ڪنڀارڪو هنر ۽ درٻيلو جا
ڪنڀر
مبين چنا
ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي
جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار
سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا آهن، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن، ۸ هزار سال مهر ڳڙھ ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا
ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق م
جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجھ جديد صورت ٺهي،
مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان
ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي
مارواڙ علائقي ۾ پهتو.