڇا ٻين جي
عيب جوئي مسئلي جو حل آهي؟ جيڪڏهن عيب جوئي مسئلي جو حل هجي ها ته دنيا جا سمورا
مذهب عيب جوئي ڪرڻ کي وڏي ۾ وڏو گناهه قرار نه ڏين ها.
ڪجهه
عرصو اڳ مون هڪ پروفيسر کان پڇيو ته؛ ”هڪ سياستدان جي نظر ۾ ٻئي سياستدان جي ساک ڪيئن
هوندي آهي؟“ وراڻيائين ته؛ ”هڪ سياستدان جي نظر ۾ ٻيو سياستدان صرف ۽ صرف جاهل، نااهل،
ڪرپٽ، ٺڳ ۽ گناهگار ئي هوندو آهي.“ اڃا وڌيڪ چيائين ته؛ ”جيڪڏهن اعتبار نه اچي ته ڪنهن
به سياستدان جي تقرير غور سان ٻڌي ڏسو، جنهن ۾ ۹۹ سيڪڙو ٻين سياستدانن جي برائي
بيان ٿيل نه ملي ته چئجو.“ هتي سوال اهو اڀري ٿو ته هڪ سياستدان پنهنجي ساٿي، هم
منصب، هم رتبه، رفيق ۽ هم پيشه ٻئي سياستدان تي الزام ڇو ٿو هڻي؟ سمورا سياستدان،
سنڌي چوڻي وانگر، هڪ ٻئي کي ”آلا نور، مٿي جا سور“
ڇو ٿا سمجھن؟ ڇا سياستدان واقعي اهڙي ڪردار جا مالڪ آهن جو هنن کي هڪ ٻئي جي هڪ به
خوبي نظر نٿي اچي؟ جيڪڏهن سياستدان واقعي اهڙي ڪردار جا مالڪ آهن جهڙو هو هڪ ٻئي کي
سمجهن ٿا ته جمهوريت ڪٿان هلندي ۽ ملڪ ڪٿان ترقي ڪندو؟
شايد
جمهوريت جي ناڪاميءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب به اهو ئي آهي ته اڄ جا سياسي اڳواڻ صرف
پنهنجي ذات سان محبت ڪن ٿا. پئسو ڪمائڻ ۽ پاور حاصل ڪرڻ هنن جو بنيادي مقصد هوندو
آهي. انهيءَ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگھن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو چند سال حڪومت
۾ رهندڙ سياستدان راتورات امير ٿي وڃن ٿا. اهي حڪمران جن تي ماضيءَ ۾ قرضن جا ڪوٽ
چڙهيل هئا، سي اڄ آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن. حڪومت هلائيندڙ سياستدانن کي ڪرپشن،
لاقانونيت، مهانگائي ۽ بيروزگاري بلڪل ئي نظر نٿي اچي. ساڳئي وقت اهي سياسي اڳواڻ
جيڪي حڪومت کان ٻاهر آهن، انهن جي حالت اهڙي آهي جھڙي مڇيءَ جي پاڻيءَ کان ٻاهر.
انهن کي حڪمران طبقي جون صرف اوڻايون ئي نظر اچن ٿيون. هنن جي نظر ۾ حڪمراني
هلائيندڙ سياستدانن ۾ ڪا به خوبي ناهي هوندي. اهي هر وقت حڪومت ڪندڙ سياسي رهنمائن
خلاف سازش ڪرڻ ۾ ئي رڌل رهندا آهن. ميڊيا تي ويهي بيجا تنقيد ڪرڻ، عجيب و غريب
لقبن سان سڏڻ، جلسا جلوس ڪرڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ هنن جو مشغلو هوندو آهي. مجال آهي جو ڪو
سياسي اڳواڻ ميڊيا تي يا ڪنهن جلسي ۾ ٻين تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪيل خدمتن جو
ذڪر ڪري. هنن جو وس پڄي ته حڪومت ڪندڙن جي ڪرسي ئي ڇڪي وٺن. هاڻي سوال اهو اڀري ٿو
ته سياستدان هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇو ڇڪيندا آهن؟
حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان پهرين ئي هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڇو ڪندا آهن؟ ڇو ٻين
لاءِ برو سوچيندا آهن؟ ڇا ٻين تي تنقيد ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ سياست نٿي ڪري سگھجي؟
ڇا سياستدان هي سڀ عوام جي همدرديءَ ۾ ڪن ٿا يا هنن کي پنهنجو وارو وٺڻ ۽ امير ٿيڻ
جي ايتري ته جلدي هوندي آهي جو ڳالهائڻ وقت اهو به ناهن سوچيندا ته هو چون ڇا پيا.
پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، جنهن کي هو اڄ چور سڏيندا آهن، انهيءَ کي سڀاڻي ٿوري
مفاد خاطر پاڻ سان گڏ ويهاري معزز ڪري پيش ڪندا آهن. بلڪل ائين جيئن چوندا آهن ته
”اهڙو مٺو، ڪنهن نه ڏٺو.“ يا ”اڳيان ويا وسري، پويان
لڳا مصري“. ڇا سياست جا اصول ئي ناهن ٺاهيا ويا يا موجوده دور جي سياستدانن
سياسي اصولن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ايترو ته استعمال ڪيو آهي جو هاڻي هنن جي
حيثيت ئي ختم ٿي وئي آهي؟
اڄ جي
سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ ڪيڏو نه تضاد آهي. هو چوندا هڪڙو آهن ۽ ڪندا ٻيو آهن.
سياستدان اڪثر چوندا آهن ته اسين عوام سان مخلص آهيون، حقيقت ۾ هو پنهنجي پاڻ سان
به مخلص ناهن هوندا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”ٺلهو چڻو،
وڄي گھڻو“،
سو اڀ ڦاڙيندڙ آواز ۾ غريبي مٽائڻ جون دعوائون ڪندا آهن،
پر پردي پٺيان هو غريبن جي ٻن ويلن جي ماني به کسي وٺندا آهن. اڳي چوندا هئا ته؛ سر وڃي پر وچن نه وڃي، مگر موجوده دور جي سياستدانن
جي ڪردارن کي ڏسي، هاڻي هر ڪو ائين چوي ٿو ته؛ اهو
واعدو ئي ڪهڙو جيڪو وفا ٿئي. موجوده سياستدانن جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو ائين
به چوڻ لڳا آهن ته سياستدان صرف ”اڄ جا ٻاوا، کٽ جا
پاوا“ آهن. اهڙا سياستدان جمهوريت سان اهڙو
حشر ڪندا آهن، جهڙو ماضيءَ جي چوڻي مطابق گھڻيون زالون گھر سان ڪنديون آهن.
اهڙي سياستدانن جي ور چڙهيل جمهوريت ناڪام ۽ بدنام نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
هن
سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور فلاسافر ۽ ليکڪ امر جليل جو چوڻ آهي ته؛ ”جمهوريت ۾ منهنجو
اعتقاد آهي پر سنڌ ۾ جمهوريت جي جڏهن مٽي پليد ٿيندي ڏسندو آهيان، تڏهن منهنجو
اعتقاد لڏي ويندو آهي. جمهوريت کي ناجائز طور استعمال ڪندي، سنڌ مان اهڙا نمائندا
به چونڊجي وڃن ٿا، جن جي سياسي سمجھه ٻڙي، تعليم ٻڙي، عقل ٻڙي ۽ اخلاق به ٻڙي
هوندو آهي. جمهوريت وسيلي اهڙا ئي پير، مير، رئيس، وڏيرا، ڪاٽڪو ۽ پاٿاريدار
اسيمبلين تائين پهچي وڃن ٿا، جيڪي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ لاءِ قانون سازي هلندي
اوٻاسيون ڏيندا آهن، منهنجي خيال ۾ افلاطون جي ذهن ۾ سنڌ جي سياست جو نقشو موجود
هئو، تنهن ڪري ئي شايد هن جمهوريت جي مخالفت ڪئي هئي. مان جمهوريت جو وڏو حامي
آهيان پر دوستو ان جمهوريت سنڌ کي وڏا عذاب به ڏنا آهن.“ هتي مونکي امريڪي صدر
ابراهام لنڪن جي ڳالهه به ياد اچي ٿي. هُن چيو هو ته؛ هڪ شخص پنهنجي ماءُ ۽ پيءَ
کي قتل ڪري، حڪومت کي رحم جي اپيل، اهو چئي ڪئي ته؛ مان يتيم آهيان، تنهنڪري مون
تي رحم ڪيو وڃي. ساڳيءَ طرح موجوده دور جا سياسي اڳواڻ به عوام جو سڀ ڪجھه ڦري، لٽي،
کائي ائين چون ٿا ته؛ ”مجهي ڪيون نڪالا؟“
ماضيءَ
تي نظر وجھڻ يا سياستدانن جون تقريرون ٻڌڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان وٽ جمهوريت اچڻ
سان ڪرپشن عروج تي هلي ويندي آهي، عدل ۽ انصاف جو نيلام سرعام شروع ٿي ويندو آهي،
ميرٽ اڻ لڀ ٿي ويندي آهي، هر شيءِ ۾ ملاوت ڪرڻ ماڻهن جو مشغلو بنجي ويندو آهي، گهٽين
۽ بازارن ۾ گهمندي هر وقت گولي لڳڻ، اغوا ٿي وڃڻ يا ڦرجي وڃڻ جو ڀؤ راڪاس بنجي
دماغ تي سوار رهندو آهي. تعليم ڊگرين جي صورت ۾ دڪانن تي وڪامندي نظر ايندي آهي.
ملازمت ملڻ جو اگهه مقرر ٿي ويندو آهي، عورتن جي عزت ۽ حرمت هر وقت خطري ۾ رهندي
آهي. مهانگائي سر کان مٿي چڙهي ويندي آهي ۽ ماڻهو پيٽ گذر لاءِ پنهنجا ٻار کپائڻ
تي مجبور ٿي ويندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جيڪا به جمهوري حڪومت ايندي آهي،
انهيءَ کي هلڻ ناهي ڏنو ويندو. اليڪشن ۾ هارائيندڙ سڀني سياستدان جي اها خواهش ۽ ڪوشش
هوندي آهي ته ڪيئن به ڪري هلندڙ جمهوري حڪومت کي مدي کان پهرين ئي گھر ڀيڙو ڪيو وڃي.
هاڻي سوال اڀري ٿو ته جيڪي اليڪشن ۾ هارائين ٿا سي پنهنجي شڪست قبول ڇو نٿا ڪن؟
اسان وٽ هيل تائين ڪا به اهڙي جمهوري حڪومت ناهي ٿي گذري، جنهن بنا رڪاوٽ جي مدو
پورو ڪيو هجي، جنهن کي ڪيرائڻ جون ڪوششون نه ٿيون هجن. آخر سياستدان حڪومت کي مدو
پورو ڪرڻ ڇو نٿا ڏين؟ جڏهن ته خبر به اٿن ته جهڙي ڪرڻي
تهڙي ڀرڻي، جيڪي ٻين لاءِ کڏون کوٽيندا آهن سي
پاڻ ئي ان ۾ ڪرندا آهن، پوءِ به هو اڄوڪا ساڌو
ٻه آڱر وڌو بڻجي، ٻين لاءِ کڏون کوٽڻ کان
نٿا مڙن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو هميشه ٻين لاءِ کڏون کوٽيندا رهن،
سي عوام جي خدمت وري ڪهڙي ڪندا؟ شايد اهو ئي سبب آهي جو عوام ڪالهه ته غريب هو، اڄ
به غريب ئي آهي ۽ سڀاڻي به غريب ئي رهندو. ڇو ته اسان وٽ جمهوريت ۾ صرف وارو بدلبو
آهي چهرو نه. جيسين چهرو نه بدلبو، جيسين تعليم نه ايندي، تيسين تبديلي صرف ڏينهن
جو خواب ئي رهندي.
چيو وڃي
ٿو ته جمهوريت نالو آهي ”ماڻهن جي حڪومت جو“. اها حڪومت
جيڪا ماڻهن ذريعي اچي، ماڻهن لاءِ اچي ۽ ماڻهن مان اچي. جيڪڏهن جمهوريت ماڻهن
جي حڪومت جو نالو آهي ته پوءِ عام ماڻهو غريب تر ۽ سياستدان امير تر ڇو ٿيندا وڃن؟
ڇا اسانجا ماڻهو ايترا معصوم ۽ اٻوجهه آهن جو کين اها خبر ئي نٿي پوي ته هو حاڪم
آهن يا محڪوم؟ آزاد آهن يا غلام؟ شايد هو سمجھن سڀ ٿا پر پڄن نٿا. هونئن به چوندا
آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ۽ زور اڳيان زاري. جڏهن هارائيندڙ سياستدان ئي اليڪشن
جي شفافيت کي نٿا مڃين ته عام ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪهڙي ڪجي. اهڙي صورتحال ۾ حقيقي
جمهوريت ڪٿان ايندي؟
بقول
روسوRousseau انهيءَ ملڪ جو ڀلو ڪيئن ٿي سگھي ٿو، جتي هڪ ننڍو ادارو (اسڪول)
هلائڻ لاءِ ته مخصوص ڊگري، تجربي، مهارت ۽ عمر هجڻ جو شرط لاڳو هجي پر ملڪ هلائيندڙ
وڏي ۾ وڏي اداري (پارليامينٽ) لاءِ ڪنهن به ڊگري، تجربي، مهارت يا عمر جي حد مقرر ٿيل
نه هجي. ڇا ملڪ هلائڻ اسڪول هلائڻ کان به وڌيڪ آسان هوندو آهي؟ ٿوري گھڙيءَ لاءِ
فرض ڪيو وڃي ته اسڪول جو هيڊماستر اڻپڙهيل آهي. ڇا اڻپڙهيل هيڊماستر، استاد جو ڪم
چيڪ ڪري سگھي ٿو ته استاد صحيح پڙهايو آهي يا نه، شاگرد صحيح پڙهيو آهي يا نه، ته
پوءِ اڻپڙهيل (گھٽ پڙهيل) منسٽر هڪ ۲۲ گريڊ جي سيڪريٽري جو ڪم ڪيئن چيڪ ڪري سگھي ٿو. ڇا ۲۲ گريڊ جي سيڪريٽري کي احساس ڪمتري نه ٿيندي ته هو رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهيو،
وڏي ۾ وڏو امتحان پاس ڪيائين ۽ آخر ۾ نوڪري وري هڪ اڻپڙهيل منسٽر هيٺان ڪري. هر ڪم
ان منسٽر کان پڇي ڪري ۽ سمورو وقت ان اڻپڙهيل منسٽر کي خوش رکڻ ۾ صرف ڪري؟
جمهوريت
۽ سياستدانن جي ساک، بقا ۽ ترقيءَ لاءِ ڇا اهو ممڪن ناهي ته هر منسٽر جي قابليت گھٽ
۾ گھٽ پي ايڇ ڊي ڪئي وڃي. فائنانس سيڪريٽري مٿان مقرر منسٽر جيڪڏهن فائنانس ۾ پي
ايڇ ڊي هجي ته ڇا فائنانس ڊپارٽمينٽ بهتر ڪم نه ڪندو. اسان وٽ هر سال هزارين شاگرد
ايم اي پاس ڪن ٿا. ڇا اهو ممڪن ناهي ته اهي شاگرد جيڪي سياست ۾ دلچسپي رکن ٿا،
انهن کي هر سال اسڪالرشپ ڏئي ڪنهن ترقي يافته ملڪ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي. ڇا
اهو ممڪن ناهي ته سياست ۾ پڙهندڙ شاگردن جي پي ايڇ ڊي تائين پڙهائي مفت ڪئي وڃي. ڇا
اهو ممڪن ناهي ته منسٽريون صرف پي ايڇ ڊي پاس ڪندڙن کي ڏنيون وڃن. ڇا اهو ممڪن
ناهي ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ لاءِ پي ايڇ ڊي پاس، سي ايس ايس پاس، پي سي ايس پاس يا
۱۷ کان ۲۲ گريڊ جو ريٽارڊ ملازم هئڻ لازمي هجي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته ووٽ ڏيندڙ لاءِ
عمر ۱۸ سال ڪرڻ بجاءِ تعليم گھٽ ۾ گھٽ
مئٽرڪ ڪئي وڃي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته جڏهن ووٽ مئٽرڪ تي ڪيو ويندو ته هر سياستدان
پنهنجا ووٽ وڌائڻ لاءِ هر غريب کي گھٽ ۾ گھٽ مئٽرڪ تائين ته پڙهائيندو؟ ۽ اهڙي طرح
اسان جو معاشرو ٿوري ئي عرصي ۾ ۱۰۰ فيصد
پڙهيل لکيل فرد پيدا ڪري وٺندو. ڇا اهو ممڪن ناهي ته اهڙن پڙهيل، لکيل ۽ سلجھيل ماڻهن
تي مشتمل جمهوري حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪاميابيءَ سان هلي، ملڪ جي بقا، ترقي ۽
خوشحاليءَ جو سبب بڻجي؟ منهنجو خيال آهي ته جمهوريت ۽ سياستدانن جي ساک ۽ بقا صرف
ووٽرن ۽ سياستدانن جي بهتر تعليم سان ئي سلامت رهي سگھي ٿي.
No comments:
Post a Comment